; سنڌي شخصيتون: استاد جان محمد بلوچ- قاسم ڪيھر

26 July, 2017

استاد جان محمد بلوچ- قاسم ڪيھر

استاد جان محمد بلوچ
قاسم ڪيھر
لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل سان تعلق رکندڙ تعليمدان، معزز شخصيت ۽ غريب نواز ماڻهو، جان محمد بلوچ عرف استاد جان محمد بلوچ، ڪالھ صبح ايس آءِ يو ٽي ڪراچيءَ ۾ مختصر علالت بعد 86 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جي جسد خاڪي کي آڻي، سندس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾، رات مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ تر جي ڪيترين ئي معزز شخصيتن، تعليمدانن، اديبن، استادن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. تعزيتون وصول ڪرڻ لاءِ ڳوٺ عاقل ۾ تڏو وڇايو ويو آهي.


مرحوم جان محمد بلوچ 17 جنوري 1931ع تي ڳوٺ عاقل ۾ هڪ غريب پورهيت جي گھر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم به ساڳئي ڳوٺ عاقل ۾ حاصل ڪئي. هن جي ڪُل تعليم لاڙڪاڻي ضلعي اندر پهرين پوزيشن سان ورنيڪيولر سنڌي فائنل هئي. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هن کي ميرٽ جي بنياد تي، پرائمري استاد جي نوڪري ملي ۽ هو سڄي عمر تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. جتان هن 30 سالن جي سروس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، سال 1985ع ڌاري ريٽائرمينٽ ورتي. هُو پنهنجي تر ۽ ڳوٺ جو، تعليم جي شعبي ۾ آيل سڀ کان پهرين ٻن استادن مان هڪ هيو.
استاد جان محمد بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي نرالي انداز رکندڙ شاعر، زيب عاقليءَ جو انتهائي ويجھو ۽ پيارو شاگرد رهيو. هن ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ نائب استاد ۽ هيڊ ماستر طور، پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جنهن دوران هو سنڌ جي موجوده تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو، سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، سنڌ جي معاشي ماهر ۽ مهراڻ يونيورسٽي سنڌ جي اڳوڻي پروفيسر مشتاق ميراڻي، اديب ۽ تاريخدان جيئل راءِ اوڏ، واپڊا جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊئريڪٽر ڪنسٽرڪشن انجنيئر اعجاز احمد گاد، ثقافت کاتي جي اڳوڻي ڊئريڪٽر مشتاق احمد گاد ۽ تر جي ٻين تمام گھڻن اهل علم شخصيتن جو استاد رهيو.
مرحوم استاد جان محمد بلوچ، پنهنجي سموري عمر نوجوانن، خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي نه صرف گھڻو ڌيان ڏنو پر جاگيرداري نظام جي ان پراڻي دور ۾ به نياڻين جي تعليم جو ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ان ڏس ۾ هن سڄي عمر، تر جي غريب ٻارڙن کي، خاص طور تي نياڻين کي، مفت ۾ پنهنجي گھر اندر، تعليم ڏيڻ جو سلسلو، پنهنجي آخري ڏيهاڙن تائين جاري رکيو. هن پنهنجي ڳوٺ عاقل ۽ تر جي سمورن ڳوٺن ۾، نوجوانن کي نشي ۽ ٻين سماجي براين کان بچائڻ لاءِ، انفرادي طور ڪوششون وٺي، تعليم ۽ راندين جھڙن مشغلن کي، تمام گھڻي هٿي وٺرائي.
جان محمد بلوچ، هڪ مسڪين ڪُٽنب مان نه صرف پاڻ پڙهي نڪتو پر پنهنجن شاگردن سان گڏ، پنهنجن پُٽن، پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن، ڏوهٽين ۽ پنهنجي قبيلي جي فردن کي پڻ تعليم يافته بڻائڻ لاءِ آخري گھڙين تائين جاکوڙيندو رهيو.

سندس سوڳوارن ۾، سندس وڏو پٽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ريٽائرڊ پروفيسر انجنيئر بدرالحق بلوچ، موجوده ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر عبدالرحمان بلوچ، انجينيئر طارق بلوچ ۽ سندس ڪهول جا ڪيترا ئي پڙهيا لکيا ۽ باشعور نوجوان شامل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا