; سنڌي شخصيتون: نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو،
Showing posts with label نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو،. Show all posts
Showing posts with label نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو،. Show all posts

22 June, 2026

رسول بخش پليجو - ۳

رسول بخش پليجو

مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهارو آواز

نور احمد ڪاتيار



سنڌ جي جينئس، ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، نقاد، بي مثل مقرر، لطيف جي پارکو، سنڌ جي پاڻي جي ڪيس جي تاريخي وڪيل، عوامي تحريڪ جي سربراهه، مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڄ ۷ جون تي اٺين ورسي آهي. محترم رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ سندس آخري آرمگاه ڳوٺ منگر خان پليجي لڳ جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ طرفان عظيم الشان ورسي جو پروگرام ڪيو پيو وڃي. اسين پليجي صاحب کي سندس اٺين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

پليجي صاحب هر دور جي جابر، ظالم ۽ آمر قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي مقابلو ڪيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي عظمت، سندس ڪردار کي جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ ڀيٽا پيش ڪجي ته اسان کي لطيف جي ٻوليءَ جو سهارو وٺڻو پوندو:

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مير،

مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري.