انجنيئر محمد اوڀايو خشڪ
ذوالفقار علي ڀٽي
انجنيئر
محمد اوڀايو خشڪ سنڌ جي نامياري پاڻي ماهر، ليکڪ، محقق ۽ سماجي شعور رکندڙ شخصيتن
مان هڪ هو، جنهن سنڌو درياھ، پاڻيءَ جي حقن ۽ قومي مسئلن تي اهم علمي ۽ تحقيقي ڪم
ڪيو. هن ۲ سيپٽمبر ۱۹۴۹ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گهر ۾ جنم
ورتو.
ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن ۱۹۶۵ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو مان ميٽرڪ ۽ ۱۹۶۷ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيئيٽ پاس ڪئي. بعد ۾ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو (هاڻوڪي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي) مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين.
شاگرديءَ
واري دور ۾ هو سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن سان لاڳاپيل رهيو ۽ تنظيم جو سينيئر
وائيس چيئرمين توڙي ۱۹۷۱ع ۾
چيئرمين پڻ رهيو. عملي زندگيءَ جي شروعات هن ۱۹۷۲ع کان آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر طور ڪئي، جتان مختلف عهدن تي خدمتون
سرانجام ڏيندي پهرين سيپٽمبر ۲۰۰۹ع تي
پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو.
رٽائرمينٽ
کان پوءِ هن باقاعدي علمي ۽ تحقيقي لکڻين ڏانهن توجھ ڏني. سندس ڪتابن ۾ ”گوندر گس
پرين جو“، ”چيتاري چيام“، ”سنڌ پنجاب پاڻي مامرو“، ”سنڌوءَ جو رستو نه روڪيو“،
”اميد خواب جي جاڳ“، Hydro
Politics in Pakistan، ”ڀاشا ڊيم، سنڌ لاءِ ترياق يا زهر“، ”دريائے
سندھ کو بچاؤ“، ”سنڌ ۾ عرب“، ”جيڪي پڙهيم“ ۽ ”ڪالاباغ ڊيم
کان چولستان ڪئنال تائين“ شامل آهن.
محمد
اوڀايو خشڪ پاڻيءَ جي معاملن، سنڌو درياھ، سنڌو ڊيلٽا، ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي
پاڻيءَ جي حقن بابت پنهنجي فني ڄاڻ کي عام فهم انداز ۾ پيش ڪيو. سندس مضمون ۽
مقالا مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا، جن وسيلي هن عوام، شاگردن،
صحافين ۽ پاليسي ساز ادارن کي پاڻيءَ جي مسئلن بابت آگاهي ڏني.
ٺٽي
شهر ۾ سندس قائم ڪيل ذاتي لائبريري ”مخدوم معين“ علمي حلقن لاءِ اهم مرڪز طور
سڃاتي وڃي ٿي، جتي مختلف موضوعن تي ناياب ڪتاب موجود آهن.
سنڌ جو
هي ناميارو محقق، انجنيئر ۽ دانشور ڪالھ ۵ جون ۲۰۲۶ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال
۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ سچي فڪر رکندڙ دانشور، پاڻي ماهر ۽ سنڌو
درياهه جي محافظ کان محروم ٿي وئي آهي. سندس علمي خدمتون، ڪتاب ۽ تحقيقي پورهيت
هميشه ياد رکيا ويندا.
الله
پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.
انجنيئر محمد اوڀايو خشڪ
لاڏاڻو ڪري ويو
نياز پنھور
سنڌ جي
پاڻي جي حقن، درياهي نظام ۽ هائيڊرو پوليٽڪس (پاڻي جي سياست) تي گهري نظر رکندڙ
ناميارو پاڻي جو ماهر، سول انجنيئر ۽ محقق ليکڪ انجنيئر محمد اوڀايو خشڪ لاڏاڻو
ڪري ويو آهي. هو سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ سپرينٽينڊنٽ انجنيئر (ايس اي) جي اعليٰ عهدي
تان ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ به، آخري ساهه تائين سنڌ جي بقا ۽ پاڻي جي اڻ برابري واري
ورڇ خلاف علمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ اڳڀرو رهيو.
سندن
علمي، پيشيورانه ۽ تحقيقي خدمتن تي هڪ نظر:
۱. پاڻي جي حقن ۽ ڊيلٽا لاءِ
تاريخي جاکوڙ
🔹سنڌ جي
پاڻي جو ڪيس: مرحوم محمد اوڀايو خشڪ ملڪ ۾ پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ تي مستقل ۽
سائنسي بنيادن تي آواز اٿاريو. هن هميشه بين الاقوامي واٽر لا (پاڻي جي قانونن) ۽ ۱۹۹۱ع جي معاهدي تحت سنڌ جي جائز حصي جي علمي وڪالت ڪئي.
🔹ڊيلٽا
۽ ماحولياتي خدشا: هو سنڌو نديءَ جي آخري ڇوڙ (لوئر سنڌ) ۽ ڊيلٽا جي ماحولياتي
تباهي، زمين دوز مٺي پاڻي جي ذخيرن (Aquifers) جي کوٽ
۽ سمنڊ جي چاڙهه (Seawater Intrusion) سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ واري معاملي تي سدائين فڪرمند رهيو ۽ ان تي
آواز اٿاريندو رهيو.
۲. ڪي بي فيڊر ۽ سنڌ بئراج تي
سائنسي ۽ جرئتمندانه موقف
ڪي بي
فيڊر جي لائيننگ جو معاملو: لوئر سنڌ جي ماحولياتي تحفظ لاءِ هن اها سائنسي راءِ
ڏني ته ڪي بي فيڊر کي ڪنڪريٽ سان پڪو ڪرڻ سبب زمين دوز مٺي پاڻي جا ذخيرا ريچارج
ٿيڻ کان محروم ٿي ويندا. سندس موقف هو ته سنڌو نديءَ جي نظام ۾ اهڙا غير پڪا ڪينال ماحولياتي توازن برقرار رکڻ لاءِ لازمي
آهن.
سيو لڙ
الائينس (Save Larr Alliance) :ٺٽي ويجهو تجويز ڪيل "سنڌ بئراج" منصوبي جي نقصانن کان آگاهي ڏيڻ
لاءِ مقامي آبادي ۽ ٻين ماهرن سان ملي هن فورم جو بنياد وڌو ۽ ان جو ڪنوينر رهيو.
سندس واضح دليل هو ته نوان بئراج اڏڻ بدران سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ جو واحد حل
ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ (Downstream) سنڌ جي
جائز حصي جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ آهي.
۳. تصنيفون ۽ تحقيقي پورهيو (علمي
ورثو)
مرحوم
محمد اوڀايو خشڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ درياهن جي نظام ۽ ڊيمن جي معاملي تي ڪيئي اهم ڪتاب
لکيا، جن کي سنڌ جي پاڻي واري ڪيس ۾ دستاويزي حيثيت حاصل رهندي:
🔹ڪالاباغ
ڊيم کان چولستان ڪينال تائين (پاڻي تحريڪ)
🔹سنڌ
پنجاب پاڻي معاملو
🔹ڀاشا
ڊيم (سنڌ لاءِ ترياق يا زهر)
🔹قاسم
پٿر: شخصيت ۽ خدمتون (۲۰۱۳ع): پاڻي
جي موضوعن کان هٽي ڪري، هي ڪتاب سندس تاريخي ۽ سماجي شخصيتن تي لکڻ جي گهڻ پاسائتي
پسند ذوق جو ثبوت آهي.
🔹اردو
ترجمو "دریائے سندھ کو بچاؤ": سندس تحقيقي مقدمن تي ٻڌل ڪتاب جو اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو (فڪشن هائوس
پاران پبلش ٿيل)، ته جيئن سنڌ جي پاڻي جو آواز قومي سطح تائين پهچي سگهي.
۴. ميڊيا ايمپيڪٽ ۽ قومي خدمتون
هو
پاڻي جي بحران ۽ ماحولياتي تبديلين تي ملڪ جي معتبر اخبارن (جهڙوڪ 'ڊان' - Dawn)، سنڌي
اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي مستقل طور پنهنجي ماهرانه راءِ ۽ تجزيا پيش ڪندو رهندو
هو. سندس لاڏاڻي سان سنڌ اڄ پاڻي جي معاملن تي هڪ وڏي رهبر ۽ سچي پٽ کان محروم ٿي
وئي آهي، پر سندس لکيل ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه بڻيل رهندا.
انجنيئر اوڀايو خان خشڪ
ورلڊ سنڌي ڪانگريس
ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃان ٿو جِيئين، هاءِ ڙي جِيئڙا!!
انتهائي
ڏک ۽ افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر، نامياري پاڻي ماهر،
ليکڪ، محقق ۽ سنڌو درياهه جي سچي سپاهي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو دوستَ انجنيئر
اوڀايو خان خشڪ اڄ 5 جون ۲۰۲۶ع تي
ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
إِنَّا
لِلَّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ
انجنيئر
اوڀايو خان خشڪ انهن ٿورڙن ماهرن مان هو، جن پاڻي جي مسئلن کي رڳو انجنيئرنگ جي
نقطهءِ نظر سان نه، پر سماجي، اقتصادي، ماحولياتي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ سمجهي، ان تي
نه فقط ڳالهايو پر وڏي ذميواريءَ سان قلمبند پڻ ڪيو. هن سنڌو درياهه جي وهڪرن،
پاڻي جي ورڇ، آبپاشي نظام، زيرزمين پاڻي، سنڌو ڊيلٽا جي تباهي، سمنڊ جي چاڙهه ۽
آبهوا جي تبديليءَ جي اثرن تي گهري تحقيق ڪئي.
پاڻي
جي وسيلن، هائيڊرو پوليٽڪس، سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن بابت سندس ڪيترائي
ڪتاب علمي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سندس مشهور ڪتاب *“Hydro
Politics in Pakistan”* علمي حلقن ۾ وڏي موٽ
ماڻي، جنهن ۾ هن پاڻيءَ تي ٿيندڙ سياست ۽ سنڌ کي درپيش خطرن جو تفصيلي جائزو پيش
ڪيو.
انجنيئر
اوڀايو خشڪ پنهنجي فني ڄاڻ کي عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪري انجنيئرن، پاليسي ساز
ادارن، شاگردن، استادن، صحافين ۽ سول سوسائٽي کي پاڻيءَ جي مسئلن بابت آگاهي ڏني.
ڪالاباغ ڊيم ۽ غيرمنصفاڻي ڪينالن خلاف سندس جدوجهد سدائين ياد رکي ويندي.
پاڻ
ڇنڇر، ۱۴ مارچ ۲۰۲۶ع تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ويبنار:
“Indus
in Peril: Defending the Lifeline of Sindh”
جي اهم
مقررن مان پڻ هئا، جتي هن سنڌو درياهه ۽ سنڌو ڊيلٽا کي درپيش خطرن بابت انتهائي
مدلل خيال پيش ڪيا. سندس هٿ اکر لکيل تعارف جو عڪس ڏيون ٿا.
جڳ جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي،
هو راول، روڳي، رت روئي لَڪ چڙهيا.
سنڌ جي
پاڻيءَ جي مسئلي، سنڌو درياهه ۽ سنڌو ڊيلٽا جي بقا لاءِ سندس جدوجهد کي هميشه
احترام سان ياد رکيو ويندو. سچ ته اڄ سنڌ پنهنجي هڪ سچي سپاهي، محقق، دانشور ۽
عاشقِ سنڌ کان محروم ٿي وئي آهي، پر سندس ڪتاب، تحقيقي مقالا، تقريرون ۽ فڪري ورثو
ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو اهم ذريعو رهندو.
اسان
انجنيئر اوڀايو خان خشڪ جي وڇوڙي تي سندس پونئرن، دوستن، ساٿين، شاگردن ۽ سڄي سنڌ
سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.
ورلڊ
سنڌي ڪانگريس
انجنيئر اوڀايو خشڪ
جوڳي جيڪس ويا جبروت
عبدالستار بلوچ
انجنيئر
اوڀائي خشڪ به رباني راھ ورتي... بس دنيا دم گذر جو ماڳ.
هي
دُنيا به قدرت جو عجيب ڪارخانو آهي. انسان ڄمي، کائي، پيئي، وڌي ويجھي، ڏک ڏاکڙا
سهي، پنهنجن ۽ پراون جا بدلجندڙ رويا محسوس ڪري، هڪ ڀرپور زندگي گذاري، جڏهن واپس
وري ٿو ته اھو سڄو لقاءُ هڪ اک ڇنڀ جي کيڏ مثل لڳي ٿو.خودغرضي جي خول ۾ ويڙهيل
ماڻهو ته ايئن ٿو جتائي ڄڻ هُو 'فاتحين عالم' جو جوڙجيس آهي، جنهن هڪ ئي حياتي ۾
دُنيا جو رنگ ڏسي ڇڏيو آهي. ان جي ابتڙ هڪ حساس ۽ خوددار ماڻهو، حياتيءَ جا هڙئي
رنگ پسَڻ کانپوءِ به دُنيا جي بي ثباتي جو قائل هجي ٿو ۽ سندس خواهش انهي مختصر
حياتيءَ کي سڦل بڻائڻ لاءِ لاڳيتي جاکوڙ ۽ جستجو ۾ گذري ٿي. ماڻهن جي اڪثريت
خودغرض آهي ۽ خودداري وارو جذبو رکندڙ اقليت ۾ هجن ٿا، ۽ اهو دستور قانون فطرت آهي
جيڪو روز ازل کان جاري و ساري آهي. پر، ان باوجود آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهي اقليتي
ڌُر وارا ماڻهو پنهنجي سموري زندگي جنهن سڦلتا ۽ مان مريادا سان گهاري موڪلاڻي ڪن
ٿا، ته سچ پچ رشڪ اچيو وڃي.
انجنيئر
اوڀايو خشڪ ڪو جدي پشتي رئيس ڪونه ھو ۽ نه ئي وري کيس ورثي ۾ ڪاغذ ڪتاب مليا هئا.
هن شهر جي دز ۽ ڌوڙ کان پري `درويش` ڳوٺ جي هڪ پورهيت عرس خشڪ جي گهر ۾ جنم ورتو
ھو. تعليم رواجي طريقي موجب ورتي هيائين. ڪو اتاليق يا اضافي استاد ڪونه هئس.
پرائمري ۾ پنج رپيا ماهوار وظيفي تي پڙهيو. ٺٽي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان
سيڪنڊري ۽ حيدرآباد جي ڦليلي واري گورنمينٽ ڪاليج مان انٽر ڪيائين. جتان پوءِ
انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا مليس ۽ اتان سوِل انجنيئر ٿي نڪتو. حيدرآباد ۾ پڙهائي
دوران ۴ مارچ ۱۹۶7ع وارو مشهور واقعو پيش آيو، جنهن سندس زندگي ۽ خيالن ۾ وڏي تبديلي آندي ۽
هن سياسي شعور ڏانهن وک وڌائي. ان کانپوءِ سنڌ سان جيڪو سندس پريم جو پيچ پيو سو
مرڻ گهڙي تائين برقرار رهيو. سياست ۾ سنڌ دوستي ۽ هڪ آبپاشي انجنيئر ناتي درياء
بادشاھ سان دوستي هن توڙ نڀائي. پڇاڙڪن سالن ۾ لکڻ جو شوق جاڳيس ته نه رڳو قلم
وسيلي ڪئين ڪالم ڪارا ڪيائين، پر مختصر مدت ۾ اسانکي ڏھاڪو ڪتاب به ڏئي ويو. اها
آهي هڪ سڦل زندگي. بقول ڀٽائيءَ..
جان جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي.
اوڀائي
صاحب جي قلم جو اهم موضوعَ سنڌ ۽ سنڌوءَ رهيا. مٿس عبدالواحد آريسر ۽ قاسم پٿر جو
وڏو اثر هو، جيڪي املھ انسان پڇاڙي تائين سنڌ سان سلهاڙيل رهيا هئا. سندس پهريون
ڪتاب به قاسم پٿر جي شخصيت تي سهيڙيل هو، `گوندر گس پرينءَ جو`. پوء هن `چيتاري
چيام` جي نالي سان پنهنجي آتم ڪٿا لکي، پر اُن ۾ ڪئين شيون لکڻ کان رهجي ويون،
جهنجو اظهار هن روبرو ۽ فون وسيلي ڪئين ڀيرا ڪيو هو. ٻين ڪتابن ۾ `سنڌ پنجاب پاڻي
مامرو`، `سنڌوءَ جو رستو نه روڪيو`، `ڀاشا ڊيم سنڌ لاء ترياق يا زهر`، `ڪالا باغ
ڊيم کان چولستان ڊيم تائين`، `اميد خواب جي جاڳ`، `جيڪي پڙهيم` ۽ `سنڌ ۾ عرب` شامل
آهن. انگريزيءَ ۾ `ھائڊرو پاليٽڪس ان پاڪستان` سندس شاهڪار ڪتاب آهي. ان کانسواءِ
اردو ۾ فڪشن هائوس پاران `دریائے سندھ کو بچاؤ` جي نالي سان پڻ ڪتاب ڇپيل آهي.
مُونکي
فخر آهي ته هڪ کي ڇڏي باقي سندس سمورا ڪتاب منهنجي نظر ثاني هيٺ گذريا. پاڻ جيڪي به
لکندو هو اُهو شروعاتي ڪمپوز ٿيل مواد کان وٺي آخري پروف ۽ ويندي ڊمي تائين مون
ڏانهن امانيندو هو. انگريزيءَ ڪتاب تي ته گڏجي ويهي وڏي محنت ڪئيسين. اصل ۾ اوڀائي
صاحب کي لکڻ ڏانهن رغبت ڏياريندڙ اسانجو گڏيل دوست ناليرو محقَّقَ ڊاڪٽر محمد علي
مانجهيءَ هو. مانجهيءَ صاحب جي معرفت ئي منهجو اوڀائي صاحب سان مکاميلو ٿيو، ۽ اها
شناسائي آخري گهڙي تائين مضبوط رهي. وفات کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ فون ڪري پنهنجي نئين
ايندڙ ڪتاب بابت ڳالهيون ڪيائين ۽ آچر تي (اڄ) روبرو ڪچهريء جو پروگرام به فائنل
ڪيوسون. پر.....
جوڳي جيڪس ويا جبرُوت،
ماء ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾
انجنيئر
اوڀايو خشڪ هڪ زنده دل، سٻاجهڙو ۽ سادي مزاج جو ماڻهو هو. سماجي وهنوار ۾ سندس هلت
چلت جو اندازو ان ڏيک مان لڳائي سگهجي ٿو جڏهن آخري سفر لاءِ سندس جنازو کنيو ويو.
ماڻهن جو هڪ اڻکٽ هجوم هو، جيڪي آخري ڀيرو سندس سلام ڀرڻ لاءِ آيل هئا. نه رڳو ٺٽي
۾ جنازي نماز جي ادائگيءَ تائين، پر پير پٺي جي تاريخي مقام ۾ تدفين جي پڇاڙيءَ
تائين ماڻهن جا انبوھ هئا. اهو ساڻس محبت جو اظهار ۽ سندس سڦل زندگيءِ کي ڀيٽا هئي.
سچ پچ ته بصارت ۽ بصيرت ساڻ کيس پير پٺي پاسي دفنائڻ کانپوءِ به اڃا تائين يقين نٿو اچي ته اسانجو بزرگ دوست واقعي وڇوڙو ڏئي ويو آهي. حقيقتون اکين سان پسڻ باوجود ويساھ نه ڪرڻ ڪا انڌپائي نه پر اوچتو شاڪ هجي ٿو، جيڪو اڄ انجنيئر اوڀايو خشڪ اسان سَڀني کي ڏئي راھ رباني روانو ٿي ويو. رب پاڪ کيس جوار رحمت ۾ مٿڀرو مقام عطا فرمائي.
No comments:
راءِ ڏيندا