استاد جان محمد بلوچ
قاسم ڪيھر
لاڙڪاڻي
جي ڳوٺ عاقل سان تعلق رکندڙ تعليمدان، معزز شخصيت ۽ غريب نواز ماڻهو، جان محمد
بلوچ عرف استاد جان محمد بلوچ، ڪالھ صبح ايس آءِ يو ٽي ڪراچيءَ ۾ مختصر علالت بعد
86 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جي جسد خاڪي کي آڻي، سندس اباڻي ڳوٺ جي
قبرستان ۾، رات مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ تر جي ڪيترين ئي معزز
شخصيتن، تعليمدانن، اديبن، استادن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. تعزيتون وصول ڪرڻ لاءِ ڳوٺ
عاقل ۾ تڏو وڇايو ويو آهي.