محمد نعيم شاهه
آباد سلامت ھجو
محمود مغل
سائين
محمد نعيم شاهه ولد سيد محمد مراد شاهه حسيني، خميس ۽ جمع جي وچ واري رات 8 جون
2017ع بمطابق 13 رمضان المبارڪ 1438هه تي اسان وٽان رخصت ٿيا. پکيءَ کي ڀڙڪو ڏيڻو
هو. هڪ نرم تن وجود جي روح کي ائين ئي رخصتي وٺڻي هئي. سندن اندر جي ٻاجهَه، ملڻَ
جي مَهِرَ ۽ احساس جي سٻاجهَه، سدائين کين هلڪو رکيو. ڳرو وجود ته هو جسماني طور
تي به نه هو، مٿان وري هلڪڙو روح... وڃڻ ۾ دير ئي ڪيتري ٿي لڳي! هن دنيا ۾ انسانن
کي پروردگار، اشرف المخلوقات خلقيو آهي. سڄي مخلوق ۾ بهترين مخلوق ان ڪري به آهي،
جو سندس ڀاڪر ۾ گرمي، اک ۾ ڳوڙهو ۽ نرمي ۽ دل ۾ احساس جي ڳَرُ هوندي آهي. اهو ئي
انسان جتي رنجائيندو آهي ته اتي ئي ڪجهه انسان وري مرهم جيان هوندا آهن. زخم ڀريندا
آهن، سيني سان لائي آٿت ڏيندا آهن، گڏ وکون کڻندا آهن. رنج جي ساعتن ۾ گڏ ڳوڙها ڳاڙيندڙ
۽ کلڻ جي گهڙين ۾ وري کلندو ڏسي خوش ٿيندا آهن. سائين سيد محمد نعيم شاهه به اهڙي
ئي قبيلي جو هڪ سدا بهار وجود هو.
تقريبن
47 سال پهرين، ماڊل اسڪول ۾، ڇهين ڪلاس ۾ داخلا جي پهرئين ڏينهن پنهنجو همعمر ٽڪرايو
هو...نالو هئس سيد غالب مراد شاهه. تنهن زماني ۾ سڀ اسڪول بس ۾ سفر ڪندا هئاسون. ڄامشوري
۾ ايندڙ بس، مارڪيٽ جي ڪنڊ وٽ اسپتال وارو روڊ مڙندي هئي ته ڪنڊ تي ”حُسيني منزل“
جي سامهون غالب بيٺو هوندو هو. ذهانتن جي حوالي سان اسان جو ٽڪر هلندو هو. غالب
بهرحال مٽياريءَ جي مِٽي هيو، ذهانت ته کيس ورثي ۾ ملي هئي. حياتيءَ اڳيان ڪَرُ
کنيو ته سيد علي گوهر شاهه صاحب ايل ايم سي ۾ مليا. پهرين سينيئر شاگرد طور ۽ پوءِ
ايناٽاميءَ جي شعبي ۾ ڊمانسٽريٽر جي حيثيت سان سينيئر ڪليگ طور- ڳالهين ڳالهين ۾ ذڪر
ٿيو ته غالب سندن ڀاءُ آهي ۽ ائين ئي خاندان جو ذڪر هلندي ڪنن تي پهريون ڀيرو
سائين نعيم شاهه جو نانءُ پهتو. اسين ازل ابد کان سِکيا جي ڀاڪر ۾ رهيا آهيون، وڏو
ڀاءُ معنيٰ ادا وڏو...بس ان هڪ گهڙيءَ ۾ ئي ڄڻ سائين نعيم شاهه ادا وڏو بڻجي ويو.
يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ملي ته آپا پروين شاهه جي ماءُ جهڙي شخصيت ملي، جنهن وڏي ڀيڻ
۽ ماءُ جي ڪردارن ۾ اصلوڪو رنگ ڀري ڇڏيو. امان سانئڻ، انهن سڀني عهدن کان پهرين
محبت جي عهدي تي ويٺل هئي ۽ مٿان وري سائين نعيم شاهه صاحب، سندس وَرَ جي محبت
نصيب ٿي ته ڄڻ سونهن تي سهاڳئي وارو جهان بڻجي ويو. مان ڪڏهن به اهو سمجهي ڪو نه
سگهيس ته ڪنهن جَي وڌيڪ ويجهو آهيان جي آپا ڇپر ڇانوءَ آهي ته سائين گهاٽو ميويدار
وڻ...تفاوت سوچڻ جي جرئت دل ڪري به نٿي سگهي.
عجيب
مست انسان هو...فقير تن، صفا درويش...هاڻي هاڻي لينڊ ڪروزر مان لهي پيو، اجهو شام
جو ڪنهن سان اسڪوٽر تي ٻيلهه پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ان همراهه جي ڪم سان، ڪنهن کي ڪجهه
چوڻو آهي. جي ڪنهن جي ڪا واهر ڪرڻي آهي ته فون جي ته ڪن تان لهڻ جو سوال ئي پيدا نٿو
ٿئي...ياد اچي ٿو، تر جي علائقي ۾ جتي به ڪا فوتگي هجي سائين تڏي تي پهرين پهتل
هوندو. گهڻو ڪري سياح پوش يا وري آسماني رنگ جا ڪپڙا...حسين هاٺِي، سونهاريءَ تي
حسين شهپرن جو امتزاج، ڳالهائي ته اک ٽڪائي ڳالهائي ۽ ٻڌندڙ سندس نگاهه جي سحر ۾ جڪڙجيو
وڃي. هٿن جي آڱرين ۾ منڊين جي حسناڪي...مرڪ اهڙي ڪشادي جو ڪشادگيءَ جي معنيٰ سمجهه
۾ اچيو وڃي. سائين نعيم شاهه اسان سڀني ملندڙن کي ملڻ جو طريقو سيکاري ويو. مون کي
لڳندو آهي ته سنگت مان الائي ڪيترا سائينءَ وانگر هڪ ٻئي سان ملندا آهيون. وڏو ڀاڪر
پائي هٿ جوڙي چوندو هو ”آباد هجو...سلامت هجو.“ هٿ ۾ تسبيح جي مڻين تي به ڄڻ اهو
ئي ڀڻڪو اُڪريل هوندو هو ”آباد هجو...سلامت هجو.“ مٽياريءَ جي سياسي ۽ سماجي خدمتن
جي حوالي سان مشهور خاندان جي وڏي سيد محمد مراد شاهه جي گهر پهرين مئي 1951ع تي
فرزند جي پيدائش ٿي جنهن جو نالو محمد نعيم شاهه رکيو ويو. سائين محمد مراد شاهه
کي پروردگار ستن پٽن محمد نعيم شاهه، علي گوهر شاهه، سليم مراد شاهه، حسين مراد
شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه، سيد خالد مراد شاهه ۽ غالب علي شاهه ۽ هڪ نياڻيءَ جي
اولاد سان نوازيو. سندن وڏي پٽ اتي ئي نور محمد هاءِ اسڪول مٽياريءَ مان علم جي
حاصلات شروع ڪئي ۽ آخرڪار سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪيائين. هُن
شروعاتي دور ۾ ڪجهه وقت سياست کي ڏنو پر پوءِ اتان پاسيرو ٿي ڪُل وقتي زمينن جي سنڀال
ڪرڻ لڳو. هُن زندگي گذارڻ لاءِ ڪڏهن به نوڪري ڪرڻ نه سوچيو ۽ شايد اهو سبب هو جو
هو ”عام“ جي، ”جيءَ جڙت“ ڄاڻندو هو، اک ٽِڪائي ٻُڌندو هو ته سماعتون ٽِڪيل هونديون
هيس.“
هڪ ڀيري
ائين ئي سرسري طور دعا جي ڳالهه هلي. مون الائي ڪيئن چئي ڇڏيو ته سائين ڪو موقعو
مليَو ته فقير کي به ياد ڪجو. ڪجهه عرصو ترسي واٽس اپ تي سندن ڪال آئي فرمايائون
”سائين، واعدي جي پورائي حاضر آهي...ذريح مبارڪ جي سامهون آهيان...جيڪو وڻي سو
گهري وٺو.“ حيرت ٿي هئي ته هڪ ننڍڙي ڳالهه ۽ اهڙي يادگيري! موٽيا ته عرض ڪيم ”قبلا
ڪمال ڪيوَ“ فرمايائون ”ڪمال اهو هوندو اٿوَ سائين جو اوهان ڪنهن جي خواهش کي اڻ ٻڌو
ڪري ڇڏيو...مون ڪمال ناهي ڪيو...مون ته خواهشن جو جمال ڪيو آهي...ڪنهن جي حسرت ڏسجي
ته پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي سائين.“ مون گهر اچي اهي جملا لکي ورتا هئا ۽ الائي ڪيترا
ڏينهن ان تي سوچيندو رهيو هئس. اها ئي گهڙي هئي جو زندگيءَ ۾ احساس ٿيو هيو ته ڪردار
جا صاحب ڪيئن هوندا آهن. شاهه صاحب کي پنهنجي اندر جي ڪمٽمينٽ جي خبر هئي، تنهن ڪري
ته هو هر ماڻهوءَ سان ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس حياتيءَ ۾ اهم ترين ڏک پنهنجي
ڀائرن جو وڇوڙو به هيو ۽ شايد اهو ئي درد هو، جنهن سندس دل کي درد ڏئي ڇڏيو هو. ان
هوندي به هو پنهنجي حسناڪ مرڪ ۾، سڀني دردن کي لڪائي زماني جي گردشن کي منهن ڏيندو
هو. ياد اچي ٿو هڪ واري ڀاڪرن تي بحث ڪيوسين پي ته هنن يڪ ٽڪ هڪ جملو چيو هو
”محمود سائين...ڀاڪر معنيٰ گرمي، گرمي معنيٰ سينو...جي سينو گرم نه هوندو ته ڀاڪر ڀاڪر
نه هوندو...اهو ڪڏهن نه وسارجو.“ شاهه صاحب جي اها خصوصيت ڪڏهن به نه وسرندي ته هو
ڪڏهن به ڪنهن کان مرعوب نه ٿيا...گهر واري وائيس چانسلر آهي، ڀلي هجي...نعيم شاهه
جو اهو ئي عوامي انداز هوندو...ڪنهن جي نوڪري لاءِ پيو ڊوڙي ته ڪنهن لاءِ فونون
پيو گهمائي...جتي ”سائينءَ سان گڏ وارا“ سائينءَ کان وڌيڪ هوندا آهن، اتي سندس
طبيعت جي سادگي ۽ ڪردار جي اورچائي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هڪ يگانو، پرخلوص، محبتي
ماڻهو مٽياريءَ جي ”شهيد شهمير قبرستان“ ۾ پنهنجي مرڪ ساڻ ليٽيل آهي. ڄاڻان ٿو ڀاڪر
جي اها گرمي هاڻي نه ملندي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي گرم سيني جي گرمي، هُو ساڻ کڻي ويو
آهي. هاڻي پنهنجي منفرد انداز ۾ ”آباد سلامت هجو“ جو جملو ڪو نه ڪنائي سگهبو، ڇاڪاڻ
ته اهڙو اُچار صرف سائين نعيم شاهه کي ئي نصيب هيو، پر بهرحال، حياتي آهي، اڳيان
جو سفر به طئي ڪرڻو آهي. اکين جا ڇپر ڳرا آهن. محبت جي احسان جي ادائگي ممڪن نه
آهي جهڙا به آهيون، جيئن به آهيون بس دل چوي ٿي ته چئجي ”قبلا...آباد سلامت
هجو...دعائن جي ڀاڪرن ۾ هجو.“ پروردگار سندن درجات بلند ڪري ۽ بهتر مقام عطا ڪري.
آمين.
No comments:
راءِ ڏيندا