قمر شهباز
شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه
نگار
سليم چنا
قمرالدين ولد محمد
مقبول ٻگهيو (قمر شهباز) ۱۳ اپريل ۱۹۳۸ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ هائر سيڪنڊري تعليم
نوابشاهه مان ورتائين. مشهور تعليمدان ايڇ ايم خواجه واري اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.
اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني ۾ ڪرڪيٽ ڏاڍي شوق سان کيڏيائين. خوبصورت شخصيت جو مالڪ هو.
ايم اي انگريزي (ادب ۾) ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۱۹۶۲ع ۾ پاس ڪيائين. پي ٽي وي توڙي ريڊيو لاءِ
تمام گهڻا ڊراما، ناٽڪ لکيائين، سندس اکر تمام سٺا صاف سٿرا هوندا هئا.
۱۹۶۲ع کان ۱۹۶۳ع تائين گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص، ۱۹۶۴ع تائين گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه، ۱۹۶۴ع کان ۱۹۶۹ع تائين گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ ليڪچرار ٿي
رهيو. اڳتي هلي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن وزير علي انڊسٽري حيدرآباد ۾
رهيو. ۱۹۸۶ع تي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڊراما سندس صنفون رهيا.
هن بين الااقوامي
ادب کي پڙهي پنهنجين لکڻين ۾ جدت آندي ۽ سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن کي متعارف ڪرايو. ساڳي
وقت سنڌي قديم ۽ جديد ادب جو مطالعو به هن باريڪ بينيءَ سان ڪيو هو. تنهنڪري سندس
شاعري، ڪهاڻي توڙي ڊرامي ۾ اسان کي پنهنجو ثقافتي، فڪري ۽ تاريخي رنگ به چٽو نظر اچي
ٿو.
پاڻ جڏهن ڪنڌڪوٽ جو
پرنسپال هو، تڏهن اتي ٿيندڙ هڪ مذهبي انتها پسندي واري واقعي سندس جيءَ کي جهوري وڌو
۽ ان واقعي تي هن امر جليل کي هڪ ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيو تنهن کانپوءِ ئي امر جليل “سرد
لاش جو سفر” نالي ڪهاڻي لکي سهڻي رسالي ۾ ڇپرائي هئي، جنهن سڄي سنڌ جي صوفي ۽ ساڃاهه
وند حلقي کي ڏکارو ڪري مذهبي انتها پسندي کي وائکو ڪري ڇڏيو هو.
قمر شهباز جي ڪهاڻي
نيٽي جيٽي پُل، درد ڀريل مڪالمن ۽ منظرن سان ڀري پئي آهي. ان ڪهاڻي جو هڪ ننڍڙو
جملو به اندر وڍي ٿو وجهي. “بند اکين سان چيائين: خبر اٿئي منهنجي جوان پٽ خودڪشي ڪئي
هئي”.
“ها” انصاف
علي وراڻيو. “بيروزگار هو، ڊگريون سانڍي ساڻو ٿي پيو هو، ٻن ڪاغذن جو بار گهڻي دير
کڻي نه سگهيو، مون سندس ٻئي ڊگريون سنڀالي رکيون آهن، سندس پگهر جي خوشبو ايندي اٿم
انهن ڪاغذن مان”.
قمر شهباز ڪهاڻي “ڪارا
ماڻهو” ۾ هڪ هنڌ هينئن تکن لفظن جا تير وسائي ٿو.
“مڙسن کي غيرت
ايندي آهي؟ ٻه دفعا يورپ ڀڄي وئي آهين يارن سان ڪو لفظ چيو اٿائين توکي زبان سان”؟
“هوءَ ٽهڪ ڏئي
کلي پئي، چيائين: پيريءَ ۾ جوان جماڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ماڊرن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ
وارا اکيون، ڪن ۽ زبان بند رکندا آهن. هونئن به وڏيرڙا ويچارڙا گهر جا ڪڪڙ مارڻ ۾
ماهر هوندا آهن. عورت کي پير جي جتي چوڻ وارا، شهرن ۾ اهائي جُتي مٿي تي رکي گهمندا
آهن”.
قمر شهباز پنهنجي ڪهاڻي
“ورهاڱي گهڻو ڪجهه ورهائي ڇڏيو” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو. (۱) اسڪول ٻيهر کلي ويو، پر نه رتنا رهي نه بلراج
ڀولو، نه داداگير نه جانڪي ۽ نه ڇولن وارو پوهو مل، ورهاڱي گهڻو ڪجهه ورهائي ڇڏيو
هو، شهر بدلجي ويا، ماڻهو بدلجي ويا، سوچ بدلجي وئي.
قمر شهباز کي هڪ شاعر
جي حيثيت ۾ پڙهنداسين ته سندس هيٺيون شاهڪار سٽون سندس هڪ جديد ۽ پختي شاعر هجڻ جو
ثبوت ڏينديون:
توڙي ڪاري ٻاٽ، توڙي
اوکو ماڳ
ٻارينداسين ساٿيو،
آنڌيءَ ۾ ڀي لاٽ،
ملي ويندي واٽ،
متان ير ماندا ٿيو.
سندس ٻين صنفن سان
گڏ آزاد نظم به نرالا آهن، ڏسو ته ڇا ٿو لکي!
(۱) تنهنجي چاهت چکيا آهي، سورٺ آءُ سينگار ڪري.
ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري!،
ڪانڌن کي ڇا ڪرٽ جهليندا،
ڪونڌر آخر ڪسندا رهندا.
پروانن جي، مستانن جي،
سوريءَ ريءَ ڪيئن
سِري سَري، ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري!.
قمر شهباز سنڌو
درياهه سان پنهنجي پيار جو اظهار هئين به ڪري ٿو:
سنڌو تنهنجي لهر
لهر ۾، منهنجا گيت سمايا،
تنهنجي ڇولين ۾ جا ڇلڪي
سائي منهنجي ڇايا.
پنهنجي تخليقي سفر
جي آخري نئين نڪور دور ۾ آگسٽ ۲۰۰۸ع کان اپريل ۲۰۰۹ع تائين هن بنا ساهي پٽڻ جي ماهوار امرتا لاءِ ڪهاڻيون
لکيون. سندس ڪهاڻي “تياڳ” جو هڪ جملو ڄڻ ته درد کي پسيندي هيئن لکيو هئائين:
“پاڻ ڪروڙ
پتي هوندي به ڪنگلو هو، پنهنجي منهن ڳالهائيندو هو ۽ ٻاٽلي پي پاڻ تي روئندو هو، اندر
۾ ڇا وهندو واپرندو هئس، سو فقط هو ئي ڄاڻندو هو”.
وفات کان ڪجهه هفتا
اڳ هو حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ياترا تي هليو آيو. پنهنجن پراڻن دوستن سان ملاقاتون ڪيائين.
حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وڃي يادن جا پل سهيڙيائين. حيدرآباد اچڻ کانپوءِ امرتا
جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول سان ملڻ جي ڏاڍي چنتا هئس ۽ کيس فون ڪري گهرايائين. هو پرنسپل
جي عهدي تي رهڻ کانپوءِ گيهه ڪارپوريشن ۾ هڪ وڏي عهدي تي به رهيو پر پنهنجن ادبي
دوستن سان ناتو نه ٽوڙيائين.
۱۸ اپريل ۲۰۰۹ع تي حميد سنڌي سان ملڻ آيو. ۰۵ مئي ۲۰۰۹ تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيائين.
(ماھوار ھمسري
حيدرآباد ۾ ڇپيل)
قمر شهباز
مشھور ڪھاڻيڪار، شاعر، صداڪار
ڪالم نگار ۽ تجزيا نگار جو تخليقي، فڪري پورهيو ۽ وڇوڙو - ۱۳ اپريل جنم ڏينھن جي
حوالي سان.
خليق ٻگھيو
حُسنَ جا ڪَئين رُوپ
هجن ٿا. ڪي حُسن فطرتي هجن ٿا، ته ڪي حسن انساني تخليق جو ڪرشمو هجن ٿا. اهڙو ئي حُسن
ادب ۽ شاعري به آهي، جيڪا انساني تخليق آهي ۽ اُهو تخليقي حسن به ڪنهن نه ڪنهن طرح
اندوروني ۽ ٻاهرين غلاظتن کي ڌُوئي ٿو ۽ ڪائنات جي سُونهن ۾ اضافو ڪري ٿو. اھڙي
ادبي سُونھن وارو سرجڻھار قمر شهباز به هو. هُن وٽ منفرد تخليقي سگهه هئي. هُن
پنهنجي تخليقي سگهه کي، سُھڻي نموني استعال ڪيو ۽ پنهنجي تخليقي سگهه کي انقلابي
رنگ ۾ پڻ جذب ڪيو، اُهو ئي بنيادي ڪارج/ ڪارڻ هو، جو هُن ادبيت جي بنيادي مقصد
تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ اهڙي طرح هُو ادب جو گهڻ پاسائتو اديب بڻجي ويو ۽ ائين کڻي
چَئجي ته اُنهي ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته قمر شهباز ادب جو گهڻ صنفي تخليقڪار هو.
هُن جون ڪهاڻيون، هُن جا مضمون ۽ ڪالم ۽ هُن جي شاعري ايڪيهين صديءَ ۾ پنهنجي
تخليقي روشنيءَ سان ڏتڙيل اونداهي سماج ۾ لاٽ جيان رھندي.
مون کي ياد آھي ته
اُن زماني ۾ قمر شهباز جي وفات جي خبر مون سميت سنڌ جي ادبي حلقن تي وڄ جيان ڪري
ھُئي. پهريون ايس ايم ايس مون وٽ مانائتي ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناولسٽ ضياءُ شاهه
جو آيو هو. ضيا شاهه انهيءَ وقت پنهنجي غم جو اظهار شاهه لطيف جي هن بيت سان ڪيو هو:
مون سي ڏٺا ماءِ،
جن ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري
نه سگهان ڳالهڙي.
قمر شهباز، تيرهين
اپريل، ۱۹۳۸ ع ۾ نوابشاهه ضلعي ۾ پيدا ٿيو. نوابشاهه ۾ ئي کيس ڀلوڙ استاد ايڇ ايم خواجه
جي رهبري ۽ ساٿ نصيب ٿيو ۽ امر جليل سندس نهايت ئي ڪلوز دوستن مان هو. ون يونٽ خلاف
تحريڪ ۾ به هُن جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار هو. اهوئي بنيادي ڪارڻ هو، جو قمر الدين ٻگهيو
عرف قمر شهباز اُنھيءَ زماني ۾ گرفتارين کان به بچي نه سگهيو ھو، پر هن ڪڏهن به همت
نه هاري. پنهنجي Willing Power سان ڌرتيءَ جي زخمن تي لفظن سان مرحم رکندو ويو، هن جي نظر ۾ سٺي سماج جي فڪري
تعمير لاءِ، ادب ۽ شاعري سڀ کان غير معمولي
قوتون هيون، جن جي وسيلي ڌرتيءَ جو درد گهٽائي ٿو سگهجي. هن جو اُهوئي مشن هو ته سنڌي
ادب (نثر توڙي نظم) دنيا جي ترقي يافته ٻولين جي ادب واري فهرست ۾ صفِ اول ۾ بيهڻ
جي قابل بڻجي ۽ سنڌي ماڻھن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ،
پنهنجي ٻوليءَ، ثقافتي قدرن ۽ سماجي حقن جي جاڳرتا جنم وٺي.اھڙو احساساتي اظھار سندس
بيتن ۾ موجود آھي سندس بيتن ۾ زندگيءَ جي مُلھ ڪٿڻ جا قدر ملن ٿا،جيون جي مختصر پڻي
جو درد آھي ۽ نراس کي آس ۾ تبديل ڪرڻ جو سنيھو موجود آھي. اندر جي اُُساٽ جو به
اظھار آھي ته جرئتن ھمتن ۽ بھادرين جو به سَڏ آھي پوءِ سنڌ چونه ساڻا ٿيل ھجن! :
جيون آهي جوت، پل کن
لئه مهمان،
اوت مٺا تون اوت،
متان وسامي وڃين!
ڳاٽن جو ڳاڻاٽ، ڪانئر
ڪيئن ڪندا،
اندر جو اُساٽ،
سمجهن ڪيئي سورما.
پري ناهي پنڌ، اوڳا
ڇو آتو ٿئين،
توڙي ساڻو سنڌ، ته
به هلڻو آهي هيج مان.
قمر شهباز وٽ دکندڙ
دل هوندي هئي، هر گهڙي ۽ هر ڏينهن تي نوان عذاب سهندڙ سماج ئي هن ئي ھُن جو مخطوب ھو.
سماج ۾ جڏھن به ڪا ناانصافي ٿيندي هئي، تڏهن
سندس احساس ۽ جذبا قلم جو دامن پڪڙي وٺندا هئا ۽ اُنهيءَ درد جي ڪيفيت ۾ وري سندس ڪو
نئون ڪالم اخبارن جي زينت بڻبو هو. اُنھيءَ زماني ۾ “خبرون” ۽ “عوامي آواز” جي ايڊيٽوريل پيجز تي
سندس ڇپيل ڪالمن جي اندر ڏسجي ته، سندس ڪالمن
۾ نه صرف ظلم جي خلاف احتجاج ھُوندو ھو، پر
هڪ قسم جي بيباڪي نظر ايندي ھئي ۽ اُنھيءَ زماني ۾ اهڙي بيباڪي ۽ مزاحمت صحافت ۾ صرف چند ڪالم نگارن
۾ ئي ھئي ۽ هن جي بيباڪيءَ واري انداز جديد سنڌي صحافت جي سگهه ۾ به اضافو ڪيو، ساڳي سگهه سان هن جي شاعراڻي تخليق به پورھيتن
لاءِ اتساهه بڻيل رهي، جيئن سندس هي نظم هو، جنهن ۾ هُو وطن کي کي امن جو اهڙو آکيرو
سَڏي ٿو، جنهن کي ھميشه ڌارين جي باهه ئي لڳندي رھي ٿي :
اڄ آڳ لڳي آکيري کي
ير آڳ لڳي آکيري کي!
ڪک پن ڪانا، رک ٿي
ويندا
دوست بچايو ديري
کي.....
ڏائڻ بڻجي کائڻ
آيو،
بکيو باشو ڳيري کي،
زور آور سان زور لڙائي
ٽوڙيو هيڪر گهيري
کي
جل جل جوتي، جيتي وٺ
تون
اوندهه ڪار انڌيري
کي....
سنڌڙي جي هڪوار سڙي
وئي
سِڪندين پوءِ سويري
کي،
آڳ لڳي آکيري کي،
ير آڳ لڳي آکيري
کي!
قمر شهباز جي شاعريءَ
جا ڪي ٻيا به پاسا آهن، پر مون ٿوروـ گھڻو جيڪو سندس شاعريءَ جو اڀياس ڪيو ته.مون کي سندس شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ قومي پهلو وڌيڪ نمايان نظر آيو. مزي جي ڳالھ
ھيءَ ھُئي ته انهيءَ مزاحمتي ۽ قومي شاعريءَ
۾ وري رومانيت به نھايت متاثر ڪندڙ رھي اڄ به سندس شاعراڻيون سِٽون پڙھندڙ جي دل
جي گهراين ۾ لھي وڃڻ جي قوت سارين ٿيون ۽ ذهني جذبو ۽ ولولو الڳ جاڳائن ٿيون:
جت رڃ رڙَي، جت
ساهه سڙي،
۽ آهه نه ڪو
انسان ڪري،
ان ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن
رهي،
ان ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن
رهي؟
....جت ساوڻ
آئي ساٺ نه ٿئي
۽ ڏاوڻ ڏک جو
ڪين لهي،
ان ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن
رهي؟
هي ڪارا ڪارا بادل
ها
جي پريتم جهڙا پاڳل
ها
هُو ترسيا ها ۽ برسيا
ها
جيئن نينهن وچان ڪو
نار وهي
ان ڌرتيءَ تي ڪو ڪيئن
رهي!
قمر شھباز
قمر شهباز، جھڙا
خوبصورت نظم تخليق ڪيا، سندس غزل به اوترا ئي خوبصورت آهن، نه صرف سندس نظمن ۾
لفظن جي بهتر چونڊ نظر اچي ٿي پر تخيلاتي سطح تي يادن جا به خوبصورت عڪس به نظر
اچن ٿا. قمر شھباز جي ڪِن غزلن جو اڀياس ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته سندس غزلن ۾
ماضي ۽ حال جا سنگم آهن. اسلوب جي لحاظ کان سندس غزلن ۾ ڪلاسيڪي لفظن جي
چونڊ به ملي ٿي.سندس غزلن جي روانيءَ کي ھڪ الڳ حُسن آهي :
چانڊوڪيءَ کي چاهي ڏس،
سِر تان سانگو لاهي
ڏس.
منهنجي جهوليءَ ڏي
ته نهار،
منهنجي دل ۾ ڇاهي ڏس.
بادل، برکا بند نه ڪر،
نيڻن ساڻ نباهي ڏس.
اُها مون لاءِ ته حيرت
انگيز ڳالهه هئي ته قمر شهباز، هڪ ئي وقت ادب جي سڀني پاسن سان ڪيئن نڀائيندو ھو؟ ڪَڏهن
ڪهاڻيون ته ڪَڏهن شاعري، ڪَڏهن ڊراما نويسي ته ڪڏهن اڀياسَ، ڪَڏهن صداڪاري ته ڪڏهن
ڪالم نويسي، هن سڀني پاسن سان نڀايو.اھڙي ادبي لقاءَ ۾ اُھو فيصلو ڪرڻ مشڪل ھو ته هُن
جو ڪهڙو پاسو وڌيڪ سگهارو رھيو!
قمر شهباز جي ٻي وڏي
حاصلات هيءَ هئي ته هن وٽ ڊڪشن/اسلوب ۾ انفراديت هئي. هن جو هر صنف ۾ پنھنجو منفرد
انداز هو، اُها انفراديت هن جي لِکڻين جي
ھڪ جدا خوبصورتي هُئي، هُو پنھنجي ادبي دَور ۾
ڪنهن ٻئي جي اسلوب کان متاثر ٿيندو نظر ڪونه ٿو اچي. قمر شهباز جي شاعريءَ
۾ نزاڪتن ۽ نفاستن جو ڦُٽي پوڻ يا بي ساخته تخليقي اظهار متاثر ڪندڙ رھيو :
اڄ به تنهنجي لئه
ويڳاڻا،
هاءِ اسان جا نيڻ
نماڻا
چنڊ رهين ٿو دور
ڌرتيءَ جا تون درد
نه ڄاڻين
ڇا لاءِ بهارن ۾ اڄ
بُوءِ ڀنل ناهي.
هر مکڙي آڪومايل هر
دل ۾ زخم آهي......
قمر شهباز جي هيءَ
وائي به سندس اهڙين نزاڪتن جو اظهار آهي :
اڄ ڏيئڙو ڏيئڙو ڏاهه
ميان!
اڄ هيرن منجهه هُڳاءُ ميان!
جا واٽ سڄي مون ورجائي،
سا سِٽَ بني سوداءُ
ميان!
اڄ هيرن
منجهه هُڳاءُ ميان!
جي جاڳ اسانجي واڳ
وٺي،
پوءِ گهوريو سڏ سماءُ
ميان!
ڄ
هيرن منجهه هُڳاءُ ميان!
مون موت کي جوت
بنايو آ،
ڇا تک هجي ڇا تاءُ ميان!
اڄ هيرن منجهه هُڳاءَ ميان!
قمر شهباز جي شاعريءَ
جو ڪتاب “چنڊ رهين ٿو دور” به ادبي حلقن ۾ ڪافي مشهور ٿيو. سندس شاعراڻو تخليقي
سفر سموري حياتي، سندس ساهه پساهه سان گڏوگڏ هلندو رهيو، پر سندس شاعريءَ جي
تخليقي پاسن تي نقادن پاران ايترو لِکيو نه ويو، شايد قمر شهباز پاڻ به انهن شين
جو قائل نه هو ته ڪو سندس تخليقي پورهيي تي ويهي پنهنجو نُور نچوئي! بس ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته سندس تخليقي پورهيو
ئي سندس ذات ۽ شخصيت جو اظهار هو ۽ اُهو ئي سندس ذات جي سڃاڻپ هو. اُنھيءَ زماني ۾
سندس هڪڙو نظم ماهوار “امرتا” ۾ شايع ٿيو
هو، سو مون کي نهايت گهڻو پسند آيو هو، هن نظم ۾ اوهان لفظن جي خوبصورت چونڊ ۽ نظم
جي جدت کي چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو :
چوڙيليءَ جو چندن
چهرو
ساهن منجهه سڳنڌ ته
ڏس!
مکڙين وانگر اکڙيون
جَرڪن
سونو هر هڪ سَنڌُ
ته ڏس!
آڌيءَ ٽاڻي پيار منجهاران
پاڻياريءَ جو پنڌ ته
ڏس!
پرهه ڦُٽيءَ جو ڪوڏر
هيٺيان، ڪونجن جهڙو ڪنڌ ته ڏس!
موتئي جهڙي مهڪ به ڏس
تون، ڪانئر جا تون ٽهڪ به ڏس!
چوٽيءَ هيٺيان چِچريل
گلڙا
چاهت جا هي چهڪ به ڏس!
قمر شهباز هڪ جينئس
شاعر هئڻ سان گڏوگڏ، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بهترين نثر نويس هو، نثري ادب ۾ سندس ڪهاڻيون
اڄ به پڙھڻ وٽان آھن سندس ڪهاڻين جو مجموعو “اٺون گهر” ۽ ڪالم ڪتاب “ضمير جو موت”،
ڊرامن تي لکيل ڪتاب “واڇوڙن ۾ لاٽ” ھڪ پرڏيھي اديب جي ڪتاب جو انگريزيءَ مان سنڌي
۾ ترجمو، ۽ هڪ ڪتاب “قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون”
ڪافي مشهور ٿيا ۽ اُهي سڀ ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنھنجي الڳ حيثيت جا حامل آھن. قمر شهباز جي اڻ ڇپيل مواد جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل ئي
هوندو، ڇاڪاڻ ته هو تيز قلمڪار هو، اڻٿڪ تخليقي پورهيو ڪندڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو.
ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي هڪ پروگرام “سورج شاخون ڪڍيون” ۾ ڪمپيئرن کان وٺي،
صداڪاريءَ تائين ۽ ڪالم “ڄڃ پرائي” کان وٺي ماهوار ’امرتا‘ جي ريگيولر ليکڪ ھُجڻ
تائين، قمر شهباز سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ شاعريءَ کي پنهنجي حصي جو تخليقي پورهيو
عطا ڪيو.
’امرتا‘ ۾ سندس
شاعري ۽ ڪهاڻين جو سلسلو به عروج ڏانهن وڌي رهيو هو، بقول امرتا جي ايڊيٽر ۽ پياري
ماڻهو فقير محمد ڍول جي “ڪاوش” ۾ لکيل تحرير جي مطابق قمر شهباز کيس فون تي چيو،
ته “ تون ڪهاڻيون ڇَپيندو وڃ ۽ ٻن کان ٽي ٽي ڇَپيندو وڃ ۽ مون کان اوتري تيزيءَ سان
ڪهاڻيون وٺندو وڃ، ڇو ته منهنجو قلم ماٺ ڪرڻ ئي نه سکيو آهي! “ آئون اُنھيءَ دَور
۾ ’امرتا‘ ۾ سندس ڪهاڻيون نهايت ئي غور سان پڙهندو پئي ھُيس. اُنھيءَ زماني ۾ مون کي
ياد آھي ته ماهوار امرتا سيپٽمبر ۲۰۰۸ جو پرچو نوابشاهه کان پيارو دوست مير بيتاب پريو گهڻي سڪ
سان اعزازي ڪاپي ڪري ڏئي ويو هئم. جنهن ۾ قبر شهباز جي ڪهاڻي هئي “ڪارا ماڻهو” قمر
شهباز جي هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي شهري حياتيءَ جي عڪاسي ڪئي وئي هئي. انهيءَ شهري
ماحول جي عڪاسي صرف ٻن ڇوڪرين جي مڪالمن وسيلي قمر شهباز اهڙي ته بهترين انداز سان
ڪئي هئي، جو مان ته حيرت ۾ ئي رهيو هئس. ڪهاڻيءَ ۾ ٻن امير ڇوڪرين جي ڪردار ھئا.ڪھاڻيءَ
جي ابتدا، وچ ۽ ڪلائميڪس سڀ متاثر ڪندڙ لڳو ھو. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو ھو ته پئسي ۽ دنيا جي چمڪ جي پٺيان ڪِيئَن ۽ ڪِٿي ڪِٿي
منافقتون پَلجن ٿيون!
قمرشهباز جي ٻي هڪ ڪهاڻي
تڏھن پَڙھي ھيم “تياڳ”. هن ڪهاڻيءَ ۾ ھُن فرد جي اندر جي ڀڃ ڊاهه جي بهترين عڪاسي ڪئي
آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ٻن تهذيبن جو تفاوت نھايت ھُنر منديءَ سان ڏيکاريل ھو. هڪ جديد
تهذيب، جيڪا يورپ ۽ آمريڪا وٽ آهي. ٻي مشرقي تهذيب/ سنڌ جي تهذيب. ڪهاڻيءَ ۾ ٻن
تهذيبن جي وچ واري ڏيکاريل مفاصلي جي وچ ۾ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي انساني ۽ رُومانوي
احساسن کي نهايت اھڙيءَ ته ڪرافٽ مئنشپ سان ڏيکاريو ويو آھي، جو پيار جي عالمگير
انساني قدرن جي ترويج/ ڦھلاءَ ھڪ طرف ٿئي ٿي ته ٻئي طرف تهذيبي رڪاوٽ جي بد صورتي
وارو ڪردار ڏيکاريل آھي ڪهاڻي ۾ انهيءَ احساس/ رويي کي پڌرو ڪيو ويو آھي ته پيار جڏهن
حاصل نٿو ٿئي، ته ڪيئن هڪ حساس فرد جي اندر نفاستن ۽ نزاڪتن جو گلستان اُجڙي تباهه
ٿي وڃي ٿو ۽ لاشعورَ تي اُن جا ڪيترا نه ھاڃيڪار اثر پون ٿا! ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ
پنهنجي پيار مارٿا کي حياتيءَ جي لڙندڙ شام ۾ حاصل ڪري ٿو ته اُنھيءَ وقت ڪھڙي
قِسم جون ڪيفيتون ٿين ٿيون، سي نھايت خوبصورتيءَ سان چٽيون ويون آھن. هن ڪھاڻيءَ ۾
فرد جي داخلي ڀڃ ڊاهه جو نتيجو هر شئي ڏانهن
تياڳ جي صورت ۾ ظاھر ٿئي.
قمر شهباز جي هڪ ٻي
ڪهاڻي “نيٽي جيٽي پُل” هڪ جاندار ڪهاڻي آھي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪارَ نيٽي جيٽي پل تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس عملي جي دردن
جي ڪربن کي نه صرف بهتر انداز ۾ پيش ڪيو، پر ڪهاڻيءَ جي ڪردارن انصاف علي، دوست محمد
۽ حڪمداد جي ڊائلاگن جي وسيلي ڪيترن ئي براين کي به فنڪارانه انداز ۾ پڌرو ڪيو آھي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ اندر جاگيردارانه سماج جي زال پذير قدرن جي به رونمائي آرٽسٽڪ
انداز سان ٿيل نظر ايندي!
قمر شهباز جي ڪهاڻين
تي تنقيدي بحث ٿيندا رهندا ۽ سندس شاعري سنڌ جي اداس هوائن کي به نئون اتساهه بخشيندي
رهندي. سندس تخيلقي پورهيي ڪڏھن به فراموش نٿو ڪري سگھجي، سندس خوبصورت پُرمغز ننڍڙن
جملن سان سرجيل نثري سِٽون اهڙو فني مظهر آهن، جن کي پڙھي پاٺڪ ڪمال جو ادبي حظ وٺي
سگھي ٿو. قمر شھباز اڪثر فون ڪري مون سان ڪچھري ڪندو ھو. فون تي ساڻس ڪيل ڪچهريون
۽ ٻيون يادگيريون جِيءُ جهوري وجهن ٿيون. قمر شهباز جي وفات سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ سندس خال ڀرڻ مشڪل آھي!
(ڪاوش دنيا، ڏھاڙي
ڪاوش حيدرآباد ۾ آچر ۱۱ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
قمر شهباز
سندس شخصي ۽ ادبي تاريخ
رضوان گل
سنڌي ادب جون ڪجهه شخصيتون اهڙيون
به آهن جن هڪ ئي وقت شاعري، ڪهاڻي، ڊرامي، ڪالم نگاري ۽ فنون لطيفا جي مختلف شعبن
۾ خدمات سرانجام ڏنيون آهن. عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان
بهتر آهي ته ڪنهن به هڪ شعبي ۾ ڪم ڪجي، ان طرح تخليقي سطح تي بهتر نتيجا حاصل ڪري
سگھجن ٿا، پر ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور نموني لکي پاڻ ملهايو، اهڙن
تخليقڪارن ۾ قمر شهباز جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي. هن نه فقط ڪهاڻي پر
شاعري، ڪالم نگاري ۽ هدايتڪاري کان علاوه ڪيترائي ڊراما، فيچر، خاڪا، فلمي ڪهاڻيون
۽ اسڪرپٽس پڻ لکيا. قمر شهباز جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تمام گهڻو
لکيو آهي.
قمر شهباز ولد محمد مقبول ٻگهيو
۱۳ اپريل ۱۹۳۸ع تي نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ
مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو
رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس تقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور ٿي،
جنهن بعد ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون هن ريت رهيون: ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن
اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل
مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن
آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن ۱۹۹۸ع ۾
انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ.
جئين مٿي ڏنل تفصيل مان ظاهر
آهي ته ملازمت جي حوالي سان قمر شهباز انتهائي اهم عهدن تي فائز رهيو ۽ پنهنجي ڀرپور
صلاحيتن سان ترقيون پڻ ماڻيائين. انهيءَ دؤران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾
برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم، يوگوسلاويا، سعودي
عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ، مصر، هالينڊ، چين ۽
هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن.
قمر شهباز لکڻ جي شروعات ۱۹۵۴ع
۾ ڪئي. هن پنهنجي ڪالمن ۽ ڪهاڻين ذريعي سنڌ جي مسئلن ۽ پيڙهيل طبقي جي هيسيل ماڻهن
جي نمائندگي ڪئي. هن جابر ڪردارن جي پت وائکي ڪري عام ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ
بيباڪي سان مسلسل قلم ذريعي جنگ جوٽي. قمر شهباز سنڌ جي نوجوان صحافين ڏانهن
پنهنجي ڪتاب ”ضمير جو موت“ جي ارپنا ۾ لکيو آهي: ”سنڌ جي نوجوان، بي خوف ۽ سورهيه
صحافين جي نانءِ، جن روايتي خوشامندي، لوڀي ۽ وڪاميل صحافت جا جُهونا ڪوٽ ڪيرائي،
نئين صاف سٿري، وطن دوست ۽ سڄاڻ صحافت جو پايو وڌو آهي. شل سندن محنت، محبت ۽
سچائي سنڌڙيءَ جي سيني تي جلندڙ نفرت جي آڳ اُجهائي سگهي!“ اها سنڌ جي صحافين جي
نانءِ ڪيل ارپنا قمر شهباز جي سنڌي نوجوان صحافين ۽ سنڌ لاءِ اٿاهه محبت ۽ عقيدت
جو ثبوت به آهي ته سندس پيغام پڻ.
قمر ۽ امر اهي ٻئي نالا سنڌي
ادب ۾ پنهنجي انفرادي انداز وارين لکڻين سبب الڳ مقام ۽ حيثيت رکندڙ آهن. هميشه
قمر ۽ امر جو ذڪر گڏيل طور نڪرڻ جو اهم سبب قمر شهباز ۽ امر جليل جي تمام قريبي
دوستي آهي. امر جليل جيڪو سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاريءَ ۾ پنهنجو هڪ جدا مقام ۽ سڃاڻپ
جو منفرد حوالو رکندڙ آهي، تنهن قمر شهباز کان ئي متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو
نالو قاضي عبدالجليل مان قمر جي نالي سان ٺهڪندڙ نالو ”امر“ رکيو. امر جليل جهڙي ٺهه
پهه سچ لکندڙ ڪهاڻيڪار جيڪو نوجوانن لاءِ آدرشي ڪردار بڻجي چڪو آهي، کي ادب جي
ميدان ۾ وٺي اچڻ جو ڪريڊٽ پڻ قمر شهباز ڏي ئي وڃي ٿو.
قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي
سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو آهي، جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري
ڪاميٽي براڊڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان
نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين
ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم وغيره شامل آهن.
قمر شهباز پنهنجي لکڻين ۾ ڪڏهن
به ڪا مصلحت واري ٻولي يا انداز اختيار نه ڪيو. سندس نثر توڙي نظم جو محوّر ۽ مرڪز
سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌو سڀيتا جي سونهن کان ويندي انهن مڙني مسئلن ۽ مونجهارن تي
مشتمل آهي، جيڪي اڄ به ساڳئي ريت موجود آهن. سنڌ سان سندس عشق جي اظهار واريون چند
سٽون ڏسو:
* رات انڌيري ڪيسين، نيٺ اُجالو
ٿيندو،
سک جو سورج ڏياڻ ته اڀريو، منزل
جو ڏس ڏيندو.
* ڪين رُڪياسين، ڪينَ جهڪياسين،
توڙي اوکو پنڌ، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ.
* سنڌڙي تنهنجي سينڌ نه اُجڙي،
تو تان جندڙي گهوري ڙي!
شاعريءَ کان علاوه قمر شهباز
جون ڪهاڻيون پڻ سنڌي سماج جي دردن جي چٽي تصوير پيش ڪندڙ آهن. صحافي ۽ ڪالم نگار
زرار پيرزادي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ قمر شهباز هڪ سوال، ”توهان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم
نگار آهيو توهان ڪهڙي صنف ۾ پنهنجو اظهار بهتر طور ڪري سگهيا آهيو؟“ جي جواب ۾ چيو
هو ته: ”مون ادب جي هر صنف تي قلم آزمايو آهي، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم، اسٽيج ڊراما،
ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما ۽ فلمون وغيره هر صنف ۾ پنهنجي وسعت ۽ اهميت آهي ڪوبه هڪ
ٻئي کان گهٽ نه آهي مون ضرورت آهر ۽ موضوع جي لحاظ کان مختلف موقعن تي مختلف صنفن
۾ لکيو آهي ان ڪري چئي نه ٿو سگهان ته ڪهڙو پاسو سگهارو اٿم، وري به پڙهندڙ بهتر
منصف ٿي سگهن ٿا.“
قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون
گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)،
”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون،
ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف
اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي مسلسل ڪالم پڻ لکيا. پاڻ اڄ جي تاريخ ۵ مئي سال ۲۰۰۹ع تي
اسان کان جسماني طور وڇڙي ويا.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا