حليم بروھي
جنھن حليميات جھڙا انمول
ڪتاب، ادبي دنيا کي ڏنا
منوج ڪمار
اڄوڪي ڏينهن
ست سال اڳ آئون مري ويس. هاڻ به مونکي حساب ڪتاب کان ايترو ڊپ نه لڳندو آهي جيترو
انهيءَ ڳالهه کان لڳندو آهي ته ڪا اخبار اها خبر نه ڇپي وجهي ته “حليم بروهي جي
ستين ورسي خاموشي سان ملهائي وئي. ياد ۾ ڪا به تقريب نه رکي وئي.” منهنجي لاءِ
انهيءِ کان وڌيڪ عذاب جي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي ته منهنجي ورسي تي ڪا تقريب رکي وڃي ۽
انهن ۾ اهي اديب، جن کي منهنجي ۽ مونکي جن جي شڪل صفا نه وڻندي هئي، سي صدارت ڪري
اهو ٻڌائين ته آئون ڪيڏو عظيم ليکڪ هئس. جن ماڻهن سان ڪڏهن زندگي ۾ نه مليو هئس
اهي ماڻهو مهمان خاص ٿي ڪري تقرير ڪري اهو ٻڌائين ته ائون ننڍي هوندي انهن سان چڍي
پائي گهمندو هئس. منهنجو ته روح تڙپي هان جيڪڏهن ڪو ٽارزن اديب وري اها ساڳي تقرير
دهرائي هان جيڪا هن پنج هزار دفعا اڳ به مختلف هنڌن تي ساڳين ماڻهن اڳيان دهرائي
هئي. جن نه منهنجي ڪم کي پڙهيو ۽ نه سمجهيو سي وڏا وڏا اوٻاسيون ڏياريندڙ مقالا
لکي منهنجي ڪم مان اهي نقطا پيش ڪن جيڪي منهنجي لکڻين ۾ آهن ئي ڪونه. مون پنهنجي
زندگي ۾ ڪنهن جي شان ۾ ڪونه ڳالهايو. مونکي انهيءَ کان بدفضليتي واري ڪا ڳالهه لڳندي
ڪونه هئي ته ڪنهن جي سامهون ويهي ان جي تعريف ڪجي. مون پنهنجي حياتي ۾ ڪنهن کي نه
چيو ته مون تي ڳالهائي. آئون ڪو وڏو ڇسو ماڻهو چئبس جو ٻين کي چوان ته منهنجي
تعريف ڪن.۽ نه ئي هاڻ ڪنهن کي ضرورت آهي ته منهنجي مجاوري ڪن. ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي.
ڪنهن ليکڪ جو اهو ڪم ئي ڪونهي ته هو جتي مائيڪ ڏسي اتي بيهي رهي. ڪنهن ليکڪ کي ياد
ان جي لکڻين سان ڪبو آهي. مونکي ياد منهنجيون لکڻيون رکنديون. جيستائين ماڻهو
مونکي پڙهندا تيستائين آئون ماڻهن کي ياد رهندس. جڏهن نه پڙهندا ته وسري ويندس.
هرو ڀرو ماڻهو مونکي ياد ڪندا رهن اهو ضروري ڪونهي.