خليل الرحمان ڀٽو
پروفيسر اختر حسين شاد سومرو
سنڌ جي
ڀاڳ وند ڌرتي، جنهن جي ڪُک منجھان ڪيئي سورھيه، سپوت، جوڌا، دودا ۽ سخي سورھيه
پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان
اوچو ڪيو آهي. سورهن پنهنجي سورهيائيءَ جا جوهر ڏيکاريا، بي پهچ ماڻهن جي داد رسي ڪي،
هيڻائي جي ڌٻڻ مان ڪڍي سکائتو بنايو ۽ پنهنجي جوءِ جي رکوالي ڪئي، جو لُچ لُوفر، ٺوڳي
لنوائي گھمندا هئا. کين جرئت نه ٿيندي هئي ته سورھيه جي تَرَ ۾ کهاند ڪن.
سنڌ ڌرتيءَ
جو ٻيو گروھ اهو هو، جن سخاوت جي حوالي سان ٻارهو ئي پنهنجا در کولي ڇڏيا. جن ۾ ڄام
سَپڙ، ڄام جکرو، ڄام انڙُ ۽ راءِ ڏياچ مشهور آهن.
ڄام
سَپڙ:
ڄام
سَپڙ جي سخاوت جا ڪيئي قصا ڪهاڻيون جڳ مشهور آهن، ڄام سَپڙ در تي آيل منگتن کي
سندن گھرج کان گھڻو تڻو ڏيندو هو، جنهن جو کين وهم گمان به نه هوندو هو. ڄام سپڙ
ان ڪم لاءِ خاص ماڻهو مقرر ڪيا هئا، جيڪي درِ درِ وڃي ماڻهن جا ڏک سور ۽ تڪليفون پڇندا
هئا. ڪنهن به اهنجي ماڻهوءَ کي بي سهارو نه ڇڏيائين.
در آئي منڱڻي، ڏان سڀڪو ڏي،
سَپڙ سي ساري، جي جھوپڙين ۾ جھپڪيا. (شاھ)
ڪي اهڙا
به حاجت مند نياپا، سنيها موڪليندا هيا ۽ گھرج جو سودو سود يعني فلان. . . . . . شيءِ
گھرجي. فلان شيءِ موڪلي ڏيو. ڄام سَپڙ کين موڪلي ڏيندو هو.
چارڻ لڱو پنڌ گھڻُ، چوٽاڻيءَ چئيج،
هِتِ ڪين هلائيج، اتي آءُ نه اچڻو. (شاھ)
يعني
سَپڙُ اسان تنهنجي در تي عازرتا آهيون، اسان جون ڪي مجبوريون آهن، مِهر ڪر اسان کي
گھربل شيون ڏياري موڪل، کين پورو ڀروسو هوندو هيو ته ڄام سَپڙ اسان جي دانهن ڪوڪ
ورنائيندو. جنهن ڪيترائي حاجت مند فجر ويل سندس در تي بيهندا هيا، سَپڙ انهن
گھرجون پوريون ڪندو هيو.
اٿو ميراسي مڱڻا؛ سَپڙ سڏ ڪيا،
سَٻوجھن سُئا، اَٻوجھن کي آسرو. (شاھ)
ڄام
جکرو:
ڄام
جکرو وڏو هاڪاري سخي ٿي گذريو آهي، هو در تي ايندڙ هر ماڻهوءَ کي کاڌو کارائيندو
هو. سندس شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي اوطاقون ٺهيل هونديون هيون، جن جا آثار
هينئر به موجود آهن. جتي ماڻهو ماني به کائيندا هئا ته آرام به ڪندا هئا.
منھ مُني جکرو، تامائن تاري،
پڇي سي پاڙي، جي عاجز اجورن ۾.
***
جکري جھڙو پرس، نه پسان ڪو ٻيو،
وائي جنهن جي وات ۾، ڏيو ڙي ڏيو،
وڃي ڇونه ويهو، ان در مٿي مڱڻا. (شاھ)
ڄام
جکري جي سخا جي ڏيهان ڏيھ هاڪ هئي، رياستي حد ڪشائي هئي، ڪو اهڙو ماڻهو نه هيو، جنهن
جي ضرورت پوري نه ڪئي هجئين.
ڪوھ نه جھارئين جکرو، جنهن ڏيھ ڍيا ڏئي،
جي لُڏيا ٿي لينگھن ۾، سالن ۾ سيئي،
سمي سڀئي، طاماعو تار ڪيا. (شاھ)
جکرا جيئين شال، تنهجو مدو ڪنين مَ سُئان،
جيئن تو اچي ڪالھ، نالائق نوازيا. (شاھ)
ماءُ ڏاتار
ڄڻيندي نه آهي، ڏاتار دنيا اندر ورلي پيدا ٿيندا آهن، انهن لاءَ قدرت خاص مٽيءَ جو
پنوڙو ڳوهيندي آهي، جنهن مان سُورھيه ۽ سخي پيدا ٿيندا آهن.
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ڄام،
مٽي ان مڪان، اصل هئي ايتري. (شاھ)
ڄام انڙ
ڄام انڙ
وڏي رعب تاب وارو جوان هيو، چڱا خاشا ماڻهو سامهون به نه اچي سگھندا هيس، پر سخي
هئڻ ڪري ڪيترائي حاجت مند وٽس پيا ايندا ويندا هئا. هو منگتن کي به مان ڏيندو هيو.
انڙ ۾ آس گھڻي، تهان وڏيرو ڊپ،
اي مڱڻهار مپ، جو نه موٽائي منگتا. (شاھ)
سنڌي
تاريخ اٿلائبي ته ڪيئي سخي ڏاتار نروار ٿي ويندا. جيڪي پنهنجي سر جو سانگو نه ٿا ڪن.
جيئن راءِ ڏياچ پنهنجو سر به ڪپي ڏنو. جيڪو سخاوت جو ان وسرندڙ عمل آهي.
سوجي مڱڻهارا مَ هوءِ، جنهن تو مٿي سِرُ سٽو ڪيو،
جو مون مُل مور نه سپجي، تان سو گھريوءِ،
ته جُڳان جُڳ ڏٺو، ڏونگو ڏاتار جو. (شاھ)
جيئن وڏو
سخي، تيئن وڏي سَئن، راءِ ڏياچ، اهڙو سخي جنهن در تان مايوس موٽن اڻ ٿيڻي ڳالھ هئي،
ٻيجل سِرَ جي سَئِن هنئي ۽ راءِ ڏياچ سِرَ ڏيڻ جو وچن ڪيو، ڏياچ ثابت ڪيو ته سخاوت
هن ريت به ٿيندي آهي.
سنڌ
اندر اڄ به اهڙا سخي مرد موجود آهن، جيڪي اسان جي اکين کان اوجھل هوندي به
خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. جن وٽ ڏيکاءَ جو نظريو ناهي. لڪ چپ ۾ ڦٽن تي
مرهم رکن ٿا. ذات پات ۽ مذهب کان مٿاهون ٿي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن. جيڪي سائلن کي
پنهنجي وات جو گرهن به ڪڍي ڏين ٿا.
اهڙن
ئي ناياب گوهرن منجهان پروفيسر خليل الرحمان ڀٽو به هڪ آهي، جنهن قمبر لڳ ڇڄڙا ڳوٺ
۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد مئٽرڪ ۱۹۷۱ع، انٽر ۱۹۷۳ع، بي ايس سي ۱۹۷۶ع ۽ ايم ايس سي ۱۹۸۱ع ۾
پاس ڪري، ۱۹۸۲ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج
نصيرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. مختلف ڪاليجن ۾ ڊيوٽي ڪندي آخر ۾ گورنمنٽ شاھ لطيف ڊگري
ڪاليج مان رٽائر ٿيو.
خليل
الرحمان ڀٽو جي رت ۾ عام ڀلائي وارو جذبو شامل هيو، جيئن سامايو، سرجيو ۽ منجهس
سماجي سُرت سجاڳ ٿي ته هو ماڻهن جي تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو. کيس اهو ولولو پيدا ٿيو
جيڪر منجھيل ماڻهن سان سهڪار ڪريان، ان ڏس ۾ پروفيسر منظور علي ڇڄڙو ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ ماروئڙا اتحاد جي جماعت جي شاخ قائم ڪئي، جنهن جو خليل الرحمان ڀٽو
سرگرم ممبر ٿيو. خليل الرحمان ۾ اهي گڻ ته اڳ ئي موجود هئا، ويتر جماعت ۾ شموليت
بعد سندس اهي خصلتون اڃان وڌيڪ عيان ٿيون. ڳوٺ جي بنيادي مسئلن جھڙوڪ: روڊن، رستن،
بجلي ۽ اسڪول کان وٺي تمام معاملن تي ڪم ڪيائون ۽ سوڀ حاصل ڪيائون. لاٽ ٻرندي رهي
جدوجھد ۾ دلي لڳاءُ پيدا ٿيندو رهيس. جنهن سبب پاڻ شاگردي واري زماني يعني ۱۹۷۳ع کان ڪاليج ۾ پير پائڻ بعد سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ ۾ شامل ٿيو ۽ هڪ جاکوڙي ڪردار
ثابت ٿيو، اهڙي گھري دلچسپي جي بنياد تي نصيرآباد ڪاليج ۾ سپاف يونٽ جو صدر چونڊيو
ويو، منجھس سماجي جدوجھد سان گڏ سياسي شعور جنم ورتو، سپاف مان مڃتا ماڻي سياسي، سماجي
تنظيمن مان لاڀ حاصل ڪيائين. جڏهن ليڪچرار مقرر ٿيو ته کيس سپلا جو بهترين ميدان
مليو، جنهن ڪري هن جي جذبن ۾ جوش ۽ ولولو جوان ٿي پيو، هڪ نئين سر سگھ جنم ورتو. ڄڻ
ڪا وڃايل شيءِ ملي ويئي هجي، هن سپلا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ميڙي سيڙي استعمال ڪيو. هو
سموري سنڌ ۾ سچائي ۽ ڪم سان سڃاتو ويو، سپلا سان لاڳاپيل هر ماڻهو خليل الرحمان
سان دوستيءَ جي دعوى ڪرڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي سپلا ۽ دوستيءَ کي گڏ کڻي هليو، توڙي
جو رٽائر ٿيو آهي. تنهن هوندي به ٻنهي سان نڀاءَ وارو سلسلو قائم رکيون اچي ٿو. دوستن
سان ملاقاتون ڪندو رهي ٿو. سڀني دوستن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ وارو عمل واکاڻ جوڳو
آهي. هو هر سال پنجويھ ڊسمبر تي ميڙاڪو ڪوٺائي دوستن کي گڏ ڪري گڏجي ماني کارائڻ
جو بندوبست ڪندو آهي. سندس سخاوت جو هي نرالو انداز سنڌ اندر سٺو سنوڻ ليکيو وڃي ٿو.
هو سمورن دوستن، مٽن، مائٽن، ڏٺلن، اڻ ڏٺلن، مسلم ۽ غير مسلم جي بنا فرق جي خدمت ڪري
ٿو.
نبي ڪريم
ﷺ فرمايو آهي ته مهمان کان اهو نه پڇو ته ڇا کائيندو؟ توهان دسترخوان کي ڪشادو رکو
مهمان جي مرضي آهي، جھڙو به طعام کائي.
ان ڏس
۾خليل الرحمان ڀٽو دعوت ۾ ماڻهن لاءِ طرحين طرحين طعامن جو اهتمام ڪندو آهي، جتي
مهمان پنهنجي پسند جو کا دو کائي سگھي ٿو. منهنجي بدقسمتي اها آهي ته سندس ڪاڄ ۾
شامل نه ٿي سگھيو آهيان. پر خليل جو عمل تعريف جوڳو آهي.
جيئن وڻ
کي ڇانگ ڪبي آهي ته، اهو وڻ ٻيڻ ٽيڻ تي سائو به ٿيندو آهي ۽ ميوو به جھجھو ڏيندو
آهي. ان کان ڏهوڻ موٽ ملندي آهي. اهڙيءَ طرح دل جي ڪشادگيءَ سبب الله تعلى خليل
الرحمان ڀٽو کي به بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي، هو جيڪڏهن مٽيءَ ۾ به هٿ وجھندو
آهي ته اها سون ٿي پوندي آهي.
خليل
الرحمان ڀٽو جي شخصيت جا انيڪ رُخَ آهن منهنجون ٻه ٽي سٽون سندس شخصيت جو حق ادا
نه ٿيون ڪري سگھن، مٿس جامع طريقي سان لکڻ جي ضرورت آهي، منهنجي کيس صلاح آهي
پنهنجي آتم ڪٿا تي قلم کڻي، ڇاڪاڻ جو اهڙيون شخصيتون تاريخ آهن، تنهن ڪري هو تاريخ
کي اجاگر ڪن. جيئن اسان جا پونيئر ڳاٽ اوچو ڪن ۽ سبق حاصل ڪن. الله تعلى خليل
الرحمان ڀٽو کي هر سڄُو جو ڏئي ۽ خلق خدمت ڪري.
(اختر
شاد سومرو جي فيسبڪ پوسٽ ۲۸ جون ۲۰۲۶ع)
No comments:
راءِ ڏيندا