; سنڌي شخصيتون: عبدالعزيز ڳاهو، صحافي، راهب ڳاھو، نور سنڌي، وفا طارق عزيز ڳاھو،
Showing posts with label عبدالعزيز ڳاهو، صحافي، راهب ڳاھو، نور سنڌي، وفا طارق عزيز ڳاھو،. Show all posts
Showing posts with label عبدالعزيز ڳاهو، صحافي، راهب ڳاھو، نور سنڌي، وفا طارق عزيز ڳاھو،. Show all posts

20 July, 2017

عبدالعزيز ڳاهو

عبدالعزيز ڳاهو

جاکوڙي صحافي جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان

راهب ڳاهو



هن جديد دور ۾ صحافتي شعبو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ۽ موجوده وقت صحافتي حوالي سان مقابلي جو رجحان تمام گهڻو پيدا ٿي ويو آهي، پوءِ چاهي اها اسلام آباد جي ايوانن جي صحافت هجي يا سنڌ جي ننڍن شهرن جي صحافت، انهيءَ شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هر روز پنهنجي پڙهندڙن کي نئين خبر ڏيڻ جي جستجو ۾ رهندا آهن ۽ چاهيندا آهن ته اهي اهڙي خبر ڏين، جيڪا ٻين اخبارن، ٽي وي چينلز يا ريڊيو تي نه هجي، انهن جاکوڙي صحافين مان عبدالعزيز ڳاهو (مرحوم) به هڪ آهي. اڄ سندس ياد انتهائي گهڻي ستائي رهي آهي، سندس صحافتي ۽ سماجي خدمتون اڌما ڏئي ٻاهر اچي رهيون آهن.