; سنڌي شخصيتون: پروفيسر انورالدين اڄڻ

22 June, 2026

پروفيسر انورالدين اڄڻ

پروفيسر انورالدين اڄڻ

ساھتيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون

معشوق ڌاريجو



ڪتابن سان منھنجي دوستي اَسيءَ واري ڏھاڪي جي آھي. ڪتاب ئي منھنجي چاھَ ۽ اُتساھَ جو ذريعو رھيا آھن. پروفيسر انورالدين اڄڻ سان منھنجو تعلق ۲۰۲۰ع ۾ سندس پھرين ڪتاب ”مون کي ياد آھي“ اچڻ کان پوءِ تڏھن جڙيو، جڏھن موبائيل ڪال ڪري کيس مبارڪباد ڏنم. پاڻ ھڪ ڀيرو ڳوٺان ايندي مون وٽ قاضي احمد آيو ھو، ٻيو ڀيرو پنھنجي ڳوٺ ويندي، پنھنجي ٽئين ڪتاب جي اعزازي ڪاپي ڏيندو ويو ھو. سائينءَ سان ويلي وقتي موبائيل تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي آھي.

سندس ڪتاب پڙھي پَتو پيو تہ: انورالدين اڄڻ پنھنجي پيءُ وانگر انجنيئر ٿيڻ ٿي چاھيو پر ٻن مارڪن تان رھجي وڃڻ جي ڪري، سندس داخلا فزڪس ۾ ٿي ۽ ھو فزڪس جو استاد ٿي ويو.



پروفيسر انورالدين اڄڻ پنھنجي ڏاڏي الھ جياريو جي حوالي سان لکي ٿو تہ: ”ڏاڏي الھ جياريو اُڄڻ کي سڀني پوٽن ۾ مان وڌيڪ پيارو ھوس، ھُو مون کي قِصا ڪَھاڻيون ٻُڌائيندو ھو.“ شايد اھو ڪمال ڏاڏي کان ننڍپڻ ۾ ٻُڌل قِصن ۽ ڪَھاڻين جو آھي، جو ھُو ليکڪ ٿي ويو ۽ پنھنجي يادن، آتم ڪٿا ۽ حڪايتن تي مشتمل ٽي ڪتاب لکي ويو. ۱ مون کي ياد آھي (مرتب: معشوق مرتضيٰ ڄامڙو، ڪنول پبليڪيشن قنبر، ڊسمبر ۲۰۲۰ع) ۲ ٻڌ سڌ مون کي ياد آھي (ڪنول پبليڪيشن قنبر، جون ۲۰۲۱ع) ۳ ٻڌ سڌ مون کي ياد آھي (امرتا پبليڪيشن حيدرآباد، اپريل ۲۰۲۲ع) ھُن پنھنجي يادن، حياتيءَ جي واقعن ۽ حڪايتن کي ڏاڍي سولي ۽ سادي پيرائي ۾ قلم بند ڪيو آھي.

محمود مغل لکي ٿو تہ: ”ادا انورالدين اڄڻ سان منھنجي پيرن تي ھٿ رکڻ واري واٽ آھي. ھڪ بيحد منفرد وجود آھي ادا انور، بي باڪ، منھن تي چئي ڏيندڙ، ڪنھن جي ڪاڻ نہ ڪڍندڙ، برملا پنھنجي راءِ کي ڀرپور نموني سان پيش ڪندڙ. بي انتھا مدلل، انگريزي زبان ۾ مھارت رکندڙ پنھنجي پورھئي ۽ سوچ سان سچو ادا انور اسان گهڻن لاءِ آئيڊيل رھيو آھي.“

انورالدين ولد عبدالعليم اڄڻ، ۱۱ جون ۱۹۳۹ع تي ڳوٺ الھ جياريو اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. اڄ ۱۱ جون ۲۰۲۴ع آھي، اڄ پروفيسر انورالدين اڄڻ ۸۵ ھون جنم ڏينھن آھي. جنم ڏينھن اَڻَ - ڳَڻيون مبارڪون بيحد پيارا سائين پروفيسر انورالدين اڄڻ!

دُعا آھي تہ سالم صحت ۽ دراز عمر ماڻيو.



No comments:

راءِ ڏيندا