; سنڌي شخصيتون: خواجه محمد زمان - حاجي احسان ميمڻ

29 July, 2017

خواجه محمد زمان - حاجي احسان ميمڻ

خواجه محمد زمان
سنڌ جو تاريخي ڪردار حضرت لواري شريف وارو
حاجي احسان ميمڻ
لواري شريف سٿ جي سرواڻ حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان قدس سره جن جو جنم 21 رمضان المبارڪ 1125 هجري مطابق 1713ع تي سنڌ جي قديم ڊيلٽا ۽ جنت نماء وادي جي شهر پراڻي لواري شريف ۾ ٿيو. سندن سلسله نسب اسلام جي اول خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه سان ملي ٿو. هن خاندان قضيهء ڪربله کان پوءِ عربستان کي الوداع ڪري سن 170هه مطابق 786ع تي سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. حصرت جن جو والد حضرت شيخ عبد اللطيف المعروف ڍير ڌڻي اهل دل درويش هو. سندن خاندان جو طريقت سلسلو سهروردي هو مگر هن جي جوانيءَ کان ٺٽي ننگر جي نقشبندي بزرگن سان صحبت رهي انڪري حضرت مخدوم آدم جي فرزند حضرت مخدوم فيض الله جي هٿ بعيت ڪري نقشبندي سلسلو اختيار ڪيو. قرآن شريف ۽ حديث جو عالم هو. پنهنجي فرزند حضرت خواجه محمد زمان قدس سره جن جي ابتدائي تربيت پاڻ ڪيائين. حضرت جن جو چهرو ننڍي هوندي کان ئي انوار ولايت ۽ معرفت سان معمور هو انڪري والد ساڻس بيحد پيار ڪندو هو. سندن طبي ذهانت ۽ تيز فهمي سبب وڌيڪ شرعي ۽ طريقتي تعليم جي تڪميل ٺٽي ننگر ۾ نقشبندي بزرگن جي نگراني ۾ ٿي جن سان اباڻو تعلق هو. ٺٽو ننگر ان دور ۾ علمي اعتبار کان عروج  تي هو. وڏا وڏا عالم ۽ فاضل درس و تدريس جي ڪم ۾ مشغول هئا. حضرت جن ظاهري تعليم مخدوم محمد صادق نقشبندي کان سندس ئي درسگاهه مان حاصل ڪئي. مخدوم محمد صادق، مخدوم محمد اشرف ولد مخدوم آدم جو ناٺي هو. پاڻ بلند پايه جو عالم هو. حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي صحبتي هجڻ سان گڏ کيس ان دور جي نامور هستي مخدوم محمد معين ٺٽوي جي شاگردي پڻ نصيب ٿيل هئي. مخدوم محمد معين وري عالم هند حضرت شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جو شاگرد هو. حضرت شاهه ولي الله اهو عالم هو جنهن پنهنجي علمي تبحر ۽ ذهني صلاحيتن سان ان دور ۾ صوفي نظرين وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ پيدا ٿيل مونجھاري ۽ ڪشمڪش کي ختم ڪيو هو. جنهن کان پوءِ اسلامي تصوف ۾ تاريخي تبديلي آئي. جنهن اڳتي هلي ان تسلسل ۾ حضرت سلطان الاولياء اهڙي  انقلابي تصوف جو اهم ترجمان ۽ شارح ثابت ٿيو.


حضرت جن جو روحاني رهبر حضرت خواجه محمد نقشبندي عرف ابو المساڪين هو.جنهن جي صحبت ڪيميا مان  ان دور جا وڏا وڏا عالم فاضل ۽  اهل دل سرفراز ٿيندا هئا. سنڌ جو سرموڙ صوفي شاعر شاهه عبد اللطيف پڻ سندس صحبتي ۽ دل گھريو دوست هو. اهڙن الله لوڪ عالمن، فاضلن، محدثن ۽ نامور روحاني رهبرن جي رهنمائي ۾ حضرت جن جي ظاهري توڙي باطني تعليم تڪميل تي پهتي هئي.
تاريخي حوالي سان سندن ابتدائي دور انتهائي ڪشيدگي مذهبي مار ڌاڙ، سياسي هيراڦيري ۽ سماجي اڻ برابريءَ سميت ٻين انيڪ براين سان ڀريل هو. حضرت جن جي جنم کان ڪجهھ سال اڳ متحده برصغير جو بادشاهه اورنگزيب عالمگير 1307ع انتقال ڪري ويو هو جنهن کان پوءِ مغل شهزادن ۾ سياسي ڏڦير شروع ٿيو ۽ انهن جي تڪڙي تبديلين سبب هندستان جي حڪومت ڪمزور ٿيندي وئي. ملڪ مان مذهبي سياسي ۽ فرقيوارانه ويڙهه سبب امن جي فضا الوداع ڪيو ۽ چئوطرف آپي خاني جا آواز بلند ٿيڻ لڳا. ڪيتريون ئي رياستون آزادي جو اعلان ڪنديون ويون. ائين سنڌ جو اتريون حصو ميان يار محمد ڪلهوڙي ڍل جي عيوض آزاد ڪرايو هو. مگر لاڙ  جنهن جو دارالحڪومت ٺٽو ننگر هو. اتي مغلن طرفان گورنر مقرر ٿيندڙ هئا. ان دور ۾ جڏهن حضرت سلطان الاولياء جن جي عمر 5 سال هئي تڏهن (1130هه) ديسي دلالن، مقامي مولوين، پيرن، زميندارن ۽ ڪلهوڙن سردارن جي سازشن سان مغلن جي نائب اعظم خان جي حڪم تي بغاوت جي الزام هيٺ سنڌ جو سوشلسٽ صوفي حضرت شاهه عنايت شهيد ٿيو هو. سنڌ ۾ هي واقعو شهيد مخدوم بلاول واري واقعي جو تسلسل هو. جنهن کي گھاڻي ۾ پيڙهي پيڙهي شهيد ڪيو ويو هو. حضر جن جي ابتدائي زماني جو ٻيو دردناڪ واقعو خير پور ضلعي جي شهر کُهڙا جو آهي جنهن ۾ سن 1145هه  تي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي بي بنياد الزامن تحت عالم ۽ بزرگ مخدوم عبدالرحمٰن کهڙن واري کي 222 ساٿين سميت هڪ جامع مسجد ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو هو جنهن تي پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سامهون ان حيرت ناڪ واقعي تي حضرت جن جي ڪامل مريد ۽ معروف شاعر مخدوم غلام محمد بگائي سنڌي ۾ مرثيو لکي پڙهيو هو جيڪو علمي طبقي ۾ گھڻو مشهور آهي.
اهڙا افسوس ۽ المناڪ واقعا مسلمان اهل دل درويشن سان وابسته آهن، مگر تنهن مسلمان دور حڪومت ۾ هندن سان ڪهڙا ڪلور ٿيندڙ هئا ان ڀيانڪ بيان جا صفحا تاريخ ۾ رقم آهن. هندن کي تنگ ڪرڻ ۽ تذليل جو نشانو  بنائڻ ۾ عالمن جو اهم ڪردار هو. ڇو ته ملڪي معاملا مسلمان مولوين جي مشاورت سان هلندا هئا ۽ حڪمران انهن عالمن طرفان ڏنل سخت گير مذهبي پاليسيءَ جي پاسداري ڪندا هئا. جنهن ڪري اهل تصوف کي تنگ ۽ غير مذهب سان ناروا سلوڪ ڪيو ويندو هو. مذهب جي توهين ڪري، کين زوري مسلمان بنايو ويندو هو. ڪنهن به مهذب معاشري ۾ اهڙن افسوسناڪ ۽ دل آزاريندڙ حرڪتن کي هرگز قبول نٿو ڪري سگھجي.
ٺٽو ننگر درويشن جي ديري سان گڏ شدت پسند مولوين جو به مرڪز هو. حضرت سلطان الاولياء جن جڏهن ٺٽي ۾ هئا تڏهن نقشبندي بزرگن سان ڪي عالم اختلاف رکندا هئا. صوفين سان عالمن جو اٽڪاءُ هر وقت ۽ هر جاءِ تي رهيو آهي. اِن روايت جي تسلسل ۾ حضرت جن سان به اُتي اهڙن تعصب پرست عالمن اختلاف رکيا ۽ آخر ڪار ٺٽي ننگر کي الوداع ڪري پاڻ اباڻي ماڳ موٽي آيا. 1150هه ۾ موجوده لواري شريف جو بنياد رکيو، جنهن کان ستت پوءِ مسلمان حملي آور نادر شاهه قنڌار کان اچي ڪڙڪيو.  جنهن جي ظلم ۽ ستم رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي ۽ ٺٽو ننگر تباهه ۽ برباد ٿي ويو. هي لڳ ڀڳ ڏهن سالن تائين پنهنجي ڌاڪ ۽ دٻدٻي سان مسلمان آزاد رياست کي لٽيندو ۽ ڦريندو رهيو. جيئن پوءِ حضرت گرهوڙي چيو هو: “سنڌڙي! توکي جڏهن ڪڏهن قنڌاران جوکو”
بهرحال هڪ پاسي اها حالت هئي ۽ ٻئي پاسي وري هي اهل دل حضرت سلطان الاولياء ملڪي معاملن جي مد نظر عام خلق کي رشد ۽ هدايت سان سرفراز ڪرڻ لڳا. هزارين ماڻهو سندن حضور  ۾ حاضر ٿيا ۽ پاڻ روحاني فيض سان گڏ دينوي خدمتون پڻ سهڻي سليقي سان سرانجام ڏيندا رهيا. جيئن نياز همايوني لکي ٿو: “حضرت جن سڀني حالتن ۽ نتيجن کي نظر ۾ رکندي تصوف جي فلسفي ۽ طريقي کي ملڪي ۽ قومي تقاضائن موجب جاري پئي رکيو ۽ سڄي زندگي شاهاڻي انعام اڪرام توڙي زماني جي عالمن جي اختلاف کان بي نياز رهندو آيو. اهڙي ريت ماڻهن جي اخلاقي اصلاح ڏانهن متوجهه ٿي مادي ۽ روحاني خدمتون سر انجام ڏنائين جن جو مثال ملڻ محال آهي.”
حضرت جن جي رحمت ۽ برڪت، تعليم ۽ تبليغ سان سنڌ سرسبز ۽ شاداب ٿي وئي. ان حوالي سان مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو: “حضرت جن جو وجود مسعود، سندن برڪت ۽ تعليم، سندن زندگيءَ جو اسوه حسنه ۽ مزاج، گفتگو ۽ ڪلام، درس تدريس ۽ سندن واعظ نصيحت اُهي شيون آهن، جن گڏجي سنڌ ۾ هڪ باشعور حلقو پيدا ڪيو. ان باشعور حلقي اڳتي هلي سنڌ لاءِ غلام شاهه ڪلهوڙي جهڙي بهترين حاڪم کي چونڊيو. هن جي صلاحيتن ۽ حضرت جن جي برڪتن جو اثر اِهو ٿيو ته اجڙيل گھر آباد ٿيا. ماڻهن ۾ حد کان وڌيڪ خوشحاليءَ جو احساس پيدا ٿيو. سنڌ کي آزادي، خودمختياري ۽ خوشحالي جو اهڙو دور نصيب ٿيو جو اهڙو وري اڄ ڏينهن تائين نصيب نه ٿيو آهي.”
حضرت جن جي حلقه صحبت ۾ غير مذهب سميت عام خلق سان گڏ سنڌ جون نامور شخصيتون شامل آهن. ٺٽي ننگر جو عالم ۽ سندن استاد جو استاد حضرت علامه محمد معين، مخدوم ضياء الدين، حضرت قاضي احمد، حضرت عبد الرحيم گرهوڙي ۽ ٻيا ڪيترائي بينظير بزرگ سندن فيض ۽ صحبت مان رچي ريٽا ٿيا. ان کان علاوه حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جيڪو ٺٽي ننگر جي نقشبندي بزرگن جو اڳيئي صحبتي هو وري جڏهن هن نقشبندي نوجوان جي حسن جي هاڪ ٻڌائين ته ملاقات لاءِ هلي آيو. هي تاريخي ملاقات لواري شريف ۾ ٿي هئي. ان وقت حضرت شاهه صاحب عمر جي آخري ايامن ۾ هو. جيئن دائود پوٽي لکيو آهي: “ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي جو حضرت شاهه لطيف جهڙو برگزيدو  اولياء ۽ عظيم شاعر پيري زهيريءَ ۾ پنهنجي شاگرد جي شاگرد وٽ سندس زيارت لاءِ هلي آيو هو.” حضرت شاهه صاحب  ۽ حضرت سلطان الاولياء جن جي ملاقات دوران ٿيل بيتن جي ڏي وٺ کي سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا سان گڏ خاص اهيمت حاصل آهي. ملاقات ۾ ٿيل ڳالهيون ۽ بيت روحاني رمزن ۽ عشق جي رازن  سان ڀرپور آهن. هي انتهائي معنى خيز ملاقات هئي. حضرت شاهه صاحب حضرت سلطان الاولياء جن کان متاثر ٿي سندن شان ۾ هي بيت چيو:
مون  سي  ڏٺا  ماء،  جنين  ڏٺو  پرينءَ   کي،
تنين سندي ڪاء، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
حضرت سلطان الاولياء جن وري حضرت شاهه صاحب  کي فنا جو صاحب سڏيندي آخر ۾ مثال خاطر هي بيت چيو هو:
جيئن چتونءَ لئه خزران، تيئن مون پاڙو سپرين،
هن وڃائي جان، مون نشاني نه لڀي.
صوفياڻي تعليمات جي تناظر ۾ حضرت جن جو ڪيترو ئي ڪلام موجود آهي، جنهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. هڪ سنڌي زبان ۾ ملفوظات جنهن جو تعداد 446 آهي. جنهن تي حضرت عبد الرحيم گرهوڙي عربي شرح لکي هئي. ان عربي شرح کي وري حضرت خواجه گل محمد قدس سره ۽ سندس خاص خليفي حضرت نور علي شاهه لکوي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. حضرت جن جي ڪلام جي ٻي حصي ۾ سنڌي بيت آهن، جيڪي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا ۽ تمام گھڻو مقبول آهن. سندن بيتن ۾ وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جو حسين امتزاج آهي. مولانا غلام محمد گرامي انهن جي دقيق روشنيءَ ۾ راءِ ڏيندي لکي ٿو: “ وحدت الوجود جي شارح حضرت ابن عربيءَ کان علامه صدر الدين قونوي وجودي فلسفو  پڙهيو. علامه قونويءَ کان مولانا رومي اهو فلسفو حاصل ڪيو. سندس مثنوي وحدت الوجود جي گويا شرح آهي. پر آئون (گرامي) ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته حضرت جن جا 84 بيت تصوف ۽ وحدت الوجود جي درياهه بي ڪنار کي ڄڻ هڪ پيالي ۾ سمائي چُڪا آهن. ڪاش! اڄڪلهه جا عقلي ۽ نقلي صوفي انهن بيتن کي پڙهي ۽ پروڙي سگھن.”
حضرت جن جي صوفياڻي تعليمات ۾ نه مذهبي شدت، نه رجعت پسنديءَ جا لاڙا ۽ رجحان، نه ئي سماجي اڻ برابريءَ جا عنصر موجود آهن. سندن تعليمات امن  ۽ آجپي سان گڏ انساني اتحاد ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي. سائنسي تحقيق ۽ سماجي سوچ سان گڏو گڏ روحاني ترقيءَ ڏانهن مائل ڪري ٿي. انهن سڀني خوبين سان گڏ سندن پيغام جي خاص خوبي غير مذهب سان سهڻو سلوڪ پڻ آهي. سنڌ جو تصوف اهڙين ڪيترين ئي روشن خيال روايتن سان مالامال آهي. صوفين جي اهڙي سهڻي سلوڪ سبب غير مذهب ماڻهن مان ڪِن ته مرڳو مرشدن جي محبت ۾ پنهنجا مذهبي اصول به اورانگهي ڇڏيا هئا. جيئن سنڌ جي صوفياڻي ماحول تي نياز همايوني لکي ٿو: “سنڌ ۾ تصوف جي سلسلي اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو گمراهه مسلم ۽ غير مسلم ماڻهن جا ذهن بدلجي ويا. ايتري تائين جو حضرت شاهه لطيف، حضرت سچل سرمست، حضرت شاهه عنايت شهيد ۽ حضرت سلطان الاولياء جا ڪيئي غير مسلم مريد اسلامي احڪامن جي پيروي ڪرڻ لڳا ۽ وفات کان پوءِ انهن جو مڙهه (ساڙڻ بجاءِ) پنهنجي مرشدن جي پيرانديءَ کان دفنايو ويو.”
امن ۽ محبت جا اهڙا عظيم مثال تصوف ۾ ئي ملي سگهن ٿا. موجوده دور ۾ پوري دنيا مذهبي شدت، فرقيوارانه ويڙهه، رياستي ڏاڍ ۽ نفساني ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، اگر اهڙي دور ۾ سڀني روشن خيال صوفين سميت حضرت جن جي امن، سک، سلامتي، مذهبي برابري ۽ فنايت سان ڀرپور انسانيت جي عظيم پيغام کي عام ڪيو وڃي ته هوند زماني مان مڙني براين ۽ رت جي راند جو خاتمو ممڪن آهي.
بهر حال سرزمين سنڌ کي شرف بخشيندڙ هي اعلى هستي 4 ذوالقعد 1188هه مطابق 1774ع تي 63 سالن جي ڄمار ۾ دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن راهي ٿي. هر سال 4 ذوالقعد وارو ڏينهن سندس ابدي آرام گاهه خانقاهه لواري شريف ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائجي ٿو. هزارين مريد ۽ معتقد حاضري ڀري ساڻس محبت جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏهاڙو سنڌ جي ٻين اڪثر بزرگن جي روايتي ميلن جيان نه بلڪ حضرت عبد الرحيم گرهوڙي جي روايت جي روشنيءَ ۾ نج شرعي انداز سان ملهايو ويندو آهي. تقريبات ۾ ظهر نماز، قرآن خواني، تسبيح جو ورد، قصائد ۽ عام لنگر شامل هوندو آهي. عورتن لاءِ پردي جي الڳ انتظام سان گڏ سڀني اسلامي اصولن ۽ احڪامن جو پڻ خاص خيال رکيو ويندو آهي.
هي عظيم خانقاهه هميشه شريعت ۽ طريقت جو اصل روح پيش ڪندي رهي آهي. سندس فيض اڄ به اڃايل دلين کي سيراب ڪري رهيو آهي. هن وقت هن عظيم خانقاهه جو نائون گادي نشين حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي نقشبندي خانقاهه شريف جون روايتي انداز سان شريعتي ۽ طريقتي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
ڇڏيو جن ڀنڀور، ڇپر تن کي ڇاڙڪي،

هم غم لٿن هور، وڃي ڪيچ قراريون.

No comments:

راءِ ڏيندا