محمد اسحاق ابڙو
لياقت راڄپر
مون کي
به قدرت اهو اعزاز بخشو آهي ته منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو آهي، جتي ننڍپڻ کان وٺي
رٽائرمينٽ تائين ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات، ڪچهريون ۽ علمي، ادبي، ثقافتي گڏجاڻين
جي ذريعي تمام گهڻي معلومات حاصل ٿي آهي. هنن شخصيتن منجهان هڪ دوست مرحوم محمد
اسحاق ابڙو به آهي، جنهن سان منهنجي دوستي ان جي ڪري به گهري ٿي ته اسان ۾ ذهني هم
خيالي هئي، خاص ڪري انگريزي ٻوليءَ سان لڳاءُ، انگريزي فلمن سان دلچسپي، موسيقيءَ
سان پيار ۽ علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ، هو هڪ سٺو Athlete هو، جنهن جو چوڻ هو ته Athlete is mother of
games، جڏهن به 23 مارچ يا وري 14 آگسٽ ملهائي
ويندي هئي ته ان موقعي تي لاڙڪاڻي ميونسپل Stadium ۾ هو راندين جو بندوبست ڪندو هو.
هڪ اهڙي
ئي پروگرام دوران ڊپٽي ڪمشنر محمد عارف خان تقرير ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي کي چار ماڻهو
هلائي رهيا آهن، جن ۾ هڪ نالو منهنجو ۽ ٻيو اسحاق ابڙي جو به هو. فلمن سان شوق جي ڪري
هن پنهنجي پاڙي جي هڪ پلاٽ تي نذر پاڙي ۾ جيڪو هن جي هڪ وڏي ميدان تي جوڙيل آهي،
اتي قلو پطره نالي سان سئنيما ٺهرائي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سڀني دوستن ڪوڏر
هڻي شروعات ڪئي، جنهن المنظر سئنيما جو مالڪ مرحوم عبدالفتاح عباسي ۽ مان به هئس.
تقريبن هر شام جو مان هن وٽ سئنيما تي ويندو هئس، ڪجهه فلم ڏٺم نه ته اڪثر اسان گڏجي
شطرنج کيڏندا هئاسين يا وري هو مون کي ننڍڙو پيانو وڄائي ڏيکاريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن
هو بينجو به وڄائيندو هو.
اسحاق
ابڙي جي زندگي تمام گهڻي متحرڪ ۽ گهڻ رخي هئي ۽ هو هر شوق لاءِ خبر ناهي ته ڪيئن
وقت ڪڍندو هو. جڏهن به ملندا هئاسين ته انگريزي اخبار ڊان، انگريزي ريڊر ڊائجسٽ ۽
اسپوٽنڪ (Sputnik) ڏسجڻ ۾
آيل آرٽيڪل ۽ ڏنل ڄاڻ تي بحث ٿيندو هو. اسان هڪ ٻئي کان ان ۾ آيل ڏکين لفظن جي
معنيٰ تي غور ڪندا هئاسين. هن جو اهو مشن هو ته هو پنهنجي نئين نسل کي راندين ڏانهن
ڌيان ڏياري ۽ تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ هو هن واعدي سان
زندگي جي آخر سال تائين قائم رهيو.
هن جو
خاندان تڏهن کان لاڙڪاڻي شهر ۾ آباد آهي، جڏهن محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو هو. هن جا وڏا
سعودي عرب کان هجرت ڪري لاڙڪاڻي پهتا هئا. هن جو ڏاڏو حاجي گهنور خان علائقي جو وڏو
زميندار هو، جيڪو سن 1955ع ۾ گذاري ويو، جنهن لاءِ چوندا هئا ته هو جڏهن ڪنهن ميلي
ملاکڙي ۾ ويندو هو ته اتي پنهنجي ذهانت ۽ همت ضرور ڏيکاريندو هو ۽ خاص ڪري گهوڙو ڊوڙائيندي
مٿي تي پٽڪو پائڻ جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کان داد حاصل ڪندو هو ۽ ان لاءِ ماڻهو هن
کي Horse man سڏيندا هئا. سندس کي غريب ماڻهن
جي خدمت ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي هئي. اسحاق جو والد مظهر علي ابڙو جيڪو سن 1913ع ۾ لاڙڪاڻي
شهر ۾ پيدا ٿيو.
مظهر
ابڙو تمام سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل شخص هو، جنهن بي اي جو امتحان عليڳڙهه يونيورسٽي
مان پاس ڪيو. هو پنهنجي وڏن وانگر زمينداري سان سلهاڙيل رهيو پر تنهن هوندي به هن
کي غريبن سان محبت هئي، ان لاءِ هن لطيف ڪالوني قائم ڪرائي جيڪا اڄ به موجود آهي،
جنهن جو افتتاح ذوالفقار علي ڀٽي ڪيو هو. هو ڪرڪيٽ جو وڏو شوقين هو ۽ هڪ سٺو
رانديگر هو. هن کي انگريزي ٻوليءَ سان پڻ وڏي دلچسپي هئي. مظهر ابڙي چاهيو هو ته
هن جو پٽ ڊاڪٽر ٿئي پر هو رانديگر ٿيو، وڪيل ٿيو ۽ وغيره وغيره. مظهر خان کي
انگريز سرڪار طرفان ڊي ايس پي ٿيڻ لاءِ چيو ويو، جيڪا آفر هن قبول نه ڪئي. هن بزنس
ڪرڻ به ٿي چاهيو پر خاص ڪري هن سارين جي واپار ۾ دلچسپي ورتي، پر ان وقت جي
واپارين هن کي اڳتي اچڻ نه ڏنو. هن جي دوستي هميشه پڙهيل لکيل ماڻهن سان رهي.
افسوس جو ڪنهن دشمنيءَ سبب هن کي 1965 ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.
هاڻي
اسحاق ابڙي جي زندگي ڏانهن موٽندي اوهان کي ٻڌايان ٿو ته هو شاعر به هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن
گلوڪاري به ڪندو هو. لکڻ سان به وڏو چاهه هئس ۽ هن جو کليل ڪتاب ”قلوپطره ڪي
مهمان“ کي نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان ٽيون مبر انعام ڏنو ويو هو، جڏهن ته هن جو ٻيو
ڪتاب آهيMy hundred poems باقي هڪ ڪتاب Greek
mythology جو مسودو تيار ٿيل اٿس، جنهن
کي جلد هن جو وڏو پٽ زاهد ابڙو ڇپرائي پڌرو ڪندو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي شعبن
۾ پاڻ مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن لاڙڪاڻي شهر جي مرڪزي حصي پاڪستان چوڪ تي هڪ جنرل اسٽور
پڻ کوليو، جيڪو 1970ع کان 1979ع تائين هلايو. هن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ جيڪا
شاعري ڪئي آهي، جيڪڏهن ان کي به منظرعام تي آندو وڃي ته بهتر ٿيندو.
قلو
پطره سئنما ٺاهڻ لاءِ هن ڪراچيءَ مان ختم ٿيل سئنيما Capital جو فرنيچر ۽ مشين خريد ڪئي ۽ باقي پلاٽ ته هن جو پنهنجو هو، هن
پنهنجي راندين جي دلچسپي Cycling کان شروع ڪئي،
جڏهن هو 1955ع ۾ اسڪول ۾ پڙهندو هو پر پنهنجي دوست منظور بگٽي جي چوڻ تي throw
Hammer ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ابتدائي ڪاميابي
94 فٽ Hammer اڇلائي حاصل ڪئي ۽ اهو زمانو
هو 1959ع جو. هن ويهن سالن جو رڪارڊ 1966ع ۾ 147 فوٽ هيمر اڇلائي ٽوڙيو، جيڪو سجاد
بٽ وٽ هو. هن کي سنڌ اميچر ايٿليٽڪ ايسوسيئيشن سنڌ جو سکر ڊويزن لاءِ سيڪريٽري پڻ
مقرر ڪيو ويو، جتان هو 1976ع ۾ رٽائر ٿيو، وري ٻيهر هن کي 1983ع ۾ ساڳي ايسوسيئيشن
جو وائيس پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ جڏهن 1988ع ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن ٺهيو ته اتي سيڪريٽري
جي پوزيشن تي رکيو ويو. هن 1986ع ۾ لاڙڪاڻو ايٿليٽڪ پرو موٽرز گروپ قائم ڪيو، جنهن
جو هو باني سيڪريٽري هو.
اسحاق
ابڙو ڪجهه وقت وڪالت ڪندي گذاريو، پر هن جي مزاج ۾ اهو ڪم سمائجي نه سگهيو ۽ اها
پريڪٽس ڇڏي سڄو ڌيان راندين ڏانهن ڏيڻ شروع ڪيو. هن ٽي شاديون ڪيون، جن مان هن کي
8 پٽ ۽ 8 نياڻيون ٿيون، جن کي راندين ۾ به مصروف رکيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي وڏي ڪشاده
گهر ۾ راندين لاءِ ٽريڪ ٺهرايو ۽ گهربل سامان ورتو، نه صرف ٻارن کي پر ان جي ننڍڙن
۽ ننڍڙين کي راندين جو حصو بڻايو. هن پنهنجي اولاد جي تمام سٺي تربيت ڪئي، جن اسڪول،
ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تي رڪارڊ جوڙيا. هو لاڙڪاڻي شهر ۾ گورنمينٽ آرٽ اينڊ ڪامرس
ڪاليج ۾ به پڙهائيندو هو.
هو 11
سيپٽمبر 1939ع تي پنهنجي ڳوٺ نظر محلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي پرائمري
تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ 1955ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪري
بي اي جي ڊگري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان هاصل ڪئي، ايل ايل بي سنڌ مسلم لا ڪاليج
ڪراچيءَ مان 1968ع پاس ڪئي. هن ايم اي انگريزي ۽ انٽرنيشنل مضمونن ۾ ڊگريون حاصل ڪيون.
راندين جو رجحان هن جي خاندان ۾ وڏن کان ئي هو. اسحاق ابڙي جون خدمتون راندين جي
ميدان ۾ قابل تعريف آهن، جنهن جو ثبوت اهو آهي جو هن پنهنجي والد جي نالي تي ”مظهر
ڪاليج آف فزيڪل ايجوڪيشن“ لاڙڪاڻي شهر ۾ قائم ڪيو، جيڪو 2007ع ۾ ڪن سببن جي ڪري
بند ٿي ويو.
زندگيءَ
کي ته هڪ ڏينهن پورو ٿيڻو آهي، پر هن جو روح مطمئن هوندو ته هن ماڻهن جي خدمت لاءِ
ڪٿي ڪم ڪيا. راندين سان آخر تائين دوستي ۽ محبت جي ڪري هن کي دل جي بيماري نه ٿيڻ
گهرجي ها، پر پوءِ هن مرض جي ڪري هن کي لاڙڪاڻي جي دل جي وارڊ ۾ 2006ع ۾ فيبروري
مهيني جي آخر ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ اتفاق سان منهنجو به وڃڻ ٿيو هو ۽ مان هن سان ملڻ
لاءِ اسپتال ويو هئس ۽ هو تمام گهڻو خوش ٿيو هو، پر جڏهن ٻئي ڏينهن صبح جو 26
فيبروري تي هڪ دوست فون ڪئي ته اسحاق صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن ڪجهه وقت مون
تي ڏک جا ڪڪر آڻي ڇڏيا، وقت ايترو ته تيزي سان گذري وڃي ٿو جو خبر ئي نه ٿي پئي،
پر هن جون يادون ۽ خدمتون اڃا تائين اسان جي ذهن ۽ دل ۾ محفوظ آهن، اسان هن کي
خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا