; سنڌي شخصيتون: خليل الرحمان ڀٽو، پروفيسر اختر حسين شاد سومرو،
Showing posts with label خليل الرحمان ڀٽو، پروفيسر اختر حسين شاد سومرو،. Show all posts
Showing posts with label خليل الرحمان ڀٽو، پروفيسر اختر حسين شاد سومرو،. Show all posts

28 June, 2026

خليل الرحمان ڀٽو

خليل الرحمان ڀٽو

پروفيسر اختر حسين شاد سومرو


سنڌ جي ڀاڳ وند ڌرتي، جنهن جي ڪُک منجھان ڪيئي سورھيه، سپوت، جوڌا، دودا ۽ سخي سورھيه پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو آهي. سورهن پنهنجي سورهيائيءَ جا جوهر ڏيکاريا، بي پهچ ماڻهن جي داد رسي ڪي، هيڻائي جي ڌٻڻ مان ڪڍي سکائتو بنايو ۽ پنهنجي جوءِ جي رکوالي ڪئي، جو لُچ لُوفر، ٺوڳي لنوائي گھمندا هئا. کين جرئت نه ٿيندي هئي ته سورھيه جي تَرَ ۾ کهاند ڪن.

سنڌ ڌرتيءَ جو ٻيو گروھ اهو هو، جن سخاوت جي حوالي سان ٻارهو ئي پنهنجا در کولي ڇڏيا. جن ۾ ڄام سَپڙ، ڄام جکرو، ڄام انڙُ ۽ راءِ ڏياچ مشهور آهن.