; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - فقير عنايت ھيسباڻي

22 July, 2017

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - فقير عنايت ھيسباڻي

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
جھوني جوڳيءَ جي ياد
فقير عنايت ھيسباڻي
اڄ ان کري، سچي ۽ ارڏي انسان جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن جي ذريعي استحصالي قوتن جا ڪرتوت سڄي ڄمار ظاهر ڪندو رهيو. اهو هو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، جنهن جا ڳڻ، ڳالهيون، گفتا ۽ ڪچهريون وسرڻ جهڙيون ناهن. سندس وڇوڙي کي 16 اپريل تي (اڄ) چار سال پورا ٿيا. سندس تحريرن ۽ تقريرن جا شاهد اهي ڪتاب آهن، جيڪي هو اسانکي املهه ماڻڪ طور ڏيئي ويو. ڪامريڊ سياست جي شروعات خاڪسار تحريڪ سان ڪئي. علامه مشرقيءَ جي اصولن موجب بيلچو ڪلهي تي رکي ”چپ راست“ ”چپ راست“ رستن تي ڪندو رهيو. ان کانپوءِ سنڌ هاري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. پاڻ کي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي سڏرائيندو هو. 1944ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي آفيس ميرپورخاص ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان گڏ قائم ڪري هاري حقدار جو آواز بلند ڪيائين، هن شهيد مائي بختاور هارياڻي جو ڪيس لڙيو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد رکڻ وارن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ به شامل آهي. هي سنڌ صوبي جي پارٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو.


ڪامريڊ پنهنجي پراڻن دوستن، جيل جي ساٿي ڪامريڊن سان برادري ۽ ڀائپي جهڙو رشتو رکيو آيو، انهن سان ڪڏهن به پنهنجو ناتو نه ٽوڙيائين، انهن جي غمي ۽ خوشيءَ ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو. حال سارو انهن جي پرگهور به لهندو هو. ايستائين جو پنهنجي پراڻي دوست گلاب راءِ سان وڃي ڪلڪتي ۾ ملاقات ڪري آيو. هند ۽ سنڌ جو هو سيلاني هو، سڄي سنڌ پيو گهمندو هو. ڪامريڊ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”آئون نبي ڪريم حضرت محمد صه جو شيدائي آهيان، جنهن فرمايو ته آئون روز محشر ۾ مسڪينن سان گڏ هوندس. اهو مسڪينن لاءِ وڏو اعزاز آهي.“ آئون امام حسين عه جو شيدائي آهيان، جيڪو يزيد جي اڳيان پيش نه پيو ۽ ڪربلا جي رڻ ۾ شهادت ماڻي.
ڪامريڊ جا جيڪي ٻيا هيرا هئا، انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، امام الهندو مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا حسرت موهاني، امر ڀڳت سنگهه، امر هيمو ڪالاڻي، جهانسي جي راڻي، سباش چندر بوس، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محترم جي ايم سيد شامل آهن. ڪامريڊ چوندو هو ته مولا! ”سوڀو“ وزير ڪر، مولا! اي ڊي خواجه کي سنڌ جو آءِ جي ڪر....ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي ته بنا وزير ٿيڻ جي لاڏاڻو ڪري ويو. ڪاش اڄ ڪامريڊ هجي ها ته اي ڊي خواجه کي آءِ جي ڏسي ڏاڍو خوش ٿئي ها، ۽ اي ڊي خواجه سان جيڪا روش جاري آهي، ان تي ڪامريڊ وڏو احتجاج ڪري ها. وسيع مطالعي جي ڪري ڪامريڊ کي تقرير ڪرڻ جو وڏو فن هو. ڪامريڊ جو نعرو هو ”سچ ته بيٺو نچ“ ڪامريڊ پنهنجي ڪتابن ۾ ڪڙو سچ لکيو آهي. مرحوم علي احمد بروهي صاحب ڪامريڊ جي باري ۾ لکيو آهي، ”جس آهي ڪامريد مير محمد کي جو ڪامريڊ به سڏائيندو ٿو رهي ۽ ان سان گڏ ڪامريڊ جي حرمت حيا ۽ ڀرم پڻ رکندو اچي. آئون نٿو سمهان ته ڪامريڊ عمر ڀر پنهنجي لقب القاب (ڪامريڊ) تي ڪا ميار اچڻ جو ڪنهن کي موقعو ڏنو هوندو. هن پنهنجي وس ۽ وت آهر سموري زندگيءَ جي سيڙپ ڪامريڊ ٿي گذر سفر ڪرڻ ۾ ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن کيرون لهڻيون.“

ڪامريڊ جي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ جي رونمائي جو فنڪشن حيدرآباد جي پريس ڪلب ۾ تاريخ 19 جولائي 2002ع تي ٿيو. هن پروگرام جي صدارت ڪامريڊ چي گويرا جي تصوير کان ڪرائي. تقريب جي صدارتي تقرير ۾ سنڌ جي محقق مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چيو ته، ڪامريڊ جو ڪتاب سنڌ جي 50 سالا تاريخ جو آرڪائيوز آهي. قومي اڳواڻ مرحوم سيد امداد محمد شاهه خطاب ڪندي چيو ته: آئون جن ماڻهن کي ننڍي هوندي ٻڌندو ٿو اچان، انهن مان هاڻي وڃي مير محمد بچيو آهي، جيڪو سچ ڳالهائڻ جي سگهه رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مان بيمار هوندي به اچي حاضر ٿيس، حالانڪه بابا سائين (جي ايم سيد) جي ورسي ۾ به ڪمزور هجڻ سبب شريڪ نه ٿي سگهيو هيس.“

No comments:

راءِ ڏيندا