عبدالله ”اثر“ چانڊيو
[۱۹۷۶هه ۱۹۲۰ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
لاڙڪاڻي
جي ادبي تاريخ ۾ مولوي عبدالله ”اثر“ ولد مولوي الله ڏنو چانڊيو، اهم حيثيت رکي
ٿو. سندس ولادت تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ٻيڙو چانڊيو“ ۾ ۱۳۳۹هه مطابق ۴ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي ٿي آهي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ، مولانا محمد عمر جان چشمويءَ وٽان
پڙهيائين. اهڙيءَ طرح مولوي غلام الرسول
عباسيءَ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا به ورتائين. پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن
ڪري اُستاد به سندس حافظي ۽ هوشياريءَ جا مداح هئا ۱۹۳۶ع کان
پرائمري اُستاد بڻيو. شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاص
مهربانين سان ترقي وٺي اي ڊي آءِ ايس (A,D.I.S) ٿيو. ايم اي سنڌي ادب جي سلسلي ۾ راقم الحروف سان به
سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. شعر و شاعري، لاڙڪاڻي جي ادبي محفلين ۽ سگهڙن جي ڪچهرين مان قرب
حاصل ڪندي؛ ”تارڪ“، ”شيدا“، ”اَثيم“، ”نظام“، ”نياز“، جعفري، ”خادم“ لاڙڪاڻوي ۽
”دلگير“ دريانيءَ جن جي صحبتن مان خاصو استفادو حاصل ڪيائين.