; سنڌي شخصيتون: محمد، اسحاق ابڙو، لياقت، راڄپر،
Showing posts with label محمد، اسحاق ابڙو، لياقت، راڄپر،. Show all posts
Showing posts with label محمد، اسحاق ابڙو، لياقت، راڄپر،. Show all posts

22 July, 2017

محمد اسحاق ابڙو- لياقت راڄپر

محمد اسحاق ابڙو
لياقت راڄپر
مون کي به قدرت اهو اعزاز بخشو آهي ته منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو آهي، جتي ننڍپڻ کان وٺي رٽائرمينٽ تائين ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات، ڪچهريون ۽ علمي، ادبي، ثقافتي گڏجاڻين جي ذريعي تمام گهڻي معلومات حاصل ٿي آهي. هنن شخصيتن منجهان هڪ دوست مرحوم محمد اسحاق ابڙو به آهي، جنهن سان منهنجي دوستي ان جي ڪري به گهري ٿي ته اسان ۾ ذهني هم خيالي هئي، خاص ڪري انگريزي ٻوليءَ سان لڳاءُ، انگريزي فلمن سان دلچسپي، موسيقيءَ سان پيار ۽ علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ، هو هڪ سٺو Athlete هو، جنهن جو چوڻ هو ته Athlete is mother of games، جڏهن به 23 مارچ يا وري 14 آگسٽ ملهائي ويندي هئي ته ان موقعي تي لاڙڪاڻي ميونسپل Stadium ۾ هو راندين جو بندوبست ڪندو هو.