; سنڌي شخصيتون: فقير عثمان سانگي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،
Showing posts with label فقير عثمان سانگي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts
Showing posts with label فقير عثمان سانگي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts

16 September, 2011

فقير عثمان سانگي

[ ۱۷۷۸ع – ۱۸۶۰ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



فقير عثمان ولد خيرمحمد سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڄاماڻي سانگي“ ۾، ۱۶ صفرالمظفر ۱۱۹۳هه مطابق ۲۴ نومبر ۱۷۷۸ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ ماٺيڻو هو. اڪثر ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي، هدايت جون راهون معلوم ڪندو رهيو. پيءُ جو مٿس ايترو ته گهرو ۽ گهاٽو اثر پيس، جو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيائين. ويتر صوفين جي صحبت کيس ”تصوف“ جي واٽ به ڏيکاري. باطني فيض وٺڻ لاءِ، پاڻ نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، مخدوم خواجه عبدالحي رح جو وڃي پوئلڳ ٿيو؛ جنهن جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. سندس پير ڀائي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ به هو؛ جنهن جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. فقير نانڪ يوسف، فقير ڇتو سانگي، فقير دريا خان قريشي، فقير موهن آهوجا ۽ فقير هاسا رام آهوجا سندس گهڻگهرا هئا.