; سنڌي شخصيتون: عبدالعزيز ڳاهو

20 July, 2017

عبدالعزيز ڳاهو

عبدالعزيز ڳاهو

جاکوڙي صحافي جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان

راهب ڳاهو



هن جديد دور ۾ صحافتي شعبو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ۽ موجوده وقت صحافتي حوالي سان مقابلي جو رجحان تمام گهڻو پيدا ٿي ويو آهي، پوءِ چاهي اها اسلام آباد جي ايوانن جي صحافت هجي يا سنڌ جي ننڍن شهرن جي صحافت، انهيءَ شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هر روز پنهنجي پڙهندڙن کي نئين خبر ڏيڻ جي جستجو ۾ رهندا آهن ۽ چاهيندا آهن ته اهي اهڙي خبر ڏين، جيڪا ٻين اخبارن، ٽي وي چينلز يا ريڊيو تي نه هجي، انهن جاکوڙي صحافين مان عبدالعزيز ڳاهو (مرحوم) به هڪ آهي. اڄ سندس ياد انتهائي گهڻي ستائي رهي آهي، سندس صحافتي ۽ سماجي خدمتون اڌما ڏئي ٻاهر اچي رهيون آهن.


عبدالعزيز ڳاهو کي لکڻ جو تمام ڀلو ڏانءُ هيو. جيڪو شايد هر ڪنهن جي وس جو نه آهي. ٻين جي ڳالهه وري پنهنجن لفظن ۾ پروڙڻ ئي شايد لکڻ جو ڏانءُ آهي. ڪنهن جو درد، دانهن، تاريخ، سياست، ماڳن مڪانن توڙي موجوده حالتن تي هن جڏھن لکيو ته بهترين لکيو. ان کان علاوھ ھن پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي درد-ڪٿا، اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

عزيز ڳاهو، سياست جي شروعات شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي شخصيت ۽ ڪردار مان متاثر ٿي، پيپلز پارٽي جي ڪارڪن طور شروع ڪئي. ۱۹۷۸ع ۾ يو سي جهنڊو مشائخ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. پي پي پي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ ڳوٺ جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ سجاڳي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين. ڳوٺ جي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت بابت سهولتون ڏياريائين. ۱۹۷۹ع ۾ آمر ضياءَ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ته ان دوران پيپلزپارٽي جي قيادت سان گڏ ڪارڪنن تي به سخت ڏينهن اچي ويا. اهي ساڳيا ڏينهن ان دوران ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ غوث بخش ڳاهو جي رهواسي پي پي پي ڪارڪن عزيز ڳاهو مٿان پڻ آيا. مٿانئس تمام گهڻيون سختيون ٿيون. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران عزيز ڳاهو ڪاري آمريتي دور ۾ سختيون برداشت ڪيون. ان دوران گرفتار ٿيو ۽ ڪيترا ئي مهينا جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند رهيو. عزيز ڳاهو سن ۲۰۰۰ع کان ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۶ع تائين پيپلزپارٽي خيرپور ضلعي جو رڪارڊ سيڪريٽري مقرر رهيو. هو سياسي طور تي، شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کان تمام گهڻو متاثر هو. اهو ئي سبب آهي جو کيس تقرير جي فن تي تمام گهڻو عبور حاصل هو. جڏهن به پنڊال ۾ ڳالهائيندو هو ته پنڊال، پنڊ پهڻ ٿي ويندو هو. سندس تقرير کي، آخر تائين، غور سان ٻڌو ويندو هو.

عبدالعزيز ڳاهو، ۱۹۵۱ع ڌاري ڳوٺ غوث بخش ڳاهو ۾ صوفي طبيعت رکندڙ، ڳوٺ جي چڱي مڙس، رسول بخش ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان پرايائين. جنهن بعد انٽر خيرپور ڪاليج مان ڪيائين.

عبدالعزيز ڳاهو، ڳاها برادري جو چڱو مڙس هجڻ جي ڪري ڳاها برادري ۽ آس پاس جي ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانءَ هيو. کيس مختلف برادرين ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ نبيرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ گهرايو ويندو هو. جنھن سبب، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ فيصلا ڪرڻ لاءِ پڻ ويندو هو، ڳاها برادري کي گڏ ڪرڻ لاءِ، پڻ تمام گهڻو سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. اھو سندس خواب هو ته؛ ڳاها برادري هڪ پليٽ فارم تي اچي ۽ گڏيل طور ايڪي ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪري.

سنڌ جا ماڻهو، مهمان نوازي لاءِ ملڪان ملڪ مشهور آهن. اهڙو ئي مهمان نواز عزيز ڳاهو پڻ هو. سندس اوطاق تي هر وقت مهمانن جي آمد هوندي هئي، جتي مختلف شهرن جا دوست احباب ايندا رهندا هئا. مهمانن جي آمد تي، تمام گهڻو سَرهو ٿيندو هو. سندس خوشي جو اظهار، جي ڀاڪر پائي آڌر ڀاءُ ڪرڻ مان محسوس ٿيندو هو. ڪچهريءَ جو مور هوندو هو. سندس ڪچهريءَ ۾ آيل مهمان ڪڏهن ٿڪبا يا بيزاري محسوس نه ڪندا هئا.

عبدالعزيز ڳاهو گهڻ رخي هر دلعزيز شخصيت هو. ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر پڻ ڪيائين. ايران ۾ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي، ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عليه اسلام، غازي عباس ۽ ڪربلا جي شهيدن جي روضن جي زيارت ۽ نجف ۾ حضرت امام علي عليه السلام جي روضي جي زيارت ڪيائين. ان کان علاوه، ڀلي پار مديني وڃي، نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي روضي جي حاضري ڀري ۽ خانه ڪعبه جي چائنٺ چمي آيو.

عزيز ڳاهو پنهنجي علائقي توڙي سنڌ جي ماڻهن جو آواز بڻجي، اعليٰ ايوانن تائين انهن جي دانهن کي، پنهنجي لفظن ذريعي پهچائيندو هو. جي شروعات ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾روزاني عبرت اخبار ۾ ڪوٽڏيجي جي رپورٽر طور ڪيائين. لکڻ پڙهڻ سان تعلق ھيس. ان کان اڳ ڪيترين ئي اخبارن، رسالن ۾ مضمون پڻ لکندو هو. لڳ ڀڳ ۴۰ سال صحافت ڪيائين. ڪوٽڏيجي ۾ صحافت ڪرڻ دوران، هن ڪيترن ئي پڙهيل لکيل نوجوانن جي صحافتي تربيت ڪئي ۽ ڪيترا ئي صحافي شاگرد پيدا ڪيائين. سندس مضمون، تجزيه، تبصرا پڻ مختلف اخبارن ۾ وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. روايتي صحافت کان هٽي ڪري سچي ۽ کري صحافت ڪيائين. پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي مسئلن ۽ دردن کي، جاگيردارن جي ڏاڍاين، بند پيل تعليمي ادارن، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ، توڙي ٻين عوامي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور نموني سان، پنهنجي قلم ذريعي وائکو ڪري اعليٰ ايوانن تائين پهچايائين.

عزيز ڳاهو کي بهترين صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ۽ سٺا مضمون لکڻ تي ڪيترا ئي ايوارڊ پڻ مليا. انهن مان کيس اي پي اين ايس ايوارڊ ۱۹۹۷ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف ڏنو. ان کان اڳ کيس استاد بخاري پڻ کيس صحافتي خدمتن تي ايوارڊ ڏنو. سچل ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، سخي صالح شاهه ايوارڊ سميت کيس ۳۰ کان وڌيڪ ايوارڊ مليا. صحافتي خدمتون سر انجام ڏيڻ دوران، مٿس ڪيترا ئي ڀيرا حملا پڻ ٿيا. هر قسم جي رشوت ۽ لالچ ڏيڻ جي آڇ ٿيس، پر هن ڪڏهن به پنهنجي قلمي پورهئي جو سودو نه ڪيو. صحافتي تنظيمن لاءِ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. صحافين کي درپيش مسئلن کان وقت به وقت آگاهه ڪندو رهيو. ان کان علاوھ ڪيترين ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾، شرڪت ڪيائين ۽ پنهنجي شاعري پڙھيائين.

صحافتي طور، سندس شاگردن مان هجڻ ڪري، راقم سان تمام گهڻي ويجهڙائي پڻ هيس. رشتي ۾ منهنجو سئوٽ هجڻ سان گڏ بهترين استاد پڻ هو. جيڪو هر وقت صحافت ۽ معاشري جي ڀلائي لاءِ هدايتون ۽ سمجهاڻيون ڏيندو رهندو هو. ان کان علاوھ شاعري پڻ ڪئي اٿائين، جيڪا سندس بقول، لڳ ڀڳ ٻن ڪتابن جي برابر ٿيندي.

رات جو پنهنجي اخبار ڏانهن پسگردائي جي سياسي سرگرمين جون خبرون ٺاهي موڪليائين. لڳ ڀڳ هڪ وڳي ڌاري، سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي ۽ سنڌ جو ڀلوڙ صحافي، شاعر، ليکڪ ۲۶ شوال المڪرم ۱۴۳۷ هجري بمطابق ۳۱ جولاءِ ۲۰۱۶ تي هن فاني جهان مان لاڏاڻوڪري ويو. سندس مڙهه خيرپور کان، اباڻي ڳوٺ غوث بخش ڳاهو ۾ آندو ويو ۽ آخري آرام گاهه ۾ دفنايو ويو.

عزيز ڳاهو

تو کان ٿيندي ڌار.... سندس موڪلاڻيءَ تي لکيو ويو!

نور سنڌي

ڪوٽڏيجي جي صحافي سانول ڳاهو جي فون مئسيج ڇرڪائي ڇڏيو، جنهن ۾ هن مٺڙي ماڻهو ڪوٽڏيجي جي ڀلوڙ صحافي، سماج سڌارڪ شخصيت عزيز ڳاهو جي انتقال جو اطلاع ڏنو. يقين نه آيو ته ڪجهه ٻين دوستن کان تصديق ڪندي خبر پئي ته واقعي دوستن جو دوست، ڳوٺ وارن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل ۽ بيباڪي سان صحافت ڪندڙ اسان جو هي دل گهريو دوست هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هو اسان کان هميشه لاءِ اُن دنيا ۾ هليو ويو آهي، جتي ويندڙ وري نه موٽندا آهن. سندس يادون ساڻس رهاڻيون ملاقاتون ذهن جي پردي تي فلم سين جيان هلڻ لڳيون. ساڻس پهرين ملاقات ۾ ۸۸ع واري دور ۾ محمود يوسفاڻي وٽ ٿي ۽ اها ملاقات دوستي ۾ بدلجي وئي، جڏهن به سنڌ صحافي سنگت جي تنظيمي دوري تي خيرپورميرس يا سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته هتان ويندي يا واپس ايندي عزيز ڳاهو سان ڪوٽڏيجي يا خيرپورميرس ۾ ضرور ملاقات ٿيندي هئي. ڪجهه ڀيرا ائين به ٿيو ته تڪڙ هئڻ ڪري ساڻس ملاقات نه ٿي ۽ ميڊيا جي ٿرو کيس خبر پئي ته ناراض ٿيندو هو. تڏي تي ويندڙن کي لکين عزتون ڏيندو هو، سنڌ صحافي سنگت جي حوالي سان به سندس ساٿ رهيو.

عزيز ڳاهو ۱۹۵۱ع ۾ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ غوث بخش ڳاهو ۾ فقير صفت زميندار رسول بخش ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۸۰ع ۾ عبرت جو رپورٽر ٿي صحافي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ آخري دم تائين عبرت سان وابسته رهيو. پاڻ روايتي صحافين کان مختلف هو، بيباڪي ۽ سچائي سان صحافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻ علائقي جي مسئلن، ڀوتارن جي عوام سان ظلم زيادتين، علائقي ۾ بند پيل اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين کاتن جي خراب ڪارڪردگي، ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙن خلاف لکڻ کان وٺي تاريخي ماڳ مڪانن تي لکيو. پاڻ بهترين رپورٽر سان گڏ بهترين ليکڪ ۽ مشهور شاعر به هو. سندس هر اشو تي وڏي تعداد ۾ آرٽيڪل سياسي تجزيه شايع ٿيا. سندس شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿي. هڪ دفعي پاڻ ٻڌايائين ته هن شاعري جي هر صنف تي لکيو آهي. وٽس شاعري جي ٻن مجموعن جيتري شاعري موجود آهي. پاڻ سياست به ڪئي، شرع کان پ پ سان وابسته رهيو، آخري گهڙي تائين ايم آر ڊي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار ۽ جدوجهد رهي. پاڻ ان دوران گرفتار ٿي ڪيترا ئي مهينا جيل به رهيو. جنرل ضياءُ، نوازشريف ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ انتقامي ڪارروائين جو شڪار رهيو، مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جيل ياترا به ڪري آيو. پاڻ پ پ ضلعي خيرپور ميرس جو رڪارڊ سيڪريٽري به رهيو. هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت سان نه صرف پنهنجي ضلعي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو، کيس بهترين صحافي طور حڪومت پاڪستان پاران ۹۷ع ڌاري ان وقت جي وزيراعظم ميان نواز شريف هٿان ايوارڊ به مليو. ان کانسواءِ بهترين صحافي، بهترين شاعر، ليکڪ طور مختلف سماجي، علمي، ادبي ثقافتي، صحافتي تنظيمن پاران ۳۰ کان وڌيڪ مڃتا ايوارڊ ماڻيا. صحافت جي ميدان ۾ سچ لکڻ ڪري به مٿس ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا، حملا به ٿيا، کيس صحافتي فرض ادا ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ کيس مختلف انداز ۾ حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پاڻ دليري سان صحافتي فرض نڀائيندو رهيو. پاڻ خيرپور ضلعي ۾ ايم اين اي نواب وساڻ جي جلسن جي ڪوريج ڪري گهر پهتو ته کيس ساهه جي تڪليف ۽ دل ۾ سور ٿيو، جنهن بعد کيس خيرپورميرس جي اسپتال پهچايو ويو. پر هن دنيا ۾ سندس داڻو پاڻي ختم ٿي ويو ۽ پاڻ ۳۱ جولاءِ جي رات جو اڍائي وڳي ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس آخري سفر ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس وصيت موجب کيس سندس اوطاق ۾ ئي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو.

سندس علائقي ۾ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هر ماڻهو جي اک آلي هئي، هر ماڻهو سندس ڀلائي وارا ڳڻ ڳائي رهيو هو. سندس وفات تي نه صرف سندس ٻئي ونيون، ۳ فرزند طارق عزيز، شاهد عزيز، ساجد عزيز، ۵ نياڻيون، سندس مٽ مائٽ، ڳوٺ وارا ڪوٽڏيجي جا صحافي پر هر ماڻهو سوڳوار هو. سندس سڄي سنڌ جي صحافين سان دوستي هئي. ڳالهائڻ جو سچو کرو، جيڪو چوڻو آهي، سڀني کي منهن تي چوندو هو، پوءِ ڪير خوش رهي يا ناراض. سندس لطيف سائين سان به عقيدت هئي. ڪڏهن حيدرآباد ملندو هو ته سندس حڪم تي گڏجي ڀٽ شاهه ايندا هئاسين. عزيز ڳاهو جسماني طور ته اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر هو علائقي جي ماڻهن سان گڏ اسان دوستن جي دلين، ذهنن ۾ ياد رهندو. جڏهن به سنڌ جي بهترين صحافين جو ذڪر ٿيندو ته يقينن عزيز ڳاهو جو ذڪر به بهتر لفظن ۾ ڪيو ويندو. سندس نالو سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ ياد رهندو. اسان سندس سوڳوار خاندان سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.


 

عبدالعزيز ڳاهو

سنڌ جو وڇڙيل جاکوڙي صحافي - چوٿين ورسيءَ جي مناسبت سان

راھب ڳاھو

ھن جديد دور ۾ صحافتي شعبو انتھائي اھميت اختيار ڪري ويو آھي ۽ موجوده وقت صحافتي حوالي سان مقابلي جو رجحان تمام گھڻو آھي، پوءِ ڀلي اسلام آباد جي ايوانن جي صحافت ھجي يا سنڌ جي ننڍن شھرن جي صحافت، انھي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ھر روز پنھنجي پڙھندڙن کي نئين خبر ڏيڻ جي جستجو ۾ رھندا آھن ته اھي اھڙي خبر ڏين، جيڪا ٻين اخبارن يا ٽي وي چينلن تي نه ھجي، انھن جاکوڙي صحافين مان عبدالعزيز ڳاھو (مرحوم) به ھڪ آھي، اڄ سندس ياد تمام گھڻي ستائي رھي آھي جو سندس چوٿين ورسي ملهائي پئي وڃي، سندس صحافتي ۽ سماجي خدمتون اڌمان ڏئي ٻاھر اچي رھيون آھن. عبدالعزيز ڳاھو کي لکڻ جو تمام وڏو ڏانءُ هو، جيڪو شايد ھر ڪنھن جي وس ۾ ناھي هوندو، پر هن جڏهن به هر ڪنھن جو درد، دانھن تاريخ، سياست ماڳن مڪانن توڙي موجوده حالتن تي لکيو ته بھترين لکيو ۽ پنھنجي علائقي جي ماڻھن جي درد ڪٿا اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، عبدالعزيز ڳاھو پنھنجي صحافت سان گڏ سياست جي شروعات شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت ۽ ڪردار مان متاثر ٿي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن طور شروع ڪئي، ۱۹۷۸ ۾ يوسي جھنڊومشائخ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو، پ پ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڳوٺ جي ماڻھن جي ڀلائي ۽ سجاڳي لاءِ ڪم ڪيائين. صحافت ۾ رھندي پنھنجي خاندان ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي صحافت ۾ آڻي شاگرد پيدا ڪيائين، عزيز ڳاھو ڳوٺ جي ماڻھن کي تعليم صحت بابت سھولتون ڏياريون، ۱۹۷۹ع ۾ آمر ضياءُ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏياري ته ان دوران پيپلز پارٽي جي قيادت سان گڏ ڪارڪنن تي به سخت ڏينھن آيا، اھي ساڳيا ڏينھن پ پ ڪارڪن عزيز ڳاھو مٿان پڻ آيا، جنھن دوران ھن مٿان تمام گھڻيون سختيون ٿيون.  ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران عزيز ڳاھو ڪاري آمريت واري دور ۾ سختيون برداشت ڪيون، ان دوران گرفتار ٿيو ۽ ڪيترا ئي ميھنا جيل جي ڪاري ڪوٺڙي ۾ قيد ڪيو ويو.

عزيز ڳاھو سن ۲۰۰۰ع کان ۳۱ جولائي ۲۰۱۶ع تائين پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور ميرس جو رڪارڊ سيڪريٽري رھيو، ھو سياسي طور تي شھيد ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو کان تمام گھڻو متاثر ھو، اھو ئي سبب آھي جو کيس تقرير جي فن ۾ تمام گھڻو عبور حاصل ھو، جڏھن به پنڊال ۾ ڳالھائيندو ھو ته پنڊال پنڊ پھڻ ٿي ويندو ھو ۽ سندس تقرير کي آخر تائين غور سان ٻڌو ويندو ھو، عبدالعزيز ڳاھو ڳاھا برادري جو چڱو مڙس ھجڻ جي ڪري ڳاھا برادري ۽ آس پاس جي ماڻھن جو ڇپر ڇانو ھيو، عزيز ڳاھو مختلف برادرين ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۾ فيصلن لأ گھرايو ويندو ھو ۽ ھو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ فيصلا ڪرڻ ويندو ھو، عزيز ڳاھو ڳاھا برادري کي گڏ ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس خواب ھو ته ڳاھا برادري ھڪ پليٽ فارم تي اچي ۽ گڏيل طور ايڪي ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪري، سنڌ جا ماڻھو مھمانوازي لاءِ ملڪان ملڪ مشھور آھن ۽ اھڙوي ئي عزيز ڳاھو پڻ ھو، سندس اوطاق تي ھر وقت مھمانن جي آمد ھوندي هئي، ھن جي اوطاق تي ھر وقت مختلف شھرن جا دوست احباب ايندا هئا، عزيز ڳاھو مھمانن جي آمد تي تمام گھڻو سرھو ٿيندو ھو، سندس خوشي جو اظھار ھن جي ڀاڪر پائي ڪري ملڻ سان ٿيندو ھو، پاڻ ڪچھري جو مور ھوندو ھو ۽ سندس ڪچھري مان آيل مھمان ڪڏھن ٿڪبا يا بيزاري محسوس نه ڪندا هئا، عبدالعزيز ڳاھو گھڻ رکي ھر دل عزيز شخصيت ھو پاڻ ڪيترن ئي ملڪن جو سير سفر پڻ ڪيائين، جن ۾ ايران، عراق کان علاوه ڀلي پار مديني وڃي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ جي حاضري ڀري ۽ خانا ڪعبه جي چائنٺ چمي آيو، عزيز ڳاھو پنھنجي علائقي توڙي سنڌ جي ماڻھن جو آواز بڻجي اعليٰ ايوانن تائين انھن جي دانھن پنھنجي لفظن ذريعي پهچائيندو ھو.

عزيز ڳاھو صحافت جي شروعات ۱۹۸۶ع جي ڏھاڪي جي روزاني عبرت اخبار ۾ ڪوٽڏيجي جي رپورٽر طور ڪئي، عزيز ڳاھو جو لکڻ پڙھڻ سان تعلق ھو، ھو ان کان اڳ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو ھو، عزيز ڳاھو لڳ ڀڳ چاليھ سال صحافت ڪئي، ڪوٽڏيجي ۾ صحافت ڪرڻ دوران ڪيترن ئي پڙھيل لکيل نوجوانن جي تربيت ڪئي ۽ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪيا. ھن پنھنجي علائقي جي ماڻھن جي مسئلن کي جاگيردارن جي ڏاڍائين، بند پيل تعليمي ادارن، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ٻين عوامي سهولتن لا ڀرپور نموني سان پنھنجي قلم ذريعي عوام جي دردن کي وائکو ڪيو، عـزيز ڳاھو کي بھترين صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ۽ سٺ مضمون لکڻ تي ڪيترا ئي ايوارڊ مليا، انھن مان کيس APNS ايوراڊ ۱۹۹۷ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڏنو، ان کان اڳ استاد بخاري، سچل ايوارڊ، شاھ لطيف ايوارڊ، سخي صالح شاھ ايوارڊ سميت کيس ۳۰ کان وڌيڪ ايوراڊ مليا، صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران عـزيز ڳاھو مٿان ڪيترا ئي ڀيرا حملا پڻ ٿيا، ھر قسم جي رشوت ۽ لالچ ڏيڻ جي آڇ ٿي، پر ھن ڪڏھن به پنھنجي قلمي پورھئي تي سودو نه ڪيو، عزيز ڳاھو صحافتي تنظيمن لاءِ پڻ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ صحافين کي درپيش مسئلن کان وقت بوقت آگاھ ڪندو رھيو. عزيز ڳاھو ڪيترن ئي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رھيو. عبدالعزيز ڳاھو منھنجو سئوٽ ھجڻ سان گڏ بھترين استاد پڻ ھو، جڏھن به منھنجي ملاقات ٿيندي ھيس، ان وقت جيتري به ڪچھري ڪئي ته ان ۾ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهايو، عزيز ڳاھي کي عبرت سان دلي چاھ ھو، ان کان علاوه عزيز ڳاھو شاعري پڻ ڪئي، جيڪا لڳ ڀڳ پنجن ڪتابن تي مشتمل ٿيندي، سنڌ جو ناليوارو هي صحافي ٢٦ شوال المڪرم ۱۶۳۷ ھجري تي رات جو ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.

سندس ساروڻيون ياد ڪندي دل ڀرجي اچي ٿي پر سندس جو وڃڻ ان پاسي ٿيو آھي جتان ڪو به ورڻو ناھي پر سندس اخلاق محبت يادون اڄ به ذھن تي تازيون آھن، وسرن به ڀلا ڪيئن، اڄ خميس سندس چوٿين ورسي جو ڏينھن آھي، حالتن کي مدي نظر رکندي سندس ورسي سادگي سان خانداني فردن تائين محدود ڪئي وئي آھي، پر اسين پنھنجن دوستن مٽن مائٽن کي التجا ٿا ڪريون ته مرحوم جي روح کي ايثال ثواب لاءِ دعا ضرور گھرن، اسان جي رب پاڪ کان دعا آھي ته مرحوم کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ڏي.


عبدالعزيز ڳاھو

سينئر صحافي جي ياد ۾....!

وفا طارق عزيز ڳاھو

سنڌ ڌرتي ماتا جي ڪک ڪڏھن به اھڙن بھترين شخصيتن کان خالي ناھي رھي، جنھن پنھنجي پنھنجي شعبي ۾ رھي ڪري وڏو نالو ڪمايو آھي، ھڪ اھڙو ئي نالو اي پي اين ايس ايوارڊ يافته صحافي، سماج سڌارڪ ۽ هڪ بهترين سياستدان طور سڃاتو ويندڙ عبدالعزيز ڳاهو جو پڻ آهي، جنهن جي پيدائش ۱۹۵۴ع جي پھرين مھيني جي پھرين تاريخ تي سياري جي مند ۾ پير علي بخش شاھ جيلاني جي فقيراڻي طبيعت رکندڙ طالب فقير رسول بخش ڳاھو جي ڪوٽڏيجي تعلقي، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ غوث بخش ڳاھو ۾ واقع گهر ۾ ٿي. عبدالعزيز ڳاھو جي والد رسول بخش ڳاھو جو پنھنجي مرشد پير علي بخش شاھ جي خاص مريدن ۾ شمار ڪيو ويندو ھو "ڪن روايتن مطابق ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي مرشد جي روضي اندر ڪٺل حالت ۾ پڻ ملندو ھئو "جيڪا ڳالھ پوري علائقي ۾ مشھور آھي، جيڪو ھن موجودہ دور جو زندہ معجزو ڪري ليکيو ويندو آھي، مطلب ته ھڪ اھڙي فقيراڻي گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ عزيز ڳاھو لاءِ ڪڏھن ڪنھن شايد سوچيو به نه ھوندو ته عبدالعزيز ڳاھو اڳتي ھلي ملڪ جو نامور صحافي ھڪ سٺو سياستدان سماج سڌارڪ ۽ ڳاھو قوم جو سرواڻ طور نالو ڪمائيندو. 

بابا سائين عبدالعزيز ڳاھو پنھنجي حياتي دوران ڪچھرين ۾ ٻڌائيندو ھو ته سندس صحافت جي دنيا ۾ پير اسڪول واري دور ۾ پئجي چڪو ھو، هو نه صرف پ پ سان وابسته هو بلڪه ۱۹۶۹ع ۾ روزاني عبرت اخبار جو ڪنب شھر کان نمائندو مقرر ٿيو، انھن ڏينھن ۾ خيرپور رياست جي دور جو وزير شيخ بھاول الدين لاڏاڻو ڪري ويو ھو، جنھن جي خبر عزيز ڳاھو ٽيليفون تي اداري کي بروقت لکرائي ڇڏي، جيڪا ٻئي ڏينھن شيخ فوٽو سان وڏي ھيڊنگ سان لڳي، تنھن وقت عبرت اخبار جو چيف ايڊيٽر قاضي عبدالمجيد عابد ھو، بقول قاضي صاحب جي ته ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويھي ڪري ايترو باخبر رھڻ ھڪ سٺي صحافي جي نشاني آھي، قاضي عبدالمجيد عابد صاحٻ جلد ئي بابا سائين کي حيدرآباد گھرائي ان وقت جي ايڊيٽر خير محمد کوکر ۽ نيوز ايڊيٽر پروانو ڀٽي کي ھدايتون جاري ڪري اعزاز طور عبرت اخبار ۾ ڪوٽڏيجي جو تعلقي رپورٽر مقرر ڪرايو. قاضي عبدالمجيد عابد کان مليل ھيڏي ساري عزت، حوصلي افزائي، پيار ۽ اعتماد سبب ئي سموري زندگي عزيز ڳاھو عبرت اخبار کي ارپي ڇڏي ۽ آخري دم تائين عبرت اخبار سان خوب نڀايو. 

عبدالعزيز ڳاھو صحافت ۽ سياست کي عبادت سمجھندو ھو، صحافتي خدمتن عيوض عزيز ڳاھو کي ڪيترائي ايوارڊ مليا، جنھن ۾ اي پي اين ايس ايوارڊ ۱۹۹۱ع ۾ وزيراعظم نواز شريف ھٿان، شاھ عبداللطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ ۱۹۹۳ ع ۾ شاعر استاد بخاري ھٿان، سخي صالح شاھ ايوارڊ حميد سنڌي ھٿان، الڪبير اڪيڊمي پاران مڃتا ايوارڊ ميان غوث محمد گوھر ھٿان، پاڪستان مصور ڪائونسل پاران مڃتا ايوارڊ پرنس مير مھدي رضا ٽالپر ھٿان، گبول اتحاد پاران مڃتا ايوارڊ نبيل گبول ھٿان، علمي ادبي سماجي تنظيم بزم گلڻ پاران مڃتا ايوارڊ غلام رسول گلڻ ڄامڙو ھٿان ۽ مختلف وقتن تي مڃتا ايوارڊ پڻ ڪافي مليا ھئس، بابا عبدالعزيز ڳاھو کي زندگي جو سڀ کان وڏو ايوارڊ اي پي اين ايس ايوارڊ به مليو. 

ڳوٺ رند حاجاڻي ۾ ھڪ اھڙي خطرناڪ بيماري منھن ڪڍيو ھو، جنھن سبب سڄي ڳوٺ جي حالت انتھائي نازڪ ٿي وئي هئي، ۱۷ ـ۱۸ ماڻھو پڻ فوت ٿي چڪا ھئا، ديس واسين جي اھڙي حالت جي خبر پوڻ شرط عزيز ڳاھو ۽ ميان اظھر مولائي بروقت ڳوٺ رند حاجاڻي پھتا ۽ درد ناڪ منظر جي رپورٽ عزيز ڳاھو تصويرون ميان اظھر مولائي جي نالي سان عبرت اخبار ۾ شايع ٿيون، انھي وقت ھڪ سٺي صحافي ھجڻ ناتي عزيز ڳاھو پنھنجي ذميواري سمجھي انھن اٻوجھ مسڪين ماروئڙن مٿان آيل قدرتي آفت ۽ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن پاران ٿيل بي ڌياني سبب ڳوٺاڻن لاءِ وڌندڙ آزار کي گھٽ ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو، انھن خبرن جو نوٽيس اسلام آباد جي ايوانن تائين ورتو ويو، ان وقت جي ڊي ايڇ او خيرپور منظور اعواڻ پڻ صحافين تي ڏمرجي پيو پر عزيز ڳاھو انھي سموري واقعي جي دليري سان رپورٽنگ ڪئي ۽ سندس قلم جي طاقت رنگ لاتو، اسلام آباد کان صحت کاتي جي خصوصي ٽيم ڳوٺ رند حاجاڻي پھتي ۽ ڳوٺ ۾ ڪئمپ قائم ڪئي، جنھن ۾ خطرناڪ بيماري ڪانگو وائرس ظاھر ٿي، صحت کاتي اپاءَ وٺي وائرس تي ڪنٽرول ڪيو. اهڙي بھترين رپورٽنگ تي عزيز ڳاھو کي APNS ايوارڊ لاءِ منتخب ڪيو ويو. عزيز ڳاھو سان گڏ ميان اظھر مولائي، مليحه لوڌي، بي بي سي جي ظفر عباس ۽ ٻين ملڪي غير ملڪي صحافين کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو. 

عبدالعزيز ڳاھو سٺي صحافي ھجڻ سان گڏ بھادر، دلير، وفادار سچو کرو انسان، فيصلن جو مور، سخي مرد ۽ مھمانواز شخصيت، پڪي، سچي دوستي جو مالڪ پڻ ھو، صحافت کان علاوه عزيز ڳاھو سياست جي شروعات ۱۹۷۳ ڌاري سچل سرمست ڪاليج راڻيپور کان ڪئي، ان وقت تعليم سان گڏ ڪجھ دوستن سان گڏ سنڌ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، تڏھن مرڪز ۾ لاله قادر مسعود نوراني ھو، جڏھن ته ضلعي صدر نظر محمد ڳاھو ھو، ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ جلد ئي ضلعي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو، ان کان پوءِ جڏھن ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي سپاف ۾ تبديل ڪيو پيو ويو ته بابا سائين عزيز ڳاھو سان روشن پنھور، غلام مصطفي ڀٽو، نظر محمد ڳاھو، ايوب صديقي، قاضي شفيق احمد گڏجي سپاف جي پھرين ميٽنگ فردوس ھوٽل خيرپور ۾ ڪئي، مطلب ته بابا سائين عزيز ڳاھو سپاف جي بنيادي ميمبرن مان ھڪ ھو، جنھن سپاف جي پروگرام کي اڳتي وڌايو، سپاف جي سينٽرل ڪاميٽي ۽ ضلعي جي مختلف عھدن تي رھيو، ان کانپوءِ ان وقت جي پ پ پ ضلعي خيرپور جي صدر حاجي غلام رسول صديقي جنرل سيڪريٽري ھادي بخش لاڙڪ جي معرفت ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ محنت سبب ان وقت جي پ پ ڪوٽڏيجي جي صدر حاجي عطا محمد چانڊيو (مرحوم) بابا سائين کي يوسي جھنڊو مشائخ جي ديھ ننگريجا جو پ پ صدر مقرر ڪيو ويو، پ پ جي بنيادي ميمبر شپ واري مھم ۾ حصو وٺندي گھر گھر وڃي ماڻھن کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪيو. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان پڻ بابا سائين عزيز ڳاھو جون ڪافي ملاقاتون ٿيون، ايم آرڊي تحريڪ دوران ھڪ دفعي بابا سائين عزيز ڳاھو کي ۲۴ ڪلاڪ لاڪ اپ ۾ پڻ قيد ڪيو ويو.

اڳوڻي گھرو وزير منظور حسين وساڻ جي زندگي بچائڻ ۾ عزيز ڳاھو قلم جي طاقت سان اھم رول ادا ڪيو، ضياءُ الحق جي مارشل لا دور م منظور وساڻ کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان پوليس نارو واهه ۾ لوڙھڻ جي سازش ڪري رھي ھئي، ان وقت عزيز ڳاھو بھادري سان رپورٽنگ ڪري پوليس جي رٿابندي وائکي ڪئي ۽ ان وقت جي پوليس منظور وساڻ کي مجبور ٿي آزاد ڪيو، ان کان علاوہ وساڻ خاندان، جيلاني خاندان توڙي پ پ پ لاءِ سندس لازوال قربانين سان تاريخ ڀري پئي آھي، بابا سائين زندگي جا آخري ڏھاڙا پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ سابق ايم اين اي، ھاڻوڪي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي معاون خاص نواب علي وساڻ سان پ پ ۽ غريب ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاريا. صحافت ۽ سياست کان ھٽي ڪري بابا سائين عزيز ڳاھو جي ذاتي زندگي ۾ جھاتي پائڻ مان پتو پوي ٿو ته ٻھراڙي جي ڪچي مٽي جھڙي خوشبوءِ رکندڙ عزيز ڳاھو گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو، مرحوم پنھنجي سموري حياتي غريب ماڻھن جي مدد ۽ خدمت ڪندي گذاري، کيس هميشه ياد رکيو ويندو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا