گوبند مينگهواڙ
اڄ ان ماڻهوءَ
کي وڇڙئي ڀريا ٽي سال ٿيا آهن، جنهن پنهنجي مُني صديءَ جيتري حياتي گوتم جي اڪيلائيءَ
جيان گذاري هئي. هُو، جنهن کي عطائين سان ڀريل هن سماج ۽ ادب جي ذري ذري تي ڏاڍي ڪاوڙ
هئي. هُو، جيڪو سنڌ ۾ هڪ عرصي تائين Sanity (هوشمندي/ سياڻپ) جو نمائنده
آواز هو، تنهن لاءِ ڪرشن کٽواڻيءَ چيو هو ته، ”هر سنڌي ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو
هُن سان ضرور ملڻ کپي“ ۽ جنهن لاءِ نڀور جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويل سنڌ جي انتهائي ذهين
ليکڪ گنهور جتوئي لکيو هو ته، ”هيءَ حياتي، جنهن ۾ وڇوڙا آهن، اڪيلائيون آهن ۽ دوست
نما دشمن آهن، ان ۾ هُن جهڙي جينيئس جو هئڻ جيئڻ لاءِ وڏي وٿ آهي“ ۽ جيڪو سڄي ڄمار
قرت العين حيدر جي ان وصف تي پورو لٿو هو ته، ”اديب هميشه مِس فِٽ هوندو آهي“ ۽ جنهن
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي لاءِ لکيو هو ته، ”جيتوڻيڪ منهنجي ۽ ڪينيڊا جي جڳ مشهور مزاحيه ليکڪ اسٽيفن ليڪاڪ جي
دور ۾ لڳ ڀڳ ۴۰ ورهين جو فرق آهي پر زندگيءَ اسان ٻنهي
کي هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو خوار خراب ڪيو“. ۽ جنهن مرڻ کان گهڻو اڳ ۾ چيو هو ته، ”منهنجي
قبر جي ڪتبي تي هي اکر لکيا وڃن“، جيڪو شايد هن جو سڀ کان بهترين تعارف پڻ آهي؛
Jack of all trades,
Man, Animal, Legend
Abdul Haleem Brohi.
سنڌي، اردو
۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جيتري دسترس رکندڙ هن من موجي ليکاريءَ جي ۱۹۳۶ع کان ۲۰۱۰ع تائين جي ڊگهي عرصي
تي ڦهليل زندگيءَ جي ڪهاڻي سندس لکڻين جيان ئي نرالي آهي. حليم بروهيءَ جي سنڌ ۾ نمايان
سڃاڻپ توڻي جو هڪ مزاحيه ادب جي ليکڪ جي هئي پر سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ هُن جيتري سنجيدگي
هُن کان پوءِ ورلي ئي نظر اچي ٿي. هُن جا مُخالف
سندس ان سڃاڻپ جي حساب سان کيس ”مشڪرو“ سڏيندا هئا، پر هن جو مزاح ۽ حياتي پاڻ ۾ ڳنڍيل
۽ ڪاميڊي ۽ ٽريجڊيءَ جو خوبصورت سنگم هئڻ ڪري ڪنهن مزاحيه ادب جي ليکڪ جي ان ڳالھه
تي پورا ٿي لٿا ته، ”منهنجو مزاح مڪئي جي سنگن جيان آهي، جن کي جيئن سيڪ اچي ٿو ته
اهي ڦُلا بڻجن ٿا“. پر حليم کي گهڻو سيڪ سندس سنجيده ڪم جي عيوض آيو ۽ دنيا جي هر مزاحيه
ادب جي ليکڪ جي شڪايت جي ابتڙ هو شايد ان قسم جو اڪيلو ليکڪ هو، جنهن کي هن جي ڪيترن
ئي همعصرن نه رڳو ”سيريس“ ورتو پر ساڻس آخر تائين وير به جاري رکندا آيا. هو پاڻ چوندو هو ته منهنجو مزاحيه
ادب جي ليکڪ هجڻ وارو پاسو حالتن جي پيداوار آهي. ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ مان ون يونٽ وارو طوق تازو ٽُٽو هو
۽ سنڌ جو قومپرست لڏو سنڌ جي قديم تهذيبي ورثي کي اُجاگر ڪرڻ واري مهم تي لٿل هو، ته
حليم پنهنجي پهرين ”بغاوت“ ڪندي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب تي بنھه غير جانبدار انداز سان
لکي سنڌ جي ”سڄاڻ ڌرين“ کي ڪاوڙائي وڌو هو. گهڻو پوءِ ”حليم بروهي ريويوز“ جي سِري
سان ڪتابي شڪل ۾ آيل سندس اهي مضمون اڄ به سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافيءَ جو اڻ ڌريو
تجزيو آهن. پنهنجي نالي جي معنيٰ جي ابتڙ حليم پنهنجي زندگيءَ ۽ لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪنهن
سان رعايت نه ڪئي ۽ آخر تائين پنهنجو هڪ باغي ليکڪ وارو اميج برقرار رکيو.
ٽوڙي مروڙي
پيش ڪيل تاريخ کي سچ جي ساهميءَ ۾ رکي ادبي دنيا جي بُتن کي ڀور ڀور ڪندڙ، ڪاوش جي
هن صفحي تي ورهين تائين تواتر سان ڀرپور مزاحيه ڪالم لکندڙ ۽ سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ
ليکڪ هئڻ کان وٺي سنڌ جي ادبي لڏي جي ”پرسونا نان گريٽا“ هئڻ تائين حليم جي سڃاڻپ جا
سوين حوالا هئا، جن کي هن پاڻ به گهڻو ”انجواءِ“ ڪيو. هو واقعي ئي هر فن مولا هو. هڪ
بهترين ناول، ڪيترائي شاندار افسانا ۽ ٻولي، ساهت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي ڪيل هن جو
Extensive (وسعت وارو/ جامع) ڪم ڏسي حيرت ٿئي ٿي. حيرت
ته هاڻي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۾ رومن سنڌيءَ ۾خوشي ۽ آسانيءَ سان پنهنجو ڪار وهنوار هلائيندڙن
تي به ٿئي ٿي، جن حليم کي حياتيءَ ۾ ڪٿان جو نه ڇڏيو هو. ڪنهن به قسم جي نظرياتي ڇاپ
کان آجي ۽ هڪ مڪمل ماڊرنسٽ سوچ واري قلمڪار هئڻ جي ناتي هن سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سماج
جي انهن سڀني لاڙن کي شدت سان رد ڪيو، جن موجب اسان جهڙو ”باڪمال“ دنيا ۾ ٻيو ڪير به
ڪونهي! هن جو سڄو سنجيده توڻي مزاح وارو لٽريچر حقيقتن سان رُوشنائي ۽ انهن ڏانهن فراخدليءَ
سان هٿ وڌائڻ جي دعوت آهي. هاڻ ته سوشل ميڊيا جو زمانو آهي، جتي هر ماڻهوءَ جي هر نئين
ڳالھه، هر نئين خيال تائين نه رڳو رسائي آهي پر هر ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو به
حق حاصل آهي ۽ جتي ان ڳالھه جي آجيان ڪرڻ وارا به ڪجھه ملي ئي وڃن ٿا پر حليم پنهنجي
عمر جو هڪ وڏو حصو ان دور جي ٻولي ۽ ادب جي ”ٽارزنن“ کي منهن ڏيندي اهڙي اڪيلائيءَ
۾ گذاريو، جڏهن ڪجھه ”سر ڦرين“ نوجوانن کان سواءِ ڪير به سندس ڳالھه جي تائيد ڪرڻ وارو
نه هو. گهڻو پوءِ جڏهن موسمون مهربان ٿيون ته هُن لکيو؛ ”هڪ زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ
لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ
لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن
هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو
ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.“ حليم بروهي هليو ويو پر سنڌي ادب ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ جنهن عقليت پسنديءَ
لاءِ هن اڪيلي سر جهيڙيو هو، تنهن جا اولڙا اسان کي هاڻ هتي هُتي نظر اچي ٿا وڃن. سدائين
مُخالف هوا جي سامهون بيٺل حليم جي زندگيءَ ۾ به اهو سڀ ڪجھه هو، جيڪو هر جينيئس ۽
وَکري ماڻهوءَ جو مُقدر بڻايو ويندو آهي پر انهن سڀني ڏکيائين، پيڙائن ۽ ڌڪار باوجود
هُن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ مثالي مستقل مزاجيءَ سان سنڌي ساهت جي کيتر ۾ جديد لاڙن کي
متعارف ڪرائيندي ان کي دنيا سان هم آهنگيءَ جي دڳ تي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو وقت
پري ڪونهي جڏهن سنڌ پنهنجي هن ”سودائي“ پٽ جي ڪم تي ناز ڪندي.
پنهنجي حياتي
مرضيءَ موجب ۽ هڪ وڏي ”سيليبريشن“ سان گذاريندڙِ حليم پنهنجي موت کي انتهائي ”لو پروفائل“
۾ رکڻ جي تاڪيد ڪئي هُئي ۽ اطمينان جي ڳالھه آهي ته ان ئي ڪيفيت ۾ هن جي ورسيءَ جا ڏينهن ايندا ۽ گذرندا
ٿا وڃن. هُن جيان ئي سڄي ڄمار مِس فِٽ رهندڙ دهلي درٻار جي شاعر مرزا نوشا جون سٽون
هن مُنفرد انسان ۽ يگاني ليکاريءَ جي حياتيءَ جو خوبصورت احاطو ڪن ٿيون؛
نه جانون نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت
مخالف هي،
جو گُل هون تو صحرا مين، جو خس هون
تو گُلشن مين.
حليم بروهي
زوهيب
علي سومرو
اڄ حليم
بروهي جي ورسي آهي. انهيءَ ڪري مان پنهنجي هن آرٽيڪل جي شروعات ۾ ئي سندس زندگيءَ
۾ چيل موت متعلق لفظ لکڻ يا دهرائڻ کي ترجيح ڏيندس، جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:
”موت
جي ڪيفيت هڪ عجيب ڪيفيت آهي، جيئن ننڍي هوندي موت کان ڊپ ٿيندو آهي، قبر کان ڊپ ٿيندو
آهي ۽ اهڙي قسم جي سڀني ڳالهين يا شين کان ڊپ ٿيندو آهي پر مان هاڻ پنهنجي زندگيءَ
جا 60 سال گذاري چڪو آهيان ۽ اڄ کان ٻه يا ٽي سال اڳ اها ڳالهه سمجهي چڪو آهيان ته
موت جهڙو ڪو به ٻيو Relief دنيا ۾ موجود نه آهي.“
سندس اهڙي
قسم جي لفظن مان گهٽ ۾ گهٽ مان ته اهو اندازو لڳائي سگهان ٿو ته سندس زندگي ڪيتري قدر
مشڪلاتن سان ڀرپور هوندي, جو هن موت کي ئي پنهنجي لاءِ Relief ڄاتو. زندگيءَ ۾ ڪنهن به ٽاپڪ يا ڪنهن به مسئلي يا ڳالهه جي باري ۾ لکڻ
تي مون کي ايتري قدر پريشاني يا ايترو مونجهارو محسوس نه ٿيو جيترو هن وقت محسوس ٿي
رهيو آهي.
هن مختصر
۽ محدود آرٽيڪل ۾ حليم بروهي جي لکڻين جي مزاحيه انداز جي باري ۾ لکان يا انهيءَ مزاحيه
انداز ۾ لڪل تمام گهڻين اهم ڳالهين جي باري ۾ لکان. سندس ظاهري شخصيت جي باري ۾ لکان
يا سندس ظاهري شخصيت ۾ به لڪل هڪ شخصيت جي باري ۾ لکان. سندس زندگيءَ جي باري ۾ لکان
يا سندس زندگيءَ جي آخري ڪجهه ڏينهن جي باري ۾ لکان. سندس چهري تي سجيل مخصوص مسڪراهٽ
جي باري ۾ لکان يا سندس اُن مسڪراهٽ مان به ظاهر ٿيندڙ سندس سڏڪن، لڙڪن ۽ دردن جي باري
۾ لکان، کيس زندگيءَ ۾ ليلائي ليلائي ڪجهه ئي مليل خوشين جي باري ۾ لکان يا سندس غم،
ضد ۽ تنهائيءَ واري زندگيءَ جي باري ۾ لکان. سندس سوچ ۽ ويچار جي انداز جي باري ۾ لکان
يا فطري طور تي مليل کيس God gifts جي باري
۾ لکان.
سچ چوان
ته هن وقت حليم بروهي منهنجي ذهن جي تصور ۾ مون اڳيان ويٺو آهي پر سندس هڪ ئي شخصيت
جا گهڻائي ڪردار منهنجي ذهن ۾ ائين گهمي رهيا آهن، ڄڻ هڪ موت جي کوهه ۾ هزارين اسڪوٽر
ڦري رهيا هجن ۽ انهن هزارن اسڪوٽرن مان صرف هڪ ئي اسڪوٽر تي نظر ڄمائي ويهڻ منهنجي
لاءِ تمام گهڻو مشڪل ٿي رهيو آهي.
انهيءَ ڪري
بجاءِ جو مختلف ڪردارن تي غور ۽ فڪر ڪري ڪجهه لکان، ڇو نه مان حليم جي باري ۾ اهو ڪجهه
لکان جيڪو مان سائين جن لاءِ سوچيندو آهيان يا سندس باري ۾ ڄاڻان ٿو.حليم صاحب جي باري
۾ مان تاريخ 2012-10-24 جي عبرت اخبار ۾ پنهنجي آرٽيڪل ”حليم چيو“ ۾ گهڻو ڪجهه لکي
چڪو آهيان پر اڄ مان سندس اهو ڏک بيان ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو حليم صاحب کي پنهنجي ڪجهه
دوستن ۽ رشتيدارن پاران مليو، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻي غم ۽ افسوس
سان ڀريل هٻڪندڙ لهجي ۾ ڪندو هو. جيئن ته حليم هڪ تمام معروف ۽ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي
اهميت رکندڙ شخص ته هو پر گڏوگڏ هو هڪ ناليوارو وڪيل پڻ هو پر هن پنهنجي وڪالت جي شعبي
کان وڌيڪ اهميت خط ۽ ڪتاب کي ڏني. منهنجي منطق
مطابق حليم صاحب هڪ state forward، سچائي تي هلندڙ، صحيح کي
صحيح ۽ غلط کي غلط چوندڙ ۽ تمام گهريون logics رکندڙ شخص
هو، جنهن جي ڪري هن ڪورٽ سڳوري جي ماحول ۽ سسٽم کي نظر ۾ رکندي پنهنجي وڪالت جي شعبي
کي گهڻو ئي اڳ نظرانداز ڪندي خط و ڪتاب کي ترجيح ڏني ۽ هاڻ جڏهن مان وڪالت جي فيلڊ
۾ آيس ته حيدرآباد جي سول ڪورٽ جي بار روم ۾ منهنجي ملاقات هڪ تمام گهڻي سينئر ايڊووڪيٽ
سان ٿي، جنهن سان ڪچهري ڪندي حليم بروهي متعلق ڳالهه کلي ته ان وڪيل ٻڌايو ته حليم
بروهي منهنجي ويجهن ۽ تمام بهترين دوستن منجهان هو ۽ چيائين ته حليم کي مون گهڻو ئي
سمجهايو ته تون هڪ تمام گهڻو هوشيار ۽ داناءُ انسان آهين جي تون پنهنجي وڪالت تي ڌيان
ڏين ته ڇا مان ڇا نٿو ٿي سگهين. توکي ان خط و ڪتاب منجهان ملي ڇا ٿو. نه تو وٽ گاڏي
آهي نه بنگلو ۽ نه ئي ٻيون سهولتون اٿئي. سو مهرباني ڪري ڇڏ انهن ڳالهين کي ۽ وڪالت
۾ پنهنجو ڌيان ڏي ۽ بلڪل اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون حليم صاحب کي سندس ڪجهه رشتيدارن
پاران ٻُڌڻ لاءِ ملنديون هيون، جن متعلق حليم صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ افسوس سان ڀرپور
غم واري انداز ۾ اهو چئي ويو ته ”ملڪيت هجي يا نه هجي زندگيءَ جي پڇاڙي خراب ٿيڻي ئي
آهي.“
حليم صاحب
کي اهڙي قسم جون صلاحون ڏيندڙن بابت آئون سوچيان ٿو، ته ڇا اهي حليم بروهي کان وڌيڪ
غور ۽ فڪر ڪندڙ هئا؟ ڇا اهي حليم صاحب کان وڌيڪ خط و ڪتاب ذريعي سنڌي ادب کي انمول
خزانا ڏيندڙ شخص هئا؟
اسان جي
معاشري ۾ جتي اهل شخص کي ايوارڊ به نااهل شخصيتن جي هٿان ملن، جتي اهل شخصيتن جي اهليت
جو فيصلو به نااهل شخص ڪن ته پوءِ اهڙي معاشري ۾ حليم بروهي ۽ ان جهڙا ٻيا به گهڻئي
اديب ۽ رائيٽر اهڙي ئي قسم جا طعنا ٻڌي ٻڌي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري هليا ويندا آهن.
بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ غور ۽ فڪر ڪندڙ ۽ احساسن کي سمجهي ڪري خط و ڪتاب ڪندڙ
اديبن کي صرف ۽ صرف هڪ ليکڪ جي حد تائين محدود رکيو ويو آهي پر جيڪڏهن ساڳين ئي تمام
گهڻو غور ۽ فڪر ڪندڙ حليم بروهي جهڙن Think Tank شخصن کي
ڪي حڪومتي ذميواريون ڏنيون وڃن ها ته اڄ اسان جي اردگرد جو معاشرو بي لغام ۽ بي سڪون
معاشرو نه چورائي ها پر ان جي برعڪس اڄ اسان جو معاشرو ڪنهن حد تائين سڌريل معاشرو
چورائڻ جي لائق هجي ها.مرحوم حليم بروهي جهڙن ليجنڊ رائيٽرن جو ايوارڊ ۽ سندن ڪيل ڪمن
جي موٽ به هو خود پاڻ هوندا آهن، ڇو ته اهڙيون شخصيتون چمچاگيري ڪرڻ کان آزاد هونديون
آهن ۽ هو معاشري، قوم ۽ ملڪ کان حاصل ڪرڻ بجاءِ معاشري، قوم ۽ ملڪ کي گهڻو ڪجهه ڏئي
وينديون آهن. جيئن ڏٺو وڃي ته حليم صاحب کي معاشري، قوم ۽ ملڪ ڇا ڏنو؟ ته جواب اهو
ئي ٿيندو ”ڪجهه به ته نه“!
پر حليم
بروهي معاشري، قوم ۽ ملڪ کي پنهنجن لکيل ڪتابن، آرٽيڪل، قصن، ڪهاڻين ۽ مثالن جي شڪل
۾ گهڻو ڪجهه ڏئي ويو آهي. حليم بروهي صاحب کي طعنا ڏيندڙ ڪم عقل شخص کيس صرف گاڏين
۽ بنگلن ۾ توري هلڪو ڪندا هئا پر اهي ئي ساڳيا شخص انهيءَ ساڳئي حليم بروهي کي جيڪڏهن
ڪتابن ۽ سندس لکڻين ۾ توري ڏسن ها ته کين سندس وزن، وڏائي ۽ قد جي خبر پئجي وڃي.
۽
هاڻ جيڪڏهن مان پنهنجي هن لکڻيءَ ۾ حليم بروهي سان گڏ سڄي زندگي گذاريندڙ سندس گهرواري
آنٽي نسيم بروهيءَ جو ذڪر نه ڪندس ته پوءِ هيءَ لکڻي اڌوري ٿي پوندي. بلڪل حليم بروهي
صاحب وانگي ئي سندس گهر واري آنٽي نسيم بروهي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هوءَ اڄ پنهنجي
عمر دراز زندگيءَ جو ضعيفانا حصو بلڪل تنها ۽ ”وڇڙي ويل حليم بروهيءَ جي ياد ۾“ گذاري
رهي آهي.
ان اٻاجهڙيءَ،
جهوني ۽ تنها عورت جي حليم بروهيءَ سان محبت جو اندازو مان ان ڳالهه مان لڳايو ته هوءَ
اڄ به حليم بروهي صاحب جو موبائل نمبر “On” ڪيو پاڻ سان گڏ سانڍيو ويٺي
هوندي آهي ۽ جنهن ڏينهن تي حليم صاحب جي نمبر تي ڪا فون ايندي اٿس ته ان فون تي حليم
صاحب متعلق ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ سندس چهري تي خوشي نمايان هوندي آهي ۽ سندس اهو
ڏينهن تمام گهڻي خوشيءَ ۾ گذرندو آهي. انهيءَ ئي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مان حليم بروهي
جي چاهيندڙن کي اهو عرض ضرور ڪندس ته اُهي انهيءَ نمبر تي ڊائل ڪري آنٽيءَ سان حليم
بروهيءَ جون ساروڻيون ضرور شيئر ڪن.
حليم بروهي
هڪ نرالو شخص
شوڪت حسين شورو
حليم بروهي جو گذاري
وڃڻ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم
بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو. سنڌ ۾ اڳي وڏا چرچائي ۽ ڀوڳائي هوندا هئا،
پر سنڌي معاشري ۾ جيڪا بدحالي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انارڪي پيدا ٿي آهي، تنهن ۾ چرچو ڀوڳ ختم
ٿي ويو آهي. ”خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري“ وانگر سنڌي ماڻهو پنهنجي هڻ پٽ ۾ ڄڻ مزاح
جي حس کان محروم ٿي ويا آهن. جتي روئڻ پٽڻ روزمرهه جو معمول ٿي ويو هجي، اتي مزاحيه
ادب لکڻ جوکم جو ڪم آهي. حليم بروهيءَ اهڙي مايوسي واري خشڪ ماحول ۾ اهو جوکم جو ڪم
ڪيو ۽ بنان ڊپ جي ڪيو. هو عام پڙهندڙن ۾ برابر مقبول ٿيو، پر اسان جا عالم، اديب ۽
دانشور، جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڳنڀيرتا طاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، تن کي حليم
بروهيءَ جي اها حرڪت نه وڻي. جيڪڏهن اهي حليم بروهي کان الرجڪ رهيا، ته حليم پاڻ انهن
کان ٻه رتيون ڪثر کانئن الرجڪ رهيو. هن جا خيال ۽ لکڻيون تڪراري رهندا آيا. هو سنڌي
ٻوليءَ سان سندس دشمني نه هئي. حليم جنهن پنهنجائپ واري انداز ۾ اهي تڪراري ڳالهيون
لکندو هو، ان تي سندس پڙهندڙ ڪڏهن چڙيا ڪو نه. ڪن اديبن ۽ عالمن حليم جي خيالن سان
اختلاف ظاهر ڪيا، ته اهو اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ
۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته موجوده
عربي-سنڌي صورتخطي کي بدلائي رومن اسڪرپٽ اختيار ڪيو وڃي. پر اها ڳالهه ايتري سولي
ڪونهي، ڪنهن ٻوليءَ جو صدين کان مروج اسڪرپٽ بدلائڻ معمولي ڪم ڪونهي، سو به موجوده
سياسي حالتن ۾ جڏهن سنڌ سان هر معاملي ۾ ناانصافي ۽ بي واجبي ڪئي پئي وڃي. اسڪرپٽ
بدلائڻ ۽ سڄي ادبي ذخيري کي ان ۾ ڇپرائڻ وڏي خرچ جي ڳالهه آهي، جيڪو ڪهڙي حڪومت ڀريندي!
حليم بروهي ذاتي
طور هڪ نرالو شخص هو، مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ واري دور ۾ هو سڀني کان الڳ ۽ اڪيلو
هو. هن لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي راضي ڪرڻ، خوش ڪرڻ لاءِ مصلحت کان ڪم
نه ورتو. حليم جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو، ان جو اظهار ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ ڀلي
ڪنهن کي نه وڻي يا ڏکي لڳي، اها پرواهه ڪرڻ حليم بروهي سکيو ئي ڪو نه هو. هن جي ڳالهائڻ
۽ لکڻ ۾ حليم بروهي اهو ئي ساڳيو ۽ هڪڙو هو. فقط حليم بروهي ئي ڪنهن کي کل کل ۾
چئي سگهيو ٿي ته، ”تون مون کي نٿو وڻين“. حليم وٽ وڻڻ ۽ نه وڻڻ جا ڀلي پنهنجا ماپا
هجن، پر ان ۾ رک رکاءُ يا منافقي نه هوندي هئي. حليم کي جيڪو ماڻهو نه وڻندو هو، ڀلي
ان جا سبب ڪهڙا به هجن، هو ان کان هميشه الرجڪ رهندو هو. سندس لکڻ ۾ به اها ساڳي
جولاني هوندي هئي. سنڌ يونيورسٽي جا پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر سڏائيندڙ استاد، خاص طور سنڌي
شعبي جا پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر حليم بروهي جي طنز ۽ مزاح جي نشاني تي رهيا.
ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته حليم سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ انهن پروفيسرن/ڊاڪٽرن
کي ذاتي طور سڃاڻندو هو ته منجهن علمي اهليت ڪيتري آهي. ٻي ڳالهه اها هئي ته خود
اهي پروفيسر صاحبان حليم بروهي جي خيالن ۽ ڳالهين کي ”چريو آهي“ چئي مذاق ۾ اڏائي ڇڏيندا
هئا. نتيجي طور حليم بروهي به انهن سان ڪڏهن گهٽ نه ڪئي. ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته
حليم بروهي جو سنڌي ادب ۾ قدر ڪو نه ٿيو. حليم جيڪڏهن انگريزي ۾ لکي ها ته کيس
نوبل پرائيز ملي ها ۽ جيڪڏهن اردو ۾ لکي ها ته سندس وڏو قدر ٿئي ها. اصل ۾ حليم بروهي
پنهنجي لکڻ جي شروعات انگريزي ۽ اردو ۾ ئي ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ ته هن گهڻو پوءِ لکڻ
شروع ڪيو. اردوءَ جا اهلِ زبان ٻي ڪنهن ٻولي ڳالهائيندڙ کي اردو جو اديب فقط ان
حالت ۾ مڃيندا آهن ته هو ڄمڻ سان ئي پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي چڪو هجي. پنجابي ۽ پٺاڻ،
جيڪي اردو جا ناميارا شاعر ۽ اديب آهن، تن پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي اردو کي هينئين
سان لاتو، ان ڪري کين قبول ڪيو ويو. ائين ته ڪجهه سنڌي اديب اردوءَ ۾ لکندا رهيا
آهن، عبدالقادر جوڻيجو ۽ نوالهديٰ شاهه کي اردو ڊراما ۽ امر جليل کي اردو ۾ ڪالم
لکندي سال ٿي ويا آهن، تڏهن به هنن کي اردوءَ جو نه، پر سنڌيءَ جو ليکڪ ئي سمجهيو ويندو
آهي. حليم بروهيءَ کي سنڌي ۾ لکڻ سبب پنهنجا پڙهندڙ مليا، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا،
کيس عزت ۽ نالو مليو، ڇا اها ڳالهه ڪنهن ايوارڊ يا وڏي عهدي کان گهٽ آهي! حيرت جي ڳالهه
اها آهي ته ان احساس ڪمتريءَ جي هيءَ بيماري خود سنڌي ليکڪن ۾ آهي.
حليم بروهي هڪ سچو
۽ خوددار شخص هو، هن کي ڪنهن انعام اڪرام يا عهدي جي ضرورت نه هئي، نه وري هن ڪڏهن
سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته سندس سار سنڀال لڌي وڃي، يا سرڪاري خرچ تي
سندس علاج ڪرايو وڃي. هن وقت سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌ ثقافت
کاتو يا سنڌي ادبي بورڊ حليم بروهي جي سمورن ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪري. ڪنهن
ليکڪ کي ان کان وڌيڪ بهتر نموني سان خراج تحسين پيش ڪري ئي نٿو سگهجي.
حليم بروهي
پاڻ ته ڪونهي، پر سندس يادون ساڻ آهن
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
مرحوم حليم بروهيءَ
۽ مون، ٻنهي مادام مهتاب اڪبر راشديءَ جي ڊائريڪٽريءَ واري زماني ۾ سنڌالاجيءَ ۾
نوڪري ڪئي. مرحوم او ايس ڊو ۽ مان ڊپٽي ڊائريڪٽر هئس. مادام مهتاب اڪبر انهن تمام ٿورن
مان هڪ آھي، جيڪي مٿي ڦرين ماڻھن کي به شفقت ۽ اعتماد ڪرڻ سان فري هينڊ ڏئي مثبت
نتيجا ڪڍندا آھن. هن اسان کي اهو آزاديءَ جو ماحول ڏنو جنهن ۾ مون ۽ مرحوم حليم بروھيءَ
سنڌالاجيءَ ۾ نوان تجربا ڪيا. مون “ڏات-ڌڻي رٿا” هيٺ اديبن شاعرن ۽ صحافين جي قلمي
پورهيئي کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ حليم بروھيءَ سنڌي لپيءَ کي رومن انگلش ۾ بدلائڻ جو ڪم
کنيو. ٻئي ڪم بلڪل نوان ۽ خرچ-طلب هئا. مادام مهتاب اڪبر راشديءَ اسان جي عملي طور
تي همت افزائي ڪئي.
حليم بروهي يونيورسٽيءَ
۾ منهنجو پاڙيسري هئو. ان ڪري الائي ڪيتريون شامون اسان ڪچهريون ڪيون ۽ ادبي مسئلن
تي ويچار ڪيا.
ڪيترو وقت گذري چڪو
هو. پر ڪنهن پاڙي واري پاڻيءَ جي به صلاح ڪانه ڪئي. نيٺ حليم بروهئ صلاح ڪئي ۽ دير
جو جواز ڏنائين ته “گهر واريءَ کان منظوري وٺڻي هيس”. نيٺ سندس گهر چانھ پيئڻ جو ڏينهن
آيو. مون بروهي مرحوم ۽ سندس گهر-ڌياڻي مادام پروفيسر نسيم گڏجي چانھ پيتي. حليم
بروهيءَ پنهنجي طنز مزاح واري طبيعت جي اثر هيٺ ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ڊاڪٽر مان قسم
سان چوان ٿو ته پهريون دفعو هنن ڪوپن ۾ چانھ پي رهيو آھيان ۽ ھي ايش ٽري اڄ ڏٺو اٿم.”
مادام نسيم وراڻيس ته: “دعا ڪر ڊاڪٽر کي. هن جي صدقي سٺن ڪوپن ۾ چانھ ٿو پئين.” حليم
بروهئ اهو چئي موضوع بدلايو ته “دوست جي منهن تي ته بيعزتي خراب نه ڪر”. پوءِ حليم
بروهيءَ مون کي چيو ته؛ “پڇيس ته گهڻا ٻار اٿئي؟”. مادام نسيم منهنجي پڇڻ کان سواء
جواب ڏنو: “ٽي نياڻيون آھن”. ان تي حليم بروھيءَ تبصرو ڪيو ته: “چوٿون مان به
آھيانس. مون کي ٻارن وانگر پاليندي آھي.”
اخبار “ڪاوش” ڪڍڻ کان
اڳ علي قاضي آيو. حليم بروهيءَ ۽ مون کي اخبار لاءِ لکڻ لاء چيائين ۽ اسان هن اخبار
جي شروعاتي ليکڪن مان ٿياسين.
رمضان جو مهينو هو.
مان ۽ حليم بروهي سنڌالاجيءَ ۾ هڪ ڪمري ۾ ويهندا هئاسين. ھڪ سختگير ديندار زيردست
اسان لاءِ ڪري ڇڏيو. ڏھ دفعا روزانو اچي جهاتي پائي ويندو هو ته اسان رمضان شريف
جي تقدس کي مجروح ته نه ٿا ڪريون. حليم بروهي بر ٿي ويندو هو. مان کيس ٿڌي ڪرڻ لاءِ
زيردست کي چوندو هئس ته؛ “اسان ته سالن کان روزي سان آھيون. تون هڪ مهيني جا روزا
رکين ٿو ۽ تو کان صبر نه ٿو ٿئي. ان لاءِ اسان لاءِ آزار ڪري ڇڏيو ٿي”. هڪ ڏينهن
مان ٻيپهريءَ کان پوءِ حليم بروهيءَ کي هن همراه جي گهر وٺي ويس. در کڙڪايوسين.
همراه ننڊ مان اٿي آيو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين: “آزاد رلندا ٿا وتو”. مون کيس وراڻو ته؛ “پڪ
ڪرڻ آيا آهيون ته رمضان شريف ۾ واقعي شيطان ٻڌو ويندو آھي ۽ پڪو مسلمان آزاد هوندو
آھي. سو اسان مسلمان به آھيون ۽ آزاد به آھيون.” حليم مون ڏي ڏٺو، کلي پيو.
حليم بروهي هڪ سچو
۽ سڌو ماڻھو هو. دل ۾ رکڻ وارو ڪو نه هو. هن کي بحيثيت شخص، گهڻن ڪو نه سڃاتو. پر
هو طنز و مزاح وارين لکڻين جي ڪري، الائي ڪيترين دلين ۾ رهندو هو.
حليم بروھي
ھڪ ڏند ڪٿائي ڪردار
منوج ڪمار
مون جڏھن حليم
بروھي کي آخري ڀيرو ڏٺو ھو تڏھن ھُو رات جي مھل پنھنجي صدر واري گھر شھزادي منزل
جي دروازي جي ڏيڍي تي ڪرسي تي اڪيلو ويٺو هو. انھيءَ ڏيڍي سان گڏيل ڪمري ۾ ٽي وي
ھلي رھي ھئي جنھن جو آواز بند ھو پر نيم اونداهي ۾ هلندڙ ٽي وي جا عڪس سندس چهري
تي ڦري رھيا ھئا. ٻڌڻ وارو اوزار جيڪو سندس ڪنن ۾ لڳل ھوندو ھو سو نڪتل ھو. نه ٻاھر
گاڏين جو گوڙ ۽ نه وري اندر گھر جي ڪنھن سڏ جي ڪا کيس سڌ ھئي. ھو اڪيلو پنھنجي
خيالن ۾ گم ھو. حليم بروھي ان وقت به ايئن ئي اڪيلو ھو جيئن اڪيلو ھو سموري ڄمار
رھيو. اھا اڪلائپ حليم بروھي جي خمير ۾ ھئي. ھُو ھڪ انارڪسٽ ھو جنھن وٽ ڪا به
روايت، ڪا به سند، ڪا به حيثيت مقدم نه ھئي. ھو سماج ۾ مروج روايتن کي ٽوڙي ڀڃي ڪن
ٻين روايتن کي ٺاھڻ جوخواھشمند ھو. کيس پاڻ وڻائڻ لاءِ لوڪ پسند ڳالھين ڪرڻ جو ڪو
شوق نه ھو. بلڪه ھو ھڪڙو ملامتي مزاج جو ماڻھو ھو جيڪو ڄاڻي اھڙيون ڳالھيون ڪندو
ھو ته جيئن ماڻھو مٿس الزام ھڻن؛کيس نظرانداز ڪن؛ مٿس تھمتن جا پٿر وسائين. ۽ حليم
انھن سنگ بازي ۽ دشنام نوازي تي ٽھڪ ڏيندو ھو. ھن پنھنجو تاثر ئي اھڙو ٺاھيو ته
جيئن ماڻھو کانئس پري رھن. ھو بلڪل مٿي ڦريل ھو. پر ڪنھن قوم جي عظمت جو اندازو
انھيءَ مان به لڳائبو آهي ته اھي پنھنجي مٿي ڦريل ماڻھن کي ڪيترو برداشت ڪن ٿا. ۽
سچي ڳالھه اھا آھي ته اسان حليم کي بلڪل برداشت نه ڪيو.
حليم جي باري ۾ ماڻھن
جي اھا راءِ ھوندي ھئي ته ھو ٻين تي ٺٺول ڪندو ھو. پر حليم جي ٺٺول جو ڪير مستقل شڪار
ھو ته اھو حليم پاڻ ھو. سندس لکڻين ۾ جيڪڏهن حليم ڪنھن تي سڀ کان وڌيڪ ٺٺول ڪئي ته
اھا سندس پنھنجي ذات تي ھئي. ھو پنھنجو سڀ کان وڏو نقاد ھو. مون پنھنجي زندگي ۾ اھڙا
گھٽ ماڻھو ڏٺا آھن جن پنھنجي ذات تي ايتري بي رحمي سان تنقيد ڪئي ھجي جيتري حليم
پاڻ تي ڪئي. ۽ اھڙا ماڻھو به گھٽ ڏٺا آھن جيڪي ايتري ادبي پورھئي کانپوءِ به پاڻ پڏائڻ
۽ پنھنجي نمائش ڪرائڻ کان پري ھئا. کيس ايوارڊن ۽ عھدن جي ڪڏھن به لالچ نه رھي.
پنھنجي زندگي ۾ حليم ڪنھن اداري جي در تي نه ويو ته اھي سندس ڪتاب ڇپائين. سندس ڪتاب
گھڻي ڀاڱي ڪتاب پاڻ ڇپايل ھئا جيڪي ھن ماڻھن
۾ ورھائي ڇڏيا. ايتري قدر جو آخر ۾ وٽس به انھن جي ڪاپي نه ھئي. تاريخ، قانون ۽ ٻولي
تي لکيل سندس بي بھا ڪتاب ايئن ضايع ٿي ويا. جيڪي ڪجھه ڪتاب نيو فيلڊس ڇپرايا سي
پنھنجي وقت جا گھڻا وڪامندڙ ڪتاب ھئا. حليم ڪڏھن به ڪنھن تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو ھو.
کيس پاڻ تي پڙھجندڙن انھن قصيدن کان سخت چڙ ھئي. کيس ايئن خوامخواھ اچي ڪچھري ڪرڻ
وارا واندا ماڻھو به نه وڻندا ھئا. اھو چيڙاڪ ماڻھو وارو تاثر ھن پنھنجي لاءِ پاڻ
ئي جوڙيو ھو.
حليم ڪيترن ئي
تضادن جو امتزاج ھو. ھو ھڪ ئي وقت ماڻھن کان بيزار به ھوندو ھو ته وري جن سان ھن
جي دل ھوندي ھئي انھن سان غيرمشروط محبت به ڪندو ھو. ھو انتھائي ذھين به ھو جنھن وٽان
ڪا به ڳالھه گسندي نه ھئي ته ساڳي وقت تي انتھائي معصوم به ھوندو ھو. ھو اوچتي ڪاوڙ
ڪري ننڍين ڳالھين تي پراڻن واسطن کي ٽوڙي به ڇڏيندو ھو ته ھو وڏا ٽھڪ ڏئي ايئن
اجنبين سان منٽن ۾ دوستي به ڪري وٺندو ھو. منھنجي به ساڻس دوستي ايئن ئي ٿي.
حليم بروھي سان
منھنجي پھرين ملاقات سنڌ يونيورسٽي جي پڙھن دوران ٿي. تن ڏينهن ۾ حليم اي سي ٽو ۾
ھوندو ھو. جڏھن ملياسين ته ھٿ ملائيندي چيائين ته “مون توکي پھرين ڏٺو آهي. شايد
آئون راڻي باغ جي پڃري۾بند ھئس ۽ تون مونکي ڏسڻ آيو ھئين.”
“نه، آئون ڏسڻ
ڪون آيو ھئس پر آئون ڀر واري پڃري ۾ بند ھئس” مون چيو.
حليم ٽھڪ ڏنو ۽
پوءِ اسان جي دوستي ٿي وئي. ھُن دوستي گھڻو ڪري نوجوانن سان ھوندي ھئي. ھُو پنھنجي
ٽھي جي ماڻھن جي بدران پاڻ کان گھڻي ننڍي ٽھي جي ماڻھن سان وڌيڪ سھنجو سمجھندو ھو.
ھُو انھن سان ايئن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڪچھريون ڪندو ھو. ھُو انھن سان رولاڪيون ڪندو
ھو. ھُو انھن سان ٽھڪ ڏيندو ھو. ھُو انھن سان انھن جھڙو ٿي ويندو ھو.
حليم بروھي اسان جي
ادبي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ نظر انداز ٿيل شخص آھي. جيتوڻيڪ سندس ايترو ڪم ٿيل آھي ڪنھن
جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آھي. حليم جي مزاح نگار واري روپ کان ته اسان سڀ واقف آهيون.
حليم جو مزاح ته سندس سڃاڻپ ھو پر حليم مزاح کان سواءِ ٻين صنفن ۾ به شاندار شيون ڏنيون.
ھُن ڪھاڻيون لکيون. ھُن شاعري ڪئي. ھُن ترجما ڪيا. ھُو وڏي وقت تائين سنڌي جو وڌ ۾
وڌ پڙھجندڙ ڪالمسٽ ھو. هُن سنڌيءَ ۾ شعور جي وهڪري جي ٽيڪنيڪ کي استعمال ڪندي
پهريون نفسياتي ناول “اوڙاهه” لکيو هو. هُن آرڪيالاجي ۽ تاريخ، لسانيات تي به ڪافي
لکيو. سندس هڪ ڪتاب قانون تي به آهي ۽ حليم سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ به جوڙيو ۽
جنهن کي مقبول ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوششون به ڪيون. حليم جون انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ
۾ ٻيون به گهڻيون ئي لکڻيون آهن. انھن ۾ سندس ڪتاب سيڊس به آھي. انهيءَ سيڊس ۾ هڪ
هنڌ اهو به لکيو آهي ته، “مان تاريخ جي ڪتابن ۾ زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، مان ته ڏند
ڪٿائي قصي وانگر زندهه رهڻ ٿو چاهيان، جو تاريخن جي عمر پنجاهه يا سٺ سال هوندي
آهي، پر ڏند ڪٿائون هزارين سال رهنديون آهن.” حليم کي ڀلي اسان جا تاريخدان نظر
انداز ڪري ڇڏين. تاريخ ۾ حليم جو ذڪر ڪٿي به نه ملي پر سنڌ ۾ حليم هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار
جيان رهندو.
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد جي ميگزين ۾ ۱ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا