; سنڌي شخصيتون: شھيد محترمه بينظير ڀٽو - ۳

22 June, 2026

شھيد محترمه بينظير ڀٽو - ۳

بينظير هميشه زندهه رهندي

ڊاڪٽر مدد علي شاھ



قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل کان پو۽ هن ملڪ جي غريب عوام کي پنهنجن حقن بابت شعور ڏيندڙ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جهڙو پليٽ فارم مهيا ڪندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏينهن آهي.

شهيد راڻي تاريخ ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڄائي. قائد عوام ۽ مادرجمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي پهرين اولاد آهي. مٿس سندس پڦيءَ جو نالو بينظير رکيو ويو. ڀٽو خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکڻ جو قديم رواج آهي. جيئن ته محترمه پيدائشي طور تمام خوبصورت ۽ گلابي چهري جي مالڪ هئي تنهن ڪري پيار مان ڀٽو صاحب کيس ”پنڪي“ سڏيندو هيو. محترمه جڏهن اڃا ٽن ورهين جي هئي ته کيس ”ليڊي جيننگس نرسري اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويو. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي سڀ کان بهتر اسڪول“ دي ڪانوينٽ آف جيزس اينڊ ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم انگريزي ٻولي ۾ هئي. اهو ئي سبب هيو جو سندن گهر ۾ انگريزي ٻولي هلندي هئي. هن اسڪول ۾ آئرش ماسترياڻيون پڙهائينديون هيون. ٻئي طرف باقائدي مولوي اسلامي ۽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ رکيل هيو. پاڻ جڏهن چئن سالن جي هئي ته سندس والد اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي هئي ته ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. والده ڀٽو صاحب سان پرڏيهه ويندي کيس چوندي هئي ته ”تون ٻين ٻارن جو خيال رکجانءِ ڇاڪاڻ ته تون وڏي آهين“ ائين ننڍپڻ کان محترمه ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلي جي قوت جنم ورتو. محترمه ڏهن سالن جي ٿي تڏهن کيس ڪوهه مري هل اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پهريون ڀيرو کيس پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. جهڙوڪ وهنجڻ لاءِ ٻاهران نل مان پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سندس والد جو اسڪول جي انتظاميا کي حڪم هيو ته منهنجي ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر سمجهو.


قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد محترم والد سان ريل گاڏيءَ ۾ لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا هجوم پهتا. هنن ”فخر ايشيا زنده باد“ جا نعرا هنيا. اهڙيءَ طرح محترمه کي پنهنجي والد جي صحبت ۾ سياسي جهيڙن جهڳڙن، تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي هئي. ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو تڏهن محترمه اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ ۷۰ ڪلفٽن تي قائم پيپلز پارٽي جي دفتر تي ميمبر شپ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون قطارون لڳل ڏٺيون وري ۱۹۶۸ع ۾ سندس والد کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت گرفتار ڪيو تڏهن محترمه بينظير جي تعليمي زندگيءَ جو ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته کيس گذريل ٽن سالن جي پڙهائيءَ سميت او ليول امتحانن ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾ داخلا جي امتحان جي پڻ تياري ڪرڻي هئي. ۲۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي ساهيوال جيل مان ڀٽو صاحب پنهنجي ذهين ڌيءَ کي خط لکيو ”مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي جيڪي مون ارڙهن ورهين ۾ ڏنا هيا، ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙي ۱۸ سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزيتنگ، هوچي منھه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. هوءَ پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدتر کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري ( صدر پاڪستان) جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي. جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقليءَ جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿئي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ۽ ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي رت جي رشتن اندر نظر اچي ٿو. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي.

محترمه جو جنم ته هڪ دفعو ۲۱ جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگھه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاءِ جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان گڏ هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. هيءُ گُل ته ۲۷ ڊسمبر تي وکرجي ويو هو، ڳاڙهيون پتيون وکري ويون، سڄو چمن اجڙي ويو هو، سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو اڄ به زنده آهي ۽ آزاد آهي. خوشبوءَ کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي، اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

بينظير ڀٽو

جمهوريت جي مارئي

فقير محمد سنڌي

سُوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،

وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي. (شاھ)

سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سياسي شعور ۾ ڪجھ اهڙا نالا آهن جيڪي وقت جي وهڪري سان مٽجڻ بدران وڌيڪ روشن ٿيندا وڃن ٿا. محترمه بينظير ڀٽو به اهڙن ئي ڪردارن مان هڪ آهي. هوءَ رڳو پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم نه هئي پر جمهوريت، مزاحمت، عوامي حقن ۽ سياسي قربانيءَ جي هڪ علامت بڻيل ڪردار رهي.سياسي زندگيءَ جو سفر ڏکن، جيلن، جلاوطني، سازشن ۽ قربانين سان ڀريل آهي پر هن پنهنجي جدوجهد جو رستو نه مٽايو.

سنڌ جي عوامي شاعر سرويچ سجاولي بينظير ڀٽو کي خراجِ تحسين پيش ڪندي لکي ٿو:

"جمهوريت لاءِ جيڪي وڙهندا، تن جي آهين تون اڳواڻ،

صدين تائين جيئري هوندينءَ، سالارن جي تون سرواڻ،

تنهنجو نانءُ وٺڻ سان وسرن، ويس وڳا ۽ کاڌا کيڻ،

جس هجئي او مارئي ٻاگهي، جس هجئي او جوڌي ڀيڻ."

هي شعر بينظير ڀٽو جي سڄي سياسي شخصيت جو نچوڙ آهي. هوءَ واقعي به جمهوريت جي ڪاروان جي اڳواڻ هئي جنهن پنهنجي جان به انهيءَ راهه ۾ قربان ڪئي.

بينظير ڀٽو ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي.والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي مشهور سياسي اڳواڻن مان هو. بينظير هارورڊ يونيورسٽي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جهڙن عالمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي. هن لاءِ دنيا جي اعليٰ زندگيءَ جا سڀ در کليل هئا پر هن پنهنجي قوم جي خدمت جو رستو اختيار ڪيو.

جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا (۱۹۷۷ع) کان پوءِ پاڪستان ۾ سياسي سرگرمين تي پابنديون لڳايون ويون. سياسي اڳواڻن کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ جمهوريت جو رستو روڪيو ويو. اهڙي ماحول ۾ ۱۹۸۱ع ۾ مختلف سياسي پارٽين گڏجي موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (MRD) يعني جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ قائم ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي هن تحريڪ جي اهم قوت هئي ۽ بينظير ڀٽو ان جي علامتي اڳواڻ طور اڀري سامهون آئي.

ايم آر ڊي تحريڪ خاص طور سنڌ ۾ وڏي عوامي مزاحمت جي صورت اختيار ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هزارين ماڻهن آمريت خلاف احتجاج ڪيو. ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ٿيا، سوين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا پر جمهوريت جي بحاليءَ جو مطالبو ختم نه ٿيو. بينظير ڀٽو پاڻ به بار بار جيلن ۽ نظر بنديءَ جو شڪار ٿي پر هن جدوجهد جاري رکي.

شاھ لطيف جي مارئي وانگر جيڪا ظلم ۽ جبر آڏو جهڪي نه ٿي، بينظير ڀٽو به آمريت جي دٻاءَ اڳيان نه جهڪي. هن پنهنجي والد جي سياسي ورثي کي اڳتي وڌائيندي عوامي حقن ۽ جمهوري آزاديءَ لاءِ آواز بلند ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جمهوريت لاءِ ڏنل وڏين قربانين مان هڪ آهي، جنهن بينظير ڀٽو کي عوامي مزاحمت جي عالمي علامت طور متعارف ڪرايو.

سال ۱۹۷۷ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا کان پوءِ پاڪستان تي آمريت جو دور مسلط ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري ۽ پوءِ عدالتي ڦاسيءَ نه رڳو هڪ خاندان پر سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو. بينظير ڀٽو لاءِ هي وقت انتهائي ڏکيو هو. کيس قيد، نظر بندي ۽ جلاوطنيءَ کي منهن ڏئڻ پيو پر هن حوصلي جو دامن نه ڇڏيو.

شاهه لطيف جي مارئي وانگر جيڪا هر تڪليف جي باوجود پنهنجي ماروئڙن کي نه وساري سگهي، تيئن بينظير ڀٽو به پنهنجي عوام سان وفادار رهي.

شاھ لطيف فرمائي ٿو:

اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِن ڪَنِ پِيَوم،

قَالُو بَلَيٰ قَلِبَ سِين، تَڏهِن تِتِ چَيَومِ،

تِهِين وَيرَ ڪِيومِ، وَچَنُ وَيڙِيچَنِ سِين.

مارئي جيان بينظير ڀٽو به ڄڻ پنهنجي عوام سان ازلي عهد ڪري چڪي هئي. آمريت، جيل ۽ جلاوطني سندس ارادن کي ڪمزور نه ڪري سگهيا.

سال ۱۹۸۸ع ۾ بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل خاتون وزيراعظم بڻجي. اها رڳو هڪ فرد جي ڪاميابي نه هئي پر پاڪستان جي عورتن، جمهوريت پسند قوتن ۽ عام ماڻهن جي جدوجهد جي فتح هئي. هن تعليم، صحت، عورتن جي حقن ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ قدم کنيا. جڏهن ته حڪومتن کي بار بار سازشن ۽ غير جمهوري قوتن جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو پر هن جمهوريت جي مشعل وسامڻ نه ڏني.

جلاوطنيءَ جا سال سندس زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو باب آهن . هوءَ پرڏيھ ۾ رهي پر دل پاڪستان جي عوام لاءِ ڌڙڪندي رهي. شاھ لطيف جي مارئي وانگر، جيڪا محلن ۾ رهندي به ماروئڙن کي ياد ڪندي هئي، بينظير ڀٽو به وطن جي محبت ۾ بيقرار رهي.

شاھ لطيف فرمائي ٿو:

جَڏهِن ڪُن فَيَڪُون، مَنُ تَڏَهَانڪُون مَارُئين،

تُون ڪِيئن وِجِهين تَنَ کَي، سُومِرَا شَڪُون،

هَمِيرَنِ هَڪُون، جَاڙَ جُسَي کَي پَاتِيُون.

هي بيت ڄڻ بينظير ڀٽو جي سياسي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. دنيا جا وڏا اعزاز، عالمي شهرت ۽ محفوظ زندگي به کيس پنهنجي ماڻهن کان پري نه ڪري سگهي.

شاهه لطيف مارئي لاءِ چوي ٿي:

سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ،

واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ،

مارُوءَ جي مُهاڙِ رِيءَ، اَندَرِ ناھ اُڪِيرَ،

هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙھ وَڃان.

هي بيت وطن سان عشق ۽ پنهنجي ماڻهن سان وفاداريءَ جو اعليٰ مثال آهي. بينظير ڀٽو به پرڏيھ جي آسائشن کي ڇڏي پاڪستان موٽي آئي کيس خطرن جو اندازو هو پر هن پنهنجي عوام سان ڪيل واعدي کي وڌيڪ اهم سمجهيو.

تاريخ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي جڏهن هوءَ جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي ته لکين ماڻهو سندس استقبال لاءِ نڪتا. ڪراچيءَ ۾ سندس قافلي تي دهشتگرد حملو ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا پر هوءَ پنهنجي مشن تان پوئتي نه هٽي.

تاريخ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي راولپنڊيءَ ۾ بينظير ڀٽو جمهوريت جي راھ ۾ شهيد ٿي وئي.

شهادت پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هڪ وڏو سانحو هئي، اهو صرف هڪ اڳواڻ جو وڇوڙو نه هو پر لکين ماڻهن جي اميدن جو موت هو.

شاهه لطيف جي مارئي جي درد ڀري صدا هتي به ياد اچي ٿي:

جي اَمُرُ هَڻيو اَڌَ ڪري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِيئَن؟

واڳِيون جي وِصالَ سين، تنِين چاڙهي چِيئن،

رُئان راتون ڏِينهَن، جِيئن اُن جي وائِيءَ ۾ وَرَ گھڻا.

بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ به سندس فڪر، جدوجهد ۽ سياسي ورثو زنده رهيو. اڄ به جڏهن جمهوريت، عوامي حقن ۽ آمريت خلاف مزاحمت جي ڳالھ ٿئي ٿي ته بينظير ڀٽو جو نالو احترام سان ورتو وڃي ٿو.

شاهه لطيف جي مارئي وانگر، بينظير ڀٽو به پنهنجي ماڻهن سان وفاداري نڀائي. هن ڏک سٺا، جيل ڪاٽيا، جلاوطني برداشت ڪئي ۽ آخرڪار پنهنجي جان به قربان ڪئي. انهيءَ ڪري هوءَ رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه پر هڪ فڪر، هڪ علامت ۽ هڪ جدوجهد جو نالو بڻجي وئي.

سرويچ سجاولي جا لفظ اڄ به سندس شخصيت جو بهترين تعارف آهن.

جمهوريت لاءِ جيڪي وڙهندا، تن جي آهين تون اڳواڻ،

صدين تائين جيئري هوندينءَ، سالارن جي تون سرواڻ،

تنهنجو نانءُ وٺڻ سان وسرن، ويس وڳا ۽ کاڌا کيڻ،

جس هجئي او مارئي ٻاگهي، جس هجئي او جوڌي ڀيڻ.

 

(ڏھاڙي وڻڪار ٽائمز لاڙڪاڻو ۾ ۲۱ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا