; سنڌي شخصيتون: پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي

30 July, 2017

پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي

مٺل جسڪاڻي
سنڌ جو ابن بطوطه
امداد سهتو
چوندا آهن ته جوانيءَ جو سفر تعليم ۽ پيريءَ جو سفر تجربو آهي (بيڪن). ڪو به ماڻهو سفر جي تعليمي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. سفر ڪتابن کان بهتر سيکاري ٿو. سفر صحت مند واڌ ويجهه لاءِ به ضروري آهي. ٽيگور جو چوڻ آهي ته دماغي صحت ۽ ڪتابي راشن چر پر بنا ڪلاسن جي جيل جهڙين ديوارن پويان هڪ هنڌ بيٺل اسڪول ۾ حاصل نه ٿو ٿي سگهي.


سفر ڪنهن به تخليقي ذهن رکڻ واري جي لاءِ نون خيالن جي راهه هموار ڪندو آهي.نئين جاءِ، نوان ماڻهو، انهن جا الڳ الڳ طور طريقا ۽ اتان جون جاگرافيائي، سياسي، سماجي ماحول هڪ لکاري کي مشاهدن جو موقعو ڏئي ٿو. هو جڏهن پنهنجي انهي احوال کي ڪوري ڪاغذ تي بيان ڪري ٿو ته پڙهندڙن کي انهن مشاهدن ۽ تجربن ذريعي ڄاڻ ملي ٿي. اهڙي قسم جي ڪوشش مٺل جسڪاڻي به ڪئي آهي.
مٺل جسڪاڻي هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي. زرعي مهارت کان وٺي نثر نويسيءَ تائين، ايئن چوڻ ۾ ننڍ وڏائي نه ٿيندي ته هن هر ميدان ۾پورهيو ڪري پاڻ پتوڙيو آهي ۽ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ جا ڪيئي سفرناما ڇپيل آهن. سندس اندازِ بيان ايترو ته سادو، سليس ۽ ڄاڻ سان ڀرپور هوندو هئو جو ڪچي عمر ۾ به خرچيءَ جا پيسا گڏ ڪري نيو فيلڊس جي آئوٽ ليٽ تان خاص طور وڃي اهي ڪتاب وٺندا هئاسين. گهڻي وقت کان وٺي سائين الطاف شيخ جا به نوان ڪتاب نظر مان نه گذريا آهن. هاڻي مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب جڏهن هٿ ۾ آيو آهي ته انهيءَ گهڻي حد تائين اهي سڪون لاٿيون آهن.
پنهنجي ڪتاب سفر بخير ۾ مٺل جسڪاڻي سفر جي شروعات هڪ اهڙي شهر کان ڪئي آهي، جنهن لاءِ چوڻي آهي ته ”جنهن لاهور نه گهميو، سو ڄڻ ڄائو ئي ناهي“.
پهرئين ئي ڏينهن مٺل لاهو کي خوب لتاڙيو هو؛ جنهن ۾ هن ميوزيم، عجائب گهر ۽ اتي حاجت گهر ڏسي حيدرآباد جي راڻي باغ، عيد گاهه کي ياد ڪرڻ. اتي داتا دربار جي فقيرن کان وٺي شاهي قلعي جي امير امرائن کي اکين ۾ جاڳائي خوب ڳالهيون ڪيون آهن. هو جڏهن رات جي پنڇيءَ کي سمهاري موٽي اچي ٿو ته لڪشمي چوڪ جي مشهور ڀت جي تصور سان سندس وات پاڻي ٿئي ٿو. ٻن ڏينهن ۾ مٺل وسان ڪري لاهور کي خوب لتاڙيو آهي.
لاهور کان علاوه پنڊ دادن خان ۾کيوڙه لوڻ جي کاڻ جيڪا ٻاهران ته هڪ پهاڙي سلسلو ٿو لڳي پر ان جي اندر به هڪ دنيا آباد آهي. ان ۾ سياچين جي پهاڙن کان وٺي بادشاهي مسجد، هٿراڌو ڍنڍون به موجود آهن. الرجي جي مريضن لاءَ اندر هڪ مخصوص جاءِ ٺاهي ويئي آهي جنهن ۾ ٻاهر جي دنيا کي ڇڏي ماڻهو ڪجهه عرصي لاءِ پاليوشن فري ماحول ۾ وقت گذارڻ ايندا آهن. جن جو ذڪي هن ڪتاب ۾ مٺل جسڪاڻيءَ ڪيو آهي. پر هتي مٺل ديوار محبت جو ذڪر ڪرڻ وساري ويٺو آهي. کاڻ جي اندر هڪ ديوار محبت به آهي. جتي ماڻهو من پسند محبوب کي ماڻڻ لاءِ دعائون گهرندا آهن. ڪشمير ۾ خاص طور تي مظفر آباد ۽ خوبصورت منظرسان گهيريل ڊوميل ۾ ٻن دريائن جي سنگم ۽ اتي آيل پيار وندن کي اک ۾ خوب قيد ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ سيلفي دوران ڪنهن جوانڙي سان چند لمحن جو ڀوڳ، اسلام آباد ۾ تاريخي ميوزيم جو سير جتي مختلف جانورن، شارڪ مڇي ۽ ڊائنوسار جو ديو قامت ڊانچو پيل آهي. ان کان علاوه لوڪ ورثي، شڪر پڙيان، فيصل مسجد، امام بري، جناح سپر مارڪيٽ ۽ دامن ڪوهه ويندي ڀولڙن سان حجتن جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪوهه مري ۾ مال روڊ، ڪشمير پوائنٽ، پنڊي پوائنٽ کي به خوب پيرن سان لتاڙيو آهي.. ڪشمير پوائنٽ تي باهه جو مچ ڏسي اتي ڪيل ڪچهريءَ جو به ذڪر ڪيو آهي.

سفر بخير ۾ مٺل جسڪاڻي ڪجهه سفري رهنما اصولن ۽ احتياطي تدبيرن جو به ذڪر ڪيو آهي ته سفر دوران پنهنجي سامان جي خود حفاظت ڪرڻ کپي. جيڪو اڪثر ريل گاڏين جي هر بوگيءَ ۾ لکيل هوندو آهي. ٻيو ڳنڍي ڇوڙن کان بچڻ کپي ۽ اهم تدبير ته ڪنهن مسافر کان ڪا شئي وٺي نه کائڻ کپي. سنڌ جي ابن بطوطه مٺل جسڪاڻي جو اهو مشاهدو سفر کي بخير پنهنجي منزل مقصود تائين ڪاميابي ۽ بنا ڪنهن پريشانيءَ جي پڄائي ٿو.




مٺل جسڪاڻي
فيسبوڪ گروپ ”دنيا دل وارن جي“ ۾ کانئس ڪيل انٽريو
انٽريو ڪندڙ: سجاد علي، ساره خان
سوال : اوهان جو پورو نالو؟
جواب : محمد مٺل جسڪاڻي ولد محمد عمر جسڪاڻي (مٺل جسڪاڻي)
سوال : اوهان جي تعليم؟
جواب : ڪهڙي تعليم؟ فارمل ايجوڪيشن جي لحاظ کان مون ٻوٽن جي بيمارين واري موضوع ۾ ايم ايس سي ڪئي آهي. ڪي ۱۵، ۲۰ پروفيشنل ٽريننگس ورتيون اٿم. جن مان هڪ ۶ مهينن جو پوسٽ گريجوئيٽ ڪمپيوٽر ڪورس به شامل آهي. ٻيا منهنجي مضمون سان لاڳاپيل آهن.
سوال : تاريخ پيدائش؟
جواب : اسڪول رڪارڊ موجب ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع، امڙ ٻڌائيندي هئي جنهن سال... (ان جنهن سال جي انگ کان اڄ ڏينهن تائين واقف نه ٿي سگهيو آهيان)، ڇو ته ان سال کان پوءِ به ڪيترا ئي سال، مٽن مائٽن ۾ انگ اکر سان جنم ڏينهن يا ٻيو ڪجهه رڪارڊ ڪيپر نه هئا ۽ پابندي سان اڃا به رڪارڊ ڪيپنگ ڪو نه ٿي ٿئي.
سوال : جاءِ پيدائش يا اباڻو شهر؟
جواب : ٽنڊوڄام شهر کان اوڀر ۽ ڏکڻ جي وچ واري ڪنڊ تي اٽڪل ڏيڍ يا ٻه ڪلوميٽر فاصلي تي اسان جو ڳوٺ آهي. جيترا ڳوٺ جا چڱا مڙس بدليا، اوترن نالن سان اهو ڳوٺ سڏجي ٿو. اڄ ڪلهه ”جسڪاڻي ڳوٺ“ پڇبو ته پهچي وڃبو. منهنجي سموري رڪارڊ ۾ هن ڳوٺ جو نالو ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد لکيل آهي.
سوال : اوهان کي پنهنجو نالو پسند آهي؟
جواب : منهنجو نالو اهڙو نه آهي، جو ڪنهن کي نه وڻي. نه وڻڻ وارو به مٺل چوي، ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو نالو!
سوال : اوهان جو ڪو نِڪ نيم آهي؟ مطلب گهر وارا اوهان کي ننڍپڻ ۾ ڪهڙي نالي سان سڏيندا هيا؟
جواب : منهنجو اندازو آهي ته جيڪو چوي منهنجو نِڪ نيم نه آهي، اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. مون کي منهنجا گهر ڀاتي، منهنجا مٽ مائٽ (راڄ ۽ برادري وارا) ۽ انهن جا ويجها، فيملي ٽرم رکندڙ پراڻا واسطيدار سڀ ”مِٺُو“ چون. گهڻن کي ”مٺل“ جي خبر نه آهي. ان ڪري آفيس به مٺو جي پڇا ڪندا آهن، ڳولڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿن، جن گهڻن کي خبر نه آهي اهي خبر پوڻ تي کلندا آهن ۽ آئون اهو سڀ ڪجهه ٻڌي انجواءِ ڪندو آهيان.
سوال : توهان ڪهڙي شعبي سان تعلق رکو پيا؟
جواب : زراعت، ان ۾ به ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، تنهن ۾ وري تعليم، تحقيق ۽ توسيع منهنجو مشغلو، منهنجي ذميواري ۾ آهي.
سوال : زندگي ۾ ڇا ٿيڻ چاهيندا هئا؟ ڇا اهو مقصد پورو ٿيو؟
جواب : ها ها ها! جڏهن ڪجهه ٿيڻ جي خواهش ٿي، چاهت کي پائڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڀاڳ کي لوڙهو اچي ويو. شايد دعا ڪرڻ وارا ”اما ۽ ابا“ هميشهه لاءِ وڇڙي ويا، دعا جا در بند ٿي ويا، پاڻ به ٻين لاءِ دعائون ڪندو رهيس، ان ڪري، اهو مقصد پورو نه ٿي سگهيو. آئون پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهيس، ڇو ته ڪٽنب جي حالات جي پيش نظر ڪڏهن ڪوشش ئي ڪانه ڪيم ۽ پنهنجي ملڪ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ۽ تمام گهڻو خرچ ڪرڻ باوجود پي ايڇ ڊي نه ڪري سگهيس، جنهن ڪري ۱۹۹۶ کان اسسٽنٽ پروفيسر آهيان ۽ هاڻي رٽائر ٿيڻ يا رٽائر ٿيڻ کان اڳ زندگي پوري ٿيڻ تائين، اسسٽنٽ پروفيسر ئي رهندس، جنهن ۾ منهنجو پنهنجو ذاتي ڪو قصور ڪا نااهلي نه ٿو سمجهان.
سوال : شاعري سان شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب : اٺين يا نائين درجي (جماعت) ۾ پڙهڻ دوران ۱۹۷۳-۱۹۷۴ ڌاري شاعري پڙهڻ ۽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، وچ ۾ ڳچ عرصو شاعري ڪانه ڪيم. هاڻي جڏهن پي ايڇ ڊي تان هٿ کنيم، واندڪائي ۾ ڪو خيال اچي ٿو ته قلمبند ڪندو آهيان، پر جيئن شاعر حضرات سڀ ڪم ڪار ڇڏيو هٿ ڌوئي شاعري پٺيان پيل آهن، آئون شاعري پٺيان نه پيس. ان ڪري ڪا گهڻي ۽ پابند شاعري ته تمام ٿوري ڪئي اٿم.
سوال : سڀ کان پهرين شاعري ڪهڙي عمر ۾ ڪئي هئي ۽ ڪنهن کي ٻڌائي هئي؟
جواب : هن سوال جي پهرئين حصي جو جواب گذريل سوال جي جواب ۾ آهي. رهي ڳالهه ڪنهن کي ٻڌايم، سو ياد نه اٿم.
سوال : باقاعدي شاعري ڪهڙي عمر ۾ ڪئي ۽ پهرين نظم غزل يا جيڪو به لکيو هو اهو شيئر ڪرڻ چاهيو ته؟
جواب : هن سوال جو به اڌ، اڳوڻن جوابن ۾ آهي. البت مون کي جيئن ياد اچي پيو، ۽ مڪمل به ياد نه پيو اچي، اهو گهاڙيٽي جي حساب سان بيت آهي، جنهن جي شروعات ڪجهه هن ريت آهي:
سک نه آهي سڄڻ مون کي، نه اندر ۾ آرام.
سوال : تخلص ڪهڙو آهي؟
جواب : منهنجو شروعاتي تخلص ”مجبور“ هو، پوءِ هڪ ٻه تبديل به ٿيو، پر جيئن ته شاعري ۾ سنجيدگي نه رهي، ان ڪري تخلص نه رهيو ۽ ”مٺل“ منهنجو نالو، منهنجو تخلص ۽ شاعري ۾ حدف وارو شخص به علامتي طور ”مٺل“ ڪري لکندو آهيان، جنهن ڪري منهنجو ڪو ڪو خيال پڙهندڙ لاءِ مبهم ٿي پوندو آهي. گهڻا سمجهي نه سگهندا آهن ته آئون ڇا ۽ ڪنهن لاءِ چوڻ پيو چاهيان.
سوال : ڪجھ ذاتي پسند نا پسند جي باري ۾۔۔
جواب : پسند!؟ ڇا ٿيندي آهي؟! آئون اهڙي ماحول ۾ نه ڄائو، نه نپنو آهيان ۽ نه ئي منهنجي نظر ۾ ان لفظ جي ڪا اهميت آهي.
سوال : پسند جي موسم؟
جواب : سيءَ سٽي ٿو، گرمي بي حال ڪري ٿي. اهڙي موسم وڻي ٿي، جنهن ۾ بنا هنڌ بستري جي گذارو ڪري سگهجي.
سوال : پسند جي خوشبو؟
جواب : خوشبوئون وڻنديون آهن پر نالي سان ڪنهن خوشبوءَ جو اندازو نه آهي، ڇاڪاڻ ته آئون خوشبوءِ کي خوشبوءِ ته سمجهي سگهيو آهيان، پر ناليوار پرک نه اٿم. اها انهن کي خبر هوندي جيڪي مختلف نالن سان خوشبوئون خريد ڪري خوشبو ماڻيندا هوندا.
مون کي برسات پوڻ کان پوءِ ڀونءَ مان ايندڙ خوشبو وڻي ٿي. اصلي مينديءَ جي خوشبو وڻي ٿي. هاڻي ميندي جي اصلي خوشبوءَ محسوس ئي نه ٿيندي آهي، اهڙي نقلي ميندي ملي ٿي.
سوال : پسند جو گل؟
جواب : گل ته گل هوندو آهي. هر گل وڻندو آهي. مهل تي ته اڪ جي ڦلڙي به واهه جي لڳي ٿي...
سوال : پنهنجي باري ۾ ڪجهه جملا؟
جواب : آئون پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي نه سگهندو آهيان... اها ڪمزوري محسوس ڪريان ٿو. مون کي به پاڻ سڃاڻائڻ گهرجي، ڇو ته اڄ ڪلهه هر ڪو پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائيندو آهي...!؟
سوال : پسند جي خوراڪ؟
جواب : بُک ۾ بصر به ڀلا، ڍئو تي نه وڻي ٻوڙ ۽ پُلاءَ. خوراڪ ۾ پسند ٻڌائيندڙ مون کي لڳن ڪُوڙا...
سوال : اوهان جا مشغله؟
جواب : آئون پنهنجي مرضي سان اخبار ڏسڻ چاهيندو آهيان، باقي مشغلا جيڪي گڏ آهن، اهي انهن تي ڇڏيل آهن. جيئن مون کي مصروف رکن. واندڪائيءَ لاءِ واجهائيندو آهيان...
سوال : پسند جو ليکڪ ۽ ڪتاب؟
جواب : پڙهڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ته ناميارو ليکڪ به نه وڻندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن نئون ليکڪ به دل ۾ رهجي ويندو آهي. مون کي هي به کاڌ خوراڪ جهڙو معاملو لڳندو آهي. البت لکڻي جو پسند اچڻ يا نه، ان جو دارومدار داخلي ڪيفيت تي سمجهان ٿو. پنهنجي ذاتي سڌ ٻڌ جي ماڻ ماپي تي منحصر آهي. وڻندو اهو جيڪو منهنجي رهنمائي ڪري. جنهن ۾ منهنجي فهم جون ڳالهيون هونديون. ان نسبت سان ئي ليکڪ وڻندو آهي.
سوال : پسند جي شاعري ۽ شاعر (ٿي سگهي ته شاعري جا ڪجهه شعر هتي لکو)
جواب : اهو به ڪيفيت تي دارو مدار رکي ٿو.
سوال : دل گهري شي نه ملڻ تي ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي، اوهان جي؟
جواب : ڪيفيتن جي بياني وارو علم ڪو نه ٿو اچي.
سوال : ڪاوڙ ۾ اوهان جو ردِعمل؟
جواب : منهن مهانڊو تبديل ڪرڻ نه چاهيندو آهيان، رويو به معمول وارو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هي صحيح جواب اهو ڏئي سگهي ٿو، جنهن مون کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو هوندو. (آئون گهڻو ڪري مصنوعي طور ڪاوڙبو آهيان).
سوال : ماڻهن جي ڪهڙي عادت کان چڙ آهي؟
جواب : پاڻ وڻائڻ لاءِ ٻئي بابت گهٽ وڌ ڳالهائڻ قطعي نه وڻندو اٿم. اڄ ڪلهه اهڙا ماڻهو وڌندا وڃن، جيڪي روبرو به غلا غيبت ته ڪندا آهن پر پاڻ کي سرس چئي، پاڻ مڃائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته آئون ننڍپڻ کان برداشت ڪرڻ سکيو آهيان...
سوال : ڪهڙيون ڳالهيون اوهان لاءِ اداسي جو سبب بڻبيون آهن؟
جواب : ڪڏهن ڪڏهن خبر نه پوندي آهي، پر الاءِ ڇا ٿي ويندو اٿم... ڀرئي گهر ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان!؟... ائين ڇو ٿيندو آهي، سو سمجهي نه سگهيو آهيان...
سوال : اوهان جو موڊ ڪهڙين ڳالهين سان بهتر ٿيندو آهي؟
جواب : کل ڀوڳ... آئون پاڻ به کل ڀوڳ ڪرڻ شروع ڪندو آهيان...
سوال : اوهان جي نظر ۾ ايماندار جي وصف۔
جواب : منهنجي نظر ۾ جيڪو ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي، اهو ايماندار آهي ۽ اڄ ڪلهه جيڪو ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي اهو آزار ۾ هوندو آهي.
سوال : زندگي ۾ ڪهڙي شي کان خوف کائيندا آهيو؟
جواب : دعا ڪريو ته چڙهي جتي ابدي آرام نصيب ٿئي، راهه رباني روانو ٿيان، ٻئي جي محتاجي مان خوفزده آهيان.
سوال : اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا اوهان کي باقي سڀني کان الڳ بڻائي ٿي؟
جواب : آئون ته پاڻ کي عام رواجي سمجهندو آهيان، جيڪي مون کي ٻين کان مختلف ۽ باقي سڀني کان الڳ سمجهن ٿا، اهي ٻڌائين ته هو مون کي اهڙو ڇو ٿا سمجهن.
سوال : ڪوڙ ڳالهائڻ مهل اوهان جي چهري جا تاثرات ڪهڙا هوندا آهن؟
جواب : منهنجي خيال ۾ آئون ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان. ڪوڙ ڳالهائڻ بدران يا سچ نه چئي، نه لکي، نه ڳالهائي سگهڻ جي صورت ۾ خاموش ٿي ويندو آهيان.
سوال : جيڪڏهن ڪو جادو جي ڏيئي وارو جن اوهان کان ٽي خواهشون پڇي ته اهي خواهشون ڪهڙيون هونديون؟
جواب : خواهشون ٻاراڻي وهي ۾ ضرور هونديون، انهن جو اهڙي نموني گلو گهٽيو ويو جو پوءِ خواهشون رهيون ئي نه يا وري سوچي سمجهي وک کڻڻ جي ڪوشش ته ڪندو آهيان البت خواهش طور ان جو محتاج نه ٿيندو آهيان. چڙهي جتي هلڻ جي خواهش باقي اٿم. ان لاءِ ٻين کان دعائون گهرندو آهيان، پاڻ به دعا مهل اها گهر ڪندو آهيان.
سوال : ڪهڙي شي کي پنهنجي طاقت سمجهو ٿا؟
جواب : مون وٽ طاقت جهڙو ڪو هٿيار نه آهي. منهنجي محدود دنيا ۾، مون تي جيڪا ذميواري آهي، ان کي وقت سر پورو ڪري عزت بچائڻ جي ڪوشش جاري آهي. اڃا ڪنهن پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو اٿم.
سوال : اوهان جي ڪا ڪمزوري؟
جواب : ماڻهو نه مڃيندا آهن، پر حقيقت اها آهي ته هر ماڻهو جي پنهنجي ذات ئي سندس وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي. روايتي جواب هي آهي ته لڳ لاڳاپا نه رکي سگهڻ، جيڪڏهن لاڳاپا ٿي وڃن ته، حالات سبب نه نڀائي سگهڻ، حد درجي جي ڪمزوري سمجهان ٿو.
سوال : اوهان جو پسند جو زمانو؟ مطلب۔۔۔ ماضي ، حال، يا مستقبل؟
جواب : منهنجو ماضي حصن ۾ ورهايل آهي. ۱۹۸۴ کان والدين جي حياتي تائين وارو زمانو منهنجي لاءِ لاجواب رهيو. پهرين والد ان کان پوءِ امڙ جي وڇوڙي جهوري وڌو. شايد دعا جا در به بند ٿي ويا، جنهن ڪري وقت گذاريو اٿم ڏکيو. پوِءِ به جهڙو حال آهي، هلان پيو. ڪا گهڻي لوڪ لکا نه آهي. مستقبل جي ڪا خبر نه آهي. دعا ڪريو ته خير اصلوبي وارو هجي.
سوال : ڪهڙي شخصيت اوهان جي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي؟
جواب : والدين ۽ ڪجهه استادن جي مهرباني آهي. ڪنهن هڪ جو نالو کڻڻ ۽ ٻين کي نظرانداز ڪرڻ بي واجبي ٿيندي. مون کي ياد نه آهي ته مون پنهنجو پاڻ فيصلو ڪيو يا ڪنهن ٻيءَ شخصيت سبق ڏنو، بهرحال مون هر مضمون ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ ماهر ثابت ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اهو عقل ڏيندڙ جيڪو به آهي، مون کي ان نقطي تي پابندي ۽ سختي سان عمل پيرا رهڻ، جنهن به سيکاريو (يا پاڻ ڄاتم)، منهنجي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سوال : صبح جو اٿڻ کان پوء پهريون ڪم ڪهڙو ڪندا آهيو؟
جواب : اهو حالت ۽ ماحول تي منحصر آهي.
سوال : زندگي جو يادگار لمحو؟
جواب : ڪو هڪ نه آهي. ڪڏهن ڪجهه ته ڪڏهن ڪجهه ياد ايندو اٿم. جيڪو به مون کي ياد ايندو آهي اهو منهنجي لاءِ، ۽ جيڪو به منهنجي حوالي سان، پر ڪنهن ٻئي کي ياد ايندو آهي، اهو ان نسبت سان، پر انيڪ لمحا يادگار آهن.
سوال : اوهان جي نظر ۾ ڪنهن انسان کي پرکڻ جو پيمانو؟
جواب : ماڻهو ۾ سڱ نه ٿيندا آهن. ڪنهن کي پرکڻ جو علم نه ايندو اٿم. ڪي اڻ ڏٺا وڻندا اٿم. ڪي ڏٺي نه وڻندا آهن...
سوال : ڇا دوستي پاڻمرادو ٿي ويندي آهي؟ نه ته ڪهڙن شرطن تي دوستي ڪندا آهيو؟
جواب : دوستي ته ٿي ويندي آهي. شرط ته ڪاروبار کي طئه ڪندا آهن. مون کي دوستي ۾ تجارت نه وڻندي آهي. ماڻهو اهو ڪاروبار ڪن ٿا. ان ڪري ئي چون ٿا ”ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو“.
سوال : ڪيتري قدر Commitment نڀائيندا آهيو؟
جواب : مون کي خبر هئي ته ”دنيا دل وارن جي“ فيس بوڪ تي هڪ اهڙو رواجي گروپ آهي، جنهن ۾ سنجيدهه ميمبر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن ۽ ايڪٽو گهٽ، صرف سندن اوليت پٽاندر آهن. تنهن هوندي به اوهان شاعرن ۾ مقابلو ڪرايو ۽ مون تي جج جي ذميواري ٿاڦي، مون ڪنڌ نه ڪڍايو.
اڃا اهو سلسلو جاري هو ته ”انٽرويو“ جو ذڪر ٿيو. مون سڌي ۽ اڻ سڌي طرح انڪار ڪيو، پر اوهان جي اسرار تي نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريان پيو. جڏهن ته گروپ ميمبر چٿرون ڪن پيا يا وري خاموش تماشائي بڻيل آهن.
منهنجي عام رواجي زندگيءَ ۾ به آئون اهڙو ئي آهيان. نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. نڀائي سگهندو آهيان يا نه، اهو واسطيدار پاڻ اندازو ڪن.
سوال : زندگي جي وصف اوهان جي نظر ۾؟
جواب : زندگيءَ جو علم (بايولاجي) ٿورو گهڻو پڙهيو اٿم. زندگي بس هڪ دورو، ڦيرو، چڪر آهي، جيڪو هر جاندار کي پورو ڪرڻو آهي، اهو به اهڙي حال ۾، جنهن ۾ ڪو به جاندار پنهنجي وس ۾ نه آهي.
جيتوڻيڪ سائنس ترقي ڪئي آهي. هوبهو اصلوڪي جهڙو نئون پيدا ڪري سگهڻ جي سگهه به حاصل آهي، پر اڃا گهڻو ڪجهه لاحاصل آهي...
سوال : اسڪولي زندگي ۾ ڪهڙو مضمون وڌيڪ پسند هئو؟
جواب : مڙئي جان ڇڏائيندو هئس. نائين - ڏهين ۾ الجبرا ۾ انجواءِ ڪندو هئس، اردو ۾ ڊسٽنڪشن حاصل ڪئي هئم، شروع کان اڃا تائين شاعري ڪورس جي ڪتابن ۾ توڙي هونئن به وڻندي اٿم.
سوال : ڪاليج يا اسڪول جي زماني جي ڪنهن استاد کان متاثر ٿيا هجو ته ان باري ۾ به ڪجهه ٻڌايو...
جواب : پرائمري ۾ سائين احمد خان، حاجي خان ۽ عبدالڪريم ياد ايندا اٿم. سائين اصغر کي سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪندو آهيان، ان منهنجي پاڙيسري پاران منهنجي خلاف منهنجي والده جو ڪوڙو نياپو ملڻ تي سليٽ سان مار ڏني هئي، جيڪا اڃا نه وسري اٿم.
هاءِ اسڪول ۾ مشتاق ڀٽي، سائين لائق ٿيٻو، سائين فيض نظاماڻي، سائين حيدرعلي لغاري يادگار رهيا آهن. هنن تي لکندس ته ڪتاب جيترو مواد ٿيندو. سائين حيدرعلي لغاري جا ٻه بهترين ڪتاب ڇپيل آهن، اڻ ڇپيل مواد به هڪ ٿلهي ڪتاب کان گهڻو ڪري وڌي ويندو ۽ يگانو ليکڪ چيو، مڃيو ويو آهي. سندس تي لکيل منهنجا ٻه ٽي مضمون ۽ هڪ تقرير آهي پر ناميارن اديبن به سائين لغاري تي ايترو لکيو آهي جو ٻه موچارا ڪتاب ٿيندا.
سوال : شاعر آهيو، چوڏهين جو چنڊ ڏسي ڇا خيال ايندو آهي؟
جواب : چنڊ وڻي به ٿو، پر هڪ ٻه ڀيرو وڙهيو به آهي، جنهن ڪري مون سندس خلاف شاعري به ڪئي آهي. هڪ رانجها لکان دا مٽ آزاد نظم لکيو هئم جيڪو هتي نه ٿو ٻڌايان، نه ٻڌائيندس.
گروپ جي ساٿين جا سوال
سوال : توهان مارڪسزم کي ڪيئن ٿا سمجهو؟ ڇا قابل عمل ۽ انسانيت جي بهبود جو نظريو آهي؟ (عبدالعزيز زئونر جو سوال)
جواب : تمام بهترين سوال. مس مس وڃي ڪنهن ڪم جو سوال پڇيو آهي.
مون شروع شروع ۾ جڏهن اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ شروع ڪيا هئا ته اهي ازم پڙهيا ۽ ٻڌا هئا...
ٿوري ئي وقت ۾ مون کي احساس ٿيو ته اسان وٽ شاعرن ۽ اديبن جي به کوٽ نه آهي ۽ ڪامريڊ به ڪيترائي پيا ڦرن. ڪو ناراض نه ٿئي ته پاڻ وٽ ترقي پسند، طبقاتي اڻ برابري جي ڳالهه ڪندڙ ۽ قومپرست ڏسو، ڳڻيو، بيشمار آهن ۽ ٽولن ۾ ورهايا پيا آهن!... ۽ مون ڏٺو ته پاڻ وٽ سائنسي سوچ وارا نه آهن. مختلف مضمونن ۾ مهارت رکندڙ عملي ماڻهو نه آهن...
اهو سبب مون تي اهڙو حاوي رهيو، جو مون مارڪسزم، ليننزم. سوشلزم وغيره وغيره ڏانهن به توجهه نه ڏني ۽ سنڌي ويا ڪرڻ، شاعري ۽ ڪهاڻي جا گهاڙيٽا سکڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي.
اوهان اڄ به ڏسو. اوهان وٽ اديب ۽ شاعر، اوهان وٽ سياستدان به بي انداز آهن، صحافي به گهڻا آهن. منهنجي خيال ۾ انهن ئي ماڻهن پنهنجي تعليمي ادارن مان تعليم، تحقيق ۽ توسيع جي تڏا ويڙهه به ڪئي آهي.
آئون اخبارن ۾ گهڻو ڇپيو آهيان. هزارن جي تعداد ۾ منهنجا مضمون، تاثر، تفصيلي رپورٽس، الاءِ ته ڇا ڇا ڇپيو آهي، پر آئون ڪنهن اخبار جو نمائندو نه رهيو آهيان، صحافت جي مروج سرشتي ۾ نه رهيو آهيان. ڪا به اخبار مون کي سندس ڪارڪن نه ٿي ڪوٺي سگهي...
آئون خصوصي طور نوجوانن کي صلاح ڏيندس ته مهرباني ڪري مروج تعليمي سرشتي ۾ سرگرم ٿين پر مقرر مضمون پڙهن، انهن ۾ مهارت حاصل ڪن. پاڻ کي سٺن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، زرعي ماهرن، تعليمي ۽ قانوني ماهرن جي ضرورت گهڻي آهي. سياستدان، شاعر ۽ اديب گهڻا آهن، انهن جي واڙي وڌي پئي. انهن کي ڇڏيو ته هو پنهنجو ڪم ڪن پر ڀلائي ڪري اوهان نه ٿڙو... فضوليات کان بچو... دنيا کي ڏسو، دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو...
هن سوال جي جواب ۾ آئون تمام گهڻو لکڻ چاهيان پيو، پر... تنقيد واجب ڏانءُ ڪو نه ڄاڻان، مون کي ڊپ ٿو ٿئي ڪنهن جذباتي جي ور نه چڙهي وڃان...
بهرحال، هن نقطي تي ايمانداري ۽ سمجهداري سان سوچجو ضرور ته پاڻ کي گهڻي ضرورت ڇا جي آهي... مون کي سياستدان ته زهر لڳندا آهن. انهن جو اولاد عملي سکيا وٺي، مختلف مضمونن ۾ مهارت رکي، غريب مسڪين جي ٻارن کي گمراهه ڪري، ڪنهن مهل ڪهڙي ته ڪو ڪهڙي نظرئي ۾ منجهائي، غريبن جا گهر اجاڙي رهيا آهن... سڀني سان معذرت، جيڪڏهن ڪنهن کي سچ ڪجهه ڪڙو لڳو آهي ته معذرت قبول پوي...
منهنجي هن جواب جي جواب ۾ سوال ايندو ته ڀلا مون ڪهڙو تير ماريو، ان لاءِ آئون پنهنجي لاءِ ڪهڙيون سفايون لکندس... نه... ان سوال جو جواب اوهان ڳوليو... مون کي سڃاڻي سگهو ته سڃاڻو، نه ته جهڙو به آهيان، آئون مطمئن آهيان... منهنجي خواهش آهي ته منهنجو اولاد ڪنهن سياستدان جي ور نه چڙهي، ڪنهن ازم جو شڪار نه ٿئي... هو ڪنهن نه ڪنهن پر مخصوص مضمون ۾ مهارت حاصل ڪري... نئين، نوجوان، ننڍي نيٽي، پڙهندڙ شاگردن کي به اها ئي صلاح آهي... صلاح وڻي ته عمل ڪريو، نه وڻي، غلط لڳي ته وساري ڇڏيو...
سوال : زندگيءَ جي وصف، اوهان جي نظر ۾؟! (ڊاڪٽر ضمير ڪلهوڙو جو سوال)
جواب : سائين اهو سوال ۽ جواب اڳ ۾ ٿي چڪو.
سوال : زندگيءَ جو ڪو يادگار لمحو؟! (ڊاڪٽر ضمير ڪلهوڙو جو سوال)
جواب : هاڻي يادگيرين جي سهاري ئي ته هلان پيو... گهڙي گهڙي گهاءَ سميت، ڪو لمحو ڪنهن مهل ته ڪا گهڙي ڪنهن ويل ياد اچي ويندي آهي. ڪا يادگيري دل بهار بهار ڪريو ڇڏي، ڪا همٿ ڏياري، ته ڪا روئاري وجهي ٿي...
سوال : ڪامريڊ توهان جي نظر ۾؟ (عبدالعزيز زئونر جو سوال)
جواب : آئون عام ماڻهو آهيان. منهنجي نظر به ڪا خاص نه آهي. مون به عام طور اوهان ۽ ٻين وانگر ٻڌو آهي، ته ڪامريڊ لفظ جي هاڻي ڪا چڱي، سٺي سڃاڻپ نه رهي آهي. جيئن ٺڳي، دوکي، دغا، ڪوڙ، چالاڪي، ڏٽي کي سياست سڏيو پيو وڃي تيئن ڪوڙي، ٺڳ، ڏٽائي، چالاڪائي ڪندڙ، دوکيباز کي ڪامريڊ چيو ويندو آهي.
سوال : توهان جو چوڻ ته ”سچ جو زمانو ناهي“. زماني جو سچ تان يقين کڻائي نه ڇڏيندو؟ (نور محمد سمون جو سوال)
جواب : سائين، هر ڪو پنهنجي تجربي جي ڳالهه ڪندو آهي. سچ ڏاڍو ستايو آهي. سچ ڪنهن کان برداشت نه ٿو ٿئي ۽ پوءِ منهن ڏيڻ مسئلو ٿي پوي ٿو... منهنجي نظر ۾ اهو ئي سچ آهي... ويساهه وڃي يا ساهه، ڇا ٿو ڪري سگهجي...
سوال : رستي تان گذرندي بيمارين ۾ ورتل ٻوٽا ۽ وڻ ڏسي ڇا محسوس ڪندا آهيو؟ (نور محمد سمون جو سوال)
جواب : اهو ئي، جيڪو انسانن لاءِ قائم اسپتالن جي ايمرجنسي وارڊ ۾ عام ڊاڪٽر...!؟ روح رڙيون ڪندو آهي پر مريض جا مائٽ پٽون ۽ پاراتا پيا ڏيندا آهن ته ڊاڪٽر توجهه نه ٿو ڏئي!؟ (آئون ائين محسوس ڪندو آهيان)
سوال : سائين اوهان جي نظر ۾ انسان جي زندگي ۾ مذهب جي ڪهڙِي اهميت ۽ مقام آهي ۽ مذهب انسان جي زندگي تي ڪهڙو اثر وجهي ٿو ؟ (شاهنواز ڪالرو جو سوال)
جواب : شاهنواز ”مذهبن ماڻهو منجهايا“ پڙهيو هوندو، مذهب تي بحث نه ڪرڻ گهرجي. جنهن جو جيڪو به مذهب آهي، نه آهي، ڪير نڀائي ٿو نه، ان تي بحث مون کي سٺو نه لڳندو آهي، جنهن ڪري اهو سوال اڳ ۾ به پڇيو ويو هو، پر مون ڪو جواب نه ڏنو، ته پاڻمرادو خارج ٿي ويو. اوهان مجبور ڪيو ته ان کان وڌيڪ جواب ڏيڻ سٺو نه ٿو ڀانيان. دل ۾ نه ڪجو.
سوال : سائين عشق ڇا آهي؟ کُلي جواب ڏيندا ته مهرباني (عليم سومرو جو سوال)
جواب : عشق ڪجهه آهي ته سهي، پر ڪو وکر وغيره ناهي جو آئون چوان ته لوڻ ۽ مرچ جي وچ واري ڪنهن شيءِ کي عشق چئبو آهي. عشق چون ٿا راند به نه آهي، جو ڳڀرو کيڏن. مطلب ته عشق آهي سهي، ان جي وصف هر ڪنهن وٽ ڪا نه ڪا هوندي به سهي، پر آئون عشق جي وصف کي لفظي جامو نه ڏئي سگهندس.
سوال : سائين سنڌ جي تاريخ توهان جي نظر ۾؟ (عليم سومرو جو سوال)
جواب : تاريخ کان واقفيت سڀني لاءِ هڪ جهڙي اهميت رکندڙ آهي. ٻڌو ۽ پڙهيو اهو اٿم ته پاڻ وٽ مستند تاريخ لکي نه وئي آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن لکي به هوندي، ته اها اڻ ڇپيل رهجي وئي... ڪن سٺو لکيو آهي ته وري پڙهڻ ۽ پروڙڻ تي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. اڪيلو ماڻهو گهڻا ڪتاب خريد ڪري ۽ پڙهي سگهي ٿو؟ ڪتب خانا (لائبرريز) ڪيتريون آهن ۽ ڪيتري دير لاءِ کلن ٿيون؟ گهڻيون ڳالهيون آهن... ڇو ته هميشهه ڳالهيون ڪندڙ ئي گهڻا رهيا آهن.



(سندر صفحو، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۲۲ جنوري ۲۰۱۳)



ڪليم راڄڙ ۽ ڪاوش سٿ جي ٿورن سان...
ڳالهه سنڌ جي هجي ته ذات کان اڳتي سوچجي: مٺل جسڪاڻي
سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي اسان جي سماج ۽ ساڃاهه وندن جو هن وقت جيڪو ڪردار آهي، اهو نه هجڻ گهرجي
بنيادي طور زرعي محقق آهيان. سنڌ ۾ کاڄرو کنڀي جي هٿرادو پوک جا ڪامياب تجربا ڪندڙ پهريون فرد آهيان
ڪڏهن ڪڏهن شاعري، ڪهاڻي ۽ مضمون به لکندو آهيان، مستقل مزاج ۽ مثبت سوچ رکندڙ ماڻهو وڻن ٿا
پڙهڻ سان عشق آهي، مائٽ چون ٿا مون عشق جي شادي ڪئي، اسان زال مڙس کان ٻيا ريس ڪندا آهن: اديب ۽ زرعي محقق
حيدرآباد (رپورٽ: ڪليم راڄڙ) سنڌ ۾ پهريون ڀيرو کاڄرو کنڀي جي هٿرادو پوک تي ڪامياب تجربا ڪندڙ نامياري زرعي محقق، شاعر ۽ اديب محمد مٺل جسڪاڻي چيو آهي ته سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي سماج ۽ ساڃاهه وندن جو ڪردار جيڪو آهي، اھو نه ھجڻ گھرجي. ذات کان اڳتي سوچجي ۽ غير مشروط عمل ڪجي. ”ڪاوش“ سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته آئون بنيادي طور زرعي محقق آهيان. ايم ايس سي ٿيسز جي سلسلي ۾ سنڌ جو اھو پھريون فرد آھيان، جنھن سنڌ ۾ کاڄرو کنڀي جي ھٿرادو پوک تي ڪامياب تجربا ڪيا. ٻيا فن ڪو نه اچن، ڪڏھن ڪڏھن ڪچي ڦڪي شاعري، ڪھاڻي، غير زرعي مضمون به قلمبند ٿي ويندا آھن. جيڪي ڪنھن نه ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ شايع به ٿيندا رھن ٿا. منھنجي لکڻين ۾ منھنجو ننڍپڻ، منھنجو آس پاس، ان جون محسوس ٿيندڙ ضرورتن جو احساس ۽ اثر گھڻو آھي. سنڌي ۾ ھزارن جي تعداد ۾ تحريرون ڇپيل آھن، ڪجھه اردو، ڪجھه انگريزي ۾ پڻ ڇپيون آھن. هن چيو ته مون کي مستقل مزاج، صاف سٿرا ۽ مثبت سوچ رکندڙ ماڻھو وڻن ٿا. مائٽ ۽ ڪجھه استاد آئيڊيل رھيا. عشق بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مٺل جسڪاڻي چيو ته عشق ته عشق واري عمر ۾ ٿيو، جيڪو جاري آھي. ڪڏھن ڪنھن سان ته ڪڏھن ڪنھن سان، بازاري عشق نه ڪيو آھي، ذميواري نڀائڻ ۽ پڙھڻ سان عشق سوايو آھي. ٻي خبر ناھي پر مائٽ چون ٿا ته مون عشق جي شادي ڪئي آھي. اسان زال مڙس خوش آھيون. اسان کي سڃاڻڻ وارا رِيس ڪندا آھن. ميڊيا تائين رسائي بابت سوال تي هن چيو ته گھر ويٺي لکي، پھرين پوسٽ ڪري ڇڏيندو ھئس، ھاڻ اي ميل ڪري ڇڏيندو آھيان. اتفاق سان ڪجھہ نه ڇپيو ھجي، پر اڪثر ڇپجي ويندو آھي. منٿ ۽ سفارش جي ڪڏھن به ضرورت محسوس نه ٿي. هن چيو ته نالي ۾ مٺل ضرور آهيان، پر عمل ۾ مٺل نه آھيان. سنڌ کان ڇا مليو ۽ سنڌ کي موٽ ۾ ڇا ڏنو واري سوال جو جواب ڏيندي مٺل جسڪاڻي چيو ته تڪ تور نه ڪئي آھي، ڪبي ته ٻنھي حوالن سان اطمينان رھندو. هن چيو ته سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي سماج ۽ ساڃاهه وندن جو ڪردار جيڪو آهي، اھو نه ھجڻ گھرجي. ذات کان اڳتي سوچجي، ويچارجي، غير مشروط عمل ڪجي. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ته پوءِ به اھو ئي ڪندس، جيڪو ڪندو پيو اچان. درس ۽ تدريس بابت هن چيو ته هاڻي اسسٽنٽ پروفيسر واري عهدي تان ئي رٽائر ٿبو، ڇو ته مٿين عھدن لاءِ پي ايڇ ڊي ضروري آھي. منھنجا ۷۰ کان وڌيڪ پيئر رويوڊ ريسرچ پيپر ته آھن، پر جنھن پي ايڇ ڊي لاءِ ٻه پيپر لازمي گھرجن، اھا پي ايڇ ڊي نه ڪري سگھيو آھيان. پي ايڇ ڊي لاءِ ملڪ کان ٻاھر پھرين پوڙھن والدين پوءِ ٻارن جي مستقبل سبب نه وڃڻ بھتر سمجھيم. ملڪ ۾ ڪوشش ڪيم، پر پي ايڇ ڊي ڪري نه سگھيس.
***
مٺل جسڪاڻي جا ۲۴ ڪتاب ۽ بروشر ڇپجي چڪا، ريڊيو ۽ ٽي وي تي به آبادگارن جو ٻانهن ٻيلي بڻيل
حيدرآباد: زرعي محقق ۽ اديب مٺل جسڪاڻي جا ننڍا وڏا، سنھا ٿلھا ڪتاب، ڪتابچا، بروشر ۲۴ ڇپجي چڪا آھن. هن ٻڌايو ته ۱۹۸۴ع کان زرعي معلوماتي مضمون بنا ساھي لکندو اچان. ريڊيو ٽي وي وارا جڏھن به رابطو ڪندا آھن، زرعي ماھر طور حصو وٺندو اچان. اڄ ڪلھه موبائيل، واٽس ايپ ۽ فيس بوڪ جي سھوليت سبب سراسري طور ھڪ آبادگار کي روز زرعي صلاحون بنا معاوضي ڏيندو آھيان.
***
بنيادي تعليم ۽ نوڪري به ٽنڊوڄام ۾، سائين لائق ٿيٻو ۽ ٻين استادن جي رهنمائي ملي
حيدرآباد: منهنجو سڄو نالو محمد مٺل جسڪاڻي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ۱۹۹۶ع کان اسسٽنٽ پروفيسر آهيان، مون پرائمري کان ماسٽرس تائين تعليم، زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي سرڪاري پرائمري اسڪول، اتان پوءِ زرعي جي ڀر ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول فارم مان ميٽرڪ، ان بنياد تي زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي، ايم ايس سي پلانٽ پيٿالاجي ۾ ڪيم. شروعاتي تعليم ۾ سائين احمد خان خاصخيلي، سيڪنڊري ۾ سائين مشتاق ڀٽي، سائين لائق ٿيٻو (سنڌي)، سائين فيض نظاماڻي ۽ معروف استاد، منتظم، ليکڪ سائين حيدرعلي لغاري جي شفقت نصيب ٿي. يونيورسٽي ۾ گھڻي ويجھڙائي پروفيسر ڊاڪٽر جي آر سولنگي سان، پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف پنھور (ليکڪ) ۽ ٻين استادن جي رھنمائي ملي.

(حوالو: روزاني ڪاوش حيدرآباد، اربع ۰۷ نومبر ۲۰۱۹ع، ص: ۰۷)





مٺل جسڪاڻيءَ سان ڳالھ ٻولھ

ڪمال اوٺو
سوال: اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: مون کي ڏکئي مان ڏکيو ڪم، پنھنجو تعارف ڪرائڻ محسوس ٿئي ٿو. پنھنجو نالو، ولديت، ذات، رھائش، پيشو ٻڌائڻ تائين پنھنجو تعارف ڪرائڻ ته جيئن تيئن، ان کان اڳتي وارو ضروري تعارف ڪرائڻ ته تمام گهڻو ڏکيو آھي! مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آھي، ته تعارف ڪرائيندي، پنھنجي ڪھڙي ڪم جو سھارو وٺي، پاڻ کي ٻين کان الڳ، منفرد انداز ۾ ڪيئن متعارف ڪرائجي؟ ڇو متعارف ڪرائجي؟
نالو: محمد مٺل جسڪاڻي / مٺل جسڪاڻي
والد جو نالو: محمد عمر جسڪاڻي
ڄمڻ جو هنڌ: ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، لڳ ٽنڊوڄام، تعلقه ۽ ضلعه حيدرآباد
ڄمڻ جي تاريخ: ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع
تعليم:
پرائمري: ۱۹۷۱ع، گورنمينٽ پرائمري اسڪول، زرعي ڪالوني ٽنڊوڄام
مئٽرڪ: سائنس، ۱۹۷۶ع، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊوڄام فارم
بي. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو)، ۱۹۸۱ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
ايم ايس سي ايگريڪلچر آنرس (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو)، ۱۹۸۷ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام (ٿيسز جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ پهريون دفعو کنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائي)
تربيت / ٽريننگس
۳۰ مختلف علمي ۽ عملي تربيتي ڪورس ڪيا ۽ ۱۰۰ کان وڌيڪ مختلف علمي ۽ عملي تربيتي ڪورسن ۾ تربيتڪار / سهوليتڪار طور ذميواريون نڀايون.
ملازمت:
ريسرچ آفيسر (۱۹۸۴ کان ۱۹۸۸ع)، کنڀين جو تحقيقي پروجيڪٽ، ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالوجسٽ (۱۹۸۹ کان ۱۹۹۴ع)، سنڌ هارٽيڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ميرپورخاص.
اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر (۱۹۹۴ کان ۱۹۹۶ع)، پلانٽ پيٿالوجي سيڪشن، اي. آر. آءِ. ٽنڊوڄام
اسسٽنٽ پروفيسر (۱۹۹۶ع کان هلندڙ)، ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، فصلن جي بچاءُ واري فيڪلٽي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
ڇپيل مواد:
لڳ ڀڳ ۱۰۰ مختلف زرعي تحقيقي مقالا، Peer Reviewed Research Journals ۾.
اٽڪل ٻه درجن مختلف ڪتاب ۽ ڪتابچا، جن مان سفر بخير ۽ زرعي سونهون کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي ۽ ٻنهي تي انجمن ترقي پسند سنڌ چيپٽر پاران سال جو بهترين ڪتاب جو ايوارڊ به مليو
هزارن جي تعداد ۾ مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون، مقالا ۽ تحقيقي رپورٽس ڇپيل آهن.
ادب جي حوالي سان:
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف علمي، ادبي، سماجي پهلوئن تي لکندو رهڻ سان گڏوگڏ شاعر به، ڪهاڻيڪار به، ڪتابن تي تبصرا به لکي، شخصيتن تي خاڪا به، ڪيترين ئي نامور شخصيتن جا پروفائيل انٽرويو به ڪيا، جيڪي پڻ وقت به وقٽ شايع ٿيندا رهيا آهن.

سوال؛ اوهان لکڻ پڙھڻ ڪڏهن شروع ڪيو؟
جواب؛ مون لکڻ پڙھڻ ته پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺڻ واري پھرئين ڏينھن کان شروع ڪيو، پر اوھان ان حوالي سان نه پڇيو ھوندو. جنھن حوالي سان اوھان پڇو پيا، ان نسبت سان مون لکڻ نائين ڪلاس ۾ پڙھڻ دوران ۱۹۷۵ع کان شروع ڪيو. پڙھڻ جي شروعات گهڻو ڪري ۱۹۷۳ع کان ٿي ھوندي.

سوال؛ هڪ سٺي ليکڪ م ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن ؟
جواب؛ منھنجي خيال ۾ ھڪ سٺي ليکڪ ۾، سندس لکتن جھڙيون سٺايون ھجڻ گهرجي. اھو ڪھڙو ليکڪ، جيڪو لکي ته لک لھي، ملي ته ٽڪي جو به نه ھجي! مجموعي طور ليکڪ کي عام کان الڳ، منفرد، مثبت، معتبر ھجڻ گهرجي. اھڙو نه ھجي، جو ساڻس ٻئي دفعي ملڻ لاءِ دل نه چئي. ساڻس دعا سلام کان به نٽائجي...

سوال؛ اوهان جا ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪھڙا آهن؟
جواب؛ ننڍا وڏا ۲۴ ڪتاب، ڪتابچا ۽ پمفليٽ ڇپيل آھن. ھڪ ڪتاب ”سفر بخير“ سفرنامو آھي، ھڪ ڪتاب ”زرعي سونھون“ آھي، جيڪو زرعي سماجي حوالي سان زرعي معلومات ۽ شاعري تي مبني آھي، ۲۲ ڪتاب نج زرعي ڪتاب آھن، جن مان ھڪ انگريزي ۾ آھي، ٻيا سنڌي ۾ آھن.

سوال؛ لکڻ جا محرڪ ڪھڙا هئا؟
جواب؛ منھنجي ڇپيل سڀني ڪتابن ۾ زراعت آھي، پر مون صرف زرعي مضمون نه لکيا آھن. مون شاعري به ڪئي آھي، ڪھاڻيون به لکيون آھن، تعليم جي حوالي سان به گهڻو لکيو اٿم، مختلف سماجي موضوعن تي به لکيو اٿم. مون مختلف شخصيتن تي لکيو به آھي، ڪيترن کان انٽرويو به ورتا اٿم. ڳچ سارن ڪتابن تي تبصرو به ڪيو اٿم. ڪجهه ڪتابن ۾ مھاڳ يا ڪنھن ٻئي حوالي سان به لکيو اٿم. لڳ ڀڳ ھڪ ھزار علمي ادبي ليک، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آھن.
زرعي حوالي سان، انگريزي ٻوليءَ ۾، عالمي معيار جي تحقيقي جرنلس ۾ لڳ ڀڳ ھڪ سؤ تحقيقي مقالن ۾ ليکڪ جي حيثيت ۾ شامل آھيان. ان کانسواءِ مون اردو ۾ پڻ لکيو آھي.

سوال؛ توهان جو قابل فخر ڪم؟
جواب؛ آئون ڪھڙو ڪم، ڇو ڳڻايان؟ منھنجي شاگردن کان پڇو، ته ڪھڙو استاد، ماستر يا وقت پاس شخص آھيان؟ منھنجي مضمون ۾ مھارت رکندڙن کان پڇو، يا عالمي حوالي سان، مختلف ملڪن جي سائنسدانن، منھنجي تحقيقي مقالن کي جيترا دفعا استعمال ڪيو، ان نسبت سان اوھان پاڻ اندازو ڪريو. گوگل سرچ وسيلي منھنجي ڪم کي ڳوليو، پرکيو... آئون پنھنجي عملي ڪارڪردگي مان مطمعن آھيان، خوش آھيان، مون کي منھنجي محنت تي فخر آھي.

سوال؛ ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيو؟
جواب؛ ادارا بي جان ھوندا آھن. ادارن ۾ ڪم ڪندڙ جاندار ھوندا آھن. جاندارن ۾ ڪي سست، ڪي چست، ڪي سيکڙاٽ، ڪي تجربي وارا، ايندا ۽ ويندا رھيا آھن. فردن توڙي ادارن جي ڪارڪردگي ھڪ جھڙي ڪڏھن به نه رھڻي آھي. جھڙو سماجي ماحول آھي، ان نسبت سان ڪڏھن سست ته ڪڏھن چست، ڪم ھلي پيو. تعريف به ڪري سگهجي ٿي، تنقيد به ڪري سگهجي ٿي.

سوال؛ ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙي آھي؟
جواب؛ ادب جي وصف وانگر، ادب جو ڪارج به ڪو ھڪ نه آھي. آئون پنھنجي علم، عقل، ضرورت جي حساب سان، ٻيو سندس علمي پھچ جي نسبت سان ٻڌائيندو. بھرحال، سرت، سمجهه، ساڃانھه مان نڪتل يا ڪڍي ڇڏيندڙ عام بازاري شاعري ۽ نثر کي آئون ادب نه ٿو سمجهان.

سوال؛ لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
جواب؛ لکڻ لاءِ ڪڏھن به قلم ۽ ڪاغذ کڻي، سيڙھجي نه ويٺو آھيان. مختلف نڪتا، مختلف موضوع، ذھن ۾ پاڻمرادو اچي ويندا آھن. من اندر ۾ سوال جواب پيا ٿيندا آھن. اوچتو ڪا اھڙي قوت آھي، جيڪا قلم ۽ ڪاغذ کڻائي لکرائي ٿي. ھڪ ئي ويھڪ ۾، مسلسل، ڪڏھن مختصر ته ڪڏھن طويل لکجي ويندو آھي. لکجڻ کان پوءِ سھيڙ ۽ سنوارت پاڻ سوچي، سمجهي، پنھنجي علمي، عقلي پھچ مطابق ڪندو آھيان.

سوال؛ نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
جواب؛ نئون سرجندڙ ادب ڳڻتي جھڙو نه آھي. البت ڪاروبار جو ادب ۾ اچڻ ھاڃيڪار آھي.

سوال؛ عورت توهان جي نظر ۾؟
جواب؛ عورت به مرد وانگر جاندار آھي، ان جا پنھنجا حق آھن. مرد کان گهٽ ته ڪنھن به ريت نه آھي. اھا ٻي ڳالھه آھي، ته جيئن مرد سڀ برابر نه آھن، عورتون به سڀ ھڪ جھڙيون نه آھن. ڪي مرد جي مٽ، ته ڪي مرد کان وڌ به آھن. عورت ۽ مرد کي الڳ بيھاري، انھن جي عقل جو ڪاٿو ڪندڙ بي وقوف آھن. انھن بي وقوفن ۾ مرد به ته عورتون به شامل آھن.

سوال؛ اوهان ڪنهن سان عشق ڪيو؟
جواب؛ ھا. عشق ڪيم. ڪنھن به ھڪ سان نه. ڪڏھن ڪنھن سان، ته ڪڏھن ڪنھن سان. ڪڏھن جاندار سان ته ڪڏھن بي جان سان. ڪڏھن شڪلين، صورتن، عمارتن سان، ڪڏھن منظرن سان عشق ڪيم، ته ڪڏھن اکرن، لفظن، جملن سان به عشق ڪيم. انيڪ عشق ڪيم.

سوال؛ شادي ۽ اولاد بابت ٻڌايو ته واه واه!!
جواب؛ اسان جي برادري ۾ رشتيداري سڱ بدلي سڱ يعني ڏي وٺ جي بنياد تي ٿيندي ھئي، خاندان ۾ ڇوڪري نه ھجڻ ڪري امڙ پريشان رھندي ھئي. ويجهن عزيزن جي دلچسپي سبب منھنجي وڏي مامي جي نياڻي ملي، پر مامي راضي نه ھئي، ان ھوندي به شايد ۱۹۷۲ع ۾ منھنجي ۱۲ سال عمر ۾ مڱڻو ٿي ويو ھو. ڪجهه سال گذرڻ بعد منھنجي اھا ڪنوار بيمار ٿي وفات ڪري وئي، ته مون تي نڀاڳو ھجڻ جو نئون ٺپو لڳو. يعني بدو به نه ھجي ۽ شادي کان اڳ ڪنوار به وفات ڪري ويل ھجي، ظاھر آھي، پوءِ ته رشتو ٿيڻ ممڪن ئي نه رھيو. نتيجي طور آئون عمر ۾ وڏو ٿيندو ويس، پڙھندو رھيس، پڙھندي ئي آفيسر ٿي ويس. پوءِ ته رشتن جي به قطار لڳي وئي.
منھنجي ھڪڙي شادي ٿيل آھي. اسان ٻنھي جي مرضي سان ٿي آھي. شادي ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪرِيءَ وارا مائٽ خوش ھئا. اولاد ۾ ٽي نياڻيون، چار پٽ آھن. سڀ پڙھن پيا.
منھنجو اندازو، اڳ ڪٿي آھي، ته مستقبل قريب ۾، منھنجو اولاد، مون کان وڌيڪ پڙھيل ھوندو.

سوال؛ واندڪائيءَ ۾ ڇا ڪندا آھيو؟
جواب؛ مون پنھنجي سانڀر ۾ ڪڏھن به پاڻ کي واندو محسوس نه ڪيو آھي. آئون واندو ٿيندو به آھيان، ته گهر ڀاتي، مٽ مائٽ، يار دوست ۽ الئه ته ڪير ڪير، مون کي مصروف ڪري ڇڏيندا آھن. ۲۴ ڪلاڪن مان ۰۸ ڪلاڪ ڪم کان، ڪم چڙھيل آھي. آرام جا ۰۸ ڪلاڪ به ڪڏھن ڪڏھن، قسمت سان مليا ھوندم.

سوال؛ آخر ۾ ڪو پيغام پڙهندڙن لاءِ!
جواب؛ پڙھندڙن کي کپي ته مون ڏانھن پيغام موڪلين، ته ھو مون مان ڇا ٿا چاھين. منھنجو اھو پيغام آھي، ته پاڻ اھڙا ٿي پئو، جھڙو پاڻ لاءِ ٻين کي چاھيو ٿا. جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا ته ماڻھو اوھان سان صحيح ورتاءُ ڪن، ٺڳي نه ڪن، اوھان سان سڌا، سچا، ايماندار ھجن، ته اوھان پاڻ به اھڙا ھجو، ڇو ته پنھنجي ليکي الڳ ٿلڳ ڪير به ڪونھي.



مٺل جسڪاڻي

پنهنجي نظمن ۾

مختيار چنو

پروفيسر بشير احمد جانوريءَ  دعوي ڪندو آهي ته هو وِکَ کڻڻ سان ماڻهو کي سڃاڻي وٺندو آهي. ماڻهو ڪيئن آهي؟

ڪهڙي نيت جو آهي؟

ڪهڙي نسل جو آهي؟

ان جي ابتڙ، مان عام زندگيءَ ۾، ان معاملي ۾ بنھ جَڏو ۽ اَناڙِي رهيو آهيان.

فيس بڪ جي وسيع دنيا آهي. جتي  مختلف ذاتين پاتين، رنگن، نسلن ۽ مذهبن جا ماڻهو وَسَنِ ٿا. اتي سوچي سمجهي وک کڻڻي پوندي آهي. ڪنهن ٿورڙي ڪوتاهي ڪري عزت به مجروح ٿي سگهي ٿي. توهان جي اهليت تي داغ به لڳي سگهي ٿي. سنڌي چوڻي جيان

“ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان”

هونئن به منهنجي بچپن جي عادت آهي، ٻڌندو وڌيڪ ۽ ڳالهائيندو گهٽ آهيان. اها عادت مون کي فيس بڪ تي ڏاڍي ڪم آئي آهي.

پوري طرح ياد ناهي. ڪنهن دوست جي پوسٽ تي مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪمنٽ پڙهيو. ڪمنٽ جي ٻولي سخت هئي. مون نظر انداز ڪيو. سمجهيو هوندي ٻنهي جي ذاتي يا نظرياتي جنگ.

ائين ڪجھ وقت کان پوءِ ٻيو ڪمنٽ به نظر مان گذريو، ڪا به رعايت نه ھئي.

مان ان جي ٽائيم لائين تي ويس. ڳاڙهو ڳٽول چهرو، اڇا وار، اڇا شهپر. هڪ نظر ۾ سخت مزاج لڳو. پوسٽن مان خبر پئي. ھي ھڪ ئي وقت زرعي ماهر،

شاعر، ڪهاڻيڪار ، تجزئي نگار ۽ نقاد آهي. هن جي ٻوليءَ ۾ ڪنوارين عورتن جي پهرين پيار واريون سرگوشيون نه هيون، شاعراڻيون حسناڪيون نه هيون. پوپٽن جي پرن جاڪچا رنگ رچيل نه هئا.

هن جي ٻوليءَ بي رياءَ ۽ منجهس رُکائپ نه به کڻي چئجيس هروڀرو جي ٺاھ ٺوه، انتر منتر کان خالي هئي.

جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن “سڌي راند سونٽي جي”

ڪي پوسٽون به هن جي مزاج جي باري ۾ ڳالهائن پيون.

اچو ته مٺل جسڪاڻيءَ جون هي سٽون پڙهون.

“مون کي  ناھي خبر،

ڪنھن ٻئي کان پُڇ.”

يا ٻئي ھنڌ

“نظر انداز تو نه،

مون ڪيو آهي توکي،

نه ته تون،

ڪهڙي باغ جي موري آهين؟

باغ لڳائڻ،

ايندو آهي مون کي.”

پوسٽن پڙهڻ کان پوءِ راء جُڙي هن وٽ سڌن سادن لفظن ۾ مختصر ۽ جامع ڳالھ ڪرڻ جو پنهنجو الڳ ڏانءُ آهي.  سماج تي هن جي گهري نظر هئي. مٺل جو مختصر نظم.

“روڳ ورتل سماج ۾،

وڌندا پيا وڃن،

روڳ ورتل ماڻھُو،

ھاڻي ته دانش به،

بيمار ٿيڻ لڳي آھي!”

پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پئي. ھي سخت مزاج نه پر خودداري آهي. خودداري هن جي اوليتن ۾ شامل ڏٺي. هو نج سانئس جو ماڻهو آهي. هو ترقي ۽ تبديليءَ کي قبول ڪري ٿو. پوءِ به هن جي خواهش آهي ٻين جي تلقيد ڇو ڪريون؟ پاڻ ڇو نه بڻجون جو ٻيا ماڻهو، پنهنجي پوئلڳي ڪن.

اچو ڏسون.

“پنھنجو خيال ڪجو

سماج بدلجي ويو آهي

سماجي گهرجون بدلجي ويون آھن

ادب بدلجي ويو آھي

ادبي تقاضائون بدلجي ويون آھن

دانش بدلجي وئي آھي

دانشور بدلجي ويا آھن

پنھنجو خيال رکجو”

منهنجي دل کي ڏاڍو آورڙيو، مون کي هن جي خودداري ۽ خود اعتمادي سٺي لڳي. جيتوڻيڪ مونکي خوددار، منهن تي سچ چئي ڏيندڙ ماڻهن کان ڀوءُ ٿيندو آهي.

مون سَتُ نه سَاريُو، متان رڪيسٽ قبول نه ڪري. چپ چاپ ۾ فالو ڪري ڇڏيو.

متان چئي نه وجهي. جئين هتي چيو اٿئين.

“ھل ڙي...

ڄڻ ته:

آھين ئي نه!”

مان هن جون پوسٽون پڙهندو هيس. هي پنهنجي راءِ مان ظالم نقاد لڳندو هو.

هن جي نظم مان اهڙا منظر ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهو ٿا.

“تنھنجا شعر آئون،

پڙھندو رھندو آھيان،

اھو ڦرڻو گھرڻو فڪر،

تنھنجو پنھنجو آھي،

يا شعر تون به،

ونگار تي لکرائين،

يا وٺندو آھين،

ڏوڪڙن سان،

ان ڪري تنھنجو،

روڪڙي ورتل شعر ڀلو،

اوڌر تي ورتل اڌورو،

ڏٽن سان ورتل،

ھوندو آھي،

ھر شعر اجايو،

ٻڌاءِ ته سھي،

اصل ماجرا ڇا آھي؟”

هن جون اکيون شين کي ڪيئن ٿيون ڏسن؟ هن جي نظمن مان معصوم، هلڪي هلڪي طنز ۽ مزاح به موجود آهي.

“ڏي خبر...

قافيا نه ٿا ملنئي،

رديف سان نڀاءُ ڏکيو،

يا وزن ۾ آن مُنڌو؟

غزل نه سھي،

وائي ڇڏ کڻي،

گيت به نه ئي،

آزاد نظم ڪو،

نثري نظم به نه!

ڇو؟

آخر ڇو؟

ڇا ٿيو؟”

ھي صرف تنقيد ناهي ڪندو. ڪا لکڻي وڻي ويس ته تعريف ۾ ٻار ٿي ويندو آهي. مالڪ جي پوسٽ کان وڌيڪ، هي پنهنجو ڪمنٽس لکندو آهي. ان ڏينهن ڀلوڙ شاعر جميل سومرو جون هيٺ ڏنل ٻه سٽون جو وڻيس.

“مون سان ڀُلجِي متان ڪري ڪو بَحَث،

اُٺ ڪتابن جا مون پڙھيا آھن ـ

(جميل سومرو)

 هڪ وقت پوسٽ تي ڏھ پندرهن ڪمنٽس ڪري ڇڏيائين. اتي به بس نه ڪيائين. هن جي شاعريءَ ۽ پنهنجي ڪمنٽس جي الڳ پوسٽ ٺاهي پنهنجي ٽائيم لائين تي رکيائين.

هن وٽ عشق به آهي. هن جو محبوب آهي. هيءُ جنهن جي ڳولها ۾ آهي. جيڪو هن کان لکرائي ٿو. نه ته لکڻ ڪو آسان پورهيو ڪونهي.

جيئن ڀٽائي چيو

“سوڍا! تو در ساه، نه ته راڻا گهڻا ئي راڄ ۾”

حمل فقير لغاريءَ خوب چيو آهي.

“اسين پاڻ اتامڙا ڪڌون نه ڪنهنجي ڪاڻ،

حمل، سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻيون ڪڌون ڪن جون “

اچو ته ڏسون مٺل ڇا ٿو چوي :

“فيس بوڪ تان،

ھر خبر ٿي ملي وڃي،

صرف تنھنجي نه ٿي ملي،

تون آھين ڪٿي؟”

جيتوڻيڪ پاڻ سانئس جو استاد آهي. هو سائنس ۾ بِلِيوِ Believe رکي ٿو. پر مسلسل ڳولها، ڪنهن ويل، هن جي من َ کي منتشر ضرور ڪري ٿي.

“ماڻھُو چون ٿا:

سائنس ايتري ترقي ڪئي آھي،

ھاڻي ڪو به ڳُجھ،.

ڳُجھ نه رھيو آھي!

تون ڇا ٿو چوين؟”

انسان آهي، ڪڏهن ڪڏهن، هن جي اندر ۾ طلب ۽ تاتِ سان گڏ شڪ به اچن ٿا. جيڪو فطري عمل آهي. هن مان هن جي گهري مشاهدي جي پروڙ به پوي ٿي.

“آئون ته آھيان گهر منھنجي،

توکي ويٺو ساريان،

منھنجي ڪمري ۾،

منھنجي بستري تي،

تون آھين ڪٿي؟

گڏ ڪنھن سان؟

سار ڪنھن جي ۾؟”

سائين مٺل سان اِن باڪس ڪجھ اشوز تي ڳالھ ٻولهه ٿيندي هئي پر ڪڏهن فرينڊ ٿيڻ لاءِ نه مون ۾ همٿ ٿي، نه هن ئي آفر ڪئي. مان مٺل جسڪاڻيءَ جون پوسٽون پڙهندو هيس. هيءُ اڪثر پوسٽن کي پبلڪ نه ڪندو هو. ان ڪري مان ڪمينٽ ڪري نه سگھندو هيس. چوندو به نه هيس. سندس هن نظم جيان ڊپ رهندو هو ته

“پاڻ ماڻهن ۾:

اٻهرائپ،

تڪڙ،

جوش،

جذباتيت،

اجائي گهڻي آهي.”

نيٺ هڪ ڏينهن مون دانهن ڪئي هئي، سائين پوسٽون پبلڪ ڪيو. هن جو چوڻ پبلڪ سان، پبلڪ مان غير ضروري ڪمنٽ اچن ٿا. جن سان انتشار پيدا ٿئي ٿو. بار بار چوڻ جي، هڪ ڏينهن چيائين تنهنجو مسئلو حل ڪريون ٿا. هن فرينڊ رڪوئسٽ موڪلي. مون بنا دير قبول ڪئي. فيس بڪ فريند ٿي وياسين.

پاڻ کي سائين مٺل جي هن نظم ۾  محسوس ڪيو.

“ھاءِ ڙي

حيثيت جي حاصلات

ماڻھو کان تون

ڇا ڇا نه ڪرائيندي آھين”

ان ڏينهن مون کٽي به هارايو. پر ان هار جو مزو ئي پنھنجو آهي.


 

مٺل جسڪاڻي!

سنڌ جو مٺل

محبوب سنڌي

لطيف سائين! سچ چيو آهي ته، ڪي ڏور هوندي به تمام ويجهو لڳندا آهن ته، ڪي وري ويجها هوندي به پري لڳندا آهن، سو اها حقيقت آهي ته، مٺل جسڪاڻي ۽ مان “محبوب سنڌي” هڪ ٻئي جي ويجهو نه رهيا آهيون، پوء به مٺل جسڪاڻي مونکي تمام ويجهو لڳندو آهي، انهي سببان ته، مٺل!سنڌ سان پيار ڪري ٿو، ۽ سنڌ ۾ منهنجو ساھ آهي، منهنجو اهو تعلق مٺل سان مظبوط تعلق آهي جيڪو سدا سلامت رهڻو آهي.

مٺل جسڪاڻي سان منهنجي پهرين ملاقات ۲۰۱۵ع ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪوٽڙي ۾ ٿي هئي، مون “محبوب سنڌي” سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾، ليکڪ هاشم شوري جي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” جي مهورت تقريب ڪرائي هئي، اُن پروگرام جي صدارت مٺل جسڪاڻي جي حصي ۾ آئي هئي، جڏهن ته عزيز قاسماڻي، يوسف جويو، عاشق دادوي، بخت عابد ۽ سرور نواز ٻگهيو، اُن پروگرام جا مهمان ها.

مٺل جسڪاڻي! طبيعتن ايترو مٺو آهي جو صحبت پسي، کانئس ڪچهري ڪبي ته، روح گلڙن جي واس جيان مهڪي پوندو، سندس شفيقاڻا لهجو بيحد متاثر ڪندڙ آهي، ۽ پروقار آهي، اڇو وڳو، اڇا شهپر، ۽ اڇي مٿي تي، ڳاڙهي ٽوپي پائيندڙ، مٺل جسڪاڻي! جي شخصيت جو نکار موهن جي مٽيء وانگي مانائيتو ۽ شائانيتو لڳي ٿو،۽ سندس چپڙن چپڙن تي سدائين رهندڙ مرڪ اهو احساس ڏياريندڙ آهي ته،مٺل! پيار ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ سکيو آھي ، نفرت ڪرڻ، هن جي فطرت ۾ شامل ئي ناهي، ۽ اها ئي اهم خوبي هوندي آهي سنڌ جي عاشقن ۾ ته هو محبتن جا گلاب ورهائيندا آهن.

سندر ڪائنات جيان، اڇڙو من رکنڙ مٺل جسڪاڻي! ماٺ ميٺ ۾ کوڙ سارو ادبي ڪم ڪيو آهي، سندس ادبي ڪم ڪتاب جي صورت ۾ اخبارن جي ذريعي يا سوشل ميڊيا معرفت اسان جي نظرن مان وقتن وقتن گذرندو رهي ٿو، مٺل جسڪاڻي، نثر ۽ نظم تي هڪ ئي وقت مهارت رکندڙ ليکاري آهي، جنهن اسانکي مضمون، ڪهاڻي، شاعري ۽ مختلف شخصتين تان انٽرويوز ڏنا آهن، يقين مٺل جسڪاڻي! جو ڪيل هي ادبي ڪم، مٺل! جي مانُ کي ممتاز ڪيو بيٺو آهي، مٺل جسڪاڻي! جي شاعري توڙي ڪهاڻي فني ۽ فڪري لوازمات کان پوري ۽ سگھ رکي ٿي، جيڪا پڙهندڙ جي دلين ۾ وڃي جاءِ ولاري ٿي.

مٺل جسڪاڻي! جي شخصيت کي جي گهرائيپ سان جانچبو ته، مٺل! بنيادي طور تي زرعي محقق ٿي سامهون ايندو ۽ زراعت جي ميدان مٺل جسڪاڻي جو ڪيل ڪم تسلي بخش ۽ ساراھ جوڳو آهي، زميندارن ۽ هارين، مٺل جسڪاڻي جي مشورن مان خوب فائدو وٺي فصلن ۾ کوڙ سارا سڌارا آهن، جنهن سان اُن فصلن جي اُپت وڌي ٿي، مٺل جسڪاڻي!سنڌ جو واحد زرعي محقق آهي، جنهن کاڄرو ۽ کنڀي جي هٿرادو پوک جا ڪامياب تجربا ڪري پنهنجو الڳ هڪ مقام ماڻيو آهي، جنهن کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته مٺل، زراعت تي ڪم تسلي بخش آهي.

مٺل جسڪاڻي! جا لڳ ڀڳ ٻه درجن جيترا ڪتاب ۽ بروشر ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهي، اڃا کوڙ سارو زراعت ۽ ادب جي حوالي سان مواد، مسودي جي صورت ۾، کائنس موجود آهي، جنهن کي ڇپائڻ لاء مٺل جسڪاڻي! پنهنجي مدد پاڻ تحت ترتيب ڏئي رهيو آهي، ٿيئڻ ته ائين گهربو هو، ته مٺل جسڪاڻي جهڙي محنتي ليکڪ جو مواد سرڪاري ادبي ادارن کي ڇپائڻ گهرجي، پر ائين ٿيندو ڪو نه ، ڇو ته ادارن ۾ من پسند ماڻهن کي نوازڻ جو رواج اڃا ختم ناهي ٿيو.

مٺل جسڪاڻي! ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ عيسوي، محمد عمر جسڪاڻي جي گهر، ڳوٺ چنور جسڪاڻي لڳ ٽنڊو ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پرائميري تعليم زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊوڄام جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، ميٽرڪ جو امتحان ساڳئي شهر جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري، زرعي يونيورسٽي پهتو، جتان مٺل جسڪاڻي! ماسٽرس ايم ايس سي پلانٽ پيٿالاجي ۾ ڪئي.

مٺل جسڪاڻي! هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ زرعي يونيورسٽي ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي، دعاڳو آهيان ته مٺل جسڪاڻي! علمي، ادبي خدمت سان گڏ زرعي شعبي ۾ به پنهنجي ڄاڻ سان سنڌ واسين کي فائدو ڏيندو رهندو، ۽ مٺل جسڪاڻي! جي اکين ۾ جيڪو نيئن روشني جو خواب آهي، اهو خواب ساڀيان ٿي، اسان سڀن جي لاء نيئن خوشي ضرور آڻيندو.

(روزاني پاڪ سنڌ سکر، ڇنڇر ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۰ع)



مٺل جسڪاڻي

گلبھار باغائي

چون ٿا تہ اڄ محمد مٺل جسڪاڻيءَ جو جنم ڏينھن آھي، جيڪو پنھنجو فيسبڪي دوست بہ نہ آھي. پر ھو اسان جي فيس بڪي دوست محبتي ماڻھو، زرعي ماھر، ڪھاڻيڪار، تجزيا نگار، ۽ ٻيو بہ جيڪو ڪجھ آھي، سائين مٺل جسڪاڻيءَ جو ھمزاد آھي، ھو ھِن جو ھي ھُن جو پرتوو آھي، ھي ھُن ۾ آھي،. ھو ھِن ۾ آھي.

پر سڀ کان اھم ھو اسان جو نہ رڳو گھڻگھرو دوست آھي پر ھو اسان لئہ ھر ويل شفقت ڀري ڇانوَ ڏيندڙ اھڙو گھاٽو ڦلدار وڻ آھي، جنھن جي سائي ۾ نہ رڳو مسافتن کان چور ٿي نہ رڳو پل گھڙي ساھي پٽي سگھجي ٿي پر مڪمل وسرام بہ ڪري ھن جي مٺين ڳالھين جو ميوو بہ ماڻي سگھجي ٿو.

سچ سائين مٺل جي شخصيت جا ڪيترائي روپ آھن، ۽ پوءِ ڀل کڻي ھر روپ ۾ ھن مڪملتا نہ بہ ماڻي ھجي پر ھو مڪملتا ماڻڻ جو پورو ساھس رکي پنھنجي ئي ڌن سان ھر گھڙي گنگنائيندو اڳتي کان اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ ھلي رھيو آھي، ڪيترين ئي ڳالھين تي ھن جي ھمت ڀريئي ۽ ڪميٽمينٽ ھئڻ تي حيرت لڳندي آھي، سوچڻو پوندو آھي تہ آخر ھو اھو سڀ ڪيئن ڪري پيو، ڇو ڪري پيو، ڪنھن لئہ ڪري پيو، شايد پنھنجي ھئڻ جو يقين ڏيارڻ لئہ، شايد ڪنھن کي بہ يقين نہ ڏيارڻ جي لوڙ کان آجو ھئڻ لئہ، يا شايد اڃان ڪي ٻيو جيڪو پاڻ کي سمجھ ۾ نٿو اچي، بس پاڻ کي تہ صرف اھوئي ٿو سمجھ ۾ اچي تہ. شايد ھي شاھ لطيف جو اھو سورمو آھي جنھن لئہ ئي پاڻ اھو چيو ھين

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويل ويھڻ جي.

ھا شايد ھو ڀٽائي جو اھو سورمو ڪردار آھي جنھن کي ڀٽائيءَ کاھوڙيءَ جو نالو ڏنو آھي. پر ھي اسان جو مٺل جسڪاڻي جديد کاھوڙي آھي ھن ان کاھوڙڪي پر ۾ ڪيتريون ئي جدتون آنديون آھن، ڇو تہ ھو ويس وڳن پوشاڪن يا جيڪي ڀٽائي پنھنجي کاھوڙي جا ظاھري اوصاف ٻڌايا آھن پار پتا ڏنا آھن انھن کي سڃاڻڻ جون وصفون ٻڌايون آھن، انھن جا پنڌ ماڳ ٻڌايا آھن، سائين مٺل ظاھري ڏيک ويک ھلت چلت منھن مھاڊي، اٿڻي ويھڻي رھڻي ڪھڻي، ۾ ڀلي کڻي انھن سان مشاھبت نہ رکندو ھجي پر ھو روحاني طور شاھ جي ان کاھوڙيءَ جو روپ آھي، تہ ھي جديد شاھ جو کاھوڙي ڪردار ان ڪري بہ آھي جو ھو خام خواھ جي زندگي گذارڻ کان بھتر سمجھي ٿو ڪجھ نہ ڪجھ ڪري ڪجھ سجايو ڪرڻ، ان سجايو ڪرڻ پويان بہ ڪيترائي خفا ھوندا آھن، پر ھو ڪجھ نہ ڪجھ سجايو ڪرڻ لئہ ڪيترائي خفا گڏ کنيو پيو ھلي مان سمجھان ٿو ان سجائي پٺيان اجاين جي نہ پر سجاين خفن جي تعريف نڪا تشريح ڪري سگھجي ٿي، ائين ئي جيئن ڪجھ نہ ڪرڻ کان بھتر آھي ڪجھ نہ ڪجھ ڪرڻ پر سجايو ڪرڻ، جي تشريح نڪو تعريف ڪري سگھجي ٿي. اگر ڪا تعريف ڪري سگھجي ٿي تہ اھا صرف سائين مٺل جي اورچائي ھمت حوصلي بردباري، مستقل مزاجي، ۽. ھن جي شفقت محبت جي ڪري سگھجي ٿي.  اگر تشريح ڪري سگھجي ٿي تہ ايتري ئي تہ محبتن جي تسريح ڪرڻ بي معني ھوندي آھي، ۽ ھن جديد کاھوڙي لئہ ڀٽائي چيو آھي.

 کاھوڙي کرا، سُوڌي خبر پکيا،

سوجھي جن ڪيا، مٿي اڱڻ آھرا.

جت نہ پکيءَ پيرُ،. تِتِ ٽمڪي باھڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير،. کاھوڙڪيءَ کيرَ ري؟

جيستائين پاڻ کاھوڙڪي کير جي رمز پروڙي سائين مٺل جي جديد کاھوڙپ جو ڪو مفصل اھاتو ڪري سگھون تيستائين مانواري سائين مٺل جسڪاڻيءَ کي دل جي گھراين مان جنم ڏينھن جون مبارڪون

نيڪ تمنائون دعائون

سائين مٺل سدا شاد آباد ھجو

(گلبھار باغائي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ جنوري ۲۰۲۱ع تي کنيل)


مٺل جسڪاڻي

تعليمدان، زرعي ماهر، اديب ۽ شاعر کي جنم ڏينهن جون واڌايون

گل حسن لاکو

ھِن جنم ھُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي به ھجان سنڌ تنهنجو ٿيان.........

مٺل جسڪاڻي هڪ ڊگهي عرصي کان مسلسل لکي رهيو آهي، نه صرف لکي ٿو پر پاڻ ٻين جي لکڻين، شاعري ۽ راين تي به پنهنجا تعريفي يا تنقيدي رايا لکندو آهي. مٺل انهن ماڻهن مان آهي جن سوشل ميڊيا تي پنهنجي سڃاڻپ متحرڪ ميمبرن طور ڪرائي آهي. مٺل هڪ شاعر به آهي ته ليکڪ به آهي، هو زرعي محقق به آهي ته بهترين استاد پڻ آهي.

مٺل جسڪاڻي جو جنم ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع ۾ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان پلانٽ پيٿالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين، اتي ئي ۱۹۸۴ع تائين کُنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائڻ واري پهرئين تحقيقاتي پروجيڪٽ ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، ۱۹۸۹ع کان باغبانيءَ واري تحـقـيـقـاتـي اداري مـيـرپـورخـاص ۾ اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالاجسٽ ۽ ۱۹۹۴ع کان زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊي ڄام ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور ڪالھ سٺ سال عمر پوري ڪري رٽائر ٿيو آهي.

محبتي مٺل جي سڃاڻپ هڪ ليکڪ جي حيثيت سان آهي. پاڻ زرعي معلوماتي مضمون به لکندو رهي ٿو، سندس لکيل ڪيترائي زرعي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. پاڻ ماهوار ’جديد زرعي کوجنا‘ جو ايڊيٽر پڻ  آهي. پاڻ عام عوام، ھارين نارين، آبادگارن کي زرعي مشورا ڏيندڙ زرعي ماهر ،  اڄ جو ڏاڏو فتح خان آهي.

سنڌ جي ضمير ۽ خمير مان جڙيل، محبتي مٺل جسڪاڻي، محبتن جو سفير آهي.  يارن جو يار اسان جو پيار آهي. سندس پاند ۾ پيار جا پوتر پل، علم ادب، تاريخ تھذيبَ، ثقافت ۽ سنڌ جي شعور جا سوين رنگ آهن. شال سنڌ جي سونهن جا اِهي رنگ سلامت ھجن.

سندس جنم ڏينهن تي  کيس محبتن ڀريا سلام پيش ڪريان ٿو سندس صحتيابي ۽ ڪاميابيءَ لاء دعاگو آهيان.


 

ڳُڙ واڙه

[سئين مٺل جسڪاڻي دي ڄاوڻ دي ڏينهن وار تي لکيل]

نسيم بلوچ

اين جهان اِچ الله دي ذات، انسان ڪڻ، خبر نهين ڪيا ڪيا تخليق ڪيتي، جاندار، پکي، وڻ ٽڻ، فصل، ڀاڄيان، ميوات، انهين دي صحت خوشحالي، بيماري سيماري، وت سڀ اون خلقهار پيدا ڪر گڌيان. جڏان اهي سڀ شهين پيدا ٿي ڳيان ته ول، انهين بيمارين سيمارين دي علاج، تشخيص واسطي ڀي مالڪ دي ذات بندوبست ڪر ڏتا. ڪجهه اينجھي ذهين ماڻهو وي اين جهان اچ پيدا ڪيتنس جو انهين ڪنون سواءِ، اساڏيان فصلان پوکان، وڻ ٻوٽي، سبزيان ڀاڄيان، يا وت ساوي پيلي ڦُل، جڏان او بيمار ٿي پوندن تا وت انهين دي بيمارين دي تشخيص وي ضروري هوندي هي. اسان ڪڻ هان دي زور تي گھڻي ڊاڪٽر ٿئي ودن.

ترنڊي ڄام دي چيڪي مٽي جنهن اچ خوشبو هي، جنهن اچ الئه ڪيا ڪيا رکيل هي جو جيڪو ڀي اٿان آندا هي، هون اچ بيشمار خوبيان پيدا ٿي ويندين، وت هين دي نزديڪ هڪ وسون هي ٽونئر خان جسڪاڻي دي وستي، هون وستي هڪ ٻال ڄايا ها محمد عمر جسڪاڻي دي گھر سيالي دي لُري اچ، سخت پالي اچ،هون گھر اچ جٿان غربت هئي، جٿان رڳي مال مويشي هن، جتان وڻ ٻوٽي هن،ميڏي خيال اچ پنڌرهين تاريخ هئي جنوري دي، سال ها ۱۹۶۱ع. اهو ننڍڙا ٻالڙا اچ ننڍڙا سڀائين وڏا ٿي ڳيا، سڪول وي ڳيا، تي نال نال ڳوٺ دي رلي هڪ وڏي مادر علمي هي زرعي يونيورسٽي هون اچ وڃ پڙهڻ شروع ڪيتا. جنهن اچ تي زرعي تعليم تون بعد او ننڍڙا ٻال هڪ وڏا سائنسدان بڻ ڳيا. جيڪو ساڏين فصلين، جوار ٻاجھري، ڪڻڪ ڪماند، سَوَزي ٻئي ميوات دي بيمارين دي تشخيص دا ماهر. وڻ ٻوٽين، فصلين پوکين، ساوي گاهه، ميوات دي بيمارين دي تشخيص دا ماهر. مئترين نان رکيس چا مٺل.

غريبي تي ڪلهيپي هين ڪون، اپڻي جھولي پاتا، هين وڃ تي باغين جھار وي هڪلي، تي انبين دي ٻور تون وڃ تي، انب پڪڻ تئين دي ساري مرحلي وي طئي ڪيتي. نه صرف ايهو ڪيتس پر نا جو هس مٺل، سو سڀ نال پياري ٻولي، مٺي ٻول تي رلڻي ملڻي اون کلڻي طبيعت دي ڪيتي، سڀ هين نال پيار ڪريندين، سو جڏان سو سفرين تي نڪلدي، تي هون ڪڻ ڏو ڪيميرا هوندن اک دا ڪيميرا، تي ٻيا فليش والا ڀي، جٿان ويندي قذرتي منظر هين تي منتظر هوندن، اڄ وي هون دي ڪنين ميهين، گابيان، ٻڪريان، ڀيڏان، تي هنين دي ليلي، ڦل ڦُلي ديان اوازن آنديان رهندن، هينن دي ڪنين اچ اهو جيا ميوزڪ، ٻهون رس گھول ڏيندي. جڏڻ، اهي سڀ شهين اپڻي اپڻي پوري وزن، مقدار تي امتزاج اچ آندين تا او لکاري بڻدي، تحقيق ڪريندي، اپڻي پڙهاوڻ والي مضمونان دي لئي ڪتاب لکدي، سفر نامي لکدي، شاعري وي تي دوستان نال کل هر غمي خوشي تي ڪٺي ڪٺي هوندي. اپڻين دي ناقدري ول اهو ڪم ڪيتا جو هون جھمپير تي خماريل مٽي والي پاسي چا رخ ڪيتا، ترنڊي ڄام دي مٽي اپڻا رشتا چا جوڙيا، وت ڏات اڃان وي نکر پئي، جذبي اڇان وڌيڪ جوان ٿي پئي. اهو مٺل اڳين رڳا مئترين دا مٺل ها اهو سڄين دا مٺل ٿي پيا. هڪ ڏينهن وار مين آکيمس ته سئين، اڄ ٻهون پالا هي، ڪيا ڪريجي ميڪون آکيس، ته سئين “ڳڙواڙه” کويجي. ميئن تي پريشان، ڳڙواڙه ڪيا هوندي، اي تي خير، سيالا هوي ائون ڳڙواڙه نه هووي، معني هر شئي ڳئي سيالا اوين ڳيا، نيٺ ڳڙواڙه سئين ڀيڄيا، جڏان چکيم تي پتا لڳا، تي اي ساري مٺاس مٺل اچ ڳڙواڙي دي بڻاوڻ ولي اي ڀري هئي.

اسان سڄين دا محسن، ڀرا، ليلڻ ڳڀرو مٺل جسڪاڻي، خدا ڪري اپڻي شاگردين، ٻالين، وسيب، وسون نال خوش هووي، سدائين هين ڪون ڪئي سي پالا نه لڳي، نه ئي وت ڪئي لُک لڳي. ليلي ٻاڪ تي منزل رهه ڳئي هي اي وي خير خوشي نال نڀ وڃي. آباد هوي ساڏا ليلڻ ڳڀرو. جو اڄ هون دي ڄانوڻ ڏينهن جو هي مين مبارخان ڏيسان، ڳڙواڙه ونڊيسان تي جھمريان پئيسان ميڏي ليلڻ ڳڀرو دي ڄاوڻ دي خوشي جو هي. تسان وي جھمريان پائو...تسان وي خوشيان ڪرو.


مٺل جسڪاڻي

سنڌ جو زرعي ڏاهو

غلام حسين لغاري

ڪجهه سال اڳ جي هڪ يادگار تصوير انوقت نظر آئي، جڏهن سنڌ جي ڏاهن منجهان هڪ ڏاهو،سنڌ جو علمي ادبي توڙي زرعي ۽ سماجي ڪمن کي پنهنجي سموري زندگي ارپيندڙ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو پروفيسر محترم محمد مٺل جسڪاڻي صاحب سٺ سالن جي عمر کي پهچڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿي چڪو هو ۽ سندس مان ۾ الوداعي دعوتن ڏيڻ جو سلسلو جاري هو. ڪٿي کيس اجرڪ پارايا پئي ويا ته ڪٿي وري گلن جا هار پارائي ساڻس محبت ۽ پيار جو اظهار ڪيو پئي ويو. هي اهو محبتي ۽ پرخلوص انسان آهي جنهن کي جتي به موقعو ملي ته فضول گفتگو ڪرڻ بدران سنگت سان سنڌ جي بقا، سنڌ جي ترقي، سنڌ جي زراعت سنڌ جي علم ادب جي ترقي بابت گفتگو ڪرڻ شروع ڪندو ۽ ڪوشش ڪندو ته هڪٻئي جا خيالات ۽ موضوع هڪ ٻئي سان شيئر ٿين. ڪجهه سال اڳ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ جي زراعت ۽ ترقي بابت ميلي نما ڪا ڪانفرنس ٿي هئي جنهن ۾ مون کي به سڏ هو ۽ خوش قسمتي اها رهي جو ڪانفرنس هال ۾ مون کي محترم مٺل جسڪاڻي جي ڀر ۾ ويهڻ جو موقعو مليو.لڳ ڀڳ ٽي چار ڪلاڪ ڀر ۾ ويٺا رهياسين. مهمان وزير، سائنسدان ماهر، سماجي ڌريون ۽ ٻي سنگت تقريرن کي لڳل هئي ۽ اسان جا ڪن اوڏانهن هئا پر اسان ٻئي زراعت جي واڌاري لاء بنيادي اصولن، سماجي ڪمن ۽ زرعي صحافت بابت تبادله خيالات ڪندا رهياسين ته سنڌ ۾ زرعي صحافت ۽ زرعي سائنس کي ڪهڙي ريت اڳتي وڌائجي ۽ ڪهڙي قسم جي جاکوڙ ڪجي۔ هن وقت هن ئي سال جنوري ۾ پاڻ به رٽائر ٿي چڪو آھي ۽ اميد ته ذهني طور آزاد ٿي پاڻ زراعت ۽ سنڌ جي عملي ترقي لاء نئين سر جاکوڙڻ وارو سلسلو جاري رکيو ايندو جنهن لاءِ پروردگار کيس بهتر صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. (آمين).

ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته محترم محمد مٺل جسڪاڻي صاحب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ سنڌ جي علمي ادبي، زرعي توڙي سماجي حلقن ۾ وڏي شهرت ماڻي چڪو آهي. محترم محمد مٺل جسڪاڻي صاحب پنهنجي منصب سان نڀايو ۽ انتهائي ايمانداري سان شاگردن کي تعليم ڏني جنهن سان سندس سوين شاگرد هن وقت به زراعت جي مختلف شعبن سان واڳيل ۽ وڏن وڏن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. جسڪاڻي صاحب پنهنجي ملازمت دوران وڏي انگ ۾ علمي ادبي سماجي جن ۾ سير و تفريح توڙي زراعت جي مختلف موضوعن بابت ڪتاب شايع ڪرايا،جڏهن ته سون جي انگ ۾ زرعي آرٽيڪل ۽ تبصرا مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا جنهن سان سنڌ جي آبادگارن جي ڀرپور رهنمائي ٿيندي رهي ٿي.

پاڻ زرعي علم جو استاد هجڻ سان گڏ ايئڻ کڻي چئجي ته زرعي توسيعي ۽ تحقيقي ورڪر به هو جيڪو اڪثر ڪري سنڌ جي آبادگارن جي زمينن تي روبرو وڃي کين زرعي مشورا ڏيڻ پنهنجو قومي فرض ۽ خدمت جو جذبو سمجهندو هو. ماهوار زرعي ڊائجسٽ ۾ به سندس آرٽيڪل ڇپيا جيڪي پڙهندڙن ساراهيا. محمد مٺل جسڪاڻي جي خدمتن جي جيتري به واکاڻ ڪجي ته اها گهٽ آهي. محمد مٺل صاحب جي اها وڏي خوبي رهي جو پاڻ سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ٿر ڪچي ڪاڇي ۽ ڪوهستان تائين به پهتو ۽ اتان جي زراعت ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هارين جي مختلف طور طريقن بابت روبرو وڃي ڄاڻ حاصل ڪئي جيڪا پڻ سندس مختلف ڪتابن ۾ شامل آهي. پاڻ ڊاڪٽر تنيو صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالوهاب سومري جيان جيڪي به ڪتاب شايع ڪرايا سي قيمتي ڄاڻ تي مشتمل آهن.ٽنڊي ڄام لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ محمد مٺل جسڪاڻي ۾ ڪا به وڏائي ڏسڻ وٽان نه ملي، پاڻ هڪ سادي طبيعت جو مالڪ هو ۽ آهي. سندس ۾ هڪ خوبي ڏٺم ته هن سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ سرڪاري بنگلو خالي ڪري پنهنجي ذاتي گهر ۾ اچي رهڻ لڳو.اسانجي ڌڻي در دعا آهي ته خداوند ڪريم کيس صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري جو هو پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي مفادن لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاري ڇاڪاڻ ته هاڻ پاڻ آزاد معاشري جا آزاد پکي بڻجي چڪا آهن.

(حوالو: روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي، ڇنڇر ۲۳ جنوري ۲۰۲۱ع)

(حوالو: ماھوار زرعي ڊائجيسٽ حيدرآباد، مارچ اپريل ۲۰۲۱ع، ص: ۱۴)

نوٽ:

محبتن ۽ خلوص کان وڌيڪ ٻيو ڪجهہ آھي تہ نيڪ تمنائون ۽ دعائون آھن، جيڪي پاڻ کي اڻ مَيون مليون آھن، ملنديون رھيون آھن، اميد تہ مستقبل ۾ بہ ملنديون رھنديون...

غلام حُسين لغاري اسان جو سينيئر، ننڍن تي نگاھہ رکندڙ، مھربان ۽ مانَ وارو ليکڪ ۽ تجزئي نگار بہ آھي، زرعي ماھر بہ آھي، ورچي نہ ويھندڙ آھي. سندس نظر نگاھہ ۾ آئون جيئن بہ جھڙو بہ آھيان، اڻ چيو لکيائين بہ ۽ ڇپرايائين بہ! اڳ ۾ بہ ھڪ دفعي منھنجي تصوير ڏسي لکيائين، عبرت ۾ ڇپيو، تہ مون کي شايد اسلام آباد ۾ ڪنھن اطلاع ڪيو ھو، جتي اخبار ملڻ ممڪن نہ ھو، پر انٽرنيٽ ايڊيشن سبب ڏسي، پڙھي، تسلي ٿي، تہ خير ڪو لکيل ھو...

(مٺل جسڪاڻي)


 

مٺل جسڪاڻي

پروفائيل

۱. نالو، ولديت ۽ ذات:

محمد مٺل ولد محمد عمر جسڪاڻي (مٺل جسڪاڻي)

۲. ڄمڻ جي تاريخ:

۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع

۳. ڄمڻ جو ھنڌ:

ٽنڊو ڄام لڳ ڳوٺ ٽنئور خان جسڪاڻي، جيڪو مختلف نالن سان سڏبو رھيو آھي!

۴. تعليمي لياقتون:

ٻوٽن جي بيمارين واري مضمون ۾ ايم. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس (زرعي حوالي سان ٽيھارو کن مختلف تربيتي ڪورس ۽ ڇھن مھينن وارو پوسٽ گريجوئيٽ ڪمپيوٽر اورينٽيشن ڪورس بہ ڪيل آھي)

۵. ذريعہ معاش، روزگار:

پينشن (زرعي يونيورسٽي جو رٽائر استاد)

۶. شعبو:

زراعت ۽ عام موضوعاتي مطالعو

۷. علم ادب ۾ اچڻ جي تاريخ:

۱۹۷۵ع کان لکڻ جي شروع ڪيو

۸. تنظيمن، پارٽين، اخبارن سان تعلق:

ڪنھن بہ تنظيم، پارٽي، اخبار سان ڪا بہ تنظيمي، رڪارڊ وابسطگي نہ رھي.


سائين مِٺل جسڪاڻي

گَهڻ رُخي ۽ گَهڻ گُڻائتي شخصيت

زاهد علي ڀٽو

گهڻا سال اڳ هڪڙي انڊين چينل تي هڪ ڊرامو هلي رهيو هو جنهن ۾ ڪو ساڌُو هڪ نوجوان کان سندس نالو پڇندو آهي ته پٽ! تنهنجو نالو ڇا آهي!؟

ساڌُو کي ُان نوجوان پنهنجو نالو ٻڌايو ته نالو پُڇندڙ ساڌو حيران ٿي ان نوجوان کان سوال ڪندو آھي ته ڪائنات جي خلقڻهار جي خلقيل انسان جي مهانتا ۽ وشالتا تمام وسيع آھي سو ايڏو وشال انسان ڪيئن هڪڙي نالي ۾ سمائجي سگهجي ٿو!؟ ساڌو ان نوجوان کي مخاطب ٿي چوندو آھي ته ٻچا تنهنجا انيڪ نالا هجڻ گهرجن هڪ نالي ۾ تون ڪيئن پورو پئجي ٿو سگهين!؟

بالڪل ايئن ئي توهان اسان جي چؤگرد اهڙا ڪيترائي ڪردار آھن جيڪي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ان ساڌو جي حيرت مان پڇيل سوال تي سورنهن آنا پورا لهندا آھن يعني انهن جو نالو ڀلي هڪ ئي هوندو آھي سندن حوالا هڪ کان وڌيڪ هوندا آھن۔ جيئن سنڌ جو بهترين ليکڪ، استاد، اسڪالر ۽ زرعي ماهر محمد مٺل جسڪاڻي صاحب آھي۔ چوندا آھن ته ماڻهو تي نالي جو به وڏو اثر هوندو آھي. سو سندس مائٽن نالو مٺل به چونڊي چونڊي رکيو آهي ۽ سندس نالي جيان سندس شخصيت ۾، سندس سڀاء ۾، محبت آھي مٺاس آھي، ڪوڙياھ آھي، احساس آھي. سندس شخصيت جا به ڪيئي حوالا آهن ۽ سندس هر حوالو معتبر ۽ مانائتو آھي۔ ڄڻ سڀيئي سُٺا سُٺا حوالا ساڻس سلهاڙجڻ لاءِ هڪٻئي جي رِيس ۾ سِڪائتا هئا۔ ڇو ته سندس سڀيئي حوالا آھن به ته شانائتا ۽ مانائتا!

هوائن جي ديس حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊوڄام جهڙي سرسبز علائقي جي ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ديھ پساهڪي جي ڳوٺاڻي محمد عمر جسڪاڻي جي گهر ۾ ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ تي پيدا ٿيندڙ محمد مٺل جسڪاڻي صاحب گهڻ گڻائتو، گهڻ رخو شخص آھي جيڪو هڪ ئي وقت استاد به آھي ته زرعي ماهر به آھي، ليکڪ به آھي ته شاعر به آھي. ساڳئي وقت سماجي سائنسدان به آھي، مٿي تي چاندي جهڙي اڇاڻ اچڻ باوجود پنهنجي عزم ۽ ارادن جي مظبوطي ۾ جوانن کي جهڪائي ڇڏي۔

هن جي پنهنجي هَم عُمرن، هَم عَصرن سان سنگت به آھي ته نوجوانن ۽ ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن جو دوست به آھي پنهنجي پوٽن، ڏوهٽن سان گڏ مصروف هوندو آھي ۽ ساڻن گڏ کيڏندي دوستي نڀائيندو آھي۔  

ان شخصيت کي دنيا مٺل جسڪاڻي جي نالي سان سڃاڻي ٿي۔ جنهن زندگي جي ايڪهٺ اسٽيجن کي پنهنجي محنت، مستقل مزاجي سان ڪاميابي سان پار ڪيو آھي ۽ ٻاهٺين اسٽيج ۾ داخل ٿيو آھي۔ ۽ انشاءالله زندگي جي سؤ کان مٿي اسٽيجن کي تندرستي، صحتيابي سان پار ڪندو۔

سائين مٺل جسڪاڻي صاحب سان ڪڏهن ملاقات ته ناهي ٿي پر سندس تحريرون پڙهي اڌ ملاقات ٿيو وڃي ۽ سندس شخصيت متعلق ذهن جي ڪينواس تي جيڪو خاڪو جڙي ٿو. ذهن جي ڪينواس تي جڙيل خاڪي موجب سندس سڀاءَ جيان تصوراتي خاڪو به خوبصورت ۽ بهترين آھي۔

سندس لکيل تحريرون پڙهي مون سميت سوين، هزارين سندس پرستارن بڻجي ويا آهن.

سماج کي درپيش مختلف سماجي مسئلن، تعليم، صحت، زراعت سميت ڪيترن ئي اهم اشوز تي هن ڀرپور ۽ بهترين لکيو آھي نه صرف مسئلا بيان ڪيا آھن پوائنٽ آئوٽ ڪيا آھن پر انهن مسئلن جا ڪارڻ ۽ انهن جا حل به پنهنجي لکڻين ۾ پڙھندڙن کي ٻڌايا آھن۔

سائين مٺل جسڪاڻي صاحب پيشي جي لحاظ کان استاد آھي۔

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٻوٽن جي بيمارين جي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر طور سال کن اڳ زندگي جا سٺ سال پورا ٿيڻ تي نوڪري تان رٽائر ٿيو آھي۔ 

سال کن اڳ ڇپيل سندس هڪ ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جي هر هنڌ هاڪ ٻڌي هئي۔ فيس بوڪ کان اخبارن تائين سندس ان ڪتاب تي تفصيلي، خوبصورت رايا لکيا ويا.

اهڙا رايا، تبصرا پڙهي ويتر دل هرکي پئي. اڃا دل کي اها دلجاءِ ڏئي رهيو هئس. نامور قلمڪار، زرعي ماهر، صلاحڪار، سماجي سائنسدان جي ڏات ۽ ڏان سان سرجيل اهڙي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ کي ضرور پڙهبو پر مٿان اوچتو خبر پئي ته نئين سال ٻه هزار ٻاويھ جي جنوري مهيني ۾ سندس چوٿين اک به اچي وئي آھي۔ هونئن هر انسان کي ڪائنات جي خلقيندڙ طرفان ٻه اکيون عطا ٿيل هونديون آھن ۽ عام طور تي ٽئين اک علم جي اک کي چيو ويندو آھي۔ پر چوٿين اک جو نروار ٿيڻ به ڪنهن خوشخبري کان گهٽ ناهي. ڇو ته چوٿين اک سائين مٺل جسڪاڻي صاحب جو لکيل نئون ڪتاب آھي، جيڪو ڪهاڻين ۽ نظم ڪهاڻين تي مشتمل آھي۔

”چوٿين اک“ توڙي ”برسات ۽ ٻوڏ“ سميت سندس لڳ ڀڳ ٻه درجن کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.

ان کان علاوه زرعي، سماجي، تعليمي، ادبي موضوعن توڙي معلوماتي سوين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن ۽ منهنجي مشاهدي موجب لڳ ڀڳ هر روز مختلف اخبارن ۾ سندس لکڻيون ڇپجن پيون ۽ پڙھندڙ سندس لکيل لکڻيون شوق سان پڙھن ٿا ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪن ٿا۔

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ چيپٽر پاران، سندس ٻن ڪتابن ”سفر بخير“ ۽ ”زرعي سونهون“ تي، کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي۔

سندس لکيل انگريزي ڪتاب “A Brief Outline -The Fungi Cultivation of Mushrooms” پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ريفرنس بوڪ طور استعمال ٿي رهيو آھي۔

اڄ سنڌ جي هن خوبصورت ڪويتاڪار ۽ سپوت سائين مٺل جسڪاڻي صاحب جي جنم جو ڏينهن آھي۔ اهڙي ڀاڳ ڀرئي ڏينهن تي کيس ادب، احترام منجهان دل جي اٿاھ گهرائين سان، جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏجن ٿيون۔

 

(روزاني ”ھلال پاڪستان“ ڪراچي، ڇنڇر ۱۵ جنوري ۲۰۲۲ع)



مٺل جسڪاڻي

کانئس ورتل منفرد انٽرويو - ۱۵ جنوري سالگرھه جي نسبت سان

امجد علي خان

(معروف زرعي ماھر، استاد، ليکڪ مٺل جسڪاڻي حياتيءَ جا ۶۱ ورھيه پورا ڪري ۱۵ جنوري تي سالگرھه ملھائي، رٽائرمينٽ جو پھريون سال پورو ڪري ٻئي سال ۾ پير پائيندو. زرعي ڊائجيسٽ سٿ پاران کيس سالگرھه جون مبارڪون ۽ پڙھندڙن لاءِ مٺل جسڪاڻي جون منفرد ڳالھيون حاضر آھن. (ادارو)

منھنجي نظر ۾ سائين محمد مٺل جسڪاڻي ڪنھن تعارف جا محتاج نه آھن. استاد ھجڻ ناتي ته کيس صرف سندس شاگرد ئي سڃاڻن، پر ڪيترن ئي سالن کان زرعي ۽ غير زرعي مضمون لکڻ، ريڊيو ۽ ٽي. وي. جي مختلف پروگرامن سميت علمي ادبي تقريبن ۾ شرڪت جي ڪري، سائين مٺل کي تمام گهڻا ماڻھو سڃاڻن ٿا. ڇو ته اڄ ڏينھن تائين سندس ڪافي انٽرويو پڻ ڇپيا آھن.

سائين مٺل جسڪاڻي کان منھنجو ورتل ھي انٽرويو، منھنجي خيال ۾، پھرين وارن سڀني انٽرويوئن کان گھڻو مختلف آھي. سائين کان جيڪي سوال مون پڇيا آھن، اھي شايد پھرين ڪنھن نه پڇيا ھجن. سوالن ۾ مون سائين سان گھاٽي ھجت به ڪئي آھي. اميد ته ھي دلچسپ سوال جواب پڙھندڙن کي پسند ايندا.

سوال: ننڍپڻ ۾ اوھان ڪنھن جا وڌيڪ لاڏلا ھئا؟

جواب: جي جي، منھنجو مطلب آھي ته منھنجي والده جو وڌيڪ لاڏلو ھئس.

سوال: ڏاڏا، ڏاڏي ۽ نانا، ناني ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪنھن جي  پيار  کي ياد ڪندا آھيو؟ اوھان کي ڪنھن جو وڌيڪ پيار مليو؟

جواب: مون تي منھنجي ڏاڏا جو نالو رکيل آھي، يعني ڏاڏا منھنجي ڄمڻ کان اڳ فوت ٿي ويو ھو. ڏاڏي مون کي ياد نه آھي، نه ڪڏھن ڪنھن ٻڌايو، نه ڪنھن کان پڇيم، ٿي سگهي ٿو ته اھا به منھنجي ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري وئي ھجي. باقي بچيا نانا ۽ ناني، اھي ڀائيندا ته ھئا، پر ڪيئن خبر پوي ته ڏاڏا ۽ ڏاڏي جي مقابلي ۾ گهٽ يا وڌ ڀائيندا ھئا؟ نانا ۽ ناني، ٻئي ھڪ جيترو ڀائيندا ھئا.

سوال: ننڍپڻ جي ڪا خواھش جيڪا اڃان تائين پوري نه ٿي ھجي يا ننڍپڻ جي اھا ڪا خواھش ھجي جيڪا جواني ۾ پوري ٿي ھجي.

جواب: خواھشون ته گهڻيون، پر ننڍي ھوندي کان، انھن تي حاوي رھي، ھر خواھش کي مارڻ جي تربيت ڪئي وئي، ان ڪري اندازو ئي نه آھي، ته ڪھڙي خواھش پوري ٿي، ڪھڙي رھجي وئي؟

سوال: ڪڏھن ڪجھ اھڙو لکيو آھي، جنھن جي لکڻ کانپوء اھو سوچڻ تي مجبور ٿيا ھجو، ته اڄ کانپوء ڪجھ به ناھي لکڻو.

جواب: نه لکڻ جو گهڻا دفعا سوچيو آھي. ڪجهه ڏينھن، ڪجهه سال نه لکي به، وري وري لکڻ شروع ڪيو آھي.

سوال: اڪثر ڪجھ تحرير ڪرڻ ۾ جيڪا تڪليف ٿيندي آھي، ڇا اھا تڪليف تحرير پڙھڻ کانپوء به ٿيندي آھي.

جواب: ڪجهه تحريرن، لکجڻ ۽ ڇپجڻ کان پوءِ گهڻو تڙپايو!

سوال: ڪھڙي موضوع تي گھڻو لکڻ لاء دل گھرندي آھي؟

جواب: ڪو به خاص موضوع نه. زراعت تي سدائين سوچي، ويچاري، ارادي ۽ مقصد سان پئي لکيو آھي. زراعت کانسواءِ، جڏھن به، جنھن موضوع لکرايو، اھو لکجي ويو ۽ صنف جي پابندي بنا لکجي ويو.

سوال: اڪثر اوھان کي ڏٺو ويو آھي ته ھر وقت مرڪندا رھندا آھيو. اوھان جو لھجو تمام گھڻو نرم ھوندو آھي. پنھنجي لھجي کي ڪئين نرم رکندا آھيو؟ اڄڪلھ اھو ڪئين ممڪن آھي؟

جواب: پنھنجي وس ۾ ئي اھو آھي، ته پوءِ ڇا ڪجي؟

سوال: پنھنجن سان اختلاف ڪئين ختم ڪندا آھيو.

جواب: منھنجي خيال ۾ پنھنجن سان اختلاف جيڪڏھن ھجن، ته پنھنجن کي ٻڌائي، پوءِ وساري ڇڏجي، درگذر ڪري ڇڏجي، نه ته پنھنجائپ نه رھندي. پنھنجن سان ڪھڙا ليکا؟

سوال: سفر دوران  ڪھڙي ڳالھ تان تمام گھڻي ڪاوڙ ايندي آھي؟

جواب: پھرين ڳالھه ته ڪاوڙ نه ايندي آھي. ايندي ته ڪڏھن ڪھڙي، ته ڪڏھن ڪھڙي ڳالھه تان... ھڪ ھجي ته ٻڌائجي.

سوال: سائين، توھان زندگي جون ٻه بھارون ته مڪمل ڏسي چڪا آھيو ۽ ٽئين بھار ۾ ھلو پيا. سڀ کان وڌيڪ زندگي جي ڪھڙي بھار يادگار رھي؟

جواب: اوھان شايد ٻالڪپڻ، جواني ۽ پيري کي بھار پيا چئو! ٻالڪپڻ ڪٿان لڀي؟ ماڻھو ٻار ئي ھجي، ٻار ئي رھي. جواني ۽ پيري، ٻئي ايذائيندڙ آھن!

سوال: ننڍپڻ ۾ ڪھڙي راند شوق سان کيڏندا ھئا؟

جواب: ڳوٺن ۾ ٿيندڙ سڀ رانديون رھيون، شوق ۽ چاھه مان ڪا به نه.

سوال: ڇا ننڍپڻ واري راند پنھنجن ننڍڙن ٻارن سان به کيڏندا آھيو؟

جواب: ڪجهه رانديون اولاد سان کيڏيون آھن، سڀ نه.

سوال: ننڍپڻ جو ڪو اھڙو دوست آھي، جيڪو اوھان کي پنھنجي پراڻي نالي سان سڏيندو ھجي ۽ ھو اوھان جي ادب ۽ علم کان غير واقف ھجي؟

جواب: ننڍپڻ ڳوٺ ۾، پنھنجي مائٽن ۾ گذريو. سڀ ننڍي ھوندي کان ساڳئي نالي سان سڏين ٿا. ننڍا جڏھن وڏا ٿيندا آھن، ته رويا پاڻھي بدلجي ويندا آھن. ٻاراڻيون نه ڪبيون آھن.

سوال: ننڍپڻ ۾ اوھان پڙھڻ کان علاوه ڪو پورھيو به ڪندا ھئا؟

جواب: شھر کي ويجهن ڳوٺن جا ماڻھو جيڪي جيڪي به پورھيا ڪن ٿا، انھن مان اڪثر ڪيا آھن. ھارپي جا ته ذري گهٽ سڀ ڪم، بنا معاوضي ڪيل آھن!

سوال: محبت کي ھڪ جملي ۾ ڪئين بيان ڪبو؟

جواب: پاڻھي ٿي ويندڙ، الئه ته ڇا آھي محبت؟

سوال: ڇا عشق رڳو ھڪ انسان سان ٿيندو آھي؟

جواب: عشق ته ڪم سان، ارادن سان، منصوبن سان به ٿيندو آھي. ڪيو به خوب آھي.

سوال: دل جون ڳالھيون ڪنھن سان ڪندا آھيو يا ڪنھن ڊائري ۾ قلمبند ڪري ڇڏيندا آھيو؟

جواب: جيڪا ڳالھه، جنھن سان ڪرڻ جي ھوندي آھي، ان سان ئي ڪري ڇڏيندو آھيان.

سوال: ڇا اھڙي ڪا جاء آھي، جتي وڌيڪ سڪون ملندو ھجي  ۽ بار بار اتي وڃڻ تي دل گھرندي ھجي؟

جواب: گهر کان وڌيڪ پرسڪون ٻي ڪا جاءِ ڪا نه سجهي.

سوال: اوھان کي ڳوٺ جون ڪھڙيون يادگيريون گھڻيون ياد آھن؟

جواب: رکي رکي، ڪنھن مھل ڇا، ته ڪنھن مھل ڇا ياد ايندو آھي. آئون اڪيلو، يادگيريون انيڪ...

سوال: سائين، پڙھڻ ڪم سولو ھو يا پڙھائڻ، يا وري سکڻ ڪم سولو آھي يا ڪنھن کي سيکارڻ.

جواب: پاڻ سان لاڳاپيل ھر عمل سولو، ٻين سان لاڳاپيل ان ڪري ڏکيو، ته ان ۾ ٻئي جو عمل دخل وڌيڪ ھوندو آھي. اھو ٻيو نه چاھيندو، ته پوءِ ڇا ڪري سگهبو؟

سوال: سائين، ڇا اوھان جو يونيورسٽي جي يادن تي ڪو ڪتاب لکڻ جو ڪو ارادو آھي يا اڳ لکيل آھي؟

جواب: يادگيريون يا آتم ڪٿا، جيئن ٻين لکيون، تيئن لکڻ جو ڪو ارادو نه آھي. آئون فضول ٿو سمجهان!

سوال: پنھنجو جيون ساٿي پاڻ ڳولجي يا وڏڙن کي ڳولڻ گھرجي؟

جواب: اھو ته وقت ۽ حالتن تي آھي. اُٺ ناڙ، ضد نه ڪرڻ گهرجي.

سوال: سائين، ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي ته سٺو استاد ٿورو سخت ھوندو آھي ۽ شاعر تمام گھڻو نرم دل ۽ حساس ھوندو آھي. اوھان پھرين شاعر ھئا ۽ پوء استاد، ڇا اوھان به سخت استاد ھئا؟

جواب: ھاھاھاھاھا... ان سوال جو جواب منھنجا شاگرد ئي ڏئي سگهن ٿا.

سوال: سائين، اوھان جي نظر ۾ جيون ساٿي ھڪڙو ھجي يا ٻه؟

جواب: زالون ڀلي چار ھجن. جيون ساٿي ھڪ ھجڻ گهرجي.

سوال: سائين، اوھان کي پنھنجو پھريون شعر ياد آھي؟ اھو ڪھڙو ھو؟ ياد ھجي ته ٻڌايو؟

جواب: شروعاتي سٽ ائين ھئي ته:

”سُک ناھي سڄڻ مون کي، نه اندر ۾ آرام“

گهاڙيٽي ۾ بيت وانگر ھو!

سوال: سائين، ڇا اوھان پنھنجي اولاد ۾ ڪنھن کي مٺل جسڪاڻي ڏسڻ چاھيو ٿا؟

جواب: اھڙو ڪجهه ته مون ڪڏھن سوچيو ئي ڪونھي. اولاد لکيل پڙھيل، سلجهيل ھجي، جيئن چاھي تيئن ڪري. منھنجي طرفان صرف ايتري پابندي ته ٻئي کي تڪليف ڏيڻ کانسواءِ پنھنجي پيرن تي بيھڻ سکن.

سوال: جيڪڏھن سفر دؤران سفر جو ساٿي سٺو نه ھجي، ته ڇا ڪجي؟

جواب: سفر کي ڪاٽجي.

سوال: سائين، جڏھن اوھان کي ڪاوڙ ايندي آھي، ته ان کي ڪئين ختم ڪندا آھيو؟

جواب: منھنجي ڪاوڙ گهڙي سوا جو کيل...

سوال: سائين، تحفو محبت ۾ ڏبو آھي يا محبت وڌائڻ لاء ڏبو آھي؟

جواب: تحفو ڏيڻ وٺڻ سکي نه سگهيس، ان معاملي ۾ ”اَن فِٽ“ آھيان.

سوال: سائين، اوھان رٺل کي ڪئين پرچائيندا آھيو؟

جواب: اھو رسڻ واري تي آھي، ته کيس پرچائجي به يا ڇڏي ڏجي؟ جيڪو پرچائڻ جھڙو ھوندو آھي، ان کي ڪيئن به پرچائڻ جي ڪوشش ڪبي آھي.

 

(ماھوار ”زرعي ڊائجيسٽ“ حيدرآباد، جنوري فيبروري ۲۰۲۲ع، ص: ۳۶ ـ ۳۷)



مٺل جسڪاڻي

آجيان جو ليکڪ

مشتاق بخاري

نالو:- محمد مٺل جسڪاڻي

ادبي نالو:- مٺل جسڪاڻي

والد جو نالو:- محمد عمر جسڪاڻي

ڄمڻ جي تاريخ:- ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع

ڄمڻ جو هنڌ:- ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، لڳ ٽنڊوڄام، تعلقه حيدرآباد ٻھراڙي، ضلع حيدرآباد

تعليم:- ٻوٽن جي بيمارين واري علم ۾ ايم. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرز

 ڪرت:- سٺ سال عمر پوري ڪري رٽائر ٿيڻ بعد پڙھڻ لکڻ، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان نڀائڻ جي ڪوشش

لکڻ جي شروعات:- شايد ۱۹۷۵ع کان. . .

لکيل صنفون:- مضمون، مقالا، ڪھاڻيون، شاعري، پروفائيل انٽرويو، ليکڪن ۽ ڪتابن جا تعارف وغيره وغيره

ڇپيل ڪتاب:- چوٿين اک (شاعري)، برسات ۽ ٻوڏ (ڪھاڻيون ۽ نظم ڪھاڻيون)، سفر بخير (سفرنامو) ۽ زرعي سونھون (زرعي سماجي ماحول ۽ سائنس جي حوالي سان بنيادي زرعي ڄاڻ ۽ ڪم)، ڦنگين (کنڀين) تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب تمام گهڻي پذيرائي ماڻيل آھن، مجموعي طور ننڍا وڏا، سنھا ٿلھا ٽيھن کان وڌيڪ لکيل، سنواريل ۽ سھيڙيل ڪتاب ڇپيل آھن، انھن کان وڌيڪ اڻ ڇپيل به. . .

آجيان ۾ ڇپيل ڪالم(عنوان لکو) :- ڪو ھڪ نه، مختلف صنفن ۾ ٿوري ٿوري وقفي سان مواد ڇپبو رھيو آھي. ھڪ سلسلو شاھ جي سر ڪاپائتي جي حوالي سان شروع ڪيو ھئم، مون وٽ لکت ۾ مڪمل آھي، پر ڇپجڻ جي حوالي سان ڪن سببن جي ڪري في الحال اڌ ۾ رھجي ويو آھي.

روزاني آجيان شڪارپور بابت راءِ:- مجموعي طور ٻين سڀني اخبارن کان مختلف، منفرد اخبار آھي. تمام سٺو ۽ مڙئي ليک به ڇپجن ٿا. ھر نئون توڙي پراڻو، تمام سٺو ۽ سطحي لکندڙ ڇپجي ٿو. ڪن ليکڪن جو صرف آجيان ۾ ڇپيل مواد سھيڙجي، ته سندن ڪتاب ٿي پوي. سائين مشتاق بخاري جس لھڻي. اخبار ھڪ فرد جو ڪم نه آھي. سندس ھڪ به جوڙيوال سندس جھڙو ھجي، يا ٿي پوي ته تمام سٺو ٿي پوندو.

موبائيل نمبر:- ۰۳۰۰۳۰۸۸۹۹۶

ايڊريس:- ٽنڊوڄام

 

(روزاني “آجيان” شڪارپور، خميس ۰۷ اپريل ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)



سائين مٺل جسڪاڻي

جنهنجي هر لکڻي ۾ سمايل آ سمجهاڻي

زاهدعلي ڀٽو

گهڻا سال اڳ هڪڙي انڊين چينل تي هڪ ڊرامو هلي رهيو هو جنهن ۾ ڪو ساڌُو هڪ نوجوان کان سندس نالو پڇندو آهي ته ”پُٽ ! تنهنجو نالو ڇا آهي !؟“

ساڌُو کي ُان نوجوان پنهنجو نالو ٻڌايو ته نالو پُڇندڙ ساڌو حيران ٿي ان نوجوان کان سوال ڪندو آھي ته ”ڪائنات جي خلقڻهار جي خلقيل انسان جي مهانتا ۽ وشالتا تمام وسيع آھي سو ايڏو وشال انسان ڪيئن هڪڙي نالي ۾ سمائجي سگهجي ٿو !؟“ ساڌو ان نوجوان کي مخاطب ٿي چوندو آھي ته” ٻچا تنهنجا انيڪ نالا هجڻ گهرجن هڪ نالي ۾ تون ڪيئن پورو پئجي ٿو سگهين !؟“

بالڪل ايئن ئي توهان اسانجي چئوگرد اهڙا ڪيترائي ڪردار آھن جيڪي پنهنجي ڪم ۽ڪردار وسيلي ان ساڌو جي حيرت مان پڇيل سوال تي سورنهن آنا پورا لهندا آھن يعني انهن جو نالو ڀلي هڪ ئي هوندو آھي سندن حوالا هڪ کان وڌيڪ هوندا آھن. جيئن سنڌ جو بهترين ليکڪ، استاد، اسڪالر ۽ زرعي ماهر محمد مٺل جسڪاڻي صاحب آھي.

چوندا آھن ته ماڻهو تي نالي جو به وڏو اثر هوندو آھي سو سندس مائٽن نالو مٺل به چونڊي چونڊي رکيو آهي

 سندس نالي جيان سندس شخصيت ۾، سندس سڀاء ۾، محبت آھي مٺاس آھي، ڪوڙياھ آھي، احساس آھي. سندس شخصيت جا به ڪيئي حوالا آهن۽ سندس هر حوالو معتبر ۽مانائتو آھي. ڄڻ سڀيئي سُٺا سُٺا حوالا ساڻس سلهاڙجڻ لاء هڪٻئي جي رِيس ۾ سِڪائتا هئا.

ڇو ته سندس سڀيئي حوالا آھن به ته شانائتا ۽ مانائتا !

هوائن جي ديس حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊو ڄام جهڙي سرسبز علائقي جي ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ديھ پساهڪي جي ڳوٺاڻي محمد عمر جسڪاڻي جي گهر۾ ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ تي پيداٿيندڙمحمد مٺل جسڪاڻي صاحب

گهڻ گڻائتو، گهڻ رخو شخص آھي جيڪو هڪ ئي وقت استاد به آھي ته زرعي ماهر به آھي، ليکڪ به آھي ته شاعر به آھي. ساڳئي وقت سماجي سائنسدان به آھي، مٿي تي چاندي جهڙي اڇاڻ اچڻ باوجود پنهنجي عزم ۽ ارادن جي مظبوطي ۾ جوانن کي جهڪائي ڇڏي.

هن جي پنهنجي هَم عُمرن، هَم عَصرن سان سنگت به آھي ته نوجوانن ۽ ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن جو دوست به آھي پنهنجي پوٽن، ڊوهٽن سان گڏ به مصروف هوندو آھي ۽ ساڻن کڏ کيڏندي دوستي نڀائيندو آھي.

ان شخصيت کي دنيا مٺل جسڪاڻي جي نالي سان سڃاڻي ٿي. جنهن زندگي جي ٻاهٺ اسٽيجن کي پنهنجي محنت، مستقل مزاجي سان ڪاميابي سان پار ڪيو آھي ۽ ٽيهٺين اسٽيج ۾ داخل ٿيو آھي ۽ انشاءالله زندگي جي سئو کان مٿي اسٽيجن کي تندرستي، صحتيابي سان پار ڪندو.

سائين مٺل جسڪاڻي صاحب سان زندگي ۾ هڪ ڀيرو ئي ملاقات ٿي آهي پر سندس تحريرون پڙهي ڄڻ ساڻس ملاقات ٿيو وڃي ۽ سندس شخصيت متعلق ذهن جي ڪينواس تي جيڪو خاڪو جڙي ٿو. ذهن جي ڪينواس تي جڙيل خاڪي موجب سندس سڀاء جيان تصوراتي خاڪو به خوبصورت ۽ بهترين آھي.

سندس لکيل تحريرون پڙهي مون سميت سوين، هزارين سندس پرستارن بڻجي ويا آهن

سماج کي درپيش مختلف سماجي مسئلن، تعليم، صحت، زراعت سميت ڪيترن ئي اهم اشوز تي هن ڀرپور ۽ بهترين لکيو آھي نه صرف مسئلا بيان ڪيا آھن پوائنٽ آئوٽ ڪيا آھن پر انهن مسئلن جا ڪارڻ ۽ انهن جا حل به پنهنجي لکڻين ۾ پڙھندڙن کي ٻڌايا آھن.

سائين مٺل جسڪاڻي صاحب پيشي جي لحاظ کان استاد آھي.

 سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٻوٽن جي بيمارين جي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر طور ٻه سال کن اڳ زندگي جا سٺ سال پورا ٿيڻ تي نوڪري تان ريٽائر ٿيو آھي.

ڇپيل سندس ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جي هرهنڌ هاڪ ٻڌي هئي. فيس بوڪ کان اخبارن تائين سندس ان ڪتاب تي تفصيلي، خوبصورت رايا لکيا ويا.

اهڙا رايا، تبصرا پڙهي ويتر دل هرکي پئي

اڃا دل کي اها دلجاء ڏئي رهيو هئس

نامور قلمڪار، زرعي ماهر، صلاحڪار، سماجي سائنسدان جي ڏات ۽ ڏان سان سرجيل اهڙي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ کي ضرور پڙهبو پر مٿان اوچتو خبر پئي ته نئين سال ٻه هزار ٻاويھ جي جنوري مهيني ۾ سندس ڇوٿين اک به اچي وئي آھي. هونئن هر انسان کي ڪائنات جي خلقيندڙ طرفان ٻه اکيون عطا ٿيل هونديون آھن ۽ عام طور تي ٽئين اک علم جي اک کي چيو ويندو آھي. پر ڇوٿين اک جو نروار ٿيڻ به ڪنهن خوشخبري کان گهٽ ناهي ڇوته ڇوٿين اک سائين مٺل جسڪاڻي صاحب جو لکيل نئون ڪتاب آھي جيڪو ڪهاڻين ۽نظم ڪهاڻين تي مشتمل آھي.

”چوٿين اک“ توڙي ”برسات ۽ ٻوڏ “سميت سندس لڳ ڀڳ ٽيهارو کن ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. جن ۾ لطيفيات تي ڪتاب ”جان ڪَتِين ته ڪت“ به تازو ڇپيو آهي.

ان کان علاوه زرعي، سماجي، تعليمي، ادبي موضوعن توڙي معلوماتي سوين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن ۽ منهنجي مشاهدي موجب لڳ ڀڳ هر روز مختلف اخبارن ۾ سندس لکڻيون ڇپجن پيون ۽ پڙھندڙ سندس لکيل لکڻيون شوق سان پڙھن ٿا ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪن ٿا.

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ چيپٽر پاران سندس ٻن ڪتابن ”سفر بخير“ ۽ ”زرعي سونهون“ تي کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي.

سندس لکيل انگريزي ڪتاب

 A Brief Outline -The Fungi Cultivation of Mushrooms.

پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ريفرنس بوڪ طور استعمال ٿي رهيو آھي.

اڄ سنڌ جي هن خوبصورت ڪويتاڪار سائين مٺل جسڪاڻي صاحب جنهن جي هر لکڻي ۾ سمجهاڻي سمايل هوندي آهي، جي جنم جو ڏينهن آھي. اهڙي ڀاڳ ڀري ڏينهن تي کيس ادب، احترام منجهان دل جي اٿاھ گهرائين سان جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏجن ٿيون.

 

زاھد علي ڀٽو جي فيسبڪ ٽائينم وال تان ۱۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)


مٺل سان ڪيل مِٺِي ڳالھ ٻولھ..

ڳالھ ٻولھ: علي محمد درد سولنگي

۱. نانءُ ولديت سميت:

مٺل........ محمد مٺل جسڪاڻي ولد محمد عمر جسڪاڻي

۲. جنم جي تاريخ ۽ جنم جو هنڌ:

مٺل...... ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع، ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، يونين ڪائونسل حاجي ساوڻ خان گوپانگ (ماضي ۾ اسان جي ديهه يو سي موسي کٽياڻ ۾ هئي)، تعلقو ۽ ضلعو حيدرآباد آهي.

۳. ادبي نانءُ:

مٺل.......... مٺل جسڪاڻي (شروعات ۾ مختلف تخلص به رهيا)

۴. تعليم/نوڪري/پيشو:

مٺل........ پرائمري کان ايم. ايس. سي ايگريڪلچر آنرس (پلانٽ پيٿالاجي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ ان جي ڪالوني ۽ آفيس علائقي ۾ موجود پرائمري ۽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيم. تعليم مڪمل ڪري، ۱۹۸۴ع ۾ پهرين يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيس، اتان پوءِ ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ حڪومت جي زرعي تحقيق سنڌ ۾ ۽ ۱۹۹۶ع کان سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهيان، جڏهن ته ملازمت دوران مختلف اضافي ذميواريون به ملنديون رهيون اٿم، جن سان پڻ نڀائيندو رهيو آهيان.

۵. لکڻ جي شروعات سال ۽ مهينو:

مٺل........ منهنجي خيال ۾ لکڻ جي شروعات مون نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ۱۹۷۵ع ۾ ڪئي، پر اهو لکي لڪائڻ وارو دور هو، ان کان پوءِ شايد ۱۹۸۰ع کان س ا س ۾ شرڪت ڪندي، پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪندو هئس، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي شروعات گهڻو ڪري ۱۹۸۳ع کان ٿي ۽ اهو سلسلو ادبي حوالي سان وچ ۾ ڊگهي ساهي کان پوءِ ٻيهر شروع آهي، جن سالن ۾ ادبي حوالي سان نه لکيم، انهن سالن ۾ زرعي مضمون ۽ زرعي تحقيقي مقالا تمام گهڻا لکيم. ان حد تائين به ته منهنجي زرعي ليکڪ طور سڃاڻپ ادبي حوالي تي حاوي رهي آهي.

۶. ادبي استاد:

مٺل........ باقاعدي سکيا ته ڪنهن کان به نه ورتي اٿم، پر شروع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ پر اديب ۽ دانشور طور سڃاڻپ رکندڙ سائين حيدر علي لغاري ۽ استاد سان گڏوگڏ صحافي طور سڃاڻپ ماڻيندڙ سائين لائق سنڌي جي صحبت ۾ رهندي، مون گهڻو ڪجهه سکيو. ان سان گڏوگڏ س ا س جي گڏجاڻين ۾ مستقل شرڪت ۽ مطالعي سان گهڻو ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪيم. سکي سگهيس يا نه، اهو منهنجي پڙهندڙن کي اندازو هوندو.

۷. ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟:

مٺل........ شاعري مون کي پرائمري کان وڻندي هئي، هاءِ اسڪول ۾، نائين ڪلاس ۾، هڪ ڏينهن اوچتو اسان جو هيڊ ماستر، جنهن جي اڳتي هلي خبر پئي ته ناميارو اديب ۽ دانشور هو، اهو آيو، ان اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت ٻڌائي، بيتن متعلق سمجهايو، ته مون به بيت لکڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي مختلف شاعرين جي شاعري جا مجموعا پڙهي ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪيم. لکڻ جي شروعات ۾ شاعري ڏانهن گهڻو ڌيان هو، پوءِ نثر ڏانهن لاڙو ٿيو. شاعري ۾ علم عروض، ماترائون ۽ خبر ناهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون پابنديون، ان ڪري دل کٽي ٿي پئي، پر ڪڏهن ڪڏهن بحر ۽ وزن، علم عروض کان آجي شاعري به ٿي ويندي آهي. مضمون تمام گهڻا لکيا ٿم، ڪهاڻيون به لڳ ڀڳ پنجاهه ته ٿي ئي وينديون. مختلف شخصيتن تي تاثر، يا وري پروفائيل انٽرويو به ڪيم. مختلف ادبي ڪتابن تي تبصرا، اڀياس، تعارف به لکيم.

۸. ڪهڙيون شيون/ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟:

مٺل؛... ماحول، عام ماحول ۽ موسم، سماجي مسئلا ڌيان ڇڪائيندا آهن، پاڻهي پاڻهي ذهن ۾ خبر نه آهي ڪهڙي تبديلي ايندي آهي، ڪا شڪتي آهي، جيڪا لکرائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون پاڻ حيران ٿي ويندو آهيان، تمام ضروري ڪم اڌ ۾ بند، آڌي رات جو ننڊ مان جاڳي، اوچتو پنو هٿ ۾، قلم جي لک لکان... بس، لکجي ويندو آهي.

۹. پهرين تخليق ڪڏهن ۽ ڪٿي ڇپي؟:

مٺل؛... تاريخ، مهينو ۽ سال ياد نه آهي، پر منهنجي خيال ۾ ۱۹۸۳ع کان پهرين هلال پاڪستان اخبار جي هفتيوار ادبي ۽ زرعي صفحي ۾، پوءِ هلال جي ميگزين ۾، هفتيوار برسات ميگزين به مشهور رهيو آهي، ان ۾ به، پر مختلف سال، مختلف اخبارن ۾ گهڻو ڇپيس، جيڪي ترتيبوار هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، آفتاب ۽ عبرت ۾ تمام گهڻو ڇپيو آهيان، هونئن نه ته مهراڻ، تعمير سنڌ ۽ ٻين اخبارن ۾ پڻ ڇپجندو رهيو آهيان. رسالن ڏانهن ڌيان گهٽ رهيو آهي.

۱۰. ڪھڙين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا/ڇپيون آهيو؟:

 مٺل؛... گذريل سوال ۾ جواب ڏئي چڪو آهيان، پر زرعي مواد زرعي رسالن ۽ اخبارن ۾، گهڻو سنڌي، ان کان پوءِ انگريزي ۾ ۽ پوءِ اردو ۾ پڻ چڱو مواد ڇپيل آهي، ڇپبو رهي ٿو.

۱۱. ڪھڙين صنفن ۾ لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟

مٺل؛... مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ شاعري وڻي ٿي، ڪجهه عرصي کان نثري نظم گهڻو لکيو اٿم، ماضي ۾ غزل ۽ وايون لکڻ جي ڪوشش ڪيم. گهڻو اڳ لکيل ادبي مواد خبر نه آهي ڇو ضايع ڪري ڇڏيم يا ضايع ٿي ويو، پر ۱۹۸۰ع کان پوءِ لکيل مواد گهڻي ڀاڱي هٿيڪو به آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ شايع به ٿيل آهي. اڻ ڇپيل مواد تمام گهٽ هوندو.

۱۲. ڪھاڻين جو تعداد..

. مٺل؛... ڪيتريون ڇپيل؟: منهنجي خيال ۾ لڳ پنجاهه ڪهاڻيون لکيون هوندم، اڪثر ڇپيل آهن.

۱۳. ڇپيل ڪتاب ۽ انهن جا سال...... ؟:

مٺل؛... ڪتاب، ڪي سنها ته ڪي ٿلها، ڪي ننڍا ته ڪي وڏا، ويهه ايڪيهه هوندا، پر ادبي ڳاڻيٽي ۾ هڪ سفرنامو ”سفر بخير“ ۲۰۱۶ع ۾ ڇپيو، هڪ ٻيو سفرنامو به ترتيب ڏئي ڇڏيو اٿم، ممڪن آهي ته هن سال (۲۰۱۷ع ۾) اچي وڃي.

۱۴. پھرين تخليق ڇپجڻ تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟:

مٺل؛... منهنجا مائٽ اڻ پڙهيل، انهن کي پهرين ته خبر ئي نه پئي، پر جڏهن ڪٿان کُڙڪ پين ته شاعري ڪندو آهيان، ته والدهه روئي پئي، والد سختي سان منع ڪئي، هنن جي چوڻ موجب گهڻو پڙهندس ۽ لکندس ته چريو ٿي ويندس! ان ڪري گهڻو نه پڙهڻ ۽ نه لکڻ باوجود، جيڪو سياڻو آهيان، اها منهنجي پڙهندڙن کي وڌيڪ خبر آهي.

۱۵. ادب ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنهن ڪئي؟:

مٺل؛... ڪنهن به نه. اديب ۽ شاعر ويچارا هر ٻئي اديب ۽ شاعر کان ڇرڪندا آهن، ته متان وڌيڪ مشهور ٿي وڃي، پبلشر ڌنڌي جي پٺيان هوندا آهن، همٿ افزائي ڪٿان ٿي ٿئي؟ سرڪاري ادارن ۾ ياري دوستي ۽ چمچاگيري ٿي هلي. پنهنجا پيسا جنهن وٽ هوندا، اهو ڪتاب ڇپرائيندو. منهنجو سفرنامو منهنجي فرزند اظهار مٺل جسڪاڻي جي خواهش سبب شايع ٿيو، نه ته آئون پنهنجي پيسن سان ڪتاب ڇپرائڻ جي قطعي حق ۾ نه آهيان. آئون اهو به پسند نه ٿو ڪريان، ته منهنجو ڪتاب ڪو اهڙو چپرائي، جيڪو مون کي خوار ڪري، پاڻ ڏوڪڙ ڪمائي، ڇو ته مون جيڪو لکيو آهي، اهو سرڪاري ۽ نجي لائبررين ۾ رکي، پڙهندڙن کي مهيا ڪرڻ جهڙو آهي ۽ پبلشرس لاءِ ٻڌو اٿم، ته اهي انتهائي غلط طريقي سان ڪتاب زوري خريد ڪرائڻ جو ماحول جوڙيندا آهن، جنهن جو ليکڪ تي تمام گهڻو خراب اثر پوي ٿو.

۱۶. شاعري اوهان جي نظر ۾:

مٺل؛... شاعري جي ڇا ڳالهه ڪجي... تمام ٿورڙن لفظن ۾، تمام گهڻي وڏي ڳالهه، تمام موثر انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. رڌم ۽ موسيقي جي ڪري روح جي غذا به ٿي پوندي آهي.

۱۷. محبت اوهان جي نظر۾:

مٺل؛... ”محبت ناهي ملڪ ۾... “، اها ٻيءَ ڳالهه نه آهي، نه ته محبت ئي ته سڀ ڪجهه آهي.

۱۸. پسنديده شاعر/شاعرائون اديب /اديبائون:

مٺل؛... بنهه ئي روايتي ۽ انتهائي غير اهم سوال! پڙهڻ وقت جيڪا ڪيفيت هوندي، پڙهجندڙ ان نسبت سان قبول پوندو آهي. ڪنهن مهل پڙهندي ته تمام مشهور شاعر يا شاعره به نه وڻندي آهي، ڪنهن وقت ته بلڪل نئون، سيکڙاٽ شاعر يا شاعره جو خيال اندر جي اونهائيءَ تائين پهچي ويندو آهي. لطيف، سچل، اياز کي جيڪو نه پڙهندو آهي، اهو به پسنديدهه شاعر طور ڳڻائي ڇڏيندو آهي، جنهن کي شاعري جي خبر ئي نه هوندي آهي، اهو به حسن درس تي واهه واهه ڪري ويندو آهي يا وري ونگار وهندي، حسن جي بهترين شاعري کي به ٽڪي جي شاعري ڪري پيش ڪندو آهي. مون کان اهڙي جواب جي توقع نه ڪرڻ گهرجي. منهنجي پسند، ناپسند جو معيار، منهنجي پڙهڻ وقت، منهنجي ذهني سالميت، صلاحيت، سمجهه جي پهچ تي دارو مدار رکي ٿي.

۱۹. پسنديده شخصيت:

مٺل؛... مون کي خبر آهي ته منهنجو والد گهڻن کي نه وڻندو هو، پر مون کي تمام گهڻو وڻندو هو. والدهه سان ڪنهن جو به مقابلو ڪونهي. استاد ۽ اديب جي حيثيت ۾ سائين حيدر علي لغاري، منهنجي زندگي ۾ مثالي شخصيت رهي آهي. ڪجهه ٻيا مهربان استاد ۽ دوست به پسنديدهه شخصيتن ۾ شامل آهن، نالا کڻي ڪن کي خوش ڪرڻ ۽ ڪن جا نالا نه کڻي سوال پيدا ڪرڻ سٺو نه ٿو سمجهان. مون کي ته منهنجو ڀاءُ علي به تمام گهڻو وڻندو آهي.

۲۰. پسنديده ڪتاب/گل/رنگ/موسم/پھر:

مٺل؛... ڪتاب، گُل ۽ رنگ سڀ وڻندڙ هوندا آهن، ڪنهن مهل ڪهڙو ته ڪنهن وقت ڪهڙو وڌيڪ وڻي، موسم مون کي نه گهڻي گرم، نه ئي گهڻي ٿڌي وڻندي آهي. سهپ ۽ سک ڏيڻ جهڙي موسم هجي. پهر ته صبح وارو به لاجواب هوندو آهي، شام وارو به موهيندڙ ٿيندو آهي، چٽي چانڊوڪي به واهه جي هوندي آهي، پر جيڪڏهن انهن کي ڪو زهر نه ڪري ته...

۲۱. زندگيءَ جي پهرين مهرباني/خوشي:

مٺل؛... تمام گهڻو ڏکيو سوال آهي، آئون ٿوري مان به گهڻو خوش ٿي ويندڙ طبيعت جو آهيان، مهرباني ۽ خوشي جو ڪٿڻ، ڪَڇڻ ممڪن نه آهي.

۲۲. زندگيءَ جو پهريون ڏک/سڏڪو/صدمو:

 مٺل؛... اُف! ڪڏهن ننڍڙي ڳالهه به روئاريو ڇڏي، ڪڏهن وڏي ممڻ باوجود به، نه لهر نه لوڏو.

۲۳. اڄ جي عورت ڇا ٿي چاھي؟:

مٺل؛... مجموعي طور عورتن جي واجب تربيت ڪا نه ٿي ٿئي، ان ڪري اڪثر عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. تمام ٿورين عورتن کي پڙهڻ، اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، ته مجموعي ماحول اڻ پڙهيل ۽ اڻ سڌريل هجڻ ڪري، لکيل پڙهيل، ترقي پسند سوچ رکندڙ عورت به آزار ۾ آهي. بظاهر حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ بردبار عورت به خوف ۽ غير يقيني واري ڪيفيت جو شڪار آهي. عورتون ويچاريون خواهش ئي ڪري سگهن ٿيون، مرداڻي سماج ۾ کين اميدون گهٽ هونديون، مطمعن نه هونديون، ته چاهينديون ڇا؟

۲۴. عورت اوهان جي نظر ۾:

مٺل؛... سمورن جاندارن ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورت، متاثر ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿي...

۲۵. اڄ ڪلھ جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي راءِ:

مٺل؛... لکجي، سرجي به تمام گهڻو پيو، ڇپجي به گهڻو پيو، سوشل ميڊيا وسيلي منظر تي به گهڻو اچي پيو، پر چونڊ، انتخاب جو ڪم سست آهي، جيڪو ٿيڻ گهرجي. مقدار ججهو آهي، معيار لاءِ پَرڻ ڪونهي. ڇنڊي، ڇاڻي، ڇانٽي ڪري، معياري ڪتاب آڻڻ گهرجن، پر ائين به نه، جيئن ماضي توڙي حال ۾ پڻ، سنگت ساٿ کي خوش ڪندي چونڊ مضمون، چونڊ ڪهاڻيون، چونڊ شاعري شايع ڪئي وئي، تيئن به نه ڪرڻ گهرجي.

۲۶. سنڌي سماج ۾ ليکڪ/ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي، ان جو ڇا سبب آهي؟:

مٺل؛... منهنجي نظر ۾ مکيه سبب ليکڪ ۽ شاعر پاڻ آهن. اهي ئي ڪنهن کي سمجهڻ، قبولڻ جو ڪم ڪندڙ هوندا آهن، پر پاڻ وٽ، خاص طور تي سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾، پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ جي خواهش ۾، ٻئي تي بيجا تنقيد ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي. اڳ ۾ چند اخبارن ۽ رسالن ۾، ڪنهن جي تعريف يا ڪنهن جي گلا غيبت ٿيندي هئي، هاڻ تعريف ۽ مڃتا وارو پاسو ڳولڻو پوي ٿو، ٻئي جي حيثيت کي متاثر ڪرڻ لاءِ شخصي طور توڙي ٽولا ڪري، ڪنهن جي پويان پوڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ان ڪري عام پڙهندڙ منجهيل رهي ٿو، اهو فيصلو نه ڪري سگهندو آهي، ته ڪنهن کي پڙهجي؟ وڏو آزار ڪتابن جون قيمتون آهن. اڪثريت کي رعايتي اگهه تي ڪتاب نه ٿا ملن. ڪتاب تي قيمت ٽيڻي، چوڻي به لکيل هوندي آهي. ان ڪري مهانگا ڪتاب خريد به ڪير ڪري؟ ڪتاب جو پبلشر ليکڪ جي کل لاهي ٿو، ڪتاب وڪڻڻ وارو دڪاندار ماحول کان واقف هجڻ ڪري، پبلشر سان ٺڳي ڪري ٿو. ڪتاب وڪڻي به گهڻا نه مڃيندا آهن، ته ڪو ڪتاب وڪرو ٿيو! نه ڪتاب واپس ڪندا، نه ڪتاب جي قيمت ادا ڪندا آهن. ڪتاب وڪڻڻ مستقل ڪرت ڪندڙ به پاڻ وٽ ڳولڻا پوندا... انهن سان وري پگهار تي ڪم ڪندڙ ٺڳي ڪري ويندا آهن! عجيب قسم جو ماحول آهي. اهڙي ماحول ۾ پذيرائي جي ڪهڙي اميد ڪجي؟

۲۷. تنقيد ڇا آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟:

مٺل؛... تعليمي نصاب طور تنقيد جون مختلف وصفون آهن، تنقيد جا مختلف دور ۽ اصول رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ تنقيد پڙهندڙ جي راءِ آهي. اها راءِ پڙهندڙ جي سمجهه جي عڪاسي ڪري ٿي. گهٽ پڙهيل جي راءِ کي به تنقيد سمجهيو وڃي ٿو، ته گهڻو پرهيل، گهڻو سمجهيل جي راءِ کي به تنقيد چيو وڃي ٿو، جيڪا پاڻ وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر، ان ۾ به ياري دوستي... ٻين ٻولين ۾ ائين نه آهي. حق سچ جي اهميت هجڻ گهرجي، پر پاڻ وٽ مشهور نقاد طور سڃاڻپ رکندڙ به وٽ تي رسو ڀڃي ويندا آهن! ڪڏهن لکندي، ته ڪڏهن ڳالهائيندي، ونگار وهڻ سٺو عمل نه آهي، پر اهو به سچ آهي، ته حق سچ تسليم ڪندڙ پاڻ وٽ ليکڪ، اديب، شاعر، محقق هاڻي آهن به، ته گهڻا؟ اهو به وڏو سوال آهي.

۲۸. ادبي/سياسي/سماجي تنظيمن سان وابستگي

مٺل؛... : جڏهن شاگرد هئس، جڏهن تنظيمي ماحول کان اڻ واقف هئس، تڏهن ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، ڪجهه عرصو انهن سان گڏ اٿيس ويٺس، ته سندن نيڪ نيتون سامهون اچي ويون، پوءِ ڇڊو ۽ پوءِ ججها سال اڻ لاڳاپيل رهيس، هاڻي زماني کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. سياست ۾ شروع کان ئي دلچسپي نه رهي آهي. ان ڪري ڪنهن به سياسي ڌر سان وابستگي به نه رهي آهي.

۲۹. زندگي اوهان جي نظر ۾

مٺل؛... : هر ساهوارو، پنهنجي مرضي کانسواءِ پيدا ٿيندو آهي، پنهنجي مرضي کانسواءِ جيئندو آهي، پنهنجي مرضي کانسواءِ مري ويندو آهي.

۳۰. موت اوهان جي نظر ۾:

مٺل؛... حياتي جو ڏيئو اجهامڻو آهي، ڪنهن جي به تڪليف جو باعث نه هجڻ گهرجي، پر ماڻهو بي وس آهي.

۳۱. نفرت ڇا آهي؟

مٺل؛... : ڪم علمي آهي، بي سمجهائي آهي، مفاد لاءِ اڍنگي جنگ آهي. تمام ڪني آهي.

۳۲. دل اوهان جي نظر ۾

مٺل؛... : يار... مسئلو اهو آهي ته ٿوري گهڻي سائنس پڙهي اٿم، ٿوري گهڻي اها به ڄاڻ اٿم... شاعراڻي دل ۽ سائنسي دل ۾ وڏو فرق آهي...

۳۳. ايندڙ ڪتاب/سھيڙيل ڪتاب ۽ انهن جا نالا

مٺل........ : منهنجو ڪو به ڪتاب، منهنجي مرضي سان نه اڳ ۾ آيو آهي، نه ئي مستقبل ۾ اچڻو آهي. هڪ سفرنامو تيار پيو آهي، شاعري سموري ڪمپوز ٿي پئي آهي، جنهن مان ڇانٽي ڪرڻي پوندي، اڪثر ڪهاڻيون ڪمپوز ٿيون پيون آهن، مختلف شخصتن تي تاثر ۽ پروفائيل انٽرويو مان ڪي چند ڇڏي، باقي سڀ ڪمپوز آهن، مختلف ڪتابن تي تبصرا، اڀياس، رايا به اڪثر ڪمپوز ٿيا پيا آهن، اهي سڀ هڪ هڪ ٿلهي متاري ڪتاب جيتري مواد تي مشتمل آهن، هڪ زرعي ڪتاب به ذري گهٽ مڪمل پيو آهي، پر لڳي ٿو، جڏهن ڪمپيوٽر خراب ٿيندو، ته معاملو گڙٻڙ ٿي ويندو.

۳۴. توهان طبيعتن ڪيئن آهيو؟:

 مٺل........ ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن. مون کي نه ڪو ٻيو سمجهي سگهيو آهي، نه ئي پاڻ کي سمجهي سگهيو آهيان. آئون گهڻو ڪري ٻين جي مرضي تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ته جيئن ناقابل قبول نه ٿيان، پر شايد ڪوششن باوجود، گهڻائي مون مان خوش ناهي، گهڻائي مون سان خوش ناهي... آئون ائين ٿو سمجهان.

۳۵. ڪھڙين ڳالھين تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟

مٺل........ : ڪوڙ، بي ايماني، ٺڳي، ڪمچوري چيڙائيندي آهي.

۳۶. مليل مڃتا/ايوارڊ/شيلڊون/ سرٽيفڪيٽ

مٺل........ : زرعي حوالي سان ڪجهه ادارن ۽ ڪجهه تنظيمن پاران ڏهاڪو کن تعريفي سندون، مڃتا سرٽيفڪيٽ، شيلڊون ۽ ايوارڊ مليا اٿم، ڏيندڙن جي مهرباني.

۳۷. لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟

مٺل........ اوهان ڇا محسوس ڪنديون آهيون؟: هاهاها، محسوس ڪندي نه آهيان، جيڪو محسوس ڪندو آهيان، اهو شايد اڳ ۾ ٻڌائي آيو آهيان، ته مون کي بي سبب مختلف سوچون ذهن ۾ ولوڙو پيدا ڪنديون آهن ۽ خبر نه پوندي آهي، ته اها ڪهڙي طاقت آهي، جيڪا ڪيترا ئي دفعا نه لکڻ جي فيصلي باوجود لکرائيندي آهي.

۳۸. درد ڇا آهي؟

مٺل........ : مون کي جسماني ۽ روحاني ڏک، سور، درد جو اندازو آهي، اذيتناڪ آهي، خوفائتو آهي، منجهائيندڙ، نه ڪمو ڪري ڇڏيندڙ، روئاريندڙ هوندو آهي. هڪ ڏينهن سهڻ کان وڌي ويندو، ته درد جي شڪايت نه رهندي.

۳۹. اوهين جيڪو لکو ٿا/لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھ لکيو اٿو، انهيءَ مان مطمئن آهيو؟

مٺل........ : ها، آئون لکڻ وقت ضروري احتياط ڪندو آهيان، ان ڪري پڇتاءُ نه ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن لکڻ جي نتيجي ۾، ڪي ڳچي ۾ پئجي ويندا آهن، ڪجهه ڏينهن تڪليف ۾ گذاريندو آهيان.

۴۰. اوهان جي شاعري ڪھڙن فنڪارن/فنڪارائن ڳائي آهي؟

مٺل........ : مون اهڙي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، نه ته چار روپيه سيڙهائي ائين ڪري وٺان ها.

۴۱. ملازمت ڪندڙ عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انهن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟

مٺل........ : عورت ته عورت ئي هوندي آهي. گهر ۾ گذاريندڙ عورت جو دائرو گهٽ، ملازمت ڪندڙ عورت جو مدار وڌيڪ هوندو آهي. جنهن به عورت جو ججهن مردن سان واسطو، واهپو، رابطو، ڪم ڪار پوندو آهي، ان سان مسئلا گهڻا ٿين ٿا. عورتن ۽ مردن جي بهتر تربيت، جيڪا ٿيڻ گهرجي، اها نه ٿي رهي آهي.

۴۲. مرداڻي معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انهن جو حل ڇا آهي؟

مٺل........ : خابرو ذريعن ۽ ذاتي واسطن، ڳجهه کي ڳجهه رهڻ ئي نه ڏنو آهي، ان ڪري هن سوال جو پهريون حصو اهم نه آهي، حل لاءِ به تربيت جي ضرورت لاءِ اڳ ۾ چئي چڪو آهيان.

۴۳. لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري؟

مٺل........ ڪو شوق ڪونهي، ڪا مجبوري ڪانهي، زرعي موضوعن تي ان ڪري لکندو آهيان، ته جيئن منهنجو علم، منهنجو تجربو، ٻين تائين پهچي، اهي ان مان فائدو حاصل ڪن. زراعت کانسواءِ وارو مواد، سماجي اثرن جي اپٽار محسوس ڪندو آهي، منهنجون اڪثر تحريرون عمل جو ردعمل هونديون آهن. اهڙيون تحريرون ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هونديون آهن، ان ڪري مالڪن تائين پهچائڻ لاءِ، جيڪو لکندو آهيان، اهو ڇپجندو آهي. ڪم جو نه هجي، نه ڇپجي، نه ڇپجي ته پوءِ شايد آئون لکندس به ڪو نه.

۴۴. شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي؟

مٺل........ دعا ڪريو، شهرت پلئه پوي، ته جواب ڏيڻ جهڙو ٿيان. آئون ته اڃا پنهنجو نالو ۽ ذات به پاڻ ئي ٻڌائيندو آهيان. جنهن جو ثبوت اوهان جو پهريون سوال به ڪافي آهي.

۴۵. اوهان کي ڪنهن کان ڪا شڪايت؟

مٺل........ مون کي ڪنهن کان به ڪا شڪايت ڪانهي. پنهنجو جهڙو ماحول آهي، جهڙو معاشرو آهي، جهڙو سماج آهي، اهڙو ئي" آهي، ان مان ڪهڙي شڪايت؟

(. روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ۱۵ جنوري ۲۰۲۳ع )


محترم سائين مٺل جسڪاڻي

نجيب الله گهراڻو

هن دنيا ۾ کوڙ سارا انسان رهن ٿا سڀئي انسان هڪجھڙا ڪو نه هوندا آهن.

هر انسان ۾ ڪا نه ڪا خوبي هوندي آهي.

ڪنهن جو آواز مڌر هوندو آهي جيڪو هر دل کي ڇهندو آهي، انهي کي توهان جو ديوانو ڪري ڇڏيندو آهي.

ڪنهن جون لکڻيون اهڙيون ته هونديون آهن جو جيسين توهان انهي جون لکڻي پڙهو نه تيسين توهان کي مزو نه ايندو.

ڪي انسان وري هڪ ٻئي جو حوصلو ٿيندا آهن ڪي وري حوصلو ڏيندا آهن.

انهن سڀئين مان اسان جو محترم سائين پروفيسر مٺل جسڪاڻي صاحب به هڪ آهي.

پروفيسر مٺل جسڪاڻي رهنمائي ڪندڙ بهترين استاد ڀي آهي.

انهي ڳالھ جو اندازو توهان منهنجي هن ڳالھ مان لڳائي سگهو ٿا ته جڏهن مون ادب جي دنيا ۾ پهريون قدم رکيو هو ته اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان بهترين شاعر جنهن کي اڪثر وائين جو بادشاھ ڪوٺيو ويندو، اهو شاعر محترم *سائين نثار احمد ناز* آهي.

جنهن مون کي همٿ ڏني ادب جي دنيا ۾ مون کي حوصلو ڏنو.

جڏهن آئون ادبي ويهڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته اتي مون هڪ ٻيو انسان مليو اهو هو پروفسير مٺل جسڪاڻي صاحب جنهن مون کي اخبار جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو.

اهو سال هو ۲۰۲۰ع جو آخري مهينو ڊسمبر جو جنهن ۾ مون هڪ مضمون لکيو هو، نئين سال جو. جيڪو سائين جن کي وڻيو ته سائين جن منهنجي حوصلا افزائي ڪرڻ لاء هڪ پيغام مون کي لکيو ته توهان هن مضمون کي وڌيڪ اڃان لکو ته توهان جو هي مضمون اخبار ۾ شايع ڪرايان ٿو. پوءِ انهيءَ کي وڌيڪ لکيو. سائين مٺل جسڪاڻي اهو منهنجو پهريون مضمون *سال بدلڻ سان حال بدلائڻو پوندو* هو جيڪو سائين روزاني چڻنگ اخبار حيدرآباد ۾ شايع ڪرايو هو.

انهي کان پوء سائين سان ويجهڙائيپ ٿي وئي ان کان پوء سائين مٺل جسڪاڻي مون کي روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ڀي متعارف ڪرايو.

انهي سهڻي شخصيت ادب سان چاھ رکندڙ زرعي ماهر ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق پروفيسر مٺل جسڪاڻي پندرنهن جنوري تي انهن جو جنم ڏڻ آهي انهي موقعي نيڪ تمنائون سان دل جي گهرائين جنم ڏڻ مبارڪ سائين مٺل جسڪاڻي ڌڻي پاڪ توهان کي سدائين خوش سلامت رکي.

 

(ڏھاڙي ”آجيان“ شڪارپور ۾ آچر ۲۲ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



مٺل جسڪاڻي

جيڪو صرف نالي ۾ مٺل ڪونهي

اقبال بلوچ

سنڌ جي علمي ادبي خزاني مان ڪي املھ ماڻڪ موتين جهڙن ماڻهن جا نالا لکجن ته انهي لسٽ ۾ اسان جي سنڌ ڌرتي جو هڪ انمول موتين جهڙو ماڻهو پنهنجي علمي ادبي خزاني مان ۽ پنهنجي مٺڙي شخصيت ۾ آسمان جي افق تي ستارن ۾ چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي ۽ هن ڌرتي ۾ سدائين مرڪندي ۽ مهڪندي نظر ايندڙ “محترم مٺل جسڪاڻي” آهي جيڪو صرف پنهنجي نالي ۾ مٺل نه آهي، پر هو سدائين پنهنجي زندگي ۾ ماکي جيان مٺو به آهي.

محترم “مٺل جسڪاڻي” سدائين مهڪندي مرڪندي هر محفل ۾ ادبي گڏجاڻين، سيمينارن، مهورتي تقريبن، مشاعرن ۽ ادبي شامن ۾ هڪ مانائتي حيثيت ۾ اسٽيجن تي نظر ايندو آهي، هر علمي ۽ ادبي تقريب ۾ کيس وڏي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي ادبي محفلن ۾ مدعو ڪيو ويندو آهي.

سنڌ جو هي بهترين اديب، شاعر ۽ دانشور جو پورو نالو “محمد مٺل جسڪاڻي” آهي پر ادبي نالي “مٺل جسڪاڻي” سان سڃاتو ويندو آهي.

محترم “مٺل جسڪاڻي” ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي لڳ ٽنڊو ڄام ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع ۾ محترم “محمد عمر جسڪاڻي” جي گهر پيدا ٿيو. هن وقت ٽنڊي ڄام ۾ ۱۹۹۲ع کان رهائش پذير آهن، جيئن ته سندس ڳوٺ ٽنڊي ڄام کان صرف ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي، انهي ڪري ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن سان سدائين جڙيل رهيو آهي.

سنڌ جو سدا ملوڪ ليکڪ “مٺل جسڪاڻي” موجوده ٽن ڀائرن ۾ وڏو ڀائر آهي، سندس محبتن ۽ خلوص واري جذبن سبب سندس محبت هر ڀاتي سان ۽ سڀني مائٽن سان هوندي اٿس ۽ انهي ئي محبتن، عزتن ۽ مرتبن سان کيس ڏٺو به ويندو آهي.

“مٺل جسڪاڻي” شادي جي ٻنڌڻ ۾ ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي ٻڌجي ويو، سندس اولاد ۾ چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون اٿس. سندس اولاد اعلي' تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، وڏو پٽ اظهار جسڪاڻي پڻ پنهنجي شعبي ۾ P H D هولڊر آهي. باقي ٻه پٽ MSc ۽ BSc ۽ ڌيئرن ۾ وڏي ڌيء. B S . I . T ۾ گريجوئيٽ ۽ ٻي نياڻي پڻ گريجوئيٽ آهي، جڏهن ته ٽي نياڻي گريجوئيشن ڪري رهي آهي. منهنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون به گڏ آهن. ائين هي گهراڻو هڪ اعل' تعليم يافتا خاندان آهي.

پنهنجي پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم ٽنڊي ڄام جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪندي اعلي' تعليم پھرين BSc ۽ پوءِ MSc ٻئي Agriculture, Honors جي ڊگري زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان حاصل ڪئي ۽ انهي يونيورسٽي ۾ زرعي محقق ۽ استاد جي نوڪري حاصل ڪئي. جتان زرعي شعبي جي پروفيسر جي حيثيت ۾ ۱۴ جنوري ۲۰۲۱ع تي رٽائرمنٽ حاصل ڪئي.

هنوقت سنڌ جي ادبي کيتر ۾ مٺل جسڪاڻي جونالو هڪ معتبر حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هر ادبي محفل جي زينت بنيل هوندو آهي ۽ ادبي حلقي ۾ هڪ مٿانهين مقام جي حيثيت حاصل اٿس. هنوقت سڀني ادبي صنفن تي گهڻ رخو ليکنجندڙ سنڌ جو بهترين اديب ۽ شاعر مٺل جسڪاڻي ادبي کيتر ۾ پير پائڻ جي شروعات نائين ڪلاس ۾ پڙهندي ۱۹۷۵ع ۾ ڪئي جيڪا جڳ مشهور رسالي “برسات” ۾ ڇپي. شاعري لکڻ سان شروعات ڪندي، پوء نثر به لکيو، هنوقت تائين هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي زراعت واري شعبي ۾ ريسرچ زرعي تحقيق تي ريسرچ پيپر، مقالا، مضمون جيڪي سنڌي ۽ اردو اخبارن کان سواء انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيا. ۱۹۸۰-۸۱ع کان سندس ڪهاڻيون، مضمون مشهور اخبارن هلال پاڪستان، عبرت، جاڳو، عوامي آواز، مهراڻ ۾ ڇپيا، اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، سندس مواد مختلف رسالن، اخبارن ۽ ميگزينن ۾ ڇپجندو رهيو آهي. تمام گهڻو نثر لکندڙ بنيادي طرح شاعر آهي ۽ هن پنهنجي سڃاڻپ به شاعر طور رکي آهي. بيشڪ هو سنڌ جو هڪ بهترين شاعر آهي.

سنڌ جو مان وارو ۽ عزت جو مقام ماڻيندڙ سوشل ميڊيا ذريعي تمام گهڻي شهرت ماڻيندڙ فيس بوڪ (جنهن کي هو عالمي اوطاق چوندو آهي) جي دنيا جو مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل شخص “مٺل جسڪاڻي” ادب ۾ سڀ کان پهرين پنهنجي استاد هاء اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ سنڌ جي مشهور تعليمدان “محترم حيدر علي لغاري” جي سنڌي ادب بابت ڏنل ليڪچرن کان متاثر ٿيو. پوء ادبي ميدان ۾ نثر ۾ نجم عباسي، امر جليل، قمر شهباز، فقير محمد لاشاري ۽ شاعري پڙهندي شاه لطيف کي رهبر شاعر مڃيندي شيخ اياز، شمشير الحيدري، استاد بخاري ۽ ابراهيم منشي کان گهڻو متاثر ٿيو.

سنڌ جي هن بهترين ليکڪ جا اڄ تائين چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

(١) سفر بخير (سفرنامو)

(٢) برسات ۽ ٻوڏ (ڪهاڻين جو مجموعو)

(٣) چوٿين اک (ڪهاڻيون/ نظم)

(٤) جان ڪتين تان ڪت (لطيفيات) شاه لطيف جي شاعري تي تحقيقي ڪتاب.

سندس ايندڙ ڪتابن لاء هو چوي ٿو ته مواد سهيڙجي ته مختلف صنفن تي ست اٺ ڪتاب اچي سگهجن ٿا، اهو سڀ ڪجھ حالتن تي منحصر آهي ته ڪتاب لاء مواد سهيڙجي ڪڏهن ٿو ۽ کيسو ڪڏهن ٿو اجازت ڏي، پر هو جلدي هڪ اردو ۾ مڪس ڪتاب آڻڻ ٿو چاهي جنهن ۾ اردو ۾ لکيل شاعري، ڪهاڻيون، انٽرويوز، تاثر، تعليمي ۽ سماجي مضمونن تي مشتمل هوندو.

مون سندس ڪيتريون ئي لکيل يادگيريون جيڪي هن ڇپايون آهن، سي پڙهيون آهن انهي ڳالھ تي پڇيومانس ته آتم ڪٿا جو ڪتاب ڪڏهن ٿا آڻيو، چيائين آتم ڪٿا ڪتاب ۾ هميشه سچ لکبو آهي ۽ سچ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ جڏهن به ڪتاب آڻيندس ته هن ۾ سچ ئي لکندس، جڏهن مون مناسب سمجهيو تڏهن ضرور آڻيندس، باقي يادگيريون لکندو ۽ ڇپائيندو رهندو آهيان.

سنڌ جي ڏاهي ۽ عظيم شخصيت مٺل جسڪاڻي کي پنهنجي علمي توڙي ادبي ميدان ۾ هڪ بهترين مڃتا حاصل آهي، هڪ اندازي موجب هنکي ۳۵ کان ۴۰ ايوارڊ مختلف ادبي تنظيمن، يونيورسٽي مان ۽ سندس ٻن ڪتابن “سفر بخير” ۽ “زرعي سونهن” کي “انجمن ترقي پسند مصنفين” ،طرفان ايوارڊ ملي چڪا آهن، اها سندس وڏي ڪاميابي ۽ مڃتا آهي جيڪا گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿي آهي.

سدا مسڪرائيندڙ ۽ مهڪندڙ چهري واري محترم مٺل جسڪاڻي کان سندس وندر بابت پڇيم ته هن چيو وندر عمر جي حساب سان تبديل ٿيندي رهندي آهي، ٻالڪپڻ ۾ ٻاراڻيون رانديون پوء شادي، نوڪري، گڏو گڏ پڙهڻ لکڻ ۽ هاڻ سوشل ميڊيا ۾ مصروف رهڻ وندر ۾ شامل آهي.

خواهشن بابت هن چيو خواهشون به عمر جي حساب سان رهنديون آهن تعليم دوران، جواني ۽ هاڻ تائين هميشه نيون خواهشون جنم وٺنديون، ڪي پوريون ٿينديون آهن ڪي رهجي وينديون آهن.

رنگن ۾ بوسڪي، پيلو، ناسي، بلو، خاڪي (ڪيمل ڪلر) جا ڪپڙا پائڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهي.

خوشبو ۾ هنجي ڪا خاص پسند نه آهي، جيڪا ملي ته ٺيڪ جي نه ته خير آهي.

جڏهن ته موسم جي پسند بابت هن سهڻو جواب ڏيندي چيو ، ٿڌ ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي ۽ گرمي ساه ٿي ڪڍي تنهن ڪري سياري جي ختم ٿيڻ ۽ گرمين کان اڳ واري موسم جيڪا متوازن هوندي آهي اها وڻي ٿي.

کاڌي ۾ کيس توريون ۽ ٽماٽو پسنديده آهن.

تعليم ۽ ادبي حساب سان هميشه جاکوڙ ۾ ۽ مصروف ترين رهندڙ سواء سنڌي ادبي سنگت جي ٻي ڪنهن تنظيم ۾ نه رهيا ۽ نه ڪنهن سياسي پارٽي کي هن پسنڌ ڪيو.

ڪو اهڙو غم جيڪو ياد رهجي ويو هجي جي جواب ۾ غمزده ٿيندي چيائين ڪيترا ئي غم مليا پر ابي امڙ جي موت کي وڏو غم سمجهان ٿو، اڄ به ڪنهن به ننڍڙي ٻار جي اکين ۾ لڙڪ ڏسندو آهيان ته غمزده ٿي ويندو آهيان.

ڪا خوشي جنهن توهانجي زندگي بدلائي ڇڏي هجي، جي جواب ۾ سائين چيو ته ماشاءالله زندگي ۾ بي شمار خوشيون مليون آهن، الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چيو اڄ به گهر ۾ معصوم ٻارڙن جي مک تي مرڪ ڏسندو آهيان ته خوش ٿي ويندو آهيان.

آخر ۾ پڙهندڙن لاء پيغام ڏيندي چيائين ته “ڪوشش ڪجي ته ڪوڙ نه ڳالهائجي۽ اهڙو ڪو ڪم نه ڪجي جيڪو غلط ڪمن ۾ شمار ٿئي ۽ الله پاڪ جي ڏنل بي شمار نعمتن تي هميشه شڪر ادا ڪندو رهجي”.

منهنجي به دعا آهي ته “سنڌ جو هي منفرد ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ سدائين جاکوڙي ڪردار ۾ رهيو آهي، سدائين مرڪندڙ ۽ مهڪندڙ، محبتون ڏيندڙ ۽ وٺندڙ، سدا سلامت رهي، وڏي حياتي ماڻي، سدا خوش رهي پنهنجن ٻچڙن سان، اهل وعيال سان، زندگي جو رهيل خوشيون ماڻي”.

پنهنجي طبيعت ۾ هميشه مٺو ۽ سٺو،

“مٺل جسڪاڻي صرف نالي ۾ مٺل ڪونهي پر هو حقيقت ۾ به مٺل آهي”.

 

(ڏھاڙي “آجيان” شڪارپور ۾ اربع ۰۵ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

(روزاني ”شاھين سنڌ“ سانگهڙ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سائين مٺل جسڪاڻي

جنهن جي هر لکڻيءَ ۾ سمايل آ سمجهاڻي

زاهدعلي ڀٽو

گهڻا سال اڳ هڪڙي انڊين چينل تي هڪ ڊرامو هلي رهيو هو جنهن ۾ ڪو ساڌُو هڪ نوجوان کان سندس نالو پڇندو آهي ته ”پُٽ! تنهنجو نالو ڇا آهي!؟“

ساڌُو کي ُان نوجوان پنهنجو نالو ٻڌايو ته نالو پُڇندڙ ساڌو حيران ٿي ان نوجوان کان سوال ڪندو آھي ته ”ڪائنات جي خلقڻهار جي خلقيل انسان جي مهانتا ۽ وشالتا تمام وسيع آھي سو ايڏو وشال انسان ڪيئن هڪڙي نالي ۾ سمائجي سگهجي ٿو!؟“ ساڌو ان نوجوان کي مخاطب ٿي چوندو آھي ته ”ٻچا تنهنجا انيڪ نالا هجڻ گهرجن هڪ نالي ۾ تون ڪيئن پورو پئجي ٿو سگهين!؟“

بالڪل ايئن ئي توهان اسانجي چئوگرد اهڙا ڪيترائي ڪردار آھن جيڪي پنهنجي ڪم ۽ڪردار وسيلي ان ساڌو جي حيرت مان پڇيل سوال تي سورنهن آنا پورا لهندا آھن يعني انهن جو نالو ڀلي هڪ ئي هوندو آھي سندن حوالا هڪ کان وڌيڪ هوندا آھن. جيئن سنڌ جو بهترين ليکڪ، استاد، اسڪالر ۽ زرعي ماهر محمد مٺل جسڪاڻي صاحب آھي.

چوندا آھن ته ماڻهو تي نالي جو به وڏو اثر هوندو آھي سو سندس مائٽن نالو مٺل به چونڊي چونڊي رکيو آهي.

سندس نالي جيان سندس شخصيت ۾، سندس سڀاء ۾، محبت آھي مٺاس آھي، ڪوڙياھ آھي، احساس آھي. سندس شخصيت جا به ڪيئي حوالا آهن ۽ سندس هر حوالو معتبر ۽ مانائتو آھي. ڄڻ سڀيئي سُٺا سُٺا حوالا ساڻس سلهاڙجڻ لاء هڪٻئي جي رِيس ۾ سِڪائتا هئا.

ڇو ته سندس سڀيئي حوالا آھن به ته شانائتا ۽ مانائتا!

هوائن جي ديس حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊو ڄام جهڙي سرسبز علائقي جي ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ديھ پساهڪي جي ڳوٺاڻي محمد عمر جسڪاڻي جي گهر۾ ۱۵ جنوري ۱۹۶۱ع تي پيدا ٿيندڙ محمد مٺل جسڪاڻي صاحب گهڻ گڻائتو، گهڻ رخو شخص آھي جيڪو هڪ ئي وقت استاد به آھي ته زرعي ماهر به آھي، ليکڪ به آھي ته شاعر به آھي. ساڳئي وقت سماجي سائنسدان به آھي، مٿي تي چاندي جهڙي اڇاڻ اچڻ باوجود پنهنجي عزم ۽ ارادن جي مظبوطي ۾ جوانن کي جهڪائي ڇڏي.

هن جي پنهنجي هَم عُمرن، هَم عَصرن سان سنگت به آھي ته نوجوانن ۽ ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن جو دوست به آھي پنهنجي پوٽن، ڏوهٽن سان گڏ به مصروف هوندو آھي ۽ ساڻن کڏ کيڏندي دوستي نڀائيندو آھي۔

ان شخصيت کي دنيا مٺل جسڪاڻي جي نالي سان سڃاڻي ٿي۔جنهن زندگي جي ٻاهٺ اسٽيجن کي پنهنجي محنت، مستقل مزاجي سان ڪاميابي سان پار ڪيو آھي ۽ ٽيهٺين اسٽيج ۾ داخل ٿيو آھي ۽ انشاءالله زندگي جي سئو کان مٿي اسٽيجن کي تندرستي، صحتيابي سان پار ڪندو۔

سائين مٺل جسڪاڻي صاحب سان زندگي ۾ هڪ ڀيرو ئي ملاقات ٿي آهي پر سندس تحريرون پڙهي ڄڻ ساڻس ملاقات ٿيو وڃي ۽ سندس شخصيت متعلق ذهن جي ڪينواس تي جيڪو خاڪو جڙي ٿو. ذهن جي ڪينواس تي جڙيل خاڪي موجب سندس سڀاء جيان تصوراتي خاڪو به خوبصورت ۽ بهترين آھي۔

سندس لکيل تحريرون پڙهي مون سميت سوين، هزارين سندس پرستارن بڻجي ويا آهن

سماج کي درپيش مختلف سماجي مسئلن، تعليم، صحت، زراعت سميت ڪيترن ئي اهم اشوز تي هن ڀرپور ۽ بهترين لکيو آھي نه صرف مسئلا بيان ڪيا آھن پوائنٽ آئوٽ ڪيا آھن پر انهن مسئلن جا ڪارڻ ۽ انهن جا حل به پنهنجي لکڻين ۾ پڙھندڙن کي ٻڌايا آھن.

سائين مٺل جسڪاڻي صاحب پيشي جي لحاظ کان استاد آھي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٻوٽن جي بيمارين جي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر طور ٻه سال کن اڳ زندگي جا سٺ سال پورا ٿيڻ تي نوڪري تان ريٽائر ٿيو آھي۔

ڇپيل سندس ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جي هرهنڌ هاڪ ٻڌي هئي. فيس بوڪ کان اخبارن تائين سندس ان ڪتاب تي تفصيلي، خوبصورت رايا لکيا ويا.

اهڙا رايا، تبصرا پڙهي ويتر دل هرکي پئي، اڃا دل کي اها دلجاء ڏئي رهيو هئس.

نامور قلمڪار، زرعي ماهر، صلاحڪار، سماجي سائنسدان جي ڏات ۽ ڏان سان سرجيل اهڙي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ کي ضرور پڙهبو پر مٿان اوچتو خبر پئي ته نئين سال ٻه هزار ٻاويھ جي جنوري مهيني ۾ سندس ڇوٿين اک به اچي وئي آھي۔ هونئن هر انسان کي ڪائنات جي خلقيندڙ طرفان ٻه اکيون عطا ٿيل هونديون آھن ۽ عام طور تي ٽئين اک علم جي اک کي چيو ويندو آھي. پر چوٿين اک جو نروار ٿيڻ به ڪنهن خوشخبري کان گهٽ ناهي ڇو ته چوٿين اک سائين مٺل جسڪاڻي صاحب جو لکيل نئون ڪتاب آھي جيڪو ڪهاڻين ۽نظم ڪهاڻين تي مشتمل آھي.

”چوٿين اک“ توڙي ”برسات ۽ ٻوڏ“ سميت سندس لڳ ڀڳ ٽيهارو کن ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. جن ۾ لطيفيات تي ڪتاب ”جان ڪَتِين ته ڪت“ به تازو ڇپيو آهي.

ان کان علاوه زرعي، سماجي، تعليمي، ادبي موضوعن توڙي معلوماتي سوين مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن ۽ منهنجي مشاهدي موجب لڳ ڀڳ هر روز مختلف اخبارن ۾ سندس لکڻيون ڇپجن پيون ۽ پڙھندڙ سندس لکيل لکڻيون شوق سان پڙھن ٿا ۽ پنهنجي علم ۾ اضافو ڪن ٿا۔

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ چيپٽر پاران سندس ٻن ڪتابن ”سفر بخير“ ۽ ”زرعي سونهن“ تي کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي۔

 سندس لکيل انگريزي ڪتاب

A Brief Outline -The Fungi Cultivation of Mushrooms

پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ريفرنس بوڪ طور استعمال ٿي رهيو آھي۔

 اڄ سنڌ جي هن خوبصورت ڪويتاڪار سائين مٺل جسڪاڻي صاحب جنهن جي هر لکڻي ۾ سمجهاڻي سمايل هوندي آهي، ۱۵ جنوري سائين جي جنم جو ڏينهن آھي۔ اهڙي ڀاڳ ڀري ڏينهن تي کيس ادب، احترام منجهان دل جي اٿاھ گهرائين سان جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏجن ٿيون۔

 

(روزاني ”حق سچ“ حيدرآباد، اڱارو ۱۶ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا