پروفيسر انورالدين اڄڻ
ساھتيءَ جون علمي ۽ ادبي
شخصيتون
معشوق ڌاريجو
ڪتابن
سان منھنجي دوستي اَسيءَ واري ڏھاڪي جي آھي. ڪتاب ئي منھنجي چاھَ ۽ اُتساھَ جو
ذريعو رھيا آھن. پروفيسر انورالدين اڄڻ سان منھنجو تعلق ۲۰۲۰ع ۾ سندس پھرين ڪتاب ”مون کي ياد آھي“ اچڻ کان پوءِ تڏھن جڙيو، جڏھن
موبائيل ڪال ڪري کيس مبارڪباد ڏنم. پاڻ ھڪ ڀيرو ڳوٺان ايندي مون وٽ قاضي احمد آيو
ھو، ٻيو ڀيرو پنھنجي ڳوٺ ويندي، پنھنجي ٽئين ڪتاب جي اعزازي ڪاپي ڏيندو ويو ھو.
سائينءَ سان ويلي وقتي موبائيل تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي آھي.
سندس
ڪتاب پڙھي پَتو پيو تہ: انورالدين اڄڻ پنھنجي پيءُ وانگر انجنيئر ٿيڻ ٿي چاھيو پر
ٻن مارڪن تان رھجي وڃڻ جي ڪري، سندس داخلا فزڪس ۾ ٿي ۽ ھو فزڪس جو استاد ٿي ويو.