جيجي در شهوار سيد
شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ
پهرين عالم عورت
مرجان سنڌو
ڊاڪٽر
در شهوار سيد، سنڌ جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن جي علمي، عقلي ۽ قومي سوچ
کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن سموري عمر سنڌ لاءِ وقف ڪئي. سندس ذات ۾ نه ڏيکاءُ
هو نه پاڻ پڏائڻ نه وري جي ايم سيد جي ڌيءُ هجڻ تي ڪا وڏائي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ انهن
چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ هيون، جن علمي جدوجهد ڪئي جيجي در شهوار سيد ۱۹۴۰ ۾ سن جي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو. کيس سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ
سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي
مان بي اي ۱۹۶۷ع ۾ پاس ڪئي.
ڊاڪٽر
درشهوار سيد، فلسفي ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ
ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان ۱۹۷۷ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي “شاهه لطيف جي شاعري” تي يونيورسٽي
آف ايڊنبرا مان ۱۹۸۴ع ۾ ڪئي.
ياد
رهي ته جيجي درِ شهوار سيد پهرين سنڌي نياڻي هئي، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي،
جيڪو هڪ تمام وڏو اعزاز آهي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هتي اچي جيجي ۱۹۸۵ کان ۱۹۹۱ع تائين ليڪچرار ، اسسٽنٽ
پروفيسر جي عهدن تي فائز رهي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف چيئر
جي ڊائريڪٽر به رهي.
سندس
تصنيفن۾ عربي،اردو،فارسي،۽ انگريزي ترجمو ڪيل “شاهه جو رسالو”، “ڪشف الابيات”، “شاهه
لطيف شاعري اور فڪر”، “شاهه لطيف جي موسيقي”، تحقيق جو طريق ڪار،شاهه لطيف ڪي ڪهانيان،وغيره
شامل آهن. جيجيءَ جو شمار رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي
تعليمي ماهر ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي.
هن “آل
سنڌ وومين ايسوسيئيشن” ٺاهي جنهن جي پاڻ چيئر پرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي
ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دوران متاثرن ۾ کاڌ
خوراڪ جو سامان ۽ ٻيو سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي
سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون.
ڊاڪٽر
درشهوار سيد علمي لياقتن سان مالامال ۽ سماج سڌارڪ، انسان دوست، فڪر سان سلهاڙيل هئي،
جنهن عورتن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سن جي سيد گهراڻي جون سنڌ جي قومي
شعوري ۽ علمي ادبي خدمتن کان وقت جو مفڪر انڪار نٿو ڪري سگهي. سائين جي ايم سيد جي
فڪر فلسفي جي ڇانوَ ۽ تربيت هيٺ رهندي جيجي درشهوار سيد، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪيترن
ئي رخن خاص ڪري تصوف تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي علمي گهراڻي جي نيڪ ناميءَ کي وڌايو.
سن، جتان قومي ۽ علمي شعور ۽ سوجهري سنڌ جي غلام سماج کي آزاديءَ جي راهه ڏيکاري
آهي. ڇاڪاڻ جو سماج پنهنجن پيرن تي تڏهن بيهي سگهندو جڏهن سماج ۾ علم ادب، قومي
شعور، معاشي خوشحالي ۽ مهذپڻو پيدا ٿيندو. جيجي جون علمي خدمتون سنڌ واسين کان ڪڏهن
به وسري نه سگهنديون.
سائين
جي ايم سيد کانپوءِ جيجي ڏاڍي اُداس ۽ ويڳاڻي رهندي هئي ۽ آخر ۾ بيمار رهڻ لڳي نيٺ
۲۶ هين ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي لاڏاڻو ڪري وئي جيجي در شهوار جو وڇوڙو واقعي به سنڌ جي عاشقن لاءِ
ايذائيندڙ آهي .ڀٽائيءَ جيتوڻيڪ ستن سورمين کي نشانبر ڪيو پر جيڪڏهن ڀٽائي هن وقت
موجود هجي ها ته هوند هن وٽ جيجي درشهوار “اٺين سورمي” جو درجو رکي ها.
ڊاڪٽر در شھوار
سنڌ جي قابل فخر نياڻي
سھيل ميمڻ
گذري
ويل هستين کي ان لاءِ ياد ڪبو آهي ته انهن جي ڪيل چڱاين، سماج ۾ ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن
جي تعريف ڪجي. هاڻوڪي نسل کي آگاهي ڏجي ۽ انهن ۾ اتساهه پيدا ڪجي ته اهي به انهن
جهڙا ٿين ۽ سنڌ ۾ ڊاڪٽر درِ شهوار سيد سڄي
سنڌ لاءِ خاص ڪري سنڌ جي نياڻين لاءِ ته باڪمال مثال آهي.
درِ
شهوار، سائين جي ايم سيد جو آخري اولاد، ٻن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن جي ٽين ڀيڻ هئي. انهيءَ
زماني ۾ سائين جي ايم سيد سياسي ميدان ۾ گهڻو سرگرم هو ۽ سندس گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾
گذرندو هو. جيجي درِ شهوار جو جنم ۱۹۴۰ع ۾ ٿيو.
۱۹۵۳ع ۾ جڏهن هوءَ پڙهڻ جي عمر کي
پهتي تڏهن سندس پڙهائي مسئلو بڻجي ويئي، ڇاڪاڻ ته ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي سبب ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ واريون هندو
ماسترياڻيون ملڪ ڇڏي ويون هيون ۽ اتان جو اسڪول بند ٿي چڪو هو. فيصلو ڪيو ويو ته
کيس ڪراچي ۾ ’حيدر منزل‘ تي ڀائرن سان رهائي پڙهايو وڃي. اهڙي طرح کيس سينٽ جوزف ڪانوينٽ
اسڪول ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو. ميٽرڪ کانپوءِ ساڳئي ڪاليج ۾ داخلا ورتائون، جتان ۱۹۶۷ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ
۾ داخلا ورتائون، جتان ۱۹۶۹ع ۾
ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائون. هي اهو ئي زمانو هو، جنهن ۾ درِ شهوار جي وڌيڪ
پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا اعتراض ڪيا ويا، پر سيد، سڀني اعتراضن ۽ ڳالهين کي
نظرانداز ڪري کيس اڳتي پڙهايو. جيجي درِ شهوار اڃان ايم اي جي ڊگري نه ورتي هئي ته
سائين جي ايم سيد کيس انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ته کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي. پوءِ
پاڻ جيئن ئي ايم اي پاس ڪيائون ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو.
هن ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي جو
سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو، جيئن فارسي شاعري جو مطالعو ڪري، ايران ۽ سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڀيٽ
ڪري سگهي. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ۽ اتي تعليمي ماحول نه هئڻ ۽ ان جي
معيار جو ڪو عالم استاد نه هئڻ سبب پاڻ انهيءَ جي شڪايت پنهنجي والد سان ڪيائون.
نيٺ سائين جي ايم سيد کيس ۱۹۷۴ع ۾ لنڊن
موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري.
باوجود
خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽن جي، هِن سدوري ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، رڳو ۽
رڳو پنهنجي والد جي ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلينڊ جي سَسيڪس
يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طئه ڪيو ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي
خواهش جو احترام رکندي، ’سنڌ جي صوفين جو عالمي سيڪيولر پيغام‘ جي موضوع جي چونڊ ڪئي
۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن
’پهرين نياڻي هئڻ‘ جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي
صوفين جي پيغام هيٺ ’شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ويدانيت جو اثر‘ واري موضوع تي ڊاڪٽريٽ
جي ڊگري حاصل ڪئي.
درِ
شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان
متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. دُرِ شهوار
علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مقصد رڳو ڊگري نه هو،
پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلينڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا
۾ ملي يا انڊيا ۾. هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم
والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي.
درِ
شهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ
لاءِ جي ايم سيد جيڪو خط لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي.
“زندگي هڪ
روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي، جڏهن ڏيو يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪا نه، اهي ڏک ۽
ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن. جي زندگيءَ جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما
گوتم ٻڌ به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ
لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ جي اسرار کان واقف ٿيو هو،
جنهن کان پوءِ کيس معلوم ٿيو ته ڏک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. اُنهن جي ڄار
مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن. تو کي فلسفه روح
مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان واقف ٿين،
’بيدل‘ سائين فرمائي ٿو:
سک رمز
وجود وڃاوڻ دي
نهين
حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
هاڻ جي
تون، جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون ڄاڻڻ، ماڻهن کي ان مان سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ موڪليو
اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو
حال ٿيندو.” (۱۲-۱-۱۹۷۶ع)
پي ايڇ
ڊي لاءِ جيجي کان ’زباني امتحان‘ مشهور
عالم ڊاڪٽر اينمري شمل ورتو. کيس ۱۹۸۴ع ۾ پي
ايڇ ڊي جي ڊگري ملي. ائين سيد جو اهو خواب پورو ٿيو، جنهن جو اظهار هن هڪ خط ۾ ڪيو،
جيڪو کيس لنڊن ۾ پڙهائي دوران لکيو هئائين: “تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگي
جي مشن جي اڳڀرائي آهي.” خاص طور سنڌ جي نياڻين کي پيءُ ۽ ڌيءَ ڊاڪٽر درِ شهوار ۽ جي ايم سيد جي
وچ ۾ خطن تي مشتمل ڪتاب ’ڏونگر سي ڏورينديون‘ ضرور پڙهڻ گهرجي. سنڌ جي هيءُ باوقار
۽ باصلاحيت نياڻي ۲۶ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان ملي.
ڊاڪٽر در شهوار سيد
۲۱ مارچ جنم ڏينهن
حسن پٺاڻ
نامور اديب ۽ سماج
سڌارڪ ڊاڪٽر در شهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان سائين جي ايم سيد جي ڌيءُ جو جنم ۲۱ مارچ ۱۹۴۲ع تي اباڻي ڳوٺ سن، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو.
جيئن ئي پڙهڻ جيڏي ٿي تہ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ ۱۹۴۷ع ۾ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ان ڪري سن جي گرلز
پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻيون پڻ لڏي ويون، جنهنڪري ابتدائي طور کيس حيدر
منزل ڪراچيءَ ۾ ڀائرن سان گڏ رهايو ويو ۽ ابتدا کان مئٽرڪ تائين ۽ بعد ۾ بي اي ۱۹۶۷ع ۾ سينٽ جوزف اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج ڪراچيءَ
مان ڪيائين. ۱۹۶۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي فلاسافيءَ ۾ ڪيائين، جڏهن تہ فارسي زبان
جو سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيائين. ان دوران ئي سندس والد سائين
جي. ايم. سيد کيس پي. ايڇ. ڊي ڪرائڻ جو خيال ظاهر ڪيو. ۱۹۷۴ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن
وئي. پهرين ۱۹۷۸ع ۾ سسيڪس يونيورسٽيSussex University ۾
داخل ٿي ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان ۱۹۸۴ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
هيءَ پهرين سنڌي
عورت آهي، جنهن شاھ لطيف تي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. سندس پڙهائيءَ جي معاملي تان
’آل سنڌ سيد سادات‘ جماعت سميت گھر جي ڪجھ فردن مخالفت ڪئي، پر سندس والد جي ايم
سيد هر ڳالھ کي پوئتي رکي کيس پڙهايو، جنهن جو احوال سائين جي. ايم. سيد ۽ سيد درشهوار
جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت جي ڪتاب ’ڏونگر سي ڏورينديون‘ ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ کيس
مخاطب ٿي سائين جي. ايم. سيد هڪ هنڌ لکيو هو ته: ”تنهنجي علم جي حصول جي ڪاميابي،
منهنجي مشن جي تڪميل جو واڌارو آهي.“ پيءُ جي ان خواب کي سنڌ جي هن لائق نياڻي سچو
ثابت ڪري ڏيکاريو. سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر درشهوار سيد کي
سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. کيس پيار ۽ احترام مان’جيجي‘
بہ سڏيو ويندو هو. هن ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۱ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جوائن ڪيو ۽ اتي لڳاتار
تاريخ جو مضمون پڙهايائين. ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهي. ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ درس تدريس جا فـرض سـرانجـام ڏيـڻ سـان گـڏ، ۱۹۹۱ع ۾ ڪـراچـي يـونيـورسـٽـيءَ جـي ’شاهه
عبداللطيف چيئر‘ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي. سندس انگريزي ڪتاب ‘Universal Message of Shah Abdul Latif’
۱۹۸۶ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ’لطيفي ڪهانيان‘ اردوءَ ۾ ۱۹۹۳ع ۾ شايع ٿيو. ’شاھ عبداللطيف جي موسيقي‘
عنوان سان سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر‘ ۱۹۹۲ع ۾ شايع ڪيو. سندس سنڌي، اردو، انگريزي ٻولين
۾ لکيل کوڙ سارا مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪيترن قومي ۽
عالمي سطح جي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي مقالا پڙهيا. کيس ڪافي تعداد ۾
ايوارڊ بہ مليا، جن ۾ ۱۹۸۵ع ۾ ’ارنسٽ ٽرمپ اوارڊ‘، ۱۹۸۸ع ۾’لطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ‘. ساڳئي سال ’گورنمينٽ آف سنڌ
ڪيش ايوارڊ‘، ۱۹۹۰ع ۾ ’سچل سرمست اوارڊ‘ شامل آهن. هن آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن جو بنياد رکي،
سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ ۽ انهن جي حقن لاءِ پتوڙيو ۽ ڪيترن شهرن جا دورا پڻ ڪيائين.
ان کانسواءِ شاھ
لطيف چيئر ۾ رهڻ دوران هن ’تحقيق جو طريقيڪار‘، ’شاھ لطيف تي تحقيق‘، ’ببليوگرافي
آف شاھ لطيف‘، ’شاھ جو رسالو‘ چئن ٻولين ۾ لکيا ۽ سهيڙي ڇپايا.
ڊاڪٽر درشهوار سيد ۲۶ ڊسمبر ۱۹۹۷ع ۾ وفات ڪئي.
ڊاڪٽر
درِ شهوار سيد
سنڌ جي
ھڪ باصلاحيت نياڻيءَ جي ياد
سھيل ميمڻ
سائين جي ايم سيد
جي نياڻي درِ شهوار سيد جي وفات کي ۲۱ سال ٿي ويا آهن پر پوءِ به سندس نالو سنڌ جي انهن ڪردارن
جي لسٽ ۾ اچڻ سبب جن سنڌ لاءِ ڪو نه ڪو پورهيو ڪيو آهي، سنڌ واسين کان نٿو وسري. ڊاڪٽر
درِ شهوار سيد کي ياد رکڻ جو سبب اهو ناهي ته هوءَ عاشق سنڌ سائين جي ايم سيد جي
نياڻي هئي پر کيس ياد رکڻ جو سبب سندس ذاتي علمي ادبي پورهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو
ڪم سنڌ جي اُن ”پهرين نياڻي هئڻ“ جو شرف
حاصل ڪرڻ آهي، جنهن شاهه لطيف جي فڪر ذريعي سنڌ جي صوفين جي پيغام هيٺ ”شاهه لطيف
جي شاعريءَ تي ويدانيت جو اثر“ واري موضوع تي انگلينڊ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر درِ شهوار
سيد جو ڊاڪٽريٽ جي اها ڊگري حاصل ڪرڻ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن جنهن وقت،
جنهن سماج ۾، جنهن پيراڻي ۽ سيد خاندان ۾ جنم وٺڻ بعد اها ڊگري حاصل ڪئي، اهو
تقريبا ناممڪن ڪم هو، ڇاڪاڻ جو ۱۹۶۷ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي
لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۱۹۶۹ع ۾ ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين ته درِ شهوار جي
وڌيڪ پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا اعتراض ڪيا ويا، پر سندس والد سائين جي ايم سيد سڀني
اعتراضن ۽ ڳالهين کي نظرانداز ڪري کيس اڳتي پڙهايو. جيجي درِ شهوار اڃان ايم اي جي
ڊگري نه ورتي هئي ته سائين جي ايم سيد کيس انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ته کيس پي ايڇ
ڊي ڪرڻي آهي. پوءِ پاڻ جيئن ئي ايم اي پاس ڪيائين ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو. هن ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو، جيئن
فارسي شاعري جو مطالعو ڪري ايران ۽ سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڀيٽ ڪري سگهي. ڪجهه وقت سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ۽ اتي تعليمي ماحول نه هئڻ ۽ ان جي معيار جو ڪو عالم استاد نه
هئڻ سبب پاڻ انهيءَ جي شڪايت پنهنجي والد سان ڪيائون. نيٺ سائين جي ايم سيد کيس ۱۹۷۴ع ۾ لنڊن موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري.
مان انهن معاملن جو
اکين ڏٺو شاهد آهيان ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي جيڪا ماني ۽ مهمان نوازي مشهور
آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو هٿ، ڪردار ۽ محنت سائين جي ايم سيد جي نياڻين جيجي زرين تاج،
جيجي شمع ايمن ۽ جيجي ڊاڪٽر در شهوار جو آهي. جن رات ڏينهن، گرمي سردي، ماني جو وقت
هجي نه هجي، سال جا ٻارنهن ئي مهينا پنهنجي گهر جي چُلهه بند ٿيڻ نه ڏني. ان وقت
نه گيس هوندو هو، نه بجلي، چويهه ئي ڪلاڪ سائين جو باورچي خانو آباد هو ۽ ٻين
مددگار عورتن سان گڏ اهي نياڻيون پاڻ ڪم ڪنديون هيون. ڪو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن
سن ۾ اجلاس نه هجن، ڪا ميٽنگ نه هجي يا ڪو مهمان نه هجي. سنڌ جا ٿڪل ٽُٽل، بکايل
قومي ڪارڪن، ليڊر ۽ ٻيا مهمان جڏهن سن پُڄندا هئا ته سائين انهن کي سڀ کان پهريان ماني کارائيندو هو ۽ سالن جا سال لکين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ مهمانن جي
مهمان نوازي ۾ سيد جي انهن نياڻين پنهنجي پوري زندگي سنڌ جي پتنگن کي پنهنجي اولاد
جيان ايڏي ذميواري سان کارايو پياريو جو لڳ ڀڳ هڪ صدي ڪڏهن ڪنهن نه ٻڌو هوندو ته سائين جي ايم سيد جي تڏي تي کاڌي پيتي جي ڪا
گهٽتائي جي شڪايت آئي هجي.
سائين جي ايم سيد
جي آخري بيماري ۽ وفات کان پوءِ جي تاثراتي ڪتاب ”سي ڪيئن وساريا“ کي مون جيجي در شهوار جي رهنمائي ۾ ئي مرتب ڪيو. جيجي
ان جا پيش لفظ به لکيا، ڪتاب جو نالو به پاڻ ئي ڀٽائيءَ جي بيت مان کڻي رکيائين ۽ ڇپائڻ
جا پئسا به ڏنائين. جيجي جو شاهه لطيف تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي، خاص ڪري شاهه جي
رسالي کي سنڌ جي مشهور صداڪار صالح محمد شاهه کان آڊيو ڪرائڻ لاءِ سندس شروع ڪيل ڪم،
جيڪو هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ دوران ڪيو هو، سو پراجيڪٽ
ڪٿي پهتو، پورو ٿيو يا ختم ٿي ويو؟ ان جي خبر ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر
وارن کي هوندي، باقي سنڌ جي نياڻين کي خاص ڪري جيجي در شهوار جي ڪم تي پي ايڇ ڊي
ضرور ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي هيءَ سدوري ڌيءَ ۲۶ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي ڪراچي ۾ گذاري وئي، کيس سن ۾ پنهنجي
اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڊاڪٽر دُرِ شهوار
سيد
سنڌ جي باوقار
نياڻي
علي نواز آريسر
نامور اديب، سماج سُڌارڪ ۽ محقق ڊاڪٽر دُرِ شهوار
سيد، سنڌ جي قومي رهبر سائين جي. ايم سيد جي گهر ۾ ۲۱ مارچ ۱۹۴۰ع تي اباڻي ڳوٺ سن،
ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. جيئن ئي پڙهڻ جيڏي ٿي ته هندستان ۽ پاڪستان جو ورهاڱو ٿيو
۽ وڏي انگ ۾ هندن جي لڏپلاڻ ٿي. اُن ڪري سن جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻيون
پڻ لڏي ويون. جنهنڪري ابتدائي طور کيس حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ڀائرن سان گڏ رهايو ويو.
مئٽرڪ تائين تعليم ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان ۽ بي اي ۱۹۶۷ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪاليج
مان پاس ڪيائين. سال ۱۹۶۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي فلاسافي ۾ ڪيائين.
فارسيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيائين. اُن دوران ئي
سندس والد محترم سائين جي ايم سيد، کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو مشورو ڏنو. جيڪو هن نهايت
ئي خوش اسلوبيءَ سان قبول ڪيو ۽ ۱۹۷۴ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن وئي.
پهرين ۱۹۷۸ع ۾ سسيڪس يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز
مان ۱۹۸۴ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
دُرِ شهوار پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن شاهه لطيف
تي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. سندس پڙهائيءَ جي معاملي تان ’آل سنڌ سيد سادات‘ جماعت
سميت گهر جي ڪُجهه فردن مُخالفت پڻ ڪئي، پر سندس والد جي ايم سيد هر ڳالهه کي پوئتي
رکي کيس پڙهايو. جنهن جو احوال جي ايم سيد ۽ دُرِ شهوار سيد جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت جي ڪتاب ’ڏونگر سي ڏورينديون‘ ۾ پڻ موجود آهي. جنهن
۾ کيس مُخاطب ٿي سائين جي ايم سيد هڪ هنڌ لکيو آهي ته: تنهنجي عِلم جي حصول جي ڪاميابي،
مُنهنجي مشن جي تڪميل جو واڌارو آهي. پيءُ جي اُن خواب کي سنڌ جي هن لائق نياڻي سچو
ثابت ڪري ڏيکاريو. سائين جي ايم سيد ۽ جيجي جي وچ ۾ ٿيل اُنهيءَ خط و ڪتابت مان سندس
شعور، ساڃاهه ۽ وسيع سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جيجي دُرِ شهوار، سائين جي ايم
سيد جي قابل فخر نياڻي آهي. جيجي جڏهن به ڳوٺ هوندي هُئي ته سائين جي ايم سيد جي هر
طرح جي سار سنڀال لهندي هُئي. قومي ڪارڪنن جي لاءِ ماني وغيرهه ۾ به هٿ ونڊائيندي آهي.
سنڌ جي هن باوقار نياڻيءَ تي سائين جي ايم سيد سان گڏ پوري قوم کي فخر آهي.
سندس ڳاڻيٽو سنڌ جي تعليمي ماهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر
دُرِ شهوار سيد کي سنڌي، انگريزي، اُردو ۽ فارسي ٻولين تي عُبور حاصل هو. کيس پيار
۽ احترام مان ’جيجي‘ به سڏيو ويندو هو. هن ۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۱ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ
جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ لڳاتار تاريخ جو مضمون پڙهايو. ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي
عهدن تي رهي، هن درس و تدريس جا فرض سرانجام ڏيڻ سان گڏ، ۱۹۹۱ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي
فائز ٿي. سندس انگريزي ڪتابUniversal Message of Shah Abdul Latif ۱۹۸۶ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ’لطيفي ڪهانيان‘
(اردوءَ ۾) ۱۹۹۳ع ۾ شايع ٿيو. ’شاهه عبداللطيف جي موسيقي‘ عنوان سان ترتيب ڏنل ڪتاب
شاهه عبداللطيف چيئر ۱۹۹۲ع ۾ شايع ڪيو. سندس سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ لکيل مقالا
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. هن ڪيترن قومي ۽ عالمي سطح جي سيمينارن
۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري تاريخي مقالا پڙهيا. کيس علمي، ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترا
ئي ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾ ۱۹۸۵ع ۾ ارنيسٽ ٽرمپ ايوارڊ، ۱۹۸۸ع ۾ لطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ.
ساڳئي سال گورنمينٽ آف سنڌ ڪيش اوارڊ، ۱۹۹۰ع ۾ سچل سرمست ايوارڊ اهم آهن.
دُرِ شهوار آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن جو بنياد
رکي، سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ اُنهن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ جيجي دُرِ شهوار
سڄي سنڌ جي پُٺتي پيل علائقن ۾ وڃي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي. پاڻ جڏهن ٿرپارڪر
۽ عمرڪوٽ جي دوري تي وئي هُئي، اُتي جڏهن مقامي ماڻهن کي خبر پئي ته سائين جي ايم سيد
جي ڌيءَ آئي آهي ته: اُتان جا ماڻهو احترام وچان ڪنڌ جُهڪائي بيهي رهيا هُئا. جڏهن
جيجي اُنهن جي اهڙي عمل جو سبب پُڇيو ته هُنن ٻهراڙيءَ جي سادن ۽ پُرخلوص ماڻهن چيو
ته: توهان سائين جي ايم سيد جون نياڻيون آهيو ۽ سيد اسان جو رُوحاني رهبر آهي. توهان
جو احترام ڪرڻ اسان جو فرض آهي. اُن وقت جيجي کي نه رُڳو پنهنجي اُن والد تي پيار آيو
هو، پر هُن جي دِل ۾ ته ٿر جي اُنهن اٻوجهه ماڻهن لاءِ عزت اڃا وڌي وئي هئي. ۽ هُن
چيو هو ته؛ جن ماڻهن بابا جو فڪر هنن ڀٽن تائين پهچايو آهي، ڪاش اسان جو خاندان اُنهن
ماڻهن کي سُڃاڻي. اهڙيءَ طرح جيجي دُرِ شهوار سڄي سنڌ م عورتن جي حقن لاءِ مُتحرڪ ڪردار
ادا ڪيو ۽ کيس پوري سنڌ جيءُ ۾ جايون ڏنيون هُيون. سندس سڄي زندگي قابلِ فخر آهي. سنڌ
جي هن باوقار نياڻي نه رُڳو تعليم جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو، پر هن تحقيق جي ميدان ۾ به
گهڻن محققن کي پوئتي ڇڏيو آهي. سندس ڪُجهه تحقيقي ڪتابن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو.
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، شاهه لطيف چيئر ۾ رهڻ
دوران تحقيق جي شاگردن لاءِ هڪ ڀرپور ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ اُن ڪانفرنس ۾ تحقيق جي اُصولن
سيکارڻ لاءِ جيڪي مقالا پڙهيا ويا. اُنهن کي پاڻ انگريزي، اُردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ’تحقيق جو طريقي ڪار‘ جي نالي
سان ڪتابي صورت ۾ آڻي ڇپرايائين. شاهه لطيف تي تحقيق‘ ببليو گرافي آف شاهه لطيف‘ سندس
تيار ڪيل هي ببليو گرافي، تحقيق جي شاگردن لاءِ نهايت ئي ڪارائتي آهي، شاهه جو رسالو‘
(چئن ٻولين) ۾ ڇپائي سنڌ جي دامن کي سچ ته وسيع ڪري ڇڏيو اٿس. سنڌ جي هن باوقار نياڻي،
دُرِ شهوار سيد ۲۶ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وفات ڪئي.
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد
عظيم رهبر جي
عظيم نياڻي
احمد علي تنيو
اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته ۲۱ هين مارچ ۱۹۴۰ تي ”سن“ جي سيد
گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ نياڻي، اڳتي هلي سنڌ، شاهه لطيف جي پيغام، سيد جي فڪر ۽ سنڌي
ادب کي دنيا جي آڏو پنهنجي تحقيق سان پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍندي ۽ پاڻ پتوڙيندي.
جيجي درشهوار کي سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي
ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي ۱۹۶۷ع ۾ ڪئي. فلسفي ۾
ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس
سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۷۲ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان ۱۹۷۷ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف
اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي شاهه لطيف جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان ۱۹۸۴ع ۾ ڪئي.
ياد رهي ته جيجي درِ شهوار سيد پهرين سنڌي نياڻي هئي،
جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪو هڪ تمام وڏو اعزاز آهي.
تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هتي اچي جيجي ۱۹۸۵ کان ۱۹۹۱ع تائين ليڪچرار ۽
اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف
چيئر جي ڊائريڪٽر به رهي. فنڊن جي شديد کوٽ ۽ حڪومتي تعاون نه هجڻ جي باوجود ان
دؤران جيجيءَ پنهنجي تحقيق ۽ لکڻ واري ڪم کي جاري رکيو ۽ چيئر تي هوندي هيٺ ڄاڻايل
ڪتاب مرتب ڪيائين ۽ ڇپرايائين:
۱ - شاهه جو رسالو (اردو، فاسي، انگريزي ۽ عربي ۾ ترجمي
تي مشتمل).
۲ - ڪشف الابيات.
۳ - شاهه لطيف شاعري اور فڪر.
۴ - شاهه لطيف جي موسيقي
۵ - تحقيق جو طريقيڪار
۶ - شاهه لطيف ڪي ڪهانيان
۷ - شاهه لطيف جي ببليو گرافي.
جيجيءَ جو شمار، رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽
يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي. هن ”آل سنڌ
وومين ايسوسيئيشن“ ٺاهي، جنهن جي پاڻ چيئر پرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي
ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دؤران، متاثرين ۾
سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي سماجي خدمتون سر انجام
ڏنيون.
سائين جي ايم سيد کانپوءِ، جيجي ڏاڍي اُداس ۽ ويڳاڻي
رهندي هئي ۽ آخر ۾ بيمار رهڻ لڳي. نيٺ ۲۶ هين ڊسمبر ۱۹۹۷ع
تي لاڏاڻو ڪري وئي.
ڊاڪٽر در شهوار سيد
سنڌ جي بي بدل
نياڻي - جنم ڏينهن جي مناسبت
سان
محمد ابراهيم جويو
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله
مند ۽ ساڃاهه-وان نياڻي هئي، جنهن
نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو.
هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد
سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو. ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي
والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ
۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي
۽ عالم عورت ثابت ڪيو. باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ
۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ
کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طئي ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت،
اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام
“Universal Message of Sufis of Sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ
موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت
جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر
عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل
ڪئي. سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي
ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو، مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا،
استادن ۽ علمي رهبرن (Guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن
۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جو تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات،
۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي Mysticism بابت، مذهبن
۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو-
اهي ڏکيا ۽ اڻاوا لَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي/ سَيداڻي گهر جي
نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، ”ٽڪر ٽاڪڻا“ پيا. اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي،
سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي.
جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽
ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه
۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابتر
حال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ
رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اولو العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت
۽ خالص محنت جي ضرورت آهي.
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان ۲۸ نومبر ۱۹۷۲ع تي، يعني اڄ کان پورا
۴۲ سال اڳ، جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد
محترم کي جيڪو خط لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن
جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي:
”انهن نوجوانن
جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي
سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي،
آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو
خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو! ..... ٻئي طرف
استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين،
ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن ۱۴ سالن کان
پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ
جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف Virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن
جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه
جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن
۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم
رزرو ڪرائي ڇڏجي!”
ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين
پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن
کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ
رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن
جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار
ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح ۱۴سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون
ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن
۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون. اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار
علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو،
پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا
۾ ملي يا انڊيا ۾ هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد
کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي
وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح
لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان
جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد
بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن
مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ته جتي انگلنڊ جا
قابل استاد درشهوار جي رهنمائي ڪرڻ ۾قاصر رهن ٿا، اُتي سائين جي ايم سيد جِي جِي جي
نه رڳو رهنمائي ڪري ٿو، پر کيس گهربل ڪتاب هِتان هتان هٿ ڪري موڪلي ٿو. ائين ڄڻ ته
اسان هيءَ سُلڇڻي ۽ محنتي نياڻي ٽطرفو علم، يعني ذاتي مطالعي، استادن جي رهبريءَ ۽
والد جي سکيا وسيلي، حاصل ڪري ٿي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊگري وٺڻ ڪيتري
آسان آهي ۽ ٻاهر ڪيتري مشڪل ۽ ڏکي آهي!
جِي جِي درشهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي
پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جيڪو عالمانه خط
لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي.
“زندگي هڪ روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي، جڏهن ڏيئو
يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪانه، اهي ڏک ۽ ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن، جي زندگيءَ
جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما گوتم به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا
ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ
جي اسرار کان واقف ٿيو هو، جنهن بعد کيس معلوم ٿيو ته دک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين
ٿا. اُنهن جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن.
تو کي فلسفه روح مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان
واقف ٿين، “بيدل” سائين فرمائي ٿو:
سک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
هاڻ جي تون، جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون
معلوم ڪري، ماڻهن کي ان مان واقف ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي
انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو......” (۱۲-۱-۱۹۷۶)
هيءَ سنڌ جي بي بها ۽ بي بدل نياڻي، سنڌ جو وڏو
اثاثو (Asset) هئي. هن جي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز جي اهميت محسوس
ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ اُن کي انگريزيءَ ۾ ڇپايو، ۽ اُن جو اردو ترجمو پڻ تازو ڇپجي
چڪو آهي. جِي جِي درشهوار جي ڪَمِٽمينٽ (سِرَ سيتائيءَ) محنت ۽ اورچائيءَ جو اندازو
ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ٽن سالن لاءِ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، جي چيئر
پرسن بڻي، ته اُن مختصر عرصي ۾ ڪيڏو نه معيار جو ڪم ڪري ڏيکاريائين، اُن جو ثبوت سندس
هيٺين سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن مان ملي ٿو: (۱) شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي، (۲) شاهه لطيف
تي تحقيق، (۳)شاهه لطيف بابت ببليو گرافي، (۴)شاهه جو رسالو (چئن زبانن ۾) جلد ۱، (۵) ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
جي سهيڙيل ڪتاب جي تدوين)، (۶) تحقيق
جو طريقيڪار آخر ۾ سائين جي ايم سيد جا هي پيار ڀريا دعائيه ۽ اعترافي لفظ اسان جي
هن بي بدل نياڻيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ خراج به آهن ته ”تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ
جي مِشن جي سرانجاميءَ جو واڌارو آهي!“
ڊاڪٽر درشھوار سيد
شاهه لطيف جي پارکو
راهب علي لاڙڪ
ڊاڪٽر
درشھوار سيد ۲۸ مارچ ۱۹۴۲ع تي سن شھر ضلعي دادو ۾ پيدا ٿي. پاڻ مشھور قوم پرست اڳواڻ سائين جي-ايم
سيد جي نياڻي ھئي. پر سندس سڃاڻپ سياست کان ھٽي ڪري ادبي ۽ سماجي حوالي سان ھئي.
ڊاڪٽر
درشھوار شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪانونيٽ ھاءِ اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪئي ۽ بي-اي ۱۹۶۷ع ۾ ۽ ايم-اي (فلاسافي) جي ڊگري ۱۹۶۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. سندس والد جي مرضي ھئي ته سندس نياڻي
پي-ايڇ-ڊي ڪري جنھن لاءِ کيس پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي ڪيائين، جنھن جي
مشوري سان صوفي فڪر کي صحيح طرح سمجھڻ لاءِ ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسي ۾ سرٽيفيڪيٽ ڪورس پڻ ڪيائين، ان دوران پي-ايڇ-ڊي
لاءِ تياري ڪندي کيس اھو محسوس ٿيو ته پاڻ جنھن موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ گھري ٿي ان
جي معيار جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نه معيار آھي نه ئي سندس رھبر، اھا شڪايت ان وقت جي
وائيس چانسلر پروفيسر سيد غلام مصطفى شاھ سان ڪيائين. پوءِ اھو ڪجهه به نه ڪري
سگھيو ته کيس ۱۹۷۴ع ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
يورپ جو رخ ڪرڻو پيو. يورپ ۾ کيس مذھبن جي تاريخ ۽ تقابلي مطالعي واري حوالي سان ٻيھر
ايم اي ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اھڙي طرح پوءِ انگلينڊ جي سسيڪس يوينورسٽي (Sussex
University) جي سائوٿ ايشين اسٽڊيز مان “History
and Comparative study of religion” عنوان تي ۱۹۷۷ع ۾ ٻيھر ايم اي ڪيائين. ان کان پوءِ ايڊمبرا يونيورسٽي (برطانيه) ۾ پي-ايڇ-ڊي
جي “Religion” لاءِ تياري ڪيائين، جنھن ۾
سندس تحقيقي مقالي جو عنوان “The Poetry of Shah Abdul Latif” ھو. اتي پڙھائيءَ دوران مانٽگومري واٽ (Prof: Montgomery
Watt) ۽ ايل ول سلٽن (Prof:
Elwell Sulston) جھڙا عالم سندس استاد ھئا، جڏھن
ته ڊاڪٽر ڪيرول ھلين برانڊ (Dr: Carole Hillenbrand) ۽ ڪرسٽوفر شئڪل (Cristopher Shackle) سندس سھڪاري رھبر ھئا ۽ مشھور عالم ڊاڪٽر اينيميري شمل کانئس
واءُ وائيس ورتي. کيس پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري ۱۹۸۴ع ۾ ملي.
ڪتاب-
دي پوئٽري آف شاھ عبداللطيف (انگريزيءَ ۾). سندس اھا ٿيسز ۱۹۸۸ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي آھي. هن ٿيسز ۾ ڪل پنج باب آهن پهرئين باب ۾
راجا ڏاهر کان وٺي مغل دؤر تائين تاريخي جائزو ورتل آهي، ٻئي باب ۾ شاهه جي ڪلام ۾
عورت سان شاهه جي وابستگي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي
وئي آهي. باب ٽئين ۾ شاهه سائين جو جوڳين سان ٽن سالن تائين گڏ رهڻ ۽ انهن نڪتن کي
نروار ڪيو ويو آهي. باب چوٿين ۾ شاهه لطيف ۽ فريدالدين عطار جي شاعريءَ جي ڀيٽ ڪيل
آهي پر عطار جي شعرن کي مثال طور نه آندو ويو آهي. آخري باب پنجين ۾ جلال الدين
رومي ۽ شاهه لطيف جي شاعراڻي تصور ۾ هڪجهڙاين ۽ فرق جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. هن باب جي
آخر ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ لوڪ ڪهاڻين جن ۾ سهڻي ميهار، سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياچ،
ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچي، مومل راڻو، مورڙيو (سر گهاتو) جو مختصر جائزو ورتل
آهي. سندس ترجمي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. بيت.
اکر پڙهه
الف جو ورق سڀ وسار،
اندر
تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.
ترجمو:
Just
read the letter a (alif) and forget the rest of the pages,
You
have only to keep your inner seat pure,
There
is no need to read more pages.
ڊاڪٽر
درشھوار پي-ايڇ-ڊي ڪري واپس ورڻ کان پوءِ علمي ميدان ۾ ڪرڻ جي خيال سبب ڪراچي
يونيورسٽي ۾ نوڪري اختيار ڪئي. پنھنجي استاد قاضي قادر جي مشوري سان پھريان فلسفي
جي شعبي ۾ ڪوآپريٽو ٽيچر طور مقرر ٿي ۽ پوءِ ۱۹۸۵ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ تاريخ جي مضمون پڙھائڻ
لاءِ ليڪچرار مقرر ٿي، جتي آخر تائين اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تي ڪم ڪندي رھي. ان
وچ ۾۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۱ع کان ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تائين ڪراچي يونيورسٽي جي “شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر” جي ڊائريڪٽر به ٿي
رھي. سندس نگراني ۾ چيئر پاران ۷ ڪتاب شايع ٿيا. شاھ لطيف چيئر ۾ سندس ايامڪاريءَ دوران شاھ لطيف متعلق
اشاعتي ڪم ڪافي اڳتي وڌيو. ان حوالي سان سندس خاص ڪارنامو شاھ لطيف تي ببليوگرافي
شايع ڪرائڻ آھي. جيڪو شاھ صاحب بابت تحقيق واري ميدان ۾ ھڪ اھم ۽ بنيادي ڪارنامو
آھي. ڊاڪٽر صاحبه شاھ صاحب جي ڪلام کي ٻاھرين دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ حافظ
شيرازي ۽ مولانا رومي جي ڪلام واري طرز تي (شاهه جو رسالو چئن ٻولين) سنڌي، اردو،
انگريزي ۽ فارسي ۾ سهيڙيو، جيڪو پوءِ جلد پهريون ڇاپو پهريون شاهه عبداللطيف ڀٽائي
چيئر ڪراچي يونيورسٽي جولاءِ ۱۹۹۶ع ۾
شايع ڪيو. هن ۾ ڪل ۲۷۱ صفحا
آهن. ان سلسلي ۾ پھرين ٽن سرن جن ۾ سرڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ سرکنڀات جو ترجمو پڻ ڪيل
آهي. هن ترجمي ۾ سنڌيءَ لاءِ ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو “منتخب شاهه جو رسالو” فارسيءَ
لاءِ نياز همايون جو ڪيل ترجمو، انگريزيءَ لاءِ پروفيسر امينه خميساڻي جو ڪيل
ترجمو ۽ اردو ترجمي لاءِ آغا سليم جي ڪيل ترجمي کي سامهون رکي هن ڪم کي نهايت سهڻي
انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. اھڙي طرح سڄو رسالو اھڙن ڏھن ٻارھن ڀاڱن ۾ رنگين ڇپائي
سان تيار ٿيڻو ھو پر سندس اهو رٿيل ڪم پورو نه ٿي سگهيو. هن جو فقط هڪ جلد شايع ٿي
سگهيو.
سنڌ جي
ھن باوقار عالم عورت يورپ ۾ پڙھڻ واري دور ۾ مختلف تحقيقي ادارن ۾ لاتعداد علمي ليڪچر
ڏئي سنڌ جو نالو روشن ڪيو، انھن منجھان ڪجهه عنوان ھن ريت آھن.
۱- حضرت محمد ڪريمﷺ جو مشن، سائوٿ ايشين اسٽڊي، يونيورسٽي آف سسيڪس ۱۹۷۶ع.
۲- ڪر سچنن فڪر جون اھم صفتون، سائوٿ ايشين اسٽڊي،
يونيورسٽي آف سسيڪس ۱۹۷۶ع.
۳- پاڪستان جي ڳوٺاڻين عورتن جو ٽين دنيا ۾ ڪردار (ٽين دنيا جي ملڪن جي ۱۹۷۹ع ۾ ايڊمبرا يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ پڙھيل).
۴- اسلام ۾ عورت جا حق ۽ سوسائٽيءَ جو انھن ڏانھن رويو، ايڊمبرا يونيورسٽيءَ
۾ پڙھيل ۱۹۷۹ع.
۵- صوفياڻي شاعريءَ ۾ عالمي امن ڀائپيءَ ۽ پيار جو پيغام، پروٽيسٽنٽ چرچ ايڊمبرا
۾ پڙھيل ۱۹۸۱ع.
سندس ڪيل
علمي پورھيي جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي ادارن کان مختلف ايوارڊ پڻ مليا، سندس ڪتاب
“The Poetry of Shah Abdul Latif Bhitai” شايع ٿيڻ تي سنڌ سرڪار کان مليل ڪيش ايوارڊ ۱۹۸۸ع. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي نالي سان جاري ڪيل ايوارڊ، ڊاڪٽر اينيمري شمل انسٽيٽيوٽ
حيدرآباد کان ۱۹۸۵ع. لطيف ادبي اڪيڊمي پاران شاھ
لطيف گولڊ ميڊل ۱۹۸۹ع. سنڌ ڪلچرل ڪائونسل ڪراچي کان
پير حسام الدين ايوارڊ ۱۹۹۳ع ۽
سگا کان مليل انٽرنيشنل سچل ڪانگريس ايوارڊ ۱۹۸۱ع شامل آھن.
پاڻ سنڌي
ادبي بورڊ، شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر جي ايڊوائيزري بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي بااختيار اداري جي گورننگ باڊي جي ميمبر پڻ رھي. علمي خدمت کانسواءِ ھن “آل سنڌ
وومين ايسوسيئيشن (اسوا)” نالي ھڪ سماجي تنظيم جو پڻ بنياد وڌو، جنھن جون سماجي
خدمتون تمام گھڻيون رھيون. هن عظيم خاتون جو وصال ۲۶
ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي ٿيو.
جيجي در شھوار
سندس ٻاويھين ورسي
سھيل ميمڻ
سائين جي ايم سيد جي
نياڻي درِ شهوار سيد جي وفات کي ۲۱ (ھاڻي ۲۲) سال ٿي ويا آهن پر پوءِ به سندس نالو سنڌ
جي انهن ڪردارن جي لسٽ ۾ اچڻ سبب جن سنڌ لاءِ ڪو نه ڪو پورهيو ڪيو آهي، سنڌ واسين
کان نٿو وسري. ڊاڪٽر درِ شهوار سيد کي ياد رکڻ جو سبب اهو ناهي ته هوءَ عاشق سنڌ
سائين جي ايم سيد جي نياڻي هئي پر کيس ياد رکڻ جو سبب سندس ذاتي علمي ادبي پورهيو
آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪم سنڌ جي اُن ”پهرين نياڻي هئڻ“ جو شرف حاصل ڪرڻ آهي،
جنهن شاهه لطيف جي فڪر ذريعي سنڌ جي صوفين جي پيغام هيٺ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ تي
ويدانيت جو اثر“ واري موضوع تي انگلينڊ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر درِ شهوار
سيد جو ڊاڪٽريٽ جي اها ڊگري حاصل ڪرڻ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن جنهن وقت،
جنهن سماج ۾، جنهن پيراڻي ۽ سيد خاندان ۾ جنم وٺڻ بعد اها ڊگري حاصل ڪئي، اهو
تقريبا ناممڪن ڪم هو، ڇاڪاڻ جو ۱۹۶۷ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي
لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۱۹۶۹ع ۾ ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين ته درِ شهوار جي
وڌيڪ پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا اعتراض ڪيا ويا، پر سندس والد سائين جي ايم سيد سڀني
اعتراضن ۽ ڳالهين کي نظرانداز ڪري کيس اڳتي پڙهايو. جيجي درِ شهوار اڃان ايم اي جي
ڊگري نه ورتي هئي ته سائين جي ايم سيد کيس انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ته کيس پي ايڇ
ڊي ڪرڻي آهي. پوءِ پاڻ جيئن ئي ايم اي پاس ڪيائين ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ داخل ڪرايو. هن ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو، جيئن فارسي شاعري جو مطالعو
ڪري ايران ۽ سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڀيٽ ڪري سگهي. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ۽
اتي تعليمي ماحول نه هئڻ ۽ ان جي معيار جو ڪو عالم استاد نه هئڻ سبب پاڻ انهيءَ جي
شڪايت پنهنجي والد سان ڪيائون. نيٺ سائين جي ايم سيد کيس ۱۹۷۴ع ۾ لنڊن موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري.
مان انهن معاملن جو
اکين ڏٺو شاهد آهيان ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي جيڪا ماني ۽ مهمان نوازي مشهور
آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو هٿ، ڪردار ۽ محنت سائين جي ايم سيد جي نياڻين جيجي زرين تاج،
جيجي شمع ايمن ۽ جيجي ڊاڪٽر در شهوار جو آهي. جن رات ڏينهن، گرمي سردي، ماني جو وقت
هجي نه هجي، سال جا ٻارنهن ئي مهينا پنهنجي گهر جي چُلهه بند ٿيڻ نه ڏني. ان وقت
نه گيس هوندو هو، نه بجلي، چويهه ئي ڪلاڪ سائين جو باورچي خانو آباد هو ۽ ٻين
مددگار عورتن سان گڏ اهي نياڻيون پاڻ ڪم ڪنديون هيون. ڪو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن
سن ۾ اجلاس نه هجن، ڪا ميٽنگ نه هجي يا ڪو مهمان نه هجي. سنڌ جا ٿڪل ٽُٽل، بکايل
قومي ڪارڪن، ليڊر ۽ ٻيا مهمان جڏهن سن پُڄندا هئا ته سائين انهن کي سڀ کان پهريان
ماني کارائيندو هو ۽ سالن جا سال لکين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ مهمانن جي مهمان نوازي ۾
سيد جي انهن نياڻين پنهنجي پوري زندگي سنڌ جي پتنگن کي پنهنجي اولاد جيان ايڏي
ذميواري سان کارايو پياريو جو لڳ ڀڳ هڪ صدي ڪڏهن ڪنهن نه ٻڌو هوندو ته سائين جي ايم
سيد جي تڏي تي کاڌي پيتي جي ڪا گهٽتائي جي شڪايت آئي هجي.
سائين جي ايم سيد جي
آخري بيماري ۽ وفات کان پوءِ جي تاثراتي ڪتاب ”سي ڪيئن وساريا“ کي مون جيجي در
شهوار جي رهنمائي ۾ ئي مرتب ڪيو. جيجي ان جا پيش لفظ به لکيا، ڪتاب جو نالو به پاڻ
ئي ڀٽائيءَ جي بيت مان کڻي رکيائين ۽ ڇپائڻ جا پئسا به ڏنائين. جيجي جو شاهه لطيف
تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي، خاص ڪري شاهه جي رسالي کي سنڌ جي مشهور صداڪار صالح محمد
شاهه کان آڊيو ڪرائڻ لاءِ سندس شروع ڪيل ڪم، جيڪو هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف
چيئر جي سربراهه هجڻ دوران ڪيو هو، سو پراجيڪٽ ڪٿي پهتو، پورو ٿيو يا ختم ٿي ويو؟
ان جي خبر ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر وارن کي هوندي، باقي سنڌ جي نياڻين کي
خاص ڪري جيجي در شهوار جي ڪم تي پي ايڇ ڊي ضرور ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي هيءَ سدوري ڌيءَ
۲۶ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي ڪراچي ۾ گذاري وئي، کيس سن ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان
۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا