صوفي لعل بخش چنو
سُرن سان رڌم جو ساٿ ڏيندڙ
ناصر قاضي
انسان هٿان ٺهيل شيون بظاهر ته نهايت ئي سهڻيون ۽ سٺيون لڳنديون آهن،
پر اسان اڪثر پسِ پرده لڪيل انهن ناياب هٿن جي محنت جو اندازو ناهيون لڳائيندا، جن
پورهيت هٿن جي اڻٿڪ محنتن سبب شيون عروج جي منزل ماڻينديون آهن. هر شيءِ کي خوبصورت
بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اهڙا ڳجھا هٿ هجن ٿا، جيڪي پنهنجي اڻٿڪ محنت سان شين کي شاهڪار
جي صورت ڏيندا آهن. ساڳئي ريت بظاهر ته اسين ڪن ڪلاڪارن جو آواز ٻڌي يا ڏسي سندن آواز
جي جادوئي سحر تي موهت ٿي پوندا آهيون، جيتوڻيڪ سندن آواز ۽ انداز ۾ انهن ڪلاڪارن جي
پنهنجي رياضت ۽ محنت به يقيناً شامل هوندي آهي، پر اهڙن آوازن کي موسيقيءَ جو ويس ڏيئي،
لوڪ آڏو خوبصورت نموني سان پهچائيندڙ پردي پويان اهڙا ٻيا به ڪي هٿ هوندا آهن، جيڪي
فنڪار جي آواز کي رڌم توڙي ساز جي سهڪار سان سونهن ارپيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن گيت مان
ساز توڙي رڌم ڪڍي ڇڏجن ته پوءِ فنڪار جو اڪيلو آواز بنهه بيجان لڳندو.
آواز توڙي ساز جي ان حسين سنگم ۾ هڪ طبلي نواز يا ڍولڪ نواز جو به ساراهه
جوڳو ڪردار هجي ٿو، جيڪو پنهنجي ٻنهي هٿڙن جي پورهئي سان هڪ ڀيرو ريڪارڊ ٿيل آواز کي
صدين جي حياتي بخشي ڇڏيندو آهي. ڀلجان کڻي هڪ ڍولڪ نواز جو ڪردار پردي پٺيان وارو ڇو
نه هجي، پر سچ پچ ته سندن اهڙو پورهيو ڪنهن جوکم کان گهٽ ناهي. سنڌ ڌرتي به رڌم واري
فن جي هنرمندن سان مالامال آهي، هن ڌرتيءَ تي اهڙن ڪيترن ئي ڍولڪ نواز توڙي طبلا نوازن
جنم ورتو آهي، جن پنهنجون سموريون حياتيون هن فن کي ارپيندي، ڪوڙين ڪلاڪارن سان ساٿ
۽ سنگت ڪندا رهيا آهن، پر سندن ملهائتي ڪم کي اها مڃتا يا موٽ ناهي ملي سگھي، جيڪا
موٽ کين ملڻ گھرجي. سنڌ جي اهڙن سريلن ڍولڪ نواز توڙي طبلا نوازن ۾ خانصاحب استاد نظير
خان، خانصاحب استاد حاجي خان دوداپوري، استاد محمد بچل، استاد محمد آچر، استاد غلام
مصطفى مشتاق، انب جوڳي، انعام سمون، رجب علي، علي گوهر سمون ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن
ٿا، جن پنهنجن هٿڙن جي آڱرين توڙي ترين جي سنگم سان سُرن کي گُرن جا هديا پئي ارپيا
آهن. حقيقت ۾ پردي پٺيان ڪم ڪندڙ اهڙن ڪردارن کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ اهڙا ڪي ادارا قائم
ڪيا وڃن، جن ادارن جي پليٽ فارم تان اهڙن ماڻهن جي قيمتي پورهئي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ
سندن همٿ افزائي ڪندي، کين مڃتا ڏني وڃي.
سريلي ۽ گُريلي ڍولڪ نواز لعل بخش چني جو شمار به اهڙن پورهيتن ۾ ٿئي
ٿو، جيڪي پنهنجي ڪيل ڪم کي هميشه پردي پويان لڪائيندا رهيا آهن. توڙي جو هيل تائين
سندس ڇائيتاليهه سالا زندگي سريلن ڪلا ڌڻين سان سنگت ڪندي گذري آهي، پر هن ڪڏهن به
پنهنجي هنر کي عام آڏو ظاهر ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ناهي ورتي. هو نه صرف هڪ ڍولڪ نواز يا طبلا
نواز آهي، پر پاڻ هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي اخلاقي عنصرن سان مالا مال آهي. هو هر حوالي
سان سريلو، سلڇڻو، مهمان نواز، يار ويس، صوفي
صفت انسان ۽ هر ڪنهن سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ جو واٽهڙو آهي.
سريلي ڍولڪ نواز لعل بخش چني سال 1968ع واري نئين صبح، يعني پهرين جنوري
تي خوشيءَ واري خبر بڻجي سنڌ جي پيرن فقيرن ۽ درويشن جي نگري ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ، تعلقي
ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ محترم احمد بخش چني جي جھوليءَ ۾ اکيون کوليون، هن ثانوي
تعليم بي. اي تائين حاصل ڪئي. جيئن ته سندس ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي اوليائن ۽ بزرگن جو درگاهون
ايامن کان آباد آهن، جنهنڪري سندس وڏڙا به طبيعتاً درويشن ۽ سالڪن جا معتقد هئا، اهو
ئي سبب هو جو ننڍپڻ ۾ ئي سندس طبيعت به تصوف ۽ سالڪيءَ طرف مائل هئي ۽ هو ٻالجتيءَ
۾ ئي پنهنجي ڳوٺ جي فقراهي درگاهن تي منعقد
ٿيندڙ ميلن ملاکڙن يا فقراهي چؤيارين جي صوفياڻي راڳ جي محفلن ۾ نهايت ئي چاهه سان
شريڪ ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح لاشعوري طور تي کيس انهن ئي صوفي فقيرن سان ڍولڪ تي ساٿ
يا سنگت ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو.
لعل بخش جي خوش قسمتي اها چئبي جو کيس پنهنجي ان شوق کي عملي جامو پارائڻ
خاطر، ڍولڪ توڙي طبلي جي فن جي حاصلات لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر وڃي ڪو ڪشالو ڪاٽڻو
نه پيو، پر هو رڌم جي فن جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي سريلي ڪلاڪار، حليم طبع،
ٻاجھاري ۽ درويش صفت انسان استاد علي محمد وڳڻ آڏو گوڏا ڀڃي ويٺو، جنهن نه صرف کيس
رڌم جي فن جي تعليم ڏني، پر اخلاق اجاري، تصوف جي تبليغ توڙي پريم جي پرچار سان لعل
بخش کي لال پڻ بڻايو.
استاد علي محمد وڳڻ، پنهنجي هن
نيڪ نيت شاگرد کي فن جي سکيا ڏيڻ سان گڏوگڏ تصوف ۾ طريقت جي اهميت جو پڻ درس
ڏنو ۽ پريم جو واڌو پنڌ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان لعل بخش کي لاڙڪاڻي
ويجھو صوفي، سالڪ ۽ درويش وريل فقير ابڙي جي درگاهه جو دڳ پسايو. استاد جي امُر موجب
لعل بخش ساڳئي درگاهه تي حاضر ٿيو، جنهن درگاهه تان کيس طريقت جو تحفو ۽ فقيراڻو فيض
عطا ٿيو، هيءُ هن وقت به صوفي وريل فقير ابڙي جي درگاهه سان پريت وارو پيچ نڀائيندو
اچي ٿو ۽ اڄ به ساڳئي درگاهه جي ويراڳي سُنگ جو ڍولڪ نواز آهي. فقيرن صوفين ۽ درويشن
جي صحبت جي سبب ئي هن پنهنجي فني زندگيءَ ۾ گھڻو وقت صوفي ويراڳين سان ڍولڪ تي سنگت
ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ لعل بخش گذريل پنجويهن سالن کان ڍولڪ جي فن سان سلهاڙيل آهي
۽ ڪيترن ئي سريلن ڪلاڪارن سان تمام سهڻي انداز ۾ ڍولڪ توڙي طبلي تي سنگت ڪري چڪو آهي،
پر شروع کان وٺي اڄ تائين هن ڪڏهن به پاڻ کي
مڪمل ناهي سمجھيو ۽ هميشه پاڻ کي شاگرد ئي تصور ڪيو اٿائين، کيس هميشه سکڻ
۽ تلاشڻ جي تمنا رهندي آئي آهي، شايد انڪري ئي لعل بخش ماضي قريب ۾ سنڌ جي ماياناز
طبلا نواز استاد قادر بخش خان کان به شاگرديءَ جو ڳانو ٻڌايو، پر استاد قادر بخش خان
ستت ئي سيپٽمبر 2012ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهنڪري هيءُ سندس استادي
۽ شفقت کان جلدي محروم ٿي ويو، پر هن تنهن هوندي به همت ناهي هاري ۽ پنهنجي استاد قادر
بخش خان جي هڪ شاگرد منوهر لعل سکر واري کان اڄ ڏينهن تائين طبلي جي تعليم پرائيندو
رهي ٿو.
لعل بخش هيل تائين ڪيترن ئي سريلن ڪلاڪارن سان ڍولڪ تي سنگت ڪئي آهي،
جن ۾: استاد موندر خان، سهراب فقير، علڻ فقير، استاد غلام شبير سمون، استاد علي محمد
وڳڻ، ديدار حسين سمون، فقير مظفر علي دايو، سهڻو فقير ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلاڪار شامل آهن.
ميڊيا جي ميدان ۾ لعل بخش ريڊيو پاڪستان خيرپور تائين پهتو، جتي هن سنڌ جي سريلي فنڪار
غلام شبير سمي جي ريڪارڊنگ دؤران ساڻس ڍولڪ تي سنگت ڪئي هئي، جڏهن ته مختلف ٽي. وي
چينلن تي نشر ٿيندڙ صوفياڻن پروگرامن ۾ به ڪيترائي ڀيرا مشهور ڪلاڪارن سان ڍولڪ تي
سنگت ڪري، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
هونئن ته لعل بخش چني جو تعلق ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ سان آهي،
پر سندس ڳوٺ کان اٽڪل ست ميلن جي مفاصلي تي واقع ضلعي لاڙڪاڻي جي سهڻي ۽ تاريخي شهر
رتيديري سان به ايامن کان سندس روحاني رشتو آهي. ان حوالي سان سندس رتيديري شهر ۾ موسيقيءَ
جي فن جي ڦهلاءَ لاءِ ماضيءَ کان وٺي حال تائين نه وسارڻ جهڙيون خدمتون سر انجام ڏنل
آهن، هي فقير پنهنجي وت وس آهر شهر جي نون سيکڙاٽ فنڪارن جي سکيا لاءِ ڪيترائي ڀيرا
ڪوششون وٺندو رهيو آهي، پاڻ پنهنجي حال آهر رتيديري شهر ۾ سکيا گھر جي قيام لاءِ مناسب
مسواڙ تي جڳهون ڏسي، اتي ساز آواز ۽ آئي وئي جي آڌرڀاءَ لاءِ جوڳو انتظام ڪرڻ سندس
مصروفيتون رهيون آهن. راقم جي سانڀر دؤران ئي ٽي يا ان کان وڌيڪ ڀيرا هن ساڳئي شهر
۾ مختلف هنڌن تي سکيا گھرن جو قيام عمل ۾آندو آهي، چٽاڀيٽيءَ جي هن دؤر ۾ هن فقير صفت
فنڪار همت ناهي هاري ۽ اڄ به رتيديري شهر ۾ سندس قائم ڪيل سنگيت ڪلب حال سارو پنهنجون
خدمتون سرانجام ڏيندي رهي ٿي.
لعل بخش ڍولڪ ۽ طبلي جي فن کان علاوه حڪمت به ڄاڻي ٿو، سندس هٿ ۾ قدرت
پاران شفا پڻ رکيل آهي. هو پنهنجي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ هر سال 5 مئي تي پنهنجي ذاتي
خرچ تي پنهنجي استاد علي محمد وڳڻ جي ورسي ڪرائڻ پنهنجو فرض سمجھندو آهي، هن ورسيءَ
جي موقعي تي آئي وئي جي دل سان خدمت ڪرڻ هن فقير جي وندر ۽ ورنهه آهن. پر افسوس صرف
ان ڳالهه جو آهي ته لعل بخش جهڙا لعل ۽ ان جهڙا الائجي ڪيترا ڪردار اڄ به سرڪاري سرپرستيءَ
کان محروم آهن. جيڪڏهن ڪي ادارا يا فنڪارن لاءِ ڪم ڪندڙ کاتا پنهنجي کاتي ۾ کڻي، سندن
پريت جي پورهئي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائين ته هوند هنن املهه ماڻڪن مان ڪيترائي
نکري نروار ٿي سگھن ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا