مٺل جسڪاڻي
سنڌ جو ابن بطوطه
امداد سهتو
چوندا
آهن ته جوانيءَ جو سفر تعليم ۽ پيريءَ جو سفر تجربو آهي (بيڪن). ڪو به ماڻهو سفر
جي تعليمي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي. سفر ڪتابن کان بهتر سيکاري ٿو. سفر صحت
مند واڌ ويجهه لاءِ به ضروري آهي. ٽيگور جو چوڻ آهي ته دماغي صحت ۽ ڪتابي راشن چر
پر بنا ڪلاسن جي جيل جهڙين ديوارن پويان هڪ هنڌ بيٺل اسڪول ۾ حاصل نه ٿو ٿي سگهي.