; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز - حسيب ناياب منگي

27 July, 2017

شيخ اياز - حسيب ناياب منگي

شيخ اياز
جديد سنڌ جو عظيم شاعر
حسيب ناياب منگي
شيخ اياز سنڌي ادب جو اُهو چنڊ، جنهن پنهنجي نروار ٿيڻ سان ئي شعوري ڪرڻن کي اهڙي طرح ته جرڪايو جو سندس ٻالڪپڻي واري وهيءَ ۾ ئي پڙهندڙن جو حلقو حيراني ۾ اچي ويو هو ته ڇا عمر اٿس ڇا ڏات! ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ هُو اهڙو ڏات ڌڻي ٿي اُڀريو جو سنڌ ۽ هند ته ڇا پر جتي جتي سنڌي ادب جي روشني پوڻ لڳي، تنهن تنهن ديس ۾ نانءُ ڪڍيو. هن جي غير معمولي ڏات اهڙو ته ڏانءُ ڏنو جو سندس تخليق سنڌ جي نوجوانن جي ذهن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. گهٽيءَ گهٽيءَ مان سندس گيتن جي هٻڪار آئي ۽ سنڌ جو هر ماڻهو شيخ اياز جو مشتاق بڻيو. شاعري جي ڏيهه ۾ هو جديد سنڌي شاعري جو اڳواڻ بڻيو ته سندس نثر جي چاشني جن چکي سي پڻ اُهو چوڻ لڳا ته اياز جو نثر به نظم جيان جڳ ۾ پڌرو آهي. هن جون ڪهاڻيون عام جيوت ۽ سورن جي عڪاسي ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻهن مڃيو ته ادب ۾ جتي سندس سوچ پهچي ٿي تنهن صنف کي هو بي مثال ٿو ڪري ڇڏي.


شيخ اياز جي ڏات شڪارپور ۾ نکري، هن هتان جي خوبصورت ماحول کي اکين سان ڏٺو ۽ تشبيهه ڏئي فڪر جي جوت کي سڀ جي سامهون آڻي پيار جي روشن راهه ڏيکاري. سندس تخليقي پورهئي ۾ ڪٿي ظاهر ته ڪٿي گهڻي ڀاڱي پوشيده هن شهر جا رنگ ۽ ڍنگ نظر اچن ٿا. هُو هتان جي سِڪ ۽ قرب واري ماحول ۾ ڄميو هو، سوڙهين گهٽين ۾ گهمي قدرت جي ڪاريگري کي پَسيو هيائين.
جت سجُ ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو.
جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جئين ڪڙهن،
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
اُهو دور به آيو جو شيخ اياز سنڌ ۾ اُهو شاعر ٿي اُڀريو، جنهن نئين نسل ۾ ديس سان پيار ڪري مٿس سر ساهه وارڻ جو نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. ”سنڌ ديس جي ڌرتي“ جهڙا انيڪ شعر لکي هن جڳ کي حيران ڪري ڇڏيو ته هر وات تي ڪهڙي نموني سندس سرجيل سٽون عام ٿيون ۽ ڏاڍن لاءِ للڪار بڻجي پوري سنڌ مان ٻڌڻ ۾ آيون. تڏهن ئي ته سندس گهڻا ئي شعر يا ڪتاب پابندي هيٺ آيا:
سهندو ڪير ميار او يار،
سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو.
شيخ اياز جي شاعري سندس دل جي جذبن ۽ اندر جي احساسن جو آئينو آهي. هو پنهنجي ڳالهه کي وڏي جذبي سان ڪاغذ تي اُڪاري، جذبن جي رنگن جا مفهوم سمجهائي ويو. کل ۽ خوشيءَ جا عڪس، ڏکن ۽ غمن جي تجربن جي تشريح ۽ سونهن سندس سوچن ۾ گهڻو رهندا نظر ٿا اچن. تڏهن ئي ته ههڙا شعر اڄ به پڙهيا وڃن ٿا ته دل کي ول جيان وڪوڙي وڃن ٿا.
انسانيت جي ڳالهه ڪندي هن ڪيئي دفتر عام ڪيا، ڀلائي، بهتري ۽ پنهنجائپ جا پيغام به کوڙ ڏئي ويو، حقيقت جو اظهار ته ڪجهه هن طرح به ڪري ويو آهي ته:
هي جهيڙا جهٽا صديءَ جا، ٿي ويندا ڪاغذ رديءَ جا،
سڀ پوندا تنهنجي ڳٽ ڳچيءَ، جيڪي به تصور بديءَ جا.
انسان ان ڳالهه لاءِ پابند آهي ته هو پنهنجي من ۾ ڪنهن جي لاءِ زنگ نٿو رکي سگهي. ٻيائي کي من مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ سندس بهترين خوبي تسليم ڪئي وڃي ٿي، مگر انسان پنهنجي ان خوبي کي وساري ويهي رهيو ته اياز به پکين جو مثال ڏيندي چيو هو ته:
ڏس ته گڏجي هو پکي سڀ، ڪئن نه ڍوري تي لهن ٿا،
ڪو حسد تن ۾ نه آهي، ڪئن نه هڪ ٻئي کي سهن ٿا.
شيخ اياز جون تخليقون جتي محبت ۽ پيار جون پرچارڪ آهن اُتي وطن دوستيءَ جو اعليٰ مثال پڻ قائم ڪن ٿيون. سندس ڪلام ۾ انسان دوستي جو پيغام اُهو ثابت ٿو ڪري ته هي شاعري هر دور جي ماڻهن لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ مثل آهي. اڄ جي دور ۾ ڇا اسان شيخ اياز جي شاعريءَ مان حق سچ جو پيغام پروڙي ان تي عمل ڪري نٿا سگهون؟
جزا ۽ سزا ۾ هجي، جي هن کي ايمان،
جبر ائين انسان، ڪنهن تي ڪري ڪينڪي



شيخ اياز
حسن، فطرت، عشق ۽ انقلاب جو شاعر
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ورسي جي موقعي تي لفظن ۽ گلن جي عقيدت ۽ ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهيان. بلاشڪ! شيخ اياز هڪ عظيم شاعر آهي، جنهن پنهنجي هم عصر ۽ ايندڙ نسل کي نه فقط متاثر ڪيو آهي پر پنهنجو مجاور بڻائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز جي شاعري حسن، فطرت، عشق، محبت ۽ انقلاب جي مستي آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا حسناڪي ۽ خوبصورتي آهي تنهن ڪري هو سنڌي شاعري جي آڪاس جو چَوڏسِ چنڊ آهي.
چنڊ مون کي چمي رهيو آهي
رات ڪهڙي نه مهربان آهي!
شيخ اياز مڙني شاعرن کان منفرد، نرالو، نمايان ۽ نشانبر آهي. هو بلند بالا ۽ مٿانهون آهي، هو استاد، مشاق ۽ مهان آهي. سندس لفظن جي جوڙجڪ ۽ ان جي ڇڪ ۽ ڪشش جي ڪري هر هڪ موهت ٿيو پئي. اياز جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن جي شاعري ۾ سڀ عڪس، منظر ۽ چٽ چٽا چٽيل آهن. عشق، محبت ۽ انقلاب سان گھرو سٻنڌ سوايو اٿس. پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين سان هن جا پيچ پختا ۽ پيوست آهن. هن جي اون، اڪنڊ ۽ اڪير جون پاڙون ڌرتي ۾ پختيون آهن. هن نه فقط سنڌ ڌرتي سان محبت ڪئي پر سموري ڪائنات کي موضوعِ سخن بنايو. وشال جهان ۽ عالم جي باري ۾ پنهنجا وسيع خيال ۽ ويچار ونڊي شعور جا زمان ۽ مڪان لتاڙي آسمان جي وسعتن کي ڇهي اعليٰ منزل تي وڃي پهتو.
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
ستي ساهه جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين سان سوين قافلا، رهگزر ۾،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ابد کان ازل تائين سک جون باراتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين ساز آڻيون، 
سوين چنڊ چاهيون، ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين،
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.
شيخ اياز ڄمندي ئي ڏات ۽ ڏانو جو پرَتَوو. هو شڪارپور جهڙي علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي مرڪز ۾ اکيون کولي علم و ادب جي چشمن مان سرڪيون ڀري جوان ٿيو. شڪارپور جي اوج ۽ عروج کي ڏٺو ۽ پاڻ شڪارپور جي ماڳ، مڪانن ۽ باغ ۽ تفريح گاهن جا مزا ماڻيا ۽ ان بابت لکيو. شيخ اياز جي مانَ ۽ مرتبي کي هر هڪ مڃي ٿو ۽ هن کي شاهه لطيف کان پوءِ وڏو شاعر سمجهيو ويندو آهي. رشيد ڀٽي لکي ٿو: ” شيخ اياز لطيف کانپوءِ پهريون شاعر آهي، جنهن صدين کانپوءِ سنڌ جي ثقافت کي جياريو ۽ روشناس ڪرايو آهي.“ اياز جي شاعري ۾ محبت، جدوجهد ۽ انقلاب جا آدرش عام جام ملن ٿا. جيئن ڪنهن انگريزي شاعر چيو آهي ته : محبت آڳ آهي جيڪا شروع چڻنگ کان ٿئي ٿي ۽ ڀنڀٽ بڻجي وڃي ٿي.“ اياز جي شاعري به ان مثل آهي، جيڪا شعلا بڻجي پئي آهي ۽ جڳ روشن به ڪري ٿي ۽ دلين کي گرمائي جذبن کي جاڳائي به ٿي. ڪڏهن ڪڏهن تن من ساڙي ٿي پر ڪو ڇيهو نٿي رسائي ۽ ڪو ڦٽ ۽ زخم نٿي ڪري ۽ وري جهٽ ۾ ٿڌي ٿي اعصابن ۽ احساسن کي فرحت، راحت ۽ سرور بخشي ٿي.
مونس مهتاب آهيان مان 
ڪنهن پرندي جو خواب آهيان مان
ٿي جلي آگ عشق جي مون ۾ 
حسن جو انتخاب آهيان مان
جو ورهائي مدام مستي سو
زندگيءَ جو شراب آهيان مان.
داغستان جي عوامي نامور شاعر رسول حمزاتوف چواڻي اديب ۽ شاعر باهه جا رکوالا ٿيندا آهن. ”جيڪڏهن رک کي غور سان ڏسبو ته ان اندر چمڪ ضرور نظر ايندي.“ اهڙي طرح اياز جي شاعريءَ جي آگ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ عوام جي ذهن ۾ هوريان ڏاڍيان ٻرندي محسوس ٿئي ٿي. هن جي شاعري جلسن ۽ ميڙاڪن ۾ ٻڌي ۽ پڙهي ويندي آهي. ڪا اهڙي مجلس ۽ گڏجاڻي نه هوندي جنهن ۾ اياز کي ڳايو نه ويندو هجي. ان کان وڌيڪ اها خوشبختي چئبي جو اياز جي جيئري ۽ مرڻ بعد به اياز شناسيءَ جي چڻنگ دکيل آهي ۽ ڪيئي نوجوان محقق ۽ اديب اياز شناسيءَ جي شمع فَروزان ڪندا رهيا آهن ۽ ڪيئي ڪتاب ۽ ليک لکي اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شيخ اياز انهن ماڻهن جو شاعر آهي جيڪي شاعريءَ سان شوق ۽ شغف رکندا آهن. پڙهيل ڳڙهيل ۽ گھٽ پڙهيل هن جي شاعريءَ کي سمجهن ٿا. پيار ڪن ٿا ۽ دل ۾ سانڍي رکن ٿا. اياز جي شاعري بکايل لاءِ سڻڀو ٽول ۽ اچارن لاءِ آبِ حيات آهي. هن جي شاعري بارش مثل آهي. هن جا ڪيترا نظم مون کي ڳاڙهي - گلابي گل جيان لڳندا آهن، جن جي معطر خوشبوءِ سان من، ذهن ۽ ضمير واسجي ويندو آهي. جيئن ماڪ نازڪ ڪونپل مکڙين کي تازگي ۽ تراوت بخشي ٿي، تيئن هن جي ڪوتا من کي تازو ۽ توانو ڪري ٿي. هن جا گيت روح کي راحت ڏين ٿا. اياز مندائتي مينهن جيان من جي بنجر سحرا کي شاعريءَ جي بارش سان سرسبز، زرخيز ۽ خوشحال بڻائي ٿو. هو هن صديءَ جو ۽ هزارين سالن جو عظيم ڪلاڪار آهي، جيڪو سنڌين جي دلين ۾ هميشه زنده ۽ جاويد رهندو!
مينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا،
مان ساري وارياسي تي وسندس،
ڪارونجهر جي ڪور مٿان مان
سانوڻ جي ڪڪرن سان گسندس -
(مان جو تنهنجو راڳي آهيان
تنهنجو ٿي، وڏ - ڀاڳي آهيان.)
۽ هيءَ ڌرتي نيٺ ته مهڪي 
ٿيندي ڪو گلزار سڀاڻي،
آءٌ لکان ٿو
جنهن لئه هاڻي.


شيخ اياز
گونجار ڪندي جا مون کانپوءِ ....
نور سنڌي
سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز جي اڄ 19هين ورسي آهي، شيخ اياز جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي ڀلاري ڀونءَ ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي آهي. چون ٿا ته شيخ اياز پهرين ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري بعد ۾ شڪارپور ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ڪئي هئي، پر سندس وصال بعد سندس ويجهن دوست اديبن چيو ته اياز جي وصيت هئي ته کيس لطيف جي پيرن ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ کيس درگاهه جي احاطي ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ بجاءِ ڪراڙ جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي زمين ۾ شاهه لطيف ميوزيم سامهون دفنايو ويو.
شروع واري ڏينهن کان ڀٽ شاهه جي ساڃاهه وند ۽ سماج سڌارڪ شخصيت ديوان گاگن داس مدناڻي شيخ اياز جي مزار جو جهڙوڪ نگهبان آهي. اياز جي ٽيجهي تي ديوان گاگن داس مزار تي وڏو پروگرام ڪرايو، انهن ۾ قرآن خواني بعد صوفياڻو راڳ ۽ بعد ۾ وڏي پئماني تي لنگر نياز ڪيو ويو. پهرين ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين ديوان گاگن داس روزانو لطيف جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد مهان شاعر شيخ اياز جي مزار تي سلام ڪرڻ، گل رکڻ جهڙوڪ سندس ڊيوٽي ۾ شامل هجي. ڳالهه اتي ختم نه ٿي ٿئي پر شيخ اياز جي پهرين ورسي کان اڄ 19هين ورسي تائين ديوان گاگن داس مزار تي ننڍڙو ئي پر پروقار پروگرام ڪرائڻ سان گڏ لنگر نياز به ڪري ٿو. وچ عرصي ۾ 4 کن ورسيون ديوان گاگن داس جي سهڪار سان سنڌ صحافي سنگت پاران وڏي ليول تي ملهايون ويون، جن ۾ مشهور فنڪار به فن جو مظاهرو مشهور اديبن ۽ شاعرن اياز جي زندگي تي ڳالهايو، ان موقعي تي سنڌ صحافي سنگت پاران شيخ اياز ايوارڊ به ورهايا ويا، جڏهن شيخ اياز جي مزار اڃا ڪچي هئي ته ديوان گاگن داس کي شيخ اياز مزار ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ جڏهن مزار ثقافت کاتي پاران ٺهرائي وئي ته ديوان گاگن داس پاران مزار ڪميٽي ختم ڪري يادگار ڪميٽي جوڙي وئي. جڏهن اياز جي قبر ڪچي هئي ته ديوان گاگن داس اتي ڪچو ٿلهو ٺهرايو، 2001ع ۾ برساتن ۾ ڪراڙ ڍنڍ اٿل کاڌي ته شيخ اياز جي مزار به پاڻي هيٺ اچي وئي، بعد ۾ نوابشاهه سان تعلق رکندڙ اياز جي عاشقن پاران مزار کي مٿي ڪري پڪو ڪرايو ويو.
خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ اياز جو عاشق رضا پيرزادو عرف مدهوش جيڪو ڀلوڙ شاعر به آهي، اهو مجاور ٿي ويهي رهيو ته ماني هنڌ بستري، ڪپڙي لٽي جي حوالي سان ديوان گاگن داس سندس مدد ڪئي. بعد ۾ اهو به گم ٿي ويو ۽ ڪيترائي سال شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي خدمت ڪندڙ مدهوش هاڻ ته اياز جي ورسي تي به نظر نه ايندو آهي.
رضا پيرزادو مدهوش ته ويچارو مدهوش ۽ اياز جي مزار تان غائب ٿي ويو، پر شيخ اياز کي سندس اديب، شاعر، دانشور دوستن سان گڏ گهر ڀاتين به وساري ڇڏيو آهي. سندس گهر ڀاتي پهرين ورسي تي ته آيا هئا، ان بعد ڪجهه ورسين تي سندس نياڻي روحي اياز، فرزند مونس اياز نظر آيا آهن، باقي گهر ڀاتين شيخ اياز کي وساري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سندس اديب، شاعر، دانشور دوستن جن اياز جي جنازي ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءِ دانهون ڪري رنا ۽ اياز جي وصال کي سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو. اياز جي چاليهي تي جن سندس دوست اديبن شيخ اياز جي مزار تي ميلو مچائڻ جا اعلان ڪيا سندن اعلان ته هوا ۾ اڏامي ويا، پر اياز جي انهن ساٿين اياز جي ورسي تي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، پر نصير مرزا، تاج جويو هر ورسي تي حاضري ڏين ٿا، جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو هلڻ جهڙو هو ته هو به اياز جي هر ورسي ۾ شريڪ ٿيندو هو.
حيرت ۽ افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به شخصيت جون ورسيون سندس مزار تي ملهايون وينديون آهن، پر شيخ اياز جي ورسي شيخ اياز فائونديشن پاران حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي آهي، جڏهن ته جنم ڏينهن به حيدرآباد ۾ ملهائڻ شيخ اياز سان ناانصافي آهي، ادبي لڏو ته رڳو شيخ اياز جي ورسي تي گلن جي چادر چاڙهڻ اچي ٿو. اسين وري به ديوان گاگن داس کي سلام ٿا پيش ڪريون ته هو هر ورسي تي پهرين اياز مزار ڪميٽي ۽ بعد ۾ شيخ اياز يادگار ڪميٽي پاران ننڍڙو ئي سهي پر پروگرام ڪرائي ٿو، جڏهن کان ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو شير محمد مهر جهڙو ادب دوست فرض شناس انچارج مقرر ٿيو آهي، تڏهن کان شيخ اياز جي ورسي جي حوالي سان ديوان گاگن شاهه مدناڻي سان گڏجي ننڍڙو پروقار پروگرام ڪرايو وڃي ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جو سياحت ۽ ثقافت کاتو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌي ٻولي جو خودمختيار ادارو هيترا سارا ادارا هئڻ جي باوجود شيخ اياز جي مزار تي سندس ورسي وڏي پئماني تي نه ٿي ملهائي وڃي. وري به شابس آهي خانه بدوش ڪيفي جي انتظاميه خاص طور امر سنڌو، پروفيسر عرفانه ملاح، نسيم جلباڻي، حسين مسرت، تاج جويو، علي آڪاش ۽ ٻين کي جيڪي گذريل سال کان حيدرآباد ۾ اياز ادبي ميلو مچائين ٿا. حيدرآباد ۾ اياز ميلو ملهائڻ سٺو عمل آهي، پر جتي اياز جي مزار آهي اصولن اتي هر ورسي، هر جنم ڏينهن تي 3 ڏينهن پروگرام ٿيڻ گهرجن. اطلاعات کاتو، ثقافت کاتو سنڌالاجي، سنڌي ٻولي جو خودمختيار ادارو، سنڌي ادبي بورڊ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران اياز جي ورسي تي خصوصي ايڊيشن شايع ڪرڻ گهرجن.
ڀٽ شاهه ۾ شيخ اياز ميوزيم، فوٽو گيلري قائم ٿيڻ گهرجي، اها ڳالهه به هتي ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته گذريل حڪومت ۾ سياحت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي اڳوڻي وزير سسئي پليجو هر سال شيخ اياز جي ورسي تي سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهندي هئي. اسان سياحت ثقافت کاتي وارن کان اها به گهر ٿا ڪريون ته شيخ اياز جي مزار جي چوڌاري لڳايل گل ۽ گرينري کي قائم رکڻ لاءِ مالهي ۽ چوڪيدار رکيو وڃي ۽ سياحت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران هر سال شيخ اياز جي ورسي ڀٽ شاهه ۾ سندس مزار تي وڏي پئماني تي ملهائڻ گهرجي. خوبصورت جذبن واري شاعره نسرين الطاف قريشي شيخ اياز جي حوالي سان ڏاڍي ڀلي ڳالهه چئي ته جيڪڏهن سياحت ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، سنڌي ٻولي جو خودمختيار ادارو، سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ شيخ اياز فائونڊيشن، شيخ اياز يادگار ڪميٽي وارا گڏجي شيخ اياز جي ورسي جي حوالي سان 3 ڏينهن جو ڀٽ شاهه ۾ سندس مزار تي وڏي پئماني تي ميلو مچائي سگهن ٿا. ڪاش ادارا اهڙي سوچ رکي ائين ڪن ته شيخ اياز کي شاندار مڃتا ملي سگهي ٿي.


شيخ اياز
مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ
ادل سولنگي
شيخ اياز جي نثر ۽ نظم ۾ سنڌ ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي، اياز سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعريءَ کي جنهن نموني سان مالا مال ڪيو آهي ان جو ڪو به مثال نٿو ملي.اچو ته اياز کي پڙهون.
اياز چواڻي ته:
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سڪار،
ڏات جو ڪوئي، ڏڪار ڪو نه پوندو.
شيخ اياز جنهن لکيو آهي ته: ”مان موکيءَ جا سڀئي مَٽ پي، هوا ۾ ڀرپور مستي ڇڏي وڃان ٿو، مون کان پوءِ اچڻ وارا !! توکي تيستائين ترسڻو پوندو، جيستائين ٻيو مڌ چڪي رچي رٽيو ٿئي ۽ ان ۾ ڪاريهر جي ڪاٽ اچي“  شيخ اياز جي شاعري -جلد 2- صفحو 42.
اي ڪوتا! تون اگنيءَ وانگر ڌرتيءَ ۽ آڪاس جي وچ تي پل آهين، جنهن تان منهنجو مَن اُڪري پنهنجي سَرڳ ڏانهن وڃي ٿو، جتي سدائين اُجالوِآهي.
اي ڏات! تون هڪ چئو مکو ڏيئو آهين ، توکي ڪوئي واچوڙو وسائي نٿو سگهي، شيخ  اياز جي شاعري -جلد 2، صفحو 37.
اي جندڙي! مان تنهنجا جڳڻ ڳايان ٿو، تون جو دم آهين غنيمت آهين، تو مٽيءَ کي مڻيا ڏني آهي، تو مون کي اهي گيت ڏنا آهن، جي ڏاڍو به مون کان کسي نٿو سگهي، جي هي نادان مون کان ڪاغذ ۽ قلم کسي به وٺن ها،  تڏهن به منهنجو من ساڳيا گيت ڳائي ها، هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه اَ بناسي آهي، گيت موت کان ڏاڍو آهي، ان کي ڪو به مٽائي نٿو سگهي، شيخ اياز جي شاعري- جلد 2- صفحو 41.
اي سنڌ! جيڪڏهن مون کي ڪنهن سگهڙ وٽ هڪ اڌ ٻول به نظر آيو آهي ته اهو مون هن کان کسيو آهي، مون تولاءِ سُڃا ڦريا آهن ۽ ڀينگين کي کاٽ هنيا آهن، مون رتي رتي ڪري ميڙي آهي، ان کي ڌوڙ ڌئي وانگر سونجهي صاف ڪيو آهي ۽ تولاءِ جهوني کان جهونا ۽ نئين کان نوان ڳهڻا گهڙي، توکي ڪنوار وانگر سينگاريو آهي نه رڳو مون کي ڪوئي سَڳ سوڌو پڪڙي نه سگهيو آهي پر مون ڪٿي به پنهنجا پيرا نه ڇڏيا آهن.
مان پنهنجا هاڃا پاڻ ٿو باسيان نه ته مون تي ڪوئي گواهه نه آهي، شيخ اياز جي شاعري -جلد2-صفحو 55-56.
”منهنجي ڏات ڏٿ وانگر ٿر جي مينهن ۽ اُس تي پلي آهي، ۽ ان جي ڌرتيءَ مان اَمرت رَس چوسيو اٿائين، واچوڙو ڏاڍائي سان ان جو ڪنڌ نمائي رهيو آهي، پر اُها وري وري اوچي ڳاٽ سان اُڀري اچي ٿي، ان کي ڏوٿي ڳولي لهن يا نه اهو الڪو اجايو آهي، اها پنهنجا ٻج پکيڙي، بي اونائيءَ سان مٽيءَ ۾ ملي ويندي.“ شيخ اياز جي شاعري -جلد 2-صفحو 42.
منهنجي شاعري ڊڀ ۾ تتريءَ وانگر آهي، ان جي ٻوليءَ تي ماري مڙي اچن ٿا پر ان کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، شيخ اياز جي شاعري -جلد 2- صفحو 42.
ڇا منهنجي سُر گهاتوءَ ۾ مڇ جو ڀئو ۽ فاشزم جو ڏر ساڳي ڳالهه آهن؟ شاعريءَ کي انوکو منطق آهي، جو ٻئي منطق کان وڌيڪ موهيندڙ ۽ مڃائيندڙ آهي، شيخ اياز جي شاعري- جلد 2- صفحو 41.
مون سهڻيءَ ۽ سسئيءَ کي ڌرتيءَ جي سونهن ڏني آهي، اُمراوتي آرٽ جي مورتين وانگر انهن ۾ آتما جا پاڇا وان ته ڏيکارجن ٿا، انهن کي ڀرپور سرير به آهن، جن ۾ ملائميت ۽ تازگي آهي“. شيخ اياز جي شاعري -جلد 2- صفحو 41.
نوريءَ ڪينجهر کي ڪينجهر، ڪيو يا ڪينجهر نوريءَ کي نوري ڪيو، ان سوال جو تسلي بخش جواب مون کي اڃا تائين مارڪسي فلسفو نه ڏئي سگهيو آهي. شيخ اياز جي شاعري -جلد2- صفحو 41.
جنهن کي قدرت موزون طبيعت ڏني آهي اهو شاعريءَ جو سارو مروج فن ڇهن مهينن ۾ سکي سگهندو، فقط اندر جا انڌا ئي وڌيڪ وقت ضايع ڪندا آهن.“
شاعري موزون تڪبندي نه آهي شاعري سڄي زندگيءَ جو رياضِ هوندي آهي ۽ شاعري گهري مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ هوندي آهي، شيخ اياز جي شاعري جلد 2- صفحو 44.
عظيم شاعر بحر وزن ٺاهيندا آهن، بحروزن عظيم شاعر ٺاهي نه سگهندو آهي، شيخ اياز جي شاعري جلد 2- صفحو 44 .
شاعر جي انفراديت ان ۾ نه آهي ته هو ڪنهن پولا  ۾ پيدا ٿئي ۽ هنن تي ڪنهن جو اثر نه هجي، هن جي انفراديت ان ۾ آهي ته هو هر خوشگوار اثر قبول ڪري، سڀ کان نيارو هجي.“ شيخ اياز جي شاعري جلد 2- صفحو 44.
سورٺ
گهاڙُوءَ گهڙيو ڪو نه، ڳهڻُو تُنهنجي ڳل جِئن،
سورٺ! توتي ڇو نه، وَر وَرِ مان واريو وڃان!

جي تون ڪنڌُ ڪُماچَ سان، سر چائين سائين!
جِيئين سدائين، جهونا ڳڙهه جي جيءَ ۾.

ڏس تون پنهنجي پاڻ کي، ڇا تون ساڳيو راءِ؟
سورٺِ سورٺِ آ اڳئين، لالڻ تنهن لاءِ؟
ڪنڌُ ڪَپائي پاءِ، هاڻي پنهنجي پاڻ کي.

جِت ڪِٿ آءُ ٻُران پيو، تون ويندين ڪيڏانهن؟
آءُ هلي هيڏانهن، واري ڪنڌ ڪُماچ تي.
سورٺ، راءِ ڏياچ، ٻيجل، ڪينرو، تند، ڪٽارو، ڪنڌ، آواز، سِرُ، ساز، جهونا ڳڙهه، تاريخي پسند منظر، چٽڻ، سورٺ جي سونهن، ٻيجل جي تند جي تنوار ۽ راءِ ڏياچ جو، سِرَ گهور،
چوٽا چندن واسئا، ويرو تار ورونهن،
سورٺ ساري سونهن، اڃ آجهي ئي ڪين ٿي.
نوري
ڪيڏي ڇِلُرَ ڇَٽَ، آهي ڪينجهر ڪنڌئين!
سارا پڌرَ پَٽَ، کِکيءَ هاڻيون کارِيُون!

اڳ ۾ ئي مون ۾ هُيو، سما تنهنجو ساءُ،
توسان مُنڌ مِلاءُ، ايئن نه آهي اوچتو.

شاهه سائين کان ورتل تمثيل
نوري، ڄام تماچي، ڪينجهر موراکيون ۽ گندڻيون، ککيءَ جون کاريون، پاٻوڙا پوشاڪ، گند جنهين گوڏ ۾، ڪنول ۽ ڪنواريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇَڇَ، اتر واءَ جون اوتون ۽ ڪوڻين تي ڪرڻا، فطري رومانوي تمثيل جي احساساتي ڪٿا ڪاريءَ جو من موهيندڙ ڏيک آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا اڻ ڳڻيا، اڻ ملهيا، هيرا موتي، مڙهيل آهن.
سسئي
ڌوٻيءَ گهاٽُ، وريتڙيون، ٿڻنِ ڌائِڪَ ٻارَ،
چُڳِڙون، چُچليون ڳالهڙيون، ڪُڏڪيون اکين ٺارَ،
ڪيڏو مايا ڄارَ، موهيو ماڻهوءَ مَنڙو!

اهڙي ڪا به نه ڪيچَ ۾، ڄام اِنهيءَ ڏي ڄُلُ!
هيءَ جا موتيءَ تُلُ، پَگهر مَنجهه پُسِي وَئِي.
رڻ ۽ راڙو، پيچرا ۽ پنڌ پهاڙ، پٿراڻيون اٺن جي اوڳري، سج، چنڊ، راتيون، ڏينهن، هوائون، ڏک، ڏاکڙا، انساني احساسن جي پالوٽ ڪيل آهي.
سهڻي
مان چڪور، مان چنڊ، مان ئي پنهنجو پريتڻو،
ميهر! تنهنجو منڊُ، مون کي مون ڏي ٿو ڇِڪي.

مٿو ميهرَ هنجَ ۾، مٿان پوي ماڪَ!
ڇا ڇا ٿڌيءَ ٿاڪَ، پرين تنهنجي پارَ تي.
ليلا
جو چاهين سو چُونڊ تون، مڻيو توڙي ماڳُ!
ڀورِي تُنهنجو ڀاڳ آهي تنهنجي وَسَ ۾ .“

ليلا! توسان ڪو نه هئو، مڻئي کي ڪو موهه،
هي تنهنجو ئي ڏوهه، جو تون هر کئينءَ هار تي.
اَلا اَچڻَ ويرَ، سڄڻ صديون لائئين!
آءُ ڪَنائي پيرَ، تولئه تڪيان ڪيترو؟

ڏِس هيءَ ڪتيءَ راتڙي، ڀَنڀرڪي ڀيڙيِ،
اَلا! ساهيڙِي، سڄڻ اڄ نه آئيو!

مومل، ڪاڪ، راڻو، رسامو، رنج، انتظار، پيڙائون، پڇتاءُ، ڪاريون راتيون، ڏنگ هڻندڙ ڏينهن، جون ڪٿائون آهن.
موکي متارا
جيئن سانوڻ ۾ ڏار، تئن جهولن ٿيون جندڙيون،
موکي! تنهنجي منڌ ۾، ڪيڏا مينگهه ملهار!
سِرَ جي ڪنهن کي سار، ڏي ڏي وٽيون وِههُ ڀَري!
پرهه جي پيا ڪن، متارن، سري جي سردارن، انقلاب ۽ آزادين جي متوالن، جو تخليقي ۽ نئون نڪورو اظهار.
مارئي
ڪنڊيءَ سايون سنڱريون، پُسيءَ ڳاڙها گُل!
مٿان وسيون مينهن جون، بوندون موتيءَ تُلُ،
ڪهڙا مِٽيءَ مُلَ، گهوري جِندُ مَلِير تان.

جئين جئين تنهن جاڙ، تئين مان سرسي سُونهن ۾،
اُڀري مٿِ پهاڙ، چنڊ لڳي جئين چيٽَ جو.
گهاتُو
او شل مرين مڇ، درندا ڌَڄيون ٿِئين!
بُرا تنهنجيءَ بَڇَ، ڪيئي گهاتُو گهائيا.

اَنگَ اُگهاڙا ٻارڙا، ڪنڌيءَ تي ڪنبن،
گهاتُو گهرِ نه آئيا، وهُون وايُون ڪن،
ڏِيل پيا ڏهڪَن، مُڙس پيا ڪنهن مامِري!
ڪيڏارو
لَهوءَ ۾ لتِ پت، ڌرتي منهنجي ديس جي،
پرکي پيئي پتِ، جُهونجهارن جي جنگ ۾.
ڪاپائتي
سون سِريکا هٿڙا، گهرن ٿا انصاف!
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولهِه ته مان وڃانٰ
ساميءَ جا نوان سلوڪ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، دودي سومري جو موت ۽ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، شيخ اياز جا اهڙا اوپيرا/ منظوم ڊراما، تاريخ جي نه رڳو تمثيل آهن پر تاريخ جو دستاويز به آهن. جنهن ۾ ٻولي، فڪر، فن، حب الوطني، مزاحمت، بغاوت، سورهيائي، قرباني ۽ عمل کي جنهن فني پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي اهو سنڌي ادب جو وڏو شاهڪار  ڪارنامو ۽ ڪلاسڪ آهي. شيخ اياز جو نثر ۽ نظم نهايت ئي سگهارو، جمالياتي، بيهڪ ۽ جڙاءَ سان سونهندڙ سٽاءَ سان سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي شاعري جي چنريءَ ۾ ڪيئي چٽ چٽيندڙ آهي. جن کي رڳو ڏسي سگهجي ٿو اياز جي شاعراڻي اڏار نهايت ئي تيز ۽ مٿانهين رهي آهي. جنهن تي وقت جا ڪي به پنجوڙ پئجي ناهن سگهيا.


شيخ اياز
سنڌ سان سندس محبت
اسد الله چنو
سائين منهنجا جڳ مشهور فلسفي ارسطو پنهنجي idealslate واري نظريي ۾ شاعرن کي پنهنجي رياست کان ٻاهر ڪرڻ جو چيو، سندس ان ڳالهه جا ڪيترائي رخ ٿي سگهن ٿا، هڪ جيڪو سندس سبب ٻڌايو وڃي ٿو ته ارسطو جو خيال هو ته شاعر عوام کي  سست ڪن ٿا، پنهنجو ڪلام ٻڌائي، ماڻهن کي ڪنهن ڪم جو نٿا ڇڏين.
پر جيڪو اصل سبب آهي مان سمجهان ٿون ته اهو هيءُ آهي ته ارسطو شاعر جي ڏات کان ڊنل هو، ان کي ڀلي ڀت ان ڳالهه جي خبر هئي ته شاعر جذبن کي لفظن جو روپ ڏئي، انهن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ عوام جي امنگن عوام جي احساسن انهن جي ڏکن ۽ پيڙائن جي احساس کي لفظن جي معنيٰ ڏئي انهن جي سامهون پيش ڪن ٿا، جيڪي عوام جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي سگهن ٿا،
اسان جڏهن سنڌي شاعري جي مختلف نظرين تي نظر وجهون ٿا ته ڪلاسيڪل کان وٺي جديد ۽ جديد کان جديد ۽ هاڻي هڪ نئون لاڙو چئجي جيڪو حديديت پڄاڻان ۾ به اسان کي اهڙا ڪيترائي شاعر ملن ٿا، جيڪي نه صرف پنهنجي شاعراڻي ڏات کي ظاهر ڪندي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي محبوب جي جدائي ۾ صبر ۽ فراق ۽ وصل کان محبوب جي حسن جي تعريف ڪئي آهي پر اسان کي پنهنجي فڪر، اسلوب جي نواڻ سان گڏ پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار سان ٽمٽار ڪلام ملندو، خاص ڪري ڌرتي تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو، ٻولي تي جڏهن به ڪا ڌارين يلغار ٿي ته شاعرن پنهنجي شاعري ذريعي سجاڳي جو پيغام ڏنو، لطيف جو ڪلام پنهنجي مارن ۽ ڌر تي جي پيار سان مارن جي سڪ سان ڀريل آهي، ائين ئي لطيف سرڪار کان پوءِ سنڌي شعري ادب ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو نالو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ جنهن جي فڪر ۾ مارن سان ڌرتي سان صرف بي پناهه پيار ملي ٿو پر هو ڌرتي تي سر ڏئي سرهو ٿئي ٿو ۽ سر نه ڏيندڙ کي هو مياري سمجهي ٿو ۽ وڏي واڪي چوي ٿو ته:
سهندو ڪير ميار او يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.
سائين منهنجا مهان ڪوي شاعر مبارڪ علي معروف شيخ اياز سنڌيت جو شاعر آهي، سندس شاعري ۾ جتي ٻيا به انيڪ رنگ سمايل آهن، اتي ڌرتي سان بي پناهه پيار جي اظهار جو غالب رنگ نظر اچي ٿو، شيخ اياز تمام گهڻ پڙهيو شاعر آهي، کيس دنيا جي مختلف فڪرن، ادبي نظرين جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي، هن شاعري ۾ مختلف نوان تجربا به ڪيا. پاڻ ڪشنچند، بيوس، نارايڻ شام ۽ هري دلگير جي جوڙيل راهه کان پوءِ سنڌي شاعري کي هڪ نئون رخ ڏنو، سڳن آهوجا، جي چوڻ مطابق ته بيوس سنڌ جي جديد شاعرن جو باني آهي ۽ شيخ اياز جديد سنڌي شاعري جو باني آهي، شيخ اياز کي جيڪا محبت سنڌ سان سنڌي ٻولي سان هئي سندس شاعري کي پڙهون ٿا ته شيخ اياز سنڌ ۽ سنڌين جا ڳڻ ڳاتا آهن، سنڌي ماڻهن جي معاشي مسئلن، رهڻي ڪهڻي جي ڳالهه ڪئي آهي سانگيئڙن جي ڳالهه ڪئي، سنڌ جي سورمن، جوڌن ۽ دودن جو ذڪر ڪيو، ٿرن، برن جو ذڪر ڪيو، سندن بک، بدحالي جو  نقشو چٽيو آهي، جنهن جو مثال هي ڪلام به آهي،
ڪنڊيءَ نه سنڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا.
کيس پنهنجي ڌرتي جي تيز ڪوسين هوائن لڪن سان به بي پناهه محبت آهي ۽ انهن کي پنهنجي ديس جي سڃاڻپ جي نشاني طور بيان ڪيو اٿائين ته
جتي لڪ لڳي، جتي اڪ تپن،
سوديس مسافر منهنجو ڙي،
هونئن ته شاعري ديس جي گلن، ڦلن، خوبصورت نظارن جي ڳالهه ڪندي ٻڌا ويا آهن پر اياز جو شاعراڻو ڪمال ته ڏسو هو ڌرتي جي ڪوسين لڪن سان به پيار ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪمزور نه خوبصورت ڪري پيش ڪيو اٿس، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ شيخ اياز تي تمام گهرو اثر ڇڏيو، جنهن جي ڪري هو اهڙي شاعري ڪري ٿو، جنهن ۾ ديس سان محبت ۽ ظلم خلاف آواز للڪار بڻيل آهي، ظالم سامراج کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ٻولي، ثقافت جي خلاف سازش ڪرڻ وارن کي نندي ٿو ۽ هو وقت جي سامراجي قوتن کي للڪاري چئي ٿو ته:
تون چئه نه ڪڇان، تون چئه لڇان،
پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
اعلان هزارين مان نه رڳو.
سندس اها للڪار ديس جي خاطر سر ڏيڻ ۽ ديس جي پورهيت مظلوم جي پيڙا تائين وڃي ٿي
سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سِيسُ نمايانء مٽي ماٿي لايان
اياز جي شاعري جو سرچشمو سنڌ ۽ سنڌي عوام آهي، شيخ اياز جي شاعري وطن سان محبت جي ايمان کي وڌيڪ پختو بڻائي ٿي، جڏهن به ڌرتي جي غدارن سنڌ کي هيسائڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ته شيخ اياز جون هي سٽون اتساهه  جو ڪردار نڀائن ٿيون
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.
سندس وطن سان محبت ۽ عقيدت ۽ وطن خاطر جان جي پرواهه نه ڪندڙ انهن پروانن جي جان ڏيڻ سان گڏو گڏ خوبصورت شاعراڻي انداز ۾ بهترين تشيبهن جو استعمال جنهن جي پڙهڻ سان لڱ ڪانڊار جي وڃن ٿا،
آ مهڪ هوا ۾ مينديءَ جي سي گهوٽ اچن ٿا
شيخ اياز جي لاءِ ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي فڪري پس منظر ۾ لکي ٿو ته : شيخ اياز فڪري طور تي گهڻ رخو  شاعر آهي، هو هر دور جي تقاضات مطابق معروضي حالتن روشني ۾ پنهنجي داخلي جذبن جي اڇل ۾ فڪري طور تي عملي تجربن جو مسلسل جهاد ڪري ٿو،
سندس لفظ لفظ ۾ سٽ سٽ ۾ سنڌيت ڇلڪندي ملي ٿي، هونئن ته ٻيا به انيڪ موضوع سندس شاعري ۾ موجود آهن پر جيڪو پهلو سندس شاعري جو سنڌ سان محبت ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت خاطر سر ڏيڻ وارو آهي اهڙو ٻئي ڪنهن شاعر ۾ ڪو ورلي ملندو، سندس شعر، گيت، سنڌ جي ڏکن سورن جي صدا بڻجي گونجن ٿا، محبت جو اندازو رومانويت جو انداز، شيخ اياز وٽ انوکو آ، سندس عشق جيڪو ڌرتي سان آهي، جيڪو رومانس جو اظهار هو ڌرتي سان ڪري ٿو، اهڙو انوکو اظهار ورلي ڪنهن ٻئي وٽ ملندو هو، پنهنجي انهيءَ ڏات لاءِ پاڻ چوي ٿو ته :
مون ڏات انو کي آندي آ.
۽ واقعي اها ڏات انوکي آ، جنهن ۾ تند ٿي تلوارن سان وڙهي ۽ انهيءَ تند سان ڀاري برج لرزي ٿا پون، اڄ به سندس گيت سنڌ جا قومي گيت آهن ۽ اهي گيت هر وقت جي صدا بڻجي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪندا رهندا ۽ ڌرتي جي حقن لاءِ هر دور ۾ آواز اٿاريندا رهندا. مشهور نقاد اڪبر لغاري پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو ۾ شيخ اياز لاءِ لکي ٿو ته:
سنڌ ڌرتي کي اهو فخر حاصل آهي ته انهن هميشه اهڙين عظيم ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شخصيتن کي وساري سنڌ سڃاتي آهي، هن ڌرتي جي ڪک ڪڏهن به خالي نه ٿي آهي هر دور ۾ منجهس مانجهي مرد جنم وٺندا رهيا آهن، شيخ اياز سنڌ ڌرتي جي وڏي ۾ وڏي تخليق آهي، اسان کي جيترو فخر سنڌ ڌرتي تي آهي اوترو ئي سندس تخليق تي آهي. شيخ اياز پاڻ سراپا سنڌيت جو احساس بڻجي ان ڳالهه جو لکيل لفظن ۾ اظهار ڪري ٿو ته
سنڌ کان سواءِ منهنجي شاعري اجائي آ،
ڪائنات جي خوشبو سنڌ ۾ سامائي آ.
شيخ اياز جيتوڻڪ اسان کان ڏور آهي پر سندس شاعري سندس فڪر اسان جي ڌرتي سان محبت جي ايمان کي تازو ڪندو رهي ٿو ۽ سدائين ڪندو رهندو.


جنم جنم جي جيت اياز
راشد شر
 سال جي پُڄاڻي تي آخري مهينن ۾ ڪيترا ته وڇوڙن جا وَسڪارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ خاص ڪري نومبر ڊسمبر جا سوساٽ ڪندڙ واچوڙا سنڌي ادب جي نامور شخصيتن کي اسان کان جسماني طور هميشه لاءِ کسي ٿا ڇڏين جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي،تاجل بيوس،سنڌ جو ٻيجل سرمد سنڌي سميت سنڌي ادب جي قداور شخصيت شيخ اياز جهڙي ماڻھوءَ جو جو المناڪ وڇوڙو به سال جي آخري ٿڌڙين هوائن سان ٿئي ٿو.
سنڌي شاعري کي ڪلاسيڪل دور کان ڏسجي ته سنڌي ادب ۾ شاهه، سچل جو تمام وڏو نالو نظر ايندو جيڪي دنيا سميت سنڌي ماڻھن جا معتبر رهنما شاعر سڃاتا وڃن ٿا ۽ اڄ سوڌا اڳ کان اڳرا نرالا بڻجندا وڃن ٿا،
اڳتي جڏھن اسين سنڌي ادب جي جديد اوج کي ڏسنداسين ته ڪلاسيڪل شاعري کانپوءِ جديد شاعري ۾ اياز جو وڏو مقام نظر ايندو، جديد شاعري ۾ اياز کانپوءِ ڪو به اهڙو شاعر ناهي جنهن اياز کان گوءِ کنئي هجي، ڪو ائينءَ به ناهي ته هينئر اسان وٽ شاعري سفا ڪانَ پئي ٿئي بلڪه هينئر به شاعري جاري ساري آھي پر اياز کانپوءِ سنڌي شاعري ۾ اياز جي اثر کان ڪو به شاعر واندو نظر نه ايندو، نئين ٽھي جي هر شاعر جي شاعري ۾ اياز جي شاعري جي خوشبوءِ جي اثر جو هڳاءُ ضرور نظر ايندو، اياز سنڌي ٻولي ادب جو اهو نالو آھي جنهنجي لکڻين سان سنڌي شاعري سميت ٻين ويجهين ٻولين جي ادب کي الاهي سارو اُتساهه مليو آھي، جيڪي شيخ اياز جي علم ادب شاعري سان محبت جو نتيجو آھي.
قلم ۽ اڇا پنا اياز لاءِ پياسي واري جيان اُڃارا هوندا هيا، سندس لفظن لاءِ پين پَنا بُکيا اُڃا هوندا هئا ته ساڳي طرح اياز لاءِ تخليق به ڪنهن وفادار محبوبا کان به گهٽ نه هئي جنهن سان اياز ڊگهيون راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا پهر ڪچهريون پيو ڪندو هيو.
شيخ اياز جي شاعري توڙي جو گهڻ طرفي رومانوي، انقلابي، سماجي، مزاحمتي پڻ آھي پر ان باوجود اسين جڏھن سندس شاعري جو مطالعو ڪنداسين ته اياز جي شاعري جو محور مرڪز ۽ حقيقي مقصد انقلابي سماجي شاعري طور ڏسڻ ۾ ايندو، اياز جي شاعري جو محور ۽ مرڪز وطن ۽ مارن سان محبت جي اظھار جي رنگن ۾ رنگيل نظر ايندو.
اياز شاعري ۾ اصول پرست باغي هيو، سندس رات جي انڌيرن سان بغاوت ان وقت ٿيندي هئي جڏھن رات جي اونداهي جا پاڇا پنهنجي وقت کان وڌيڪ سج جي روشني تي قابض رهندا هئا، ان وقت اياز رات تي ڪاوڙجي بغاوت ڪري سج اُڀرڻ جي تمنا کي جيئاريندو هيو ۽ رات کي مدي خارج سڏيندو هيو، اياز جي دل ۾ به جذبن ڪاوڙ سان گڏ باهه جا شعلا ٻرندا هيا پر جڏھن ان باهه جو روپ مارُن جي جهڳين کي تپيندو هيو ته اياز يڪدم پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ ان باهه جي شعلن سان به چڙي ويندو هيو، مطلب سندس محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ ئي هئي.
توڙي جو ان وقت جي جابرن شيخ اياز جي قلم کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي سندس کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ سندس جي ڪتابن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون ۽ اياز کي دٻائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون، جنهن باوجود حڪمرانن جون سموريون ڪوششون ناڪام بي معنيٰ ٿي ويون ۽ اياز جهرجهنگ مارُن جي دلين ۾ قوم جو رهنما ثابت ٿيو ۽ شيخ اياز پنهنجا هزارين جنم ايندڙ وقت لاءِ زندهه ڪري ڇڏيا.
انساني معاشري ۾ انسان جو جياپو ۽ مرڻ اکين ڏٺو ۽ روز جو معمول آ پر اسانکي پنهنجي معاشري جا ڪيترا جيئرا مئل فرد ۽ مئل زندهه تاريخ انسان ملندا، مطلب ڪن ماڻھن جو مرڻ ڪا معنيٰ ڪين رکندو آھي، ڪي وري صدين جي تاريخ بڻجي ويندا آھن.
ڪي ماڻھون جيئري مري ويندا آھن ۽ سندن جو هجڻ نه هنجڻ ڪا به معنيٰ ناهي رکندو،ڪي انسان وري آسمان جي مڙني ستارن مان خاص چمڪندڙ ستارن جيان خوبصورت ۽ قابل ذڪر ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا آھن جيڪي پنهنجي تاريخ ۽ ڪردار کي نه ڊھندڙ سونهري اکرن سان درياهن سمنڊن جي ڇولين تي لڪيرن سان پنهنجي تاريخ لکي ويندا آھن اها تاريخ جيڪي هميشه دائم ۽ قائم رهندي آھي.
بلڪل اياز به ان نه ڊھندڙ تاريخ جو حصو ۽ جنم جنم جو جياپو آھي ته وري جنم جنم جي جيت جو فاتح به آھي جنهن موت سان شاعري جي لفظن جي جنگ ذريعي موت جو خاتمو آڻي شاعري ۾ پنهنجو نالو هميشه زندهه ڪري ڇڏيو.
اياز جا گيت، غزل، نظم، وايون امن پيار، آجپي، انقلاب جي لکيل جيئري تاريخ آھي.
شيخ اياز کي جيڪڏھن نثر کانسواءِ شاعر جي حيثيت ۾ ڏٺو وڃي ته شيخ اياز رڳو شاعري ۾ دنيا مڃيل شاعرن ۾ شاهه، سچل، فيض، غالب، اقبال، شيڪسپيئر، ڪبير، ملٽن، ٽئگور کان ڪاليداس جهڙن نالن ۾ اياز جو نالو اول کان آخر تائين نظر ايندو.
شيخ اياز کي جتي دنيا مڃي ٿي سندس شاعري جي آلاپ تي جتي سنڌ هند جي ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجن ٿا اتي سندس خاص ڪري ديس واسين جي لاءِ سندس گيت جتي ديس جي غريب مسڪين مُرجهايل مارُن جي ڏُکي سُکي گھڙين جا منظر ۽ دردن جو دارون به آھن، مطلب اياز جي شاعري ۾ معاشري جو مڪمل عڪس سمايل نظر ايندو
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙھي تلوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن،
تون هيڻو آن ھٿيارن سان.
شيخ اياز وطن جي ڏُکن سُکن ۾ پاڻ ملهائيندڙ ماضي کان حال جو سرچشمو بڻيو آھي ۽ سندس ناتو پنهنجي وطن سان حقيقي ۽ سچائي وارو  رھيو جيڪي پاڻ پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي سان ڪلمو پڙھي ڪيائين ڌرتي تي سجدو ڪري سيس نمائي  مٽي ماءُ تي، مٽي اول آخر، زندهه باد، جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيائين
آيو موت ته روحُ اُڏي ويو جسم ٿيو آزاد،
مٽي اول مٽي، آخر مٽي زندهه باد.
ڪلاسيڪل شاعري ۾ شاهه، سچل کانپوءِ ھيل تائين يعنيٰ جديد شاعري جي سرواڻي جو اعزاز شيخ اياز کي حاصل هنجڻ جو سبب به اهوئي آھي سندس جو علمي شعور تمام مٿانهين اعليٰ سطح جو هيو جيڪي سندس شاعري جي مطالعي مان ملي ٿو.
اسان ننڊ جا نيڻ آھيون پرين،
سُتي ساه جاڳي وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسانجو شعورُ.
سوين چنڊ ساٿي ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾،سفر ۾ سوين ڪائناتون
نه آغاز جن جو نه انجام جن جو.
اياز جي شاعري جي مطالعي ڪرڻ سان اهو واضع ٿئي ٿو ته اياز جو شعور زمين آسمان تي سفر ڪندڙ عظيم فلاسافر انتهائي درجي جي داناءُ شاعر،ليکڪ،اديبن جهڙو هيو سندس جو اعليٰ درجي جو شعور ڊگهو نه کٽندڙ آھي شيخ اياز جيترو لکيو ان کان تمام وڌيڪ سندس مطالعو هيو، سندس مطالعي ۾ دنيا جي انقلابين دنيا جي نامور شخصيتن، شاعرن جو ڳوڙھو مطالعو پڻ هيو، جنهن ڳالهه جي وضاحت سندس آتم ڪٿا  `ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر ´ ۾ ملي ٿو.
اياز اعليٰ پائي جو انتهائي عالم فلاسافر شاعر هيو سندس شاعري تجرباتيPractically سائنسي علمي، عقلي درجي جي آھي.
اها به هڪ اهم ڳالهه آھي ته ڪهڙي به ٻولي جي ڪنهن به صنف ڊرامي، ناول، افساني  شاعري ۾ متاثر ڪرڻ جا جلوا ايستائين نظر نه ايندا جيستائين تخليق ۾ شاعر جي حقيقي منظر نگاري،معاشري جي جيئرن ڪردارن جو ذڪر نه هجي، بلڪه اها تحرير پڙھندڙ کي ڪشش ۽ حقيقي سڌو سبق ڏيندي آھي جنهن ۾ ليکڪ بذات خود پيڙهيو پڄريو هجي يان پيڙا جي ماحول مان گذريو هجي،
بلڪل ساڳئي طرح اياز به هڪ تجرباتي معاشري جي ڏِسِڻي ۽ سڏ جو پڙاڏو نظر ايندو سندس جي هر تخليق ڪمال جي آھي.
جا خدا کان نه ٿي جا نه امڪان ۾،
سا ته ڳالهه آھي انسان ۾،
عشق تنهنجو اياز آھي انسان سان،
هو چون ٿا ته ناهين ايمان ۾.
شيخ اياز کي جتي انسانن سان بي پناهه محبت هئي اتي پنهنجي معاشري جي غلامي کيس انتها درجي جو ڏُک گهرو سور غم غصو پڻ ھيو اياز پنهنجي مارن جي آواز جي هٻڪار جو اعليٰ نمونو تڏهن آهي جو جتي شاهه سائين سر کاهوڙي سر سامونڊي جهڙن سُرن ۾ مارن جهانگين جي منظر ڪشي ڪئي ساڳئي طرح اياز به پل پل مارن کي ڳايو
ڪنڊيءَ نه سنڱري ٻٻر نه پلڙو سائو نه سلڙو،
ڇانگو نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا.
اياز نه صرف سنڌي شاعري تائين محدود رهيو پر اياز نظم کانسواءِ نثر تي به ڀرپور ڪم ڪيو، ڪيترن ڪتابن جا ترجما ڪيا،سندس اردو ادب کي جيڪو شاهه سائين جو رسالو ترجمو ڪري ڏنو اهو به سندس جو ساراهه جوڳو عمل آھي،شيخ اياز سنڌي ادب کانسواءِ اردو ۾ به انمول ۽ سرڪش شاعري پڻ ڪئي.
بلڪل اياز موت کي مات ڏئي اهڙا گيت لکيا جيڪي جُڳن جي جيت آھن.



شيخ اياز
سنڌ جو سرموڙ شاعر
علي ڏنو جروار
اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترائي عظيم انسان، شاعر، قلمڪار، فنڪار ۽ اديب پيدا ڪيا آهن. شيخ اياز به انهن شخصيتن مان هڪ آهي. شيخ اياز جي سنڌ، هند، توڙي پرڏيهه ۾ سڃاڻپ ته هڪ شاعر واري آهي، پر شيخ اياز جنهن به صنف تي قلم کنيو آهي، انهيءَ سان بهترين انداز ۾ نڀايو اٿس. شيخ اياز جي نثر ۾ به شاعراڻو تلفظ ۽ لهجو نظر اچي ٿو. شيخ اياز سنڌ جي انهن انسانن مان آهي، جن سنڌ جو وڇوڙو پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهي الميي يا ڏک کي سيني سان سانڍيو. شيخ اياز جو تعلق شڪارپور سان آهي، شڪارپور سنڌ ڌرتيءَ جو اُهو حصو آهي، جتي ساميءَ جهڙا شاعر به پيدا ٿيا ته وري آغا سليم جهڙا اديب به شڪارپور جي ڌرتيءَ مان جنميا.
شيخ اياز جي شروعاتي شاعري جون جڙون هِن ڌرتيءَ ۾ پاتال تائين کتل آهن. شيخ اياز جي ڪيتري شاعري اهڙي آهي جيڪا سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي توڙي سياسي فنڪشن ۾ اڄ تائين ڳائي ويندي آهي، سندس ڪجهه مشهور گيت ۽ نظم: ”سنڌو ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان مان، مٽيءَ ماٿي لايان مان“ يا ”ڳائي بانورا انقلاب“ ۽ ”مان باغي هان، مان باغي هان“ جهڙا نظم ۽ وايون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن جي ڪري شيخ اياز جهڙي حساس جذبا رکندڙ نازڪ انسان کي ڪيترائي دفعا جيل جو منهن به ڏسڻو پيو، پر هو ڪڏهن پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، هِن جيڪا به شاعري ڪئي، اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪئي ۽ جيڪو شيخ اياز جو نثر آهي، جنهن ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ ۽ ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جهڙا ڪتاب بين الاقوامي معيار مطابق آهن. شيخ اياز جي شاعريءَ وارا ڪتاب ”ڀؤنر ڀِري آڪاس“، ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ تمام بهترين ڪتاب آهن. شيخ اياز جي پوئين دور واري شاعري توڙي نثر به بهترين آهي، پر انهيءَ ۾ نوجوانيءَ وارو جذبو ۽ جوش موجود نه آهي، پر گهاڙيٽي جي لحاظ کان ان ۾ تمام گهڻي پختگي موجود آهي.
شيخ اياز جي پهرئين دور جي لکڻين ۽ ٻئي دور جي لکڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو ته اهي ڪنهن حد تائين الڳ الڳ نظر اچن ٿيون. پهرئين دور مان منهنجي مراد اِها آهي ته شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ تائين پهرين وارو لکيل مواد ۽ ٻئي دور مان مراد آهي وائيس چانسلريءَ کان فارغ ٿيڻ بعد وارو عرصو. پر هِڪ ڳالهه جيڪا سڀ کان اهم آهي، اُها اِها آهي ته شيخ اياز جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُهو تمام بهترين انداز سان لکيو آهي، ڪٿي به هُن لکڻ جي معاملي ۾ ڪنهن مصلحت کان ڪم نه ورتو آهي. آئون شيخ اياز جي شاعريءَ کان به وڌيڪ انهيءَ جي نثر نگاريءَ کان متاثر آهيان. شيخ اياز ڪهاڻيون به لکيون، آتم ڪٿا به لکي، خط به لکيا ۽ مضمون به لکيا آهن. سڀئي پڙهڻ وٽان آهن.
آئون سنڌ جي ثقافت کاتي کي واڌايون ڏيندس، جنهن 2008ع کان 2013ع واري عرصي ۾ شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر ڇپائي منظر تي آندا آهن. هن کان اڳ شيخ اياز جون لکڻيون مختلف پبلڪيشنز پاران مختلف وقتن تي شايع ٿينديون رهيون هيون، پر جس آهي ثقافت کاتي جي سٿ کي جنهن شيخ اياز جا سڀئي ڪتاب سهيڙي پڙهندڙن آڏو آندا آهن. آئون سنڌ جي موجوده ثقافت کاتي کي اِها گذارش ڪندس ته اُهي به اڳئين دور واري روايت برقرار رکندي شيخ اياز جو باقي رهيل مواد، امر جليل، استاد بخاري، ابراهيم منشي، قمر شهباز، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ليکڪن جون لکڻيون ڇپائي سنڌي ٻولي پڙهندڙن تائين پهچائين ته بهتر رهندو. ڇاڪاڻ ته هينئر سنڌ ثقافت کاتي جو قلمدان جن ٻنهي شخصيتن جي حوالي آهي، اُهي ٻئي صاحبِ ڪتاب آهن، ٻئي علم، ادب، فلسفي ۽ شاعريءَ سان لاڳاپيل آهن. هنن تي اِها وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته محترمه سسئي پليجو ۽ سندس ٽيم جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو هو اُهو هنن کي مڪمل ڪرڻ گهرجي.
گذريل ڪجهه سالن کان شيخ اياز جي حوالي سان ڪجهه سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمون ڏهاڙا ملهائي رهيون آهن. اديبن جي هڪ تنظيم ته گذريل سال کان وٺي شيخ اياز جي نالي سان هفتو ملهائڻ به شروع ڪيو آهي، پر انهيءَ هفتي ۾ شيخ اياز جي مواد، ٻولي، لکڻين، شاعري، مضمونن، خطن ۽ ڪهاڻين کي ڪيترو اجاگر ڪيو ويو آهي يا انهن جي ڪيتري پذيرائي ڪئي وئي آهي، اُها سڀ کان اهم ڳالهه آهي. اسان جهڙن معاشرن ۾ هِي روايت عام آهي ته ڪنهن به وڏي شخصيت جي نالي تي کڻي پوءِ ڪم پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ مطابق ڪيا ويندا آهن. هنن سٽن ۾ آئون انهن سڀني ڌرين کي گذارش ڪندس ته شيخ اياز جهڙي عظيم مهان هستي جو نالو ڪنهن به اهڙي مقصد لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. شيخ اياز جي شخصيت، ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن، ان جي زندگي جي انهن ڏهاڙن، جيڪي هُن قيد و بند ۾ گذاريا، انهن ڏهاڙن کي به ياد ڪرڻ گهرجي. شيخ اياز زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا جنهن اڪيلائي ۽ تنهائي ۾ گذاريا، انهن کي به ساريو وڃي. شيخ اياز سان پنهنجن ۽ پراون جا جيڪي رويا يا سلوڪ هئا، انهن کي به ياد ڪيو وڃي. ڪيترن ئي هنڌن تي شيخ اياز تنقيد ڪندڙن ۽ ساڻس نفرت ڪندڙن کي پنهنجي شاعري ۾ توڙي نثر ۾ جواب به ڏنو آهي ته ڪٿي تنقيد ڪندڙن جي آجيان به ڪئي آهي.
شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اهڙو شاعر آهي، جيڪو سنڌ کي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهڻي شاعري ڏئي ويو آهي، اسان سنڌ واسين کي سندس قدر ۽ احترام ڪرڻ گهرجي. ڪوتاهيون ته انسان کان ٿي به وينديون آهن، تنهن هوندي به انسان جو پورهيو ضرور ڏسڻ گهرجي ۽ اُنهيءَ جي اهميت کي تسليم ڪرڻ گهرجي.


شيخ اياز
زندگيءَ جو شاعر
عيسيٰ ميمڻ
شاهه، سچل ۽ ساميءَ کانپوءِ جنھن سنڌي شاعريءَ کي عروج تي پھچايو، انهيءَ ۾ شيخ اياز سڀ کان مٿانهون نانءُ آهي. شيخ اياز نه صرف ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تسلسل هو پر هن جديد شاعريءَ جي عظمت جي محرابن کي به ڇهيو آهي. هن سنڌ جي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا ۽ گَسَ به متعارف ڪرايا آهن. هن لطيف جي ڇڏيل پيچرن تي به سفر ڪيو آهي ته هن نوان دڳ ۽ پيچرا ٺاهيا به آهن. اياز سموري سنڌي شاعريءَ جو تت آهي، تشريح آهي. اياز جي سنڌي شاعريءَ جا ڪيترائي پھلو آهن پر سندس شاعريءَ جو سڀ کان ڳرو پھلو اهو آهي سندس شاعريءَ ۾ ”زندگيءَ جو ذڪر.“ ”زندگي“ جيڪا سماج جو اٽوٽ حصو آهي، جيڪا سماج ۾ زندهه رهي ٿي ۽ سماج کي زندگي به بخشي ٿي. سماج زندگيءَ کان سواءِ ڪا معنى به نه ٿو رکي. زندگي جيڪا موت سان مسلسل ويڙهاند ۾ آهي. ”موت“ زندگيءَ جو تضاد آهي. موت جو عقاب سدائين زندگيءَ کي پنھنجي چنبن ۾ ڦاسائڻ جو تمنائي رهيو آهي پر زندگي سمورن خطرن باوجود به پنھنجي سفر تي روان دوان آهي ۽ زندگيءَ موت کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي. سوين موت جا امڪان رهن ٿا زندگيءَ ۾، جيئن اياز چيو آهي ته:
زندگي آ سوين امڪان نه ڄاڻان ته ڇا ٿئي!
ڪيئن چئجي ته ڪڏهن مينھن ٻَنا ٻوڙ وسي،
ٿا اچن ڄڻ ڪيئي طوفان نه ڄاڻان ڇا ٿئي!
انهن طوفانن ۽ خطرن سان کيڏندي، زندگي پنھنجي زندگيءَ لاءِ جُھد ۾ رهي ٿي. اهو جُھد ئي آهي جيڪو زندگيءَ جي ڪل حاصلات آهي. زندگي جيڪا مسلسل تحرڪ جو نالو آهي. سو دردن هوندي، سؤ زخمن هوندي به اياز کي زندگيءَ سان پيار هو.
سَوَ دَردَ ها، سَوَ دک ها،
پر زندگيءَ پياري هئي،
اڌ رات جو ٻٻرن مٿان،
ڇا چاندني پياري هئي.
انهن خطرن، حادثن ۽ طوفانن جي خطري کي محسوس ڪندي، اياز زندگيءَ جي هر گهڙيءَ کي معنى بخشڻ لاءِ. هر گهڙيءَ کي يادگار بڻائڻ چاهيو هو، جنھن ڪري اياز، اڄ کي ئي زندگي سمجهي ٿو.
ملين ته اڄ ئي ملي وڃ، سڀان هجان نه هجان،
خبر نه آهي گهڻا ڏينھن زندگي آهي!
سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن مان،
سڀاڻي ٽھڪ نه ٻُڌجن مٿان فضائن مان،
سڀاڻي مھڪ نه ايندي ايئن هوائن مان،
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽـڙي آهي،
وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه متان!
انسان کي زندگي ته کپي ٿي پر زندگيءَ سان گڏ آزادي ۽ پيار به کپي ٿو. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ اهي ٻئي شيون موجود نه آهن ته زنگيءَ جي خوبصورتي کسجي ٿي وڃي. زندگيءَ جون رونقون متاثر ٿين ٿيون.
آزادي:  اياز انسان جي هر قسم جي آزاديءَ لاءِ، تلوارن، سان اٽڪيو آهي. اها قومن جي آزادي هجي، طبقن جي آزادي هجي يا ڪنھن فرد جي آزادي هجي. آزاديءَ جي انهيءَ گيت کي اياز ترنم بڻجي ڳايو هو.
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد  هوا ڇا ٿيندي آ،
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
پرواز بنا پر ڪيئن ٿيندا!
جواهر لعل نھروءَ چيو آهي ته،”جديد زندگيءَ لاءِ سڀ کان پھريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت آهي.“
انساني آزادي توڙي طبقاتي آزادي، مظلوم قومن جي آزاديءَ جي سوال سان وابسته آهي. قومون جڏهن غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ هجن اتي تخليق جا سڀ سبب فنا ٿي ويندا آهن. قومن جي ترقي انهن جي آزاديءَ جي سوال سان وابستگي رکي ٿي. غلاميءَ، خلاف اياز للڪار بڻجي اٿيو هو.
ساري عمر جي غلاميءَ کان،
آزادي پل جي به چڱي آ.
انھن غلامن کي غلاميءَ جي پنجوڙ مان آزاد ڏسڻ اياز جو سڀ کان وڏو آدرش هو. جنھن لاءِ اياز غلامن ۽ مظلومن کي هر ڏاڍ خلاف للڪار جو درس ڏنو آهي:
اي معصومو! اي مظلومو!
گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!
هر ڏونگر تي للڪار ڪيو،
۽ اڀري ان تي وار ڪيو.
پورهيت، نه صرف هن سماج/نظام جو چرخو هلائي ٿو پر هن نظام/سماج جو اڏيندڙ به رهيو آهي. اهو ئي پورهيت هن نظام، سماج جو ڏتڙيل به آهي، مظلوم به آهي، جاگيرداري هجي يا سرمائيداري ٻنهي نظامن ۾ پورهيت ظلم جو شڪار رهيو آهي. سرمائيداري اها ڏانئڻ آهي جيڪا پلبي ئي پورهيت جي رت ۽ پگهر تي آهي. اشتراڪيت ان ڏانئڻ جو موت رهيو آهي. پر جڏهن سوويت يونين ۾ اشتراڪيت، سامراجي قوتن هٿان شڪست کاڌي هئي تڏهن دنيا کي ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻ کير جون نديون وهنديون پر وقت ثابت ڪيو ته سرمائيداري هڪ خاص طبقي جي لاءِ نفعي بخش آهي. اياز ان صورتحال کي محسوس ڪندي چيو هو ته:
هاڻي چون ٿا
ته سرمائيداري چڱي آهي!
اشتراڪيت ته برابر بري هئي،
پر سرمائيداريءَ ۾،
ڇا چڱو آهي؟
اهو ئي ته،
هي مزدور،
پيٽ کي پٽيون ٻَڌڻ سکي ويندا،
۽ ڪجهه ڍاوا،
هن ڌرتيءَ تي راڄ ڪندا.
پيار:  پيار، انساني هاڪاري جذبو آهي، انسان جو انسان سان پيار، انسان جو سماج سان پيار، انسان جو ڌرتيءَ سان پيار، انسان جو فطرت سان پيار، فطري آهي. ڇاڪاڻ ته انسان جو سماج، ڌرتي ۽ فطرت سان رشتو اٽوٽ رشتو آهي. انسان جتي پنھنجي زندگيءَ لاءِ معاشي، سماجي ۽ اظھار جي آزادي گهري ٿو، اتي هن کي پيار جي آزادي به گهرجي. پيار، اهڙو جذبو آهي، اهڙي ڪيفيت آهي، جنھن کان ڪوبه ساھوارو انسان توڙي جانور پالهو رهي نه ٿو سگهي. ”سمنڊ منھن ڪريان ته سُرڪيائي نه ٿئي“ واري صورتحال ٿيو پوي. اياز چوي ٿو ته:
پيار ته مون سؤ ڀيرا ڪيو آ،
پوءِ به ڄڻ هڪ ڀيرو ڪيو آ.
نفرتن جي ور چڙهيل زندگيءَ لاءِ، پيار سڀ کان وڏي آٿت آهي. پر ڪي انسانيت جا منڪر، انسان کي بھشت ۽ دوزخ جي دلاسي ۽ دڙڪي ۾، زندگيءَ کان وڌيڪ خيالن ۽ تصورن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏين ٿا. جنھن ڪري هيءَ دنياڪيترائي ڀيرا دوزخ به بڻي آهي. اياز هن انسان کي انهيءَ خوف مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چوي ٿو:
بھشت ڇاهي، دوزخ ڇاهي، ڇڏي اهي يارَ،
مٺڙي مٺڙي ننڊ پرينءَ جي، پاسي ۾ ڪر يار.
يا چوي ٿو ته:
اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ،
جيڪي آهه  هتي آ هاڻ.
پيار، صرف خواب نه آهي پر خوابن جي ساڀيان به آهي. ساڀيان جي ڪل حقيقت به آهي ۽ اهو پيار جڏهن ملي پوي ٿو ته زندگي گيت ”گيت“ بڻجي پوي ٿي ۽ هر گلي گيت ٿي پوي ٿي. اياز لکي ٿو ته:
زندگيءَ جي ستار مان اڳ جان،
سر سندءِ آڱريون ڏسن ٿا پيا،
جي ٻه ٽي ڏينھن تون وڌيڪ رهين،
روح جي ريت تي دليون هونديون،
زندگي رنگ رنگ گل ٿيندي،
گيت ئي گيت سڀ گليون هونديون.
اياز، هن مرڪي مھانگي دنيا ۾، انسان جي لڙڪن اُگهڻ کي سڀني عبادتن کان وڌيڪ اتم سمجهي ٿو، جنھن لاءِ اياز، انسان جي مٽيءَ کي نئين سري سان ڳوهي انسان جي نئين تخليق کي جنم ڏيڻ چاهي ٿو. اهو انسان جيڪو مجبور ۽ مظلوم نه هوندو. اهو انسان زندگيءَ جي سمورين معنائن جي حوالي سان آزاد هوندو. هن انسان کي مقدر تي ڀاڙڻ بجاءِ پنھنجي جدوجھد کي اوليت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
اچ اچ ته مقدر بدلايون،
اچ اچ ته خدا کي ٻڌايون.
اچ اچ ته نيڻين جاڳ جاڳايون،
ٽڪراءِ انهيءَ کي جو روڪي،
گهٻراءِ نه، اچ سينو ٺوڪي.
اياز، وٽ انسان ۽ ان جي زندگيءَ جو جيڪو مان هو، اهو ڌرتيءَ جي مٽيءَ جھڙو عظيم هو/ آهي. هن پنھنجي ڌرتيءَ کان وٺي، عالم انسانيت جي درد کي پنھنجو درد سمجهيو هو. جنھن ڪري، دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ ڪنھن به مظلوم جي گردن هلڪي ٿي هئي ته اياز پنھنجي گردن هلڪي محسوس ڪئي هئي. ان ڪري اياز پنھنجي ڏات هن سماج ۽ انسان جي آجپي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. هن پنھنجي ڏات کي ڌرتيءَ جو قرضي سمجهيو هو.
جنھن وقت به ڪو مون گيت چيو،
هن ڌرتيءَ جو ڄڻ ڪوئي قرض چڪو.
اياز، پنھنجي ڏات جو موضوع، پرين، داستانن ۽ حڪمران طبقي جي ثناخوانيءَ بجاءِ زندگي، سماج، ان جا قدر ۽ ان جا مسئلا ۽ انهن جي هر قسم جي آزاديءَ کي بڻايو آهي. اياز جي قلم ۽ ڏات جديد سنڌ ۽ جديد انسان جي نئين سر اڏاوت لاءِ ڪتب آڻڻ چاهيو آهي ۽ جديد سنڌ ۽ جديد انسان جي تخليق لاءِ اياز جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو صدين تائين رهنمائي ڪندو. هر ايندڙ وقت اياز جي فن ۽ فڪر جا نوان پھلو نمايان ۽ نروار کڻي ايندو. اياز جي ذاتي زندگيءَ جي تڪراري هجڻ باوجود به اياز جو هماليا جيڏو قد ڪڏهن به جهڪيو نه آهي. نه جهڪندو. جيستائين زندگي آهي، زندگي جي معنى  آهي، تيستائين اياز جي شاعر جي زندگيءَ جي ترجمان رهندي ۽ زندگيءَ جي تشريح رهندي.



اياز شيخ مبارڪ علي

جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي.
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو هو. شيخ اياز جو خاندان بکراڻي آهي. شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو، ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
شيخ اياز ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ اياز جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا ۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ اياز جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن اردو شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو. جويي صاحب، شيخ اياز جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو اردو شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي جاري رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ اياز جا ڏانهس لکيل خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ ٻولي به اعليٰ درجي جي آهي. اياز جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
(2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
(3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
(4). ”اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965عايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب ٻيهر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
(5). ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
(6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
(7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
(8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
(9). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
(10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
(11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
(12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
(13). ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: 1985ع)
(14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
(15). ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
(16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
(17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ 1987ع)
(18). ”اڪن نيرا ڦليا“ (شاعري: 1988ع)
(19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
(20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: اپريل 1991ع)
(21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
(22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
(23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
(24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
(25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
(26). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
(27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
(28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)، (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
(30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع
(31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
(32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
(33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
(34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
(35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
(36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: آڪٽوبر 1996ع)
(37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
(38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: آگسٽ 1998ع)
(39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
(40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
(41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
(42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: 1997ع)
(43). ”اٿي اور الله سان“ (شاعري: جنوري 1998ع)
(44). ”اڳتي قدم“ (2001ع:شيخ اياز آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1947ع ۾ ’اڳتي قدم‘ ماهوار جا 3 پرچا ڪڍيا هئا، جن کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
(45). ”جي تند برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ اياز جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽ ان کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون، انور فگار هَڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
(46). ”پکي ساڳي پار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ:2004ع).
شيخ اياز جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا پهريان ٽي جلد آگسٽ 2009ع تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي تاج جويي ترتيب ڏنا آهن. جن ۾ اياز جي شاعريءَ جا 13 ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس اردو شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ اور نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر احمد سليم ڪيو، جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع ۾ ڇپيو، اياز جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ بخشل باغي”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.
شيخ اياز پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ بغاوت جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. ان سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ اياز خلاف باهه ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات“۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم پٿر ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
شيخ اياز قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي بيت ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به اياز ڪيو ۽ ان کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، جن ۾ آزاد نظم، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.
سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ اياز ئي ماڻي. شيخ اياز جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ، اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي انگريزي ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن.
1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS. (Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ (Translated by: J.M Girglani: 2003).
3. SONGS OF FREEDOM, (Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003).
4. ON THE BANK OF INDUS. (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
شيخ اياز جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور ترقي پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور بين الاقواميت، ويدانت يا تصوف جو نمونو پيش ڪري ٿو. اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو.
جهڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي اخبار ’برسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ اخبار ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاهد آهن.
شيخ اياز بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، آغا سليم، انور فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا آهن، جڏهن ته تاج جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
1. ”جر ۾ ٿو جرڪان (1999ع)، (2). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (2000ع)، (3). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (2002ع)، ۽ (4). ”آءُ درازا هل“ (2007ع).
شيخ اياز ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان




شيخ اياز ۽ اياز ادبي ميلو
ادل سولنگي
سنڌ ۾ صدين کان وٺي ميلن ۽ ملاکڙن جي روايت رهي آهي، سنڌ جي مختلف بزرگن جي درگاهن تي ٿيندڙ روايتي ميلا، ملاکڙا، مختلف ماڳن تي ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ماڻهن کي ”تفريح جا نوان موقعا ڏنا ويندا آهن“، انهن ميلن ۾ نواڻ تڏهن آئي جڏهن مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ شهرن ۾ لڳندڙ ”ادبي ميلا“ شروع ڪيا ويا، اهڙن ادبي ميلن ۾ ٻين تفريحي شين سميت کاڌي پيتي ۽ هٿ جي هنرن جا اسٽال لڳايا ويندا آهن.
پر اصل ۾ اهي ادبي ميلا، ٻوليءَ ۽ ادب بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ، مختلف مسئلن تي ويچارڻ ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل موقف پيش ڪرڻ جنهن جي آڌار تي ادب کي درپيش مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارو عمل اهم هوندو آهي، ڪتابن جا اسٽال، ڪتابن جون مهورتون، ڪتابن بابت ورڪشاپ، ٻوليءَ بابت ويهڪون ۽ انهن ويهڪن ۾ پيش ڪيل ٻوليءَ ۽ ادب بابت نون خيالن، نين رٿابندين ۽ نين جدوجهدن جي نئين نموني صف بندي ڪئي ويندي آهي.
ان ڏس ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌ لٽريچر فيسٽيول، ڪراچي ادبي ميلو، ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندڙ ادبي ميلو، لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ اياز ادبي ميلو ۽ حيدرآباد ۾ رٿيل استاد بخاري ادبي ميلو ۽ هاڻي خانه بدوش ڪيفي طرفان ڪوٺايل ”اياز ادبي ميلو“ جنهن جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، خانه بدوش کي مستقل اجهو ملڻ کانپوءِ هي ”خانه بدوش“ جي پهرين ادبي تقريب آهي، جنهن کي ڳڻپ ۾ آڻي سگهجي ٿو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ”اياز ادبي ميلي“ مان ڪنهن کي ڪيترو لاڀ ملندو؟؟؟ پر ضروري آهي ته علم ۽ ادب جون سرگرميون جاري هجن، ڪو زمانو هئو، جو ”سنڌي شامون“ ۽ ”روح رهاڻ جشن“ ٿيندا هئا ۽ ”لطيف جا ڏهاڙا“ ملهايا ويندا هئا. انهن جي تسلسل ۾ ٿيندڙ هي ”ادبي ميلا“ سجاڳيءَ جي علامت آهن، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن جو علم، ادب ساڃاهه ۽ شعور سان ڳانڍاپو ۽ ويجهڙائپ ٿيندي آهي، نئون نسل پنهنجي ادبي روايتن سان سلهاڙجي هڪ نئين ويساهه ۽ اُتساهه سان اڳتي وک وڌائي سگهندو، جڏهن پنهنجو نوجوان نسل علم، ادب، ڪلچر سان سلهاڙبو ته بهتريءَ جي اُميد ٿيندي ۽ روشن مستقبل جي پڪ ٿيندي، اسان ته اهو به چاهيون ٿا ته ”سن“ ۾ به سائين جي ايم سيد جي حوالي سان هڪ هفتي وارو ”ادبي ميلو“ لڳايو وڃي ته بهتر  ٿيندو.. ”اياز ادبي ميلو“ جنهن جي سڄي سنڌ آجيان ڪندي، ان ميلي جو حصو ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ هڪ ڀيرو پنهنجي ادبي، علمي ۽ ثقافتي، مورچي کي سنڀالي جدوجهد ڪئي ته بمبئي کان سنڌ جي ڌار ٿيڻ، ون يونٽ جي پنجوڙ کي ڇني ڇڏڻ، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ آمريت جي اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجو پاڻ مڃائڻ جو وري وري ورجاءُ ٿي سگهي ٿو.
ويهين صديءَ ۾ 2  مارچ 1923ع تي ساميءَ جي شهر شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز، سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي شاهه لطيف سان گڏ، دنيا آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌي شاعري صدين جو سفر ڪرڻ باوجود پنهنجو رشتو پنهنجي پيڙهه ۽ تاريخي ورثي کان ناهي ڇنو، جنهن شاعريءَ جي تاريخ جي سموري اٿل پٿل تي گهري نِگاهه رهي آهي، سنڌ ”ويدن“ کان وٺي لوڪ ادب تائين، لوڪ ادب کان شاهه لطيف تائين، شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، صدين جو سفر ڪندي اڻ ڳڻيون ڪاهون ڪندڙ ڌرين سان مزاحمتون ڪندي پنهنجو فني، فڪري ۽ تخليقي سفر ڪيو آهي.
شيخ اياز چيو آهي ته:
ڳاءِ انقلاب ڳاءِ،
جيئن زمين آسمان،
جي کلي پئي زبان،
ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر،
ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ، چونڪ
جيئن اٿي ڏئي جواب،
انقلاب انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
****
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.
****
متان ٿيو مات! اَمَرُ  ٿيو انڪار ۾،
آرڻ ۾ اقرارَ جي، مور نه ڪجو باتِ،
رانيو رانيو راتِ، رانول پنهنجي رت سان!.
***
سرَن مٿان سوڀ جون، پاڳوُن جي پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺِ تي واجهايو!
لايو سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ جو!
اياز جي شاعري سدائين غلاميءَ جي اونداهه خلاف، آزاديءَ جون روشن مشعلون محسوس ٿيندي آهي، اياز جنهن سنڌ کي پنهنجي ساهه ۾ سمائي سندس روح سان رکوالي ڪندي، لکيو آهي ته:
هيءَ سنڌ سدائين رهندي، ان تي سج اُڀرندو ۽ لهندو رهندو.
رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻي آهي، مان ان مشاهدي کي پنهنجي ”آءُ“ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان کي لکيل لفظ ۾ اَمرڪري پنهنجيءَ جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان، مون ان ۾ اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پن- جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ جا سياٽا به سٺا آهن، منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا مُوريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن، مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن ڌما مين ڌڌڪار ٿئي ٿو، ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اڀيون ڪري ان جي آجيان ڪن ٿا، مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪلهن تي ڳنن ڳاڙهيون ڪهاڙيون هونديون آهن ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا آهن جيستائين پلئه نه ڪندا آهن.
مون ڏٺيون آهن اهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ شهپر مڇون، جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون آهن گهرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل، ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل نپوڙيل پستيون جندڙيون ۽ انهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي.
مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن ۽ ان جي مستقبل، ڏانهن اُڏاڻو آهيان، ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ، ڪاتار وانگر مون اڻيا، آهن سپنا، سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج جا سنهرا سپنا، ڇا مان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي شعر ۾ آڻي ٿو سگهان؟ ڇا مان شعلي کي مشعل مان جهٽي ان کي اَبدي بڻائي ٿو سگهان؟ زندگي ڪيتري نه مختصر آهي!“
آزاديءَ جا سوڙها پيچرا ڪنهن نه ڪنهن وقت شاهي رستي ۾ ملندا آهن.
مان تنهنجي ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان، تنهن جو حال نمرود جي آتش آهي جنهن کي مان اڪيلو نه  وسائي ٿو سگهان ۽ نه ان کي گلزار بڻائي ٿو سگهان، پر جي تون به مون سان گڏ ان ۾ ٽپي پوين ته دنيا ۾ ڪجهه به امڪان جي حد کان دور نه آهي.
سدا اُڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن انسان،
وڙهندي مڙس مَهانَ، مٽيءَ منجهه سَمائيا.
سدا آ ياد سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واههَ،
متان سوچيو ساههَ، متان موٽو ماڳ کان!
****
سدا اُڀريا  سنڌ ۾، ڪو پاڪَنچل لوڏَ،
هُوڙ هيائيون ۽ هوڏ، ڏسِي پنهنجي ڏيهَه سان.
****
وڌندا رهيا ويڙهه ۾ نه ٿيا ڍول ڍَرا،
پُٺا پٿروا نگيان، نرورُڪَ نرَا،
چار ئي پيرَ چَرا، ڇالُون ساڳئي ڇوههَ سان.
شيخ اياز لکيو آهي ته:
”مان سياسي جانور نه آهيان، پر پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي، سرمد به سياسي ماڻهو نه هيو، پر پوءِ به تاريخ جي طرفان ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو ويو.

مان به ته سرمد وانگر آهيان، منهنجو به ڪو ئي دارا شڪوهه آهي ۽ ها، ڪو ئي اورنگزيب به منهنجي آڏو آهي، مان اربندو گهوش نه آهيان ته پٺتي موٽي سگهان، مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سِسِي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي، هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا