; سنڌي شخصيتون: نماڻو سنڌي

22 July, 2017

نماڻو سنڌي

نماڻو سنڌي
آجي سنڌ جا سپنا ڏسندڙ سپاهي شاعر
زبير سومرو
جيتوڻيڪ هن سان منهنجي هڪ ملاقات به نه هئي پر الائي ڇو، سنڌ سونهن ۽ سچ جي ڳالهه ڪندڙ هر شخص مون کي پنهنجن کان به وڌيڪ پنهنجو لڳندو آهي. نماڻي جي شاعريءَ کي پڙهندي، مون کي سرائيڪي ديس جي هڪ دانشور جي ڳالهه ياد اچي وئي ته ” سنڌ سان هڪ الميو اهو به آهي ته سنڌ ۾ ادب، خاص طور تي شاعري پنهنجي انتهائي اعليٰ مقام تي پهتل آهي، سنڌي شاعر غير معمولي تخليقون ايتريون گهڻائيءَ ۾ تخليق ڪن ٿا، جو اُهي عام ٿي ويون آهن ۽ انهن جو غير معمولي هجڻ. خود هڪ معمول بڻجي پيو آهي.“ ان وقت کل آئي هئي ۽ پنهنجن جي اجائي واويلا ته ”سنڌي شاعري مقام ڏي پهچي وئي“ انهيءَ سرائيڪي اديب کي ٻڌائي هيم ته هن انهيءَ ڳالهه تي سخت افسوس  جو اظهار ڪيو هو.


نماڻو ته پنهنجو وارو وڄائي هليو به ويو. هن پنهنجي حصي جي، بلڪه شايد انهيءَ کان به گهڻي جاکوڙ ڪئي. تاريخ جي هن پنهنجي حصي واري دور ۾ هنکي سنڌ لاءِ جيترو به جاکوڙڻو هو. لکڻو هو. ڀوڳڻو هو. هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو. هو جوانيءَ جي سوني دور ۾ موڪلائي ويو، انهيءَ سور هانوَ کي ڏاڍو جهٻو ڏنو.
سنڌ ۾ شاعريءَ جا ڪتاب اڄڪلهه ڌڙا ڌڙ ٿا اچن. هفتي ۾ هڪ ٻه ڪتاب ته آهن ئي آهن. ڪجهه ڪتاب ۽ انهن ۾ موجود ڪي اهڙيون ته غير معمولي سٽون هونديون آهن. جن جي تنقيدي ۽ اڀياسي ڇنڊڇاڻ يا تڪ تور ڪجي ته شاهڪار مضمون لکي سگهجن ٿا. اهڙيون ڪيتريون ئي غير معمولي ۽ شاهڪار سٽون اسان جي هن نماڻي سنڌيءَ جي هن ڪتاب ۾ موجود آهن. جن جو حوالو نه ڏيڻ هڪ وڏي ڪوتاهي هوندي.
قاسم آباد جي  علائقي چانڊيا ڳوٺ جي روڊ جي مرمت دوران، هڪ ڪولهي خاندان(جهور پوڙهي کان وٺي ٻن سالن جي معصوم ٻارڙيءَ تائين) کي روڊ تي پٿر ڍوئيندي ڏٺو هيم. مون کان اڄ به اها ڌرتتيءَ واري ٽاڪ منجهند ناهي وسري سگهي. جنهن ۾ انهيءَ ٻن سالن جي فرشتن جهڙي معصوم ٻارريءَ جي مٿي تي پٿرن جي تغاري ڏٺي هيم. دراصل اها تغاري نه هئي. پر اها سندس کاڌي جي ننڍڙي ٿالهڙي هئي. جنهن ۾ رات جو هوءَ کاڌو کائيندي هئي ۽ ڏينهن جو ماءُ سان گڏ مزوري سکندي هئي. اها رات سوچيندي ۽ لڇندي گذاري هيم، ٻه ڏينهن بي چين هوس، ستت ئي نماڻي جو ڪتاب ”ستارن-رمجهول“ مليو هو ۽ جڏهن سندس غزل جو اهو بند پڙهيم ته هڪ دفعو وري اها معصوم نينگري ذهن تي تري آئي هئي:
پٿر ڍوئيندي ڪولهڻ سوچيو،
سارو جڳ تغاري آهي!
فهم فڪر، دانش جي اعليٰ  ترين پد جي ماپ ۽ ڪٿ لاءِ هڪ سٽ ئي ڪافي هوندي آهي. نه ته ڪتابن جا ڪتاب هاريل ٻوڙ لڳندا آهن. مومن خان مومن جي اها به ته هڪ ئي سٽ ئي هئي نه:
ته ميري پاس هوتي هو گويا،
جب ڪوئي دوسرا نهين هوتا!
جنهن تي غالب جهڙي آفاقي شاعر پنهنجو سمورو ڪلام بدلائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سنڌ جو شايد ئي ڪو ليکڪ هجي. جنهن جي اکين راءِ سهاسيءَ واري آزاد دور جا سپنا نه ڏٺا هجن! نماڻي جا نيڻ به انهيءَ آشا ۾ آخر تائين رهيا. هن جي اندر ۾ آزاد سنڌ جو عـشق چانڊوڪين ۾ سانوري محبوبا جي ساروڻيءَ کان وڌيڪ اونهو ۽ اوچو هو. نماڻو به انهن ڪيترن بدنصيب مان ڳڻجي ويو. جن ”سن“ جي عظيم الشان فڪري ۽ آدرشي درسگاھ مان سونهن، سچ ۽ آزاديءَ جو لازوال درس ته حاصل ڪيو پر سنڌ جي فطري آزاديءَ جو صبح جو سوجهرو ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ وڃي ستا.
علي حسن ته ٻاروتڻ کان ئي نماڻو هو. عام ڳوٺاڻي سنڌي گهراڻي وانگر هن مسڪين مارن جي گهر جنم وٺي، ڪشالا ڪٽي، پنج درجا سنڌيءَ جا پاس ڪيا. سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون، واپڊا جي نوڪري، مزدوريون، پيٽ ٻڌا پورهيا. هن لاءِ ”جيئن لاءِ“ جيڏيون، وڏا وس ڪيام“ جي تشريح هيا. پر سن واري مؤذن جي اذان ٻڌڻ کانپوءِ پوءِ جو پڙاڏو. هن لاءِ محض جياپو نه هو. بلڪه هڪ غلام قوم جو جيئندان هو. هن جي سموري شاعري انهيءَ پڙاڏي کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جو وچن آهي. سندس ئي لفظن ۾ هن جي ڏات اُهو سرخ سڏ آهي. جنهن کي هن هانءَ سان هنڊايو هو. هن جا خواب چچريل ضرور هئا. پر اهي تعبير تائين پڄندا. اها پڪ هن ايندڙ نسل کي ضرور ڏني آهي.
هن جي موت جي خبر مون انهيءَ لاءِ به ڀوڳي هئي. جو آزاديءَ جي قافلي مان هڪ ٻيو متوالو وچڙيو هو. مون کي قيوم منگيءَ جي شهادت هڪ ڊگهي عرصي تائين روئاريو هو، توڙي جو هو نه اديب هو، نه شاعر، پر هو به نماڻو هو. مونکي سيد جا گهڻا ارڏا نوجوان، مزاج ۾ نماڻا لڳندا آهن.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪجهه نثري ٽڪرا به ادبي شاهڪار آهن. چوندا آهن ته ڏکئي ۾ ڏکي اها ڳالهه هوندي آهي. جيڪا صفا سولي ۽ سادڙي هجي. نماڻي جو هي سٽون:
تون جيڪي گهڙا ڀري رهي آهين.
سي ڪنهن لاءِ ته ڀري رهي آهين!
مون کي الائي ڪهڙي اڻڄاڻ اداس ڪيفيت ۾ کڻي ويون هيون. جڏهن  پهريون دفعو پڙهيوهيم، سوچيو هيم ته هنن سٽن جي معنيٰ ڇاهي؟ هنن ۾ هيءَ ڪهڙي قسم جي ڪيفيت رکيل آهي... !! بعد ۾ اهو ئي سمجهيم ته ههڙي قسم جا شاهڪار سمجهبا ناهن، بس محسوس ئي ڪبا آهن.
استاد بخاريءَ چواڻي ”تاريخ ۽ تقدير اها پڪ ڏني آهي ته جيڪو سنڌ سنواريندو. اهو جيئندو رهندو.“ اها ئي پڪ نماڻي جي شاهڪار شاعري به ڏئي ٿي، ڇو ته هن نه صرف سنڌ جي سنوار لاءِ جاکوڙيو آهي. پر پنهنجي سموري وجود سميت قلم سان پتوڙيو به آهي. هن سيد جي سرخ سڏ کي نه صرف پڙاڏيو، پر هانوَ سان هنڊايو به. سنڌ جي ايندڙ هر دور ۾ نماڻي کي ايندڙ سڀ نسل ماضيءَ جي ”سهڻيءَ کان سهڻي سنڌ جا سپنا ڏسندڙ سپاهي شاعر“  طور ياد ڪندا. هونءَ به اهڙي شاعر کي تاريخ ڪيئن ميساري سگهندي. جنهن ههڙا البيلا گيت لکيا هجن:
راڳ جي جٽاءُ مان، باک جي ڦٽي پوي،
آزاد سنڌ ٿئي جڏهن، ۽ رات ڀي کٽي پوي،
تنهنجا به پير ناچ ۾، ڇير ئي ڇني ڇڏن،
خوشيءَ ۾ سڀ وڄي وڄي، تنبور ئي ٽٽي پون،
ساز ماٺ ٿئي متان، چڳون ورائي چاڙهجانءِ!
سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته هانوَ سان هنڊائجانءِ!

خواب چچريل منهنجا، تعبير تائين پڄائجانءِ!






نماڻو سنڌي
وطن ۾ ويساهه رکندڙ عظيم شاعر
گل مورو
وطن ۾ ويساهه به اهي ماڻهو رکندا آهن جن جي من ۾ سدائين سارون ۽ سپنا موجود هوندا آهن اهي سپنا ۽ سارون کڻي ۳۰ جون ۱۹۵۵ع تي نوان جتوئي جي پورهيت گهراڻي، محمد اسماعيل کوسي جي اڱڻ تي، وطن جو ويساهه ۽ سنڌوءَ جو ساهه بڻجي، سنڌ جي هن اڏول ۽ ارڏي شاعر، علي حسن کوسي (نماڻي سنڌيءَ)، ممتا جي گود کي چاهت جون چميون ڏئي، آزادي ۽ عشق جي آس ۾ اک کولي هئي.
نماڻو حادثاتي طور تي شاعر نه بڻيو هو پر هن کي جڏهن معلوم ٿيو ته وطن، ويساهه جو نالو آهي ته هن سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي فڪري سوچ ۽ علامتي عشق کي کڻي، ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ ويهي، باغي (حليم باغي) ۽ ديس جي دربدر (جمن دربدر) سان رهاڻيون ڪيون ته پنهنجي غلام وطن، پنهنجي ماتر ڀومي کي ڌارين جي غلامي مان ڪيئن نجات ڏيارجي. ان وقت ئي هن حالتن جو اڀياس ڪيو. ديس جي دردوندن سان ويچار ونڊيا، ٿر جي ماروئڙن کان ڏکن، ڏوجهرن جون ڪهاڻيون معلوم ڪيون ته خوشحال سنڌ، جيڪا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ان جا ماڻهو پوءِ به بک ۽ بدحالي جا شڪار ڇو آهن. هن سنڌ جي پورهيتن سان گڏجي، انهن جي دردن جي دوا ڳولڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪٽيا.
جڏهن نوڪري واري عرصي دوران سنڌ جي پورهيتن کي سندس ئي کاتي مان تعصب جي بنياد تي نيڪالي ڏني پئي وئي ته ان وقت، انهيءَ نيڪالي ڏيندڙ ڌارئي آفيسر کي هن ارڏي انسان، منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي هئي ۽ اهو چيو ھئائين ته؛ هي ڌرتي ڌڻي آهن. انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نوڪري مان نيڪالي به ڏني وئي. پوءِ به پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ پنهنجي وطن جي رکوالي واري ابدي نظر تي تمام گهڻين مصيبتن هوندي، هٿ نه کنيائين. جڏهن سندس اندر ۾ اُداسي ۽ احساسن اچي مانڌاڻ مچايو ته نماڻو، پنهنجي تخليقن کي ڌارين لاءِ ترار بڻائي، سنڌي مزاحمتي ادب ۾ غزل، وايون، گيت، بيت، نظم، نثري ٽڪرا لکي، اهو ثابت ڪيو ته؛ اهل علم ۽ نظرياتي شاعر نه ڪڏهن جهڪندا آهن، نه وري ڌارين اڳيان وڪامندا آهن ۽ نه وري فردوسي اديبن جيان انهن جي گود ۾ ويهي انهن جي ثناخواني ڪندا آهن.
نماڻو سنڌي به آخري گهڙين تائين ٽئگور جيان ثابت قدم رهيو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ ۽ ٿر جو حُسن، گيتن ۽ چيٽن جا خوبصورت منظر، ڳوٺن ۾ ٿر جي مورن جا ٽهوڪا، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سونهن ۽ سڀيتا، پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪندو رهيو. سندس خوبصورت ريٽي رت سان رچيل نظم؛ تون آءُ پرين، هن شهر وري، صديءَ جي نانءُ، سرخ ڪوئي سڏ ٿئي، ته هانءُ سان هنڊائجان، اڄ به سوراج جي سپني جي آس نراس ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏين ٿا.
هن خوبصورت مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر نماڻي سنڌيءَ ۱۷ اپريل ۲۰۰۳ع تي پنهنجي ممتا کي الوداع ڪيو هو. سندس شاعري جو خوبصورت ڪتاب ”ستارن رم جهول“ شايع ٿيل آهي. جڏهن ته سندس ڪيترو ئي مواد، اڄ ڏينهن تائين، ڇپجي ناهي سگهيو.
نماڻي جي شاعري، نماڻي جي سوچ ۽ نماڻي جو عشق، ڪارونجهر جي ڪنڌيءَ سان هيو. باغي ۽ دربدر جهڙن عظيم شاعرن سان گڏجي، هن ٿر جي ڀٽن تي ويهي، کوڙ سارا خوبصورت گيت لکيا ۽ سنڌ جي سريلن راڳين، ڀٽن تي ويهي مندائتي مينهن ۾ شفيع فقير، صادق فقير سان گڏجي روح رهاڻيون ڪيون.
نماڻو، نه ٿر کان وسريو آهي، نه وري سڄي سنڌ کان وسريو آهي. ڇو ته عظيم شاعر، ڪڏهن به پنهنجي قوم کان وسرندا ناهن.

No comments:

راءِ ڏيندا