; سنڌي شخصيتون: رسول بخش پليجو - ۳

22 June, 2026

رسول بخش پليجو - ۳

رسول بخش پليجو

مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهارو آواز

نور احمد ڪاتيار



سنڌ جي جينئس، ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، نقاد، بي مثل مقرر، لطيف جي پارکو، سنڌ جي پاڻي جي ڪيس جي تاريخي وڪيل، عوامي تحريڪ جي سربراهه، مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڄ ۷ جون تي اٺين ورسي آهي. محترم رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ سندس آخري آرمگاه ڳوٺ منگر خان پليجي لڳ جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ طرفان عظيم الشان ورسي جو پروگرام ڪيو پيو وڃي. اسين پليجي صاحب کي سندس اٺين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

پليجي صاحب هر دور جي جابر، ظالم ۽ آمر قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي مقابلو ڪيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي عظمت، سندس ڪردار کي جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ ڀيٽا پيش ڪجي ته اسان کي لطيف جي ٻوليءَ جو سهارو وٺڻو پوندو:

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مير،

مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري.


جنگشاهي جي مٽيءَ مان جنهن عظيم خمير جنم ورتو، تنهن پنهنجي فڪر جا اهڙا مضبوط ۽ اٽل بنياد رکيا، جن کي وقت جا وڏا وڏا طوفان به مٽائي يا ختم ڪري نٿا سگهن. پليجي صاحب جي سياسي ۽ فڪري جدوجهد انتهائي نرالي آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ اثرائتي به آهي، جنهن سنڌ جي شعور کي هڪ نئين زندگي ڏني آهي.

پليجي صاحب پنهنجي سڄي سياسي فڪر ۽ نظريي جو بنياد هڪ سادي پر انتهائي گهري سچائيءَ تي رکيو ته مظلوم ۽ محڪوم  ماڻهن جي نجات تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن کين علم ۽ شعور سان هٿياربند ڪيو وڃي ۽ سندن تعليم ۽ تربيت ڪري کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ئي اصل انقلاب آهي. اهو ڪو ننڍڙو ڪم نه هو، هن عظيم مقصد کي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين انتهائي ذميواريءَ سان مسلسل نڀائيندو رهيو.

جيئن جيئن ڀڃي رات، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾،

ڀوري ٻئي نه تات، جيڪا سا جتن جي.

پليجي صاحب اٿاهه علم پڙهيو، پرکيو ۽ ان کي سنڌ جي سماجي حالتن موجب لاڳو ڪيو. دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻن، تحريڪن ۽ سندن نظرين جو گهرو مطالعو ڪري سنڌي سماج جي رهنمائي ڪئي. ڪيترائي شاهڪار ڪتاب لکيا، جنهن ۾ صبح ٿيندو جهڙو ڪتاب لکي نظرياتي واٽ ڏني، هي ڪتاب هڪ نظرياتي مشعلِ راهه آهي ۽ مايوسين کي ختم ڪري هڪ نئين اميد جو روشن ڏيئو آهي. ان سان گڏوگڏ رجعت پسندن، ڪوڙن دانشورن ۽ گمراهه ڪندڙ قوتن جن سنڌ جي ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن تي حملا ڪيا انهن کي رد ڪرڻ لاءِ انڌا اونڌا ويڄ جهڙو سنڌي ادب ۾ تنقيد جو هڪ بي مثال شاهڪار ڪتاب لکيو.

پليجي صاحب سنڌي سماج کي ڪوڙن قصن، فرسوده ڪهاڻين ۽ وهم پرستيءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي. پاڻ هڪ اهڙو علم ۽ ادب ڏنو جنهن ذريعي ڪوڙ ۽ منافقت کي شڪست ڏيئي سگهجي. پاڻ عالمي انقلابي شاعرن جي شاعريءَ کي آسان ۽ عام ماڻهن جي سمجهه ۾ اچڻ واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ماڻهن تائين پهچايو ته جيئن سنڌ جو عوام عالمي شعور سان سلهاڙجي سگهي. اهو پليجي صاحب جو ڪمال آهي ته ان ٻولي جي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو، سنڌ جي عام ماڻهن کي سندس ئي آسان ٻولي ۾ لکي سمجهايو ۽ نتيجي ۾ ڪو ٻه کان ٽي درجا پڙهيل ماڻهو به پليجي صاحب کي پڙهي ٿو ته ان تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي سگهي ٿو. لطيف جي شاعريءَ ۽ فڪر تي پليجي صاحب گهرائيءَ سان ڳالهايو، لکيو ۽ عوام ۾ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ جشنِ لطيف ملهائڻ جي روايت وڌي، جنهن سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي سڃاڻپ کي هڪ نئون رخ ڏنو. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي قومي، ترقي پسند ۽ انقلابي شاعرن شيخ اياز، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، گدا خاصخيلي، زاهد شيخ، راشد مورائي، آفتاب ڪلوئي ۽ ٻين شاعرن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ کي پارٽي جلسن ۽ عوامي اسٽيج تي پيش ڪري عام ڪيو ويو.

جنهن دور ۾ ڪنهن سياسي جلسي ۾ عورتن جي شامل ٿيڻ کي هڪ وڏو عيب سمجهيو ويندو هو، تنهن دور ۾ ان فرسوده سوچ کي چيلينج ڪيو. پليجي صاحب جي فڪري تربيت جو ئي نتيجو آهي جو سنڌ جي ٻهراڙين جي سادين ۽ پورهيت عورتن سياسي پروگرامن، جلسن ۽ جلوسن جي اڳواڻي ڪئي ۽ انهن عورتن اسٽيجن تي پنهنجي تقريرن ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهائڻ سان گڏ قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو.

پليجي صاحب سماج جي هر ان طبقي جي تعليم ۽ تنظيم تي ڌيان ڏنو جيڪو صدين کان محروم رکيو ويو آهي. عورتن، ٻارن، هارين، مزدورن ۽ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت کي گڏوگڏ هلايو. پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن سنڌ جي عورتن کي سياسي شعور ڏنو. ان کان سواءِ ٻارن، هارين، مزدورن ۽ شاگردن جون منظم تنظيمون جوڙي، ڪارڪنن جي علمي تربيت ڪئي. پليجي صاحب جي ان تسلسل سان ڪيل تعليم ۽ تنظيم جي نتيجي ۾ سنڌ اندر اهڙين سگهارين جدوجهدن جنم ورتو، جنهن سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون.

پليجي صاحب جنرل ايوب خان جي آمريت ۽ سنڌ جي تاريخي وجود کي مٽائيندڙ ڪاري قانون ون يونٽ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف ۽  ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو گڏجي تحريڪ هلائي. ۴ مارچ جي شاگرد جدوجهد ۾ پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو مک ڪردار ادا ڪيو. جنرل ضياءُ الحق جي ڪاري ۽ وحشياڻي اگهاڙي آمريت خلاف ايم آر ڊي جي  جدوجهد ۾ وڏي تعداد ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون، راهوڪي ۾ هزارين هارين کي گڏ ڪري هارين جي جلسي عام ۾ خطاب ڪندي جنرل ضياءِ کي پليجي صاحب مخاطب ٿيندي چيو ته جنرل ضياءِ گيٽ آئوٽ پليجي صاحب کي مسلسل مختلف جيلن ۾ رکڻ کان پوءِ لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

اي نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائن سون تي

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪان ڪريت

پکن جي پريت، ماڙيسين نه مٽيان.

پريس جي آزاديءَ لاءِ صحافين پاران ڪيل جدوجهد ۾ پليجو صاحب ۽ عوامي تحريڪ شامل رهيا. جدوجهد دوران عوامي تحريڪ جي ڪيترن ئي هاري ڪارڪنن صحافي بڻجي گرفتاريون ڏنيون. جنرل مشرف جي آمريت خلاف پليجو صاحب مسلسل جدوجهد ۾ رهيو. اسٽيبلشمينٽ جي پاليل ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي ملڪي ۽ عالمي فورمن تي پليجي صاحب وائکو ڪري ثابت ڪيو ته ايم ڪيو ايم هڪ سياسي تنظيم نه پر لساني دهشتگرد گروپ آهي. سنڌ جي وجود تي وار ڪندڙ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي پنجاب جي حڪمرانن جي مسلسل ڌاڙن خلاف پليجي صاحب دليلن سان ڏيڍ صدي جو ڪيس سمجهايو، ڪتاب لکيا ۽ ڊگهي جدوجهد ڪئي. نتيجي ۾ سنڌ جو ماڻهو جڏهن پاڻي جي حوالي سان ڳالهائي ٿو ته هو اهي دليل پيش ڪري ٿو جيڪي پليجي صاحب جا آهن. ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنالن ۽ ٻين ڌاڙيل واهن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻڻ خلاف ۽ ٻين سنڌ دشمن سازشن خلاف پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ مختلف دورن ۾ سکر کان ڪراچي، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي، ڀٽ شاهه کان ڪراچي ۽ اسلام ڪوٽ ٿرپارڪر کان ڪراچي تائين عظيم اليشان ۽ تاريخي لانگ مارچ ڪيا ويا. پليجي صاحب جي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ کي هڪ نئون عزم ۽ حوصلو بخشيو آهي. مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهارو آواز آهي. رسول بخش پليجي صاحب جي فڪر ۾ پورهيت ۽ مظلوم ماڻهن جي نجات آهي. اسان پورهيت، مظلوم، پيڙهيل ۽ ماريل، محڪوم بڻايل ماڻهن کي اها ئي واٽ وٺڻي پوندي.

ڀلي ڄائي مارئي، جنهن مارو ملهايا،

ستي سامائي، جنهن ٻڌا موڙ ملير کي.

 

ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل


 

رسول بخش پليجو

تاريخ ۽ عوامي آواز سان سندس احترام وارو تعلق

ايڊيٽوريل

سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن، جيڪي پنهنجي دور تائين محدود ناهن رهنديون، پر ايندڙ نسلن جي سوچ، شعور ۽ جدوجهد تي به گهرو اثر ڇڏينديون آهن. رسول بخش پليجو اهڙين ئي نادر ۽ غيرمعمولي شخصيتن مان هڪ هو. سندس ورسي رڳو هڪ سياسي اڳواڻ کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن ناهي، پر اها سنڌ جي قومي شعور، جمهوري جدوجهد، علم دوستي ۽ ترقي پسند فڪر جي هڪ مڪمل دور کي ياد ڪرڻ جو موقعو به آهي.

رسول بخش پليجو پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو عوام جي حقن، جمهوريت، عورتن جي آزادي، قومي برابري ۽ علم جي واڌاري لاءِ وقف ڪيو. هو صرف هڪ سياستدان نه هو، پر هڪ مفڪر، اديب، قانوندان، ڀٽائي شناس، استاد ۽ سماجي سڌارڪ پڻ هو. سندس شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن، جن مان هر هڪ الڳ تحقيق جو موضوع بڻجي سگهي ٿو.

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ رسول بخش پليجي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سياست کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه سمجهيو، پر ان کي شعور پيدا ڪرڻ ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ جو وسيلو بڻايو. سندس قائم ڪيل عوامي تحريڪ صرف هڪ سياسي جماعت نه هئي، پر هڪ فڪري ۽ نظرياتي درسگاهه هئي. هن هميشه زور ڏنو ته سياسي ڪارڪن کي پڙهيل، باخبر ۽ نظرياتي طور مضبوط هجڻ گهرجي.

رسول بخش پليجي جي قائداڻي صلاحيت جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هن سنڌ جي هزارين نوجوانن کي منظم ڪري انهن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو. هو نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ، تاريخ سمجهڻ، عالمي سياسي تحريڪن جو مطالعو ڪرڻ ۽ سماجي مسئلن تي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو هو. سندس ويجهو رڳو نعرا هڻڻ سان تبديلي نه ايندي آهي، پر ان لاءِ علم، شعور ۽ فڪر جي ضرورت هوندي آهي.

رسول بخش پليجي جي شخصيت جي انيڪ پاسن مان هڪ اهم پاسو سندس وسيع مطالعو هو. هو دنيا جي تاريخ، فلسفي، ادب، قانون، سياست ۽ سماجيات تي غيرمعمولي دسترس رکندو هو. سندس تقريرون ۽ تحريرون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هو رڳو سنڌي سياست تائين محدود نه هو، پر عالمي فڪري تحريڪن کان به چڱيءَ ريت واقف هو. سندس گفتگوءَ ۾ مقامي مسئلن سان گڏ عالمي تناظر به موجود هوندو هو.

ادبي حوالي سان به رسول بخش پليجو هڪ معتبر نالو آهي. سندس ڪتاب ۽ مقالا سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. هن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، ادبي تنقيد ۽ فڪري ادب جي فروغ لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس تحريرن ۾ علمي پختگي، تاريخي شعور ۽ منطقي استدلال نمايان نظر اچي ٿو.

رسول بخش پليجي جي ڀٽائي شناسي پڻ سندس علمي عظمت جو هڪ اهم باب آهي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي صرف هڪ صوفي شاعر طور نه، پر هڪ انقلابي مفڪر، انساني آزاديءَ جي علمبردار ۽ سماجي تبديليءَ جي پيغامبر طور پيش ڪيو. سندس ڀٽائي بابت تحقيق ۽ تجزيو نوجوان نسل کي شاهه لطيف جي فڪر کي نئين انداز سان سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن ثابت ڪيو ته ڀٽائي جو پيغام صرف روحانيت تائين محدود نه آهي، پر ان ۾ مزاحمت، خودداري، برابري ۽ انسان دوستي جا عظيم سبق به شامل آهن.

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ رسول بخش پليجي جو هڪ  تاريخي ڪارنامو عورتن جي سياسي نمائندگي لاءِ سندس جدوجهد آهي. جڏهن عورتن جي سياست ۾ شرڪت کي اڃا گهڻو قبول نه ڪيو ويندو هو، تڏهن رسول بخش پليجي عورتن کي سياسي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا. هن نه صرف عورتن جي سياسي تربيت ڪئي، پر انهن کي قيادت جا موقعا پڻ فراهم ڪيا. اڄ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ جيڪي ڪيترائي باصلاحيت عورت اڳواڻ نظر اچن ٿيون، انهن جي سياسي تربيت ۽ حوصلا افزائي ۾ رسول بخش پليجي جو ڪردار نمايان رهيو آهي. عورتن کي قومي ۽ سياسي جدوجهد جو برابر حصيدار بڻائڻ سندس روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو زنده ثبوت آهي.

سنڌي صحافت سان پڻ سندس تعلق احترام ۽ شفقت وارو رهيو. روزاني عوامي آواز سان سندس رويو هميشه اتساهيندڙ ۽ حوصلا افزا رهيو. هو صحافت کي سماج جي رهنمائي ڪندڙ قوت سمجهندو هو. ان حوالي سان اها ڳالهه به وڏي اهميت رکي ٿي ته رسول بخش پليجي پنهنجي زندگيءَ جو آخري انٽرويو شعوري طور روزاني عوامي آواز کي ڏنو.  سال ۲۰۱۸ ۾ شديد علالت باوجود اسپتال مان ڪجهه دير لاءِ نڪري عوامي آواز  جي آفيس ۾ پاڻ آيو ۽ چيائين ته ”مان وڃڻ وارو آهيان سو خواهش هئي ته عوامي آواز اخبار کي انٽرويو ڏيان ان انٽرويو جو ڪجهه حصو يادگيري طور پاڻ ڪالهه ۶ جون واري اخبار ۾ فرنٽ پيج تي شايع ڪيو هو. اهو عوامي آواز لاءِ يقينن اعزاز آهي ته قائد انقلاب ۽ مفڪر سياستدان رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي زندگي جو آخري انٽرويو عوامي آواز کي پنهنجي زندگي جو آخري انٽرويو عوامي آواز اخبار سان سندس جذباتي وابستگي کي ظاهر ڪري ٿو.

رسول بخش پليجو صاحب جسماني طور اڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس فڪر، ڪتاب، جدوجهد ۽ تربيت يافته ڪارڪن اڄ به سندس موجودگيءَ جو احساس ڏيارين ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو هڪ اهڙي روشن مينار طور هميشه ياد رکيو ويندو، جنهن ڪيترن ئي نسلن کي علم، شعور، مزاحمت ۽ انسان دوستي جو رستو ڏيکاريو. سندس زندگي يقيناً ايندڙ نسلن لاءِ فڪر، جدوجهد ۽ خدمت جو هڪ لازوال مثال آهي.

 

ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل


 

رسول بخش پليجو

اڄ گهرجين تون بڊاماڻي پنرا

ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو

لطيف سائين جي ھن  مٿئين سٽ کي پاڻ قائد انقلاب رسول بخش پليجي صاحب کي منسوب ڪريون ٿا.

اڄ اسان جي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي آھي. جنھن پنھنجي سموري حياتي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ گذاري، اڄ سندس ورسي جو جلسو به سنڌ دشمن منصوبن خلاف هڪ زبردست ملڪ گير ريفرينڊم ثابت ٿيندو.

پليجي صاحب جو جنم ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ هاڻوڪي ضلعي ٺٽي، جنگشاهي جنڪشن جي ويجھو منگر خان پليجو ڳوٺ ۾ ٿيو، سنڌ جي تاريخ جا ورق ڏسندي معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جھڙي سماج ۾ گھڻو ڪري اڳواڻي مٿئين طبقي جي اڳواڻن ڪئي آھي، ان سماج ۾ ھڪ پورهيت گھراڻي سان تعلق رکندڙ اڳواڻ، اڳواڻي به اھڙي جو ھميشه علم، عقل، ڏاھپ، سوچ، سمجھ، تاريخ ۽ سائنس جي جدلي اصول پٽاندر ھڪ اھڙي فڪري لائين جوڙي، جنھن ۾ تنظيم، علم، فڪر، جدوجھد ۽ سڀ کان وڌيڪ پيڙھيل طبقن کي تيار ڪري اڳواڻي جو مثال بڻايو، سنڌ ۾ ھڪ اھڙي سنڌ جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي جيڪا برابري جي بنياد تي ھوندي، سنڌي قوم خودمختيار ھوندي ۽ پنھنجي وسيلن تي پنھنجو اختيار هوندو پر وري دنيا جي سڀني مظلومن لاءِ پڻ جدوجھد ڪندي. مارڪس، لينن، اسٽالن، مائوزي تنگ جي لائين جي روشني ۾ رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي سماج پٽاندر اھڙو منفرد نظريو ڏنو ۽ ان تي جدوجھد ڪئي. فڪر ۽ تنظيم سازي ته ڪنھن ٻئي لکت ۾ اوھان پڙھندڙن سان ضرور ويچار ونڊبا.

رسول بخش پليجي صاحب جڏھن سنڌ جي سياسي لائين جوڙن جو وقت آيو ته صبح ٿيندو لکيو. جڏھن شيخ اياز سميت سنڌ جي اديبن تي مذھبي انتھا پسندن پاران فتوائون جاري ڪيون تڏھن پليجي صاحب انڌا اونڌا ويڄ لکيو، ورھاڱي کان پوءِ ڪميونسٽ اڳواڻي ڪئي تڏھن پليجي صاحب قوم کي مارڪس جي لائين واضع ڪري ڏني. مارڪس جي لائين کي سنڌي قوم جي ۽ قومن جي فڪري لائين طور پڌرو ۽ چٽو ڪيو. سنڌ جي تاريخ، سماج ۽ سياست تي ننڊ نه ڪجي ناکئا لکيو. جڏھن ادب جي اھميت ۽ فن تي ڳالهه آئي ته قومي انقلابي جدوجھد ۾ ادب ۽ فن جي اھميت ڪتاب لکيو.  پليجي صاحب جي لاءِ پاڻ جھڙا ھيرو ھيا جنھن تي مائوزي تنگ ۽ ھوچي منجھه جي آتم ڪھاڻي لکي. پنھنجي پيشي سان لاڳاپيل مطلب ھو جيڪو عمل ڪندو ھيو ان کي لکت جي صورت ۾ آڻيندو ھيو، نامياري وڪيل ھجڻ ڪري پسي ڳاڙھا گل ڪورٽ ڪھاڻيون لکيون. پاڻ جدوجھد جي ميدان ۾ جيل ۾ رھيو، معافي وٺڻ بدران ھُن لطيف کي پنھنجو رھبر ڪري اٽل ٿي بيھي رھيو .

پوءِ وري به پليجي صاحب ان ڏکيندڙ صورتحال ۾ ڪوٽ لکپت جو قيدي لکي سياسي ڪارڪن جي ذھن سازي ڪئي مطلب ھر وک وک تي لکت ڪبي ۽ حوصلا ڏبا. جڏھن ادب براءِ زندگي نه پر ادب ھڪ ذھني عياشي لاءِ ادب براءِ ادب لکيو ويو تڏھن ادب ڪھڙو ھئڻ گھرجي ان تي سندي ذات ھجن لکيو. ھن رياست جڏھن ڪنھن سان به جبر ڪيو تڏھن پليجو صاحب مظلوم جو ساٿاري ٿيو، جڏھن بنگال ۾ ناحق خون ريزي ڪئي وئي تاريخ ۾ پنھنجو فرض سمجھي رياست جي ظلم ۽ جبر کي وائکو ڪري جيڪي بنگال سان ٿيو لکيو. عالمي سياسي صورتحال تي ھر وقت نظر رکيائين ۽ ھميشه پنھنجي لائين ۽ ڳالهه عالمي صورتحال سان گڏ جوڙيائين ان سلسلي ۾ پليجي صاحب مختلف مضمون لکي ان جو مڪمل متن عالمي سياسي منظرنامو جھڙو بڪ لکيائين. جڏھن عالمي ڀڃ ڊاهه ٿي ھڪڙن مسجدن جا پاسا ورتا ٻين حڪومت جي ھنج سنڀالي پر پاڻ وري نئين حڪمت عملي سان جدوجھد ۾ آيا ۽ سنڌ جي تھذيب تمدن ۽ تاريخ سنڌوءَ درياءَ جي بچاءَ لاءِ سنڌ پاڻي ڪيس ۽ سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جھڙا بڪ لکيا ۽ جدوجھد ڪئي لانگ مارچ جي صورت

پليجي صاحب جا ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ به ٻيا مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن جيڪي وک وک تي اڳواڻي ڪن ٿا ۽ رھنمائي ڪن. رسول بخش پليجي صاحب جي تنظيم عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پڻ ھر وقت ميدان ۾ سنڌ مٿان مڙهيل ھر بري مصيبت کي ريڊار جيان نشانو ڪري ۽ ميدان ۾ ان مٿان اھڙو پر امن عوامي جھموري جدوجھد ڪري ميدان ماريو آھي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا