; سنڌي شخصيتون: مولوي حاجي احمد ملاح

20 July, 2017

مولوي حاجي احمد ملاح

مولوي حاجي احمد ملاح
ورسيءَ جي مناسبت سان
محمد سليمان وساڻ
اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم شخصيت جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ڪو نه ڏنو هو۔ اڄوڪي ڏينهن ۱۹ جولاء ۱۹۶۹ع تي مشهور سنڌي عالم ۽ شاعر مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هن عظيم هستيء کي سلام پيش ڪيون ٿا۔


سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. انهن عظيم هستين مان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي۔
حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ۱۱ فيبروري ۱۸۷۷ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو۔ هو پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم، شارح ۽ شاعر ٿي گذريو آهي۔ هو سنڌ ۾ رائج جهالت وارين رسمن جي خلاف کُلي عام شاعري ڪندو هو۔ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ بيت ۽ شاعري ڪئي پر سندس نرالو ڪم قرآن شريف جون نظم ۽ شاعريء ۾ ترجمو ڪرڻ هو۔ جيڪو نورالقرآن جي نالي سان مشهور آهي۔

نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير،
سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير،
کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾،
نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير.

ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت،
ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت،
لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير،
ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير،
سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم،
داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم،
نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


احمد ملاح
لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر، مولوي ۽ حاجي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
سنڌ جي هن ناليواري عالم، شاعر حاجي احمد ملاح، ۱۱ فيبروري ۱۸۹۶ع تي روپا ماڙيءَ جي آمهون سامهون تعلقي بدين جي ڳوٺ ڪنڊو ۾ جنم ورتو، سندس والد نانگيو ملاح هڪ هاري هيو، ماءُ جو نالو سڀائي هئس، حاجي احمد ملاح جو والد سندس ڄمڻ کان پوءِ چند سالن ۾ وفات ڪري ويو، مال چارڻ جي ڪم کي ناپسند ڪندي هو يارهن سالن جي عمر ۾ ئي علم جي تحصيل لاءِ سرگردان ٿيو، پهريائين قرآن پاڪ حاجي عبدالله مينڌري واري وٽ پڙهيائين ۽ پوءِ مولوي محمد هاشم ڪڇي وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين ۽ ان کان پوءِ نانگو شاهه جي مدرسن ۾ عربي، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ کي پڙهيائين.
احمد ملاح ننڍپڻ کان ئي شاعري شروع ڪئي جنهن ۾ اڳتي هلي مختلف مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ ۽ عالمن ۽ شاعرن جي صحبت سان پختگي پيدا ٿيندي رهي، سندس شاعريءَ ۾ حياتيءَ جي جدوجهد، طبيعت جي بهادري، سچائي، ايمانداري، اخلاق ۽ مذهبي عقيدي جي مظبوطي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو هڪ بي ڊپو ۽ بهادر انسان هو سندس ننڍ پڻ مسڪينيءَ ۾ گذريو ته آخر تائين حياتي مشڪلن کي منهن ڏيندي گذري ته به طبع ۾ حليم ۽ خدا پاڪ تي توڪل رکندڙ هيو وڏي ڄمار حاصل ٿيس ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات مهل ۹2 سالن جو هو، آخري ٻه سال ڪافي بيمار پڻ هو باقي هن سڄي حياتي صحتمند ڪٽي هئي، مدرسي مظهر العلوم ۾ پڙهائيندو هو ۽ پوءِ مدرسي انوار العلوم جو بنياد پڻ ۱۹32ع ۾ رکيائين هن سياست ۾ پڻ حصو ورتو تحريڪ خلاف ۾ پڻ حصو ورتائين سندس جو شيلي شاعريءَ انگريزن خلاف نفرت پڙڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مولوي صاحب جي حياتيءَ جا ٻه دور اهم آهن هڪ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۴۷ع تائين ۽ ٻيو ۱۹۴۷ع کان ۱۹۶۹ع تائين انگريز سرڪار جي دور جون حالتون پاڪستان هندوستان جو ٺهڻ ۽ ملڪي سياسي حالتون ۽ باغيانه خيال سندس شاعريءَ ۾ بلڪل چٽا پسجن پيا، کيس انگريز دور ۾ جيل نيو ويو ۽ قيد ۾ پڻ کيس ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون. انگريزن جي خلاف سڄي هندوستان ۾ تحريڪون عمل ۾ آئيون، پير صاحب پاڳاري جو ڦاسي چڙهڻ، ڀڳت ڪنور رام ۽ الله بخش سومرو جو شهيد ٿيڻ ۽ حُرن جي جنگ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جون مارشلائون، ون يونٽ، بنگلاديش جدا ٿيڻ لاءِ تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون قومي ۽ بين الاقوامي حالتون جن کان سندس شاعري متاثر ٿي، سي شاعريءَ ۾ واضح طور ڏسجن پيون. مولوي احمد ملاح جو شمار سنڌي ادب جي اهم شاعرن ۾ ٿيئي ٿو، هن بيشمار بيت، غزل، ڏوهيڙا، ڪافيون، وايون، مولود، مداحون ۽ مناجاتون چيا آهن، کيس فارسي، عربي، سرائيڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي مهارت حاصل هئي، خاص طور فارسي شاعريءَ کان متاثر هيو ۽ عربي ادب جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين.
“نور القرآن”، قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو سندس اهڙي ڪاوش آهي جنهن کي نه فقط هن صديءَ ۾ پر هميشه مڃتا ملندي رهندي اهو ترجمو سندس محنت ۽ علميت جو دليل ۽ وڏي ديني خدمت آهي، هن ترجمي معرفت مولوي صاحب نه فقط عربي زبان جي اکرن جو ترجمو ڪيو آهي پر قرآن پاڪ جي حڪمن ۽ هدايتن کي پر اثر انداز سان نظمي ويس ڍڪائي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ترين ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هي ترجمو ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيو پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ اهو هن ريت لکيو اٿن،
پنجونجاهه کان پوءِ پيم پهه ترجمي سنڌيءَ سندو،
عمر پوري پنجهٺ ۾ ترجمو ٿيڙو تمام.
هيءُ قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت جي صورت ۾ آهي مولوي صاحب بيت جي صنف کي هن ترجمي لاءِ موزون سمجهيو ۽ سڄو مڪمل ترجمو بيت جي صورت ۾ ٿيوآهي، مولوي صاحب جا نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن “معرفت الله”، “گلزار احمد”، “گلشن احمد”، “هيڪڙائي حق”، “فتح لنواري”، “شرڪ چٽ”، “بياض احمد”، “پيغام احمد”، “ديوان احمد”، “نور القرآن” ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندن فن تي پڻ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن ڪم ڪيو آهي جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، علامه قاسمي، شمشير الحيدري ۽ ٻيا آهن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ملاح مولوي صاحب جي باري ۾ پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو، “مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” لکي سنڌيونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، تاج جويو سندن جي باري ۾ “موحد شاعر: مولوي حاجي احمد ملاح” ڪتاب ترتيب ڏنو جيڪو ماڻڪ موتي تنظيم شايع ڪيو. هو توحيد جو مبلغ هيو، لنواري شريف ۾ خواجه محمد زمان جي درگاهه تي نقلي حج ٿيندڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن بدعت خلاف جهاد ڪيو.
احمد ملاح سنڌ جو هڪ بي نظير شاعر ۽ عالم هيو، سندس شاعري سنڌي سماج جي ثقافتي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي قدرن جي ڄاڻ ڏئي ٿي، هن جو دور هڪ صديءَ تي محيط آهي ۽ سندس شاعريءَ ذريعي سنڌ جي پوريءَ هڪ صديءَ جي تاريخ جڙي ٿي ڪيترائي واقعاتي ۽ تاريخي شعر ملاح جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. احمد ملاح جي شاعري سندس اندر جي اُڌمن جو برجستو اظهار آهي هو فطررتاً حساس ۽ مٺيءَ دل وارو ماڻهو هو جنهن کي نه فقط مذهب ۾ ٻيا ئي ناپسند هئي پر حياتيءَ جي هر رويي ۾ سچائي، سادگي ۽ سٻاجهائي پسند هئي سندس شاعري لغت جو وڏو خزانو آهي وٽس لفظن جا اڻ ملهه انبار ۽ تجنيس حرفيءَ جا سهڻا ڪمال آهن، جيئن مثال طور،
دم ڪو آهيون، خواب آهي يا خيال،
هي بزرگيون بادشاهيون، خواب آهي يا خيال،
خاڪ ٿيندا خاڪ ۾، خاقان توڻي خان سڀ،
هي خوشيون هي نگاهيون، خواب آهي يا خيال،
هي حڪم هي حڪمتون، هي حرف توڻي حرفتون،
شغل شاديون شوق شاهيون، خواب آهي يا خيال.
مولوي احمد ملاح قادر الڪلام شاعر هو، سندس شاعراڻين خوبين کيس اعليٰ مقام عطا ڪيو نظم جي تقريباً هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين ته نثر ۾ پڻ وڏو اهل قلم هو، سندس ڪلام فصاحت بلاغت ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي فنڪارن هن جي ڪلام کي ڳايو آهي.
حُسن وارا ڪيئن هزارين منجهه هينين تون هيڪڙو،
جاءِ بجاءِ گڏ جانءِ جاني جينين تون هيڪڙو.
(احمد ملاح)



مولانا حاجي احمد ملاح
اشرف عبدالله ميمڻ
سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. سنڌڙي پنهنجن سپوتن ۽ محب وطن  کي سچائي ۽ ساڃاهه جي ستي پيارڻ سان گڏوگڏ محبت، اخوت، ڀائپي ۽ همدردي جهڙن قيمتي اوصافن جو دامن مضبوطي سان پڪڙڻ جي هدايت ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ کين سنڌڙيءَ جا هڙئي لاڏلا سندس ماتا جي حڪم ۽ فرمان جي تابعداري ڪندي مشڪل پنڌ کي سوکو ۽ آسان بڻائي ويا آهن. انهن منجھان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي.
حاجي احمد ملاح لاڙ جي شهر بدين ۾ تڏهن اک کولي جڏهن جهالت جو جهان اڏيل هو سوين بلڪه هزارين ان نڀاڳ جي ٻيڙي تي سوار هئا. هن سماج جي ماڻهن اسلامي احڪامن جي وڏي هيراڦيري ڪئي ۽ بدعت پکيڙي حاجي احمد ملاح  ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪٽر ويري هو. بدعت جهالت جي ڪوڙن رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ وهمن توڙي وسوسن کان ماڻهن کي آجو ڪرڻ جي لاءِ مولانا صاحب پاڻ پتوڙيو. مولوي صاحب وڏو شاعر، متقي، پرهيزگار ۽ عالم هو. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي. مولوي صاحب جو وڏو ڪارنامون سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن شريف جو ترجمون آهي.  مولوي صاحب پنهنجي سموري زندگي حق تعاليٰ جي وحدانيت جي پرچار ڪندي گذاري ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن ۾ خدا جي وحدانيت جو شعور ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ مشهور شعر جو مصرع آهي ته:
نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير،
سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير،
کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾،
نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير.



مولوي احمد ملاح
سنڌ جو باڪمال عالم ۽ شاعر
رکيل مورائي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪائنات جو خالق مهربان آهي، ان ڪري ئي نه هن ذرتيءَ کي هڪ کان وڌيڪ اعزاز بخشا اٿائين. خاص طور هن ڌرتي کي هُن جيڪي اعزاز بخشا آهن، انهن مان سنڌ جا پهاڙ، سمنڊ، ٿر ۽ زرعي حصا اهڙا اعزاز آهن، جن سنڌ کي سدائين خوشحال رکيو آهي، ٻئي طرف سنڌ لاءِ ڀٽائي خود هڪ اعزاز آهي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جون ڪيتريون علمي، ادبي ۽ ڏاهپ رکندڙ شخصيتون پڻ سنڌ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن.
علمي ادبي حوالي ۾ قدرت ٿر سان جيڪي ڀال ڀلايا آهن، اهي ڪيترن نالن جي روپ ۾ ظاهر آهن، لاڙ سان جيڪا قدرت جي لنئون لڳل آهي، انهيءَ جو اندازو ان شخص مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو لاڙ جي لالڻن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ بنهه نرالو آهي، سندس آبرو نرالي آهي، سندس احترام نرالو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نرالو ان ڪري آهي ته هُن جو علمي ادبي ڪم نرالو آهي،
انسانيت جي لاءِ قبول ڪيل ضابطه حيات ۽ مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو ڪندڙ جهڙو اعليٰ اعزاز سنڌ جي لاڙ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اعزاز لاءِ شايد اسلامي دنيا جا ڪيترائي ملڪ سڪندا هجن، پر قدرت اهو اعزاز سنڌ کي بخشو ۽ ان اعزاز کي عربستان جي ڌڻين جنهن شان مان سان شايع ڪيو آهي، اهو پڻ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي، جنهن اعزاز جو نالو آهي، ”نور القرآن“ جنهن جو منظوم ترجمو ڪيو آهي، اسان جي ڀلاري نالي واري شاعر عالم ۽ اديب مولوي احمد ملاح:
احترام سان لکيو ويندڙ نالو مولوي احمد ملاح پنهنجي ذات ۾ هڪ باڪمال شاعر، مقرر علماءُ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه، اڄ جي علمي ادبي ۽ شعوري دنيا واري سڌ ۾ ٽي شخص اهڙا رهيا آهن، جن جي سنڌ وٽ خاص جڳهه آهي، هڪ مولوي غلام رسول جتوئي، ”خطبهءِ رسولي“ جو خالق، هڪ محمد عثمان ڏيپلائي، ”نورِ توحيد“ جو خالق“ ۽ هڪ مولوي احمد ملاح، ”ديوان احمد“ جو خالق، اتر سنڌ مولوي غلام رسول جتوئيءَ تي فخر ڪندي، ٿر محمد ڏيپلائي تي فخر ڪندو ۽ ائين لاڙ پٽ مولوي احمد ملاح تي فخر ڪندو.
مولوي احمد ملاح پنهنجي علمي ۽ شاعراڻي عظمت ته رکي ئي ٿو پر عملي طور هُن جيڪا سنڌ جي مذهبي، مسلڪي ۽ عقيدي وارين بدعتن خلاف جنگ ڪئي آهي، اها هڪ الڳ تاريخ جو حصو آهي، جن شخصن مولوي صاحب جو دور اکين سان ڏٺو اُهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهن ٿا ۽ جن سندس دور نه ڏٺو، اُهي هُن جي شاعري پڙهي اندازو لڳائي سگهندا ته مولوي احمد ڪهڙي علمي ۽ ادبي حيثيت جو مالڪ آهي.
لاڙ پٽ جي علمي ادبي ماحول تي جيڪو مولوي احمد ملاح جو اثر آهي، اهو اڄ جا جديد دور جا لکندڙ به لنوائي نه سگهندا، اڄ جي لاڙ پٽ جي ليکڪن وٽ جيڪو لاڙ جو حُسن آهي ۽ جيڪو لاڙ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حسن آهي، ان ۾ گهڻو حصو مولوي احمد ملاح جو آهي، مولوي صاحب جي غزلن جا جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا مجموعا ته شايع ٿيل آهن، پر ڏهاڪو کن سال اڳ محترم عبدالغفور ”عابد“ صاحب جي ڪوششن سان ”ديوان احمد“ پڻ شايع ٿيو هو، جيڪو چڱو ئي ضخيم ڪتاب هو، جنهن ۾ مولوي صاحب جا غزل شامل هُئا ۽ انهن غزلن ۾ جيڪا لاڙ جي ثقافتي سونهن هُئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ائين به آهي ته مولوي صاحب جو چڱو چوکو شعر نا صحانه پڻ آهي، پر هو اول آخر هڪ مڪمل شاعر آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن ۽ ساڳئي وقت اهو به آهي ته مولوي احمد ملاح جي غزل ۾ جيڪو به ڪجهه آهي، اُهو سڀ سندس تخليقي اُپت آهي، هُن وٽ ٻوليءَ جو رچاءُ پنهنجو آهي، تشبيهون پنهنجون آهن، تمثيلون پنهنجون آهن، اشارا قنايا پنهنجا آهن، رديف قافعا پنهنجا آهن، لسانياتي ۽ ثقافتي سونهن پنهنجي آهي، ۽ اهم ڳالهه ته چوڻ جو ڍنگ پنهنجو آهي، هڪ مڪمل شاعر لاءِ ايترو ڪجهه هجڻ ڪافي آهي.
مولوي احمد ملاح هڪ شاعر سان گڏ هڪ مبلغ آهي، هڪ مذهبي عالم به آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس شعوري پاسو آهي، جنهن ڪري هُن پنهنجي شاعريءَ کان تبليغ جو ڪم به ڀرپور نموني ورتو آهي، جنهن ۾ هو مڪمل ڪامياب ويو آهي، پر اهو به سچ آهي، هُن جڏهن شاعري کان تبليغ جو ڪم ورتو آهي، تڏهن به وٽيس شاعري موجود رهي آهي، جديد تنقيد ۾ تمام گهڻو وقت هڪ جملو استعمال ٿيندو رهندو هُئو ته ”بهترين فن ذريعي بهترين پروپيگنڊا، بهترين ادب آهي“ مولوي صاحب مٿئين جملي تي بنهه پورو لهي ٿو. جيڪا هر لکندڙ جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن اهو شاعر هجي ته ڳالهه اڃا به ڏکي ٿيو پوي بھرحال مولوي احمد ملاح ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني ۱۹۰۰ع ۾ پيدا ٿيو هن زندگي جا اٺهتر سال ڄمار ماڻي ۱۹۶۹ع ۾ وفات ڪئي.
تازو ئي مولوي احمد ملاح جهڙي عالي شاعر ۽ عالم جي سڀ شاعري گڏي هڪ ڪليات ۾ آندي وئي آهي ۽ اها ايتري گهڻي آهي جو ڪليات جا ٻه جلد جوڙيا ويا آهن، ٻنهي جلدن ۾ دبل ڪلائون سائيز جا هڪ هزار ٻه سئو ٻاهتر صفحا آهن، هي محنت ۽ محبت وارو ڪم احترام لائق پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو گهڻو جس لهڻي جو هُن صاحب هڪ ڪامل شاعر جو سمورو ڪلام گڏ ڪيو آهي ۽ ان کي ٻن جلدن جي ڪليات ۾ هڪ وڏي خرچ سان شايع ڪيو آهي، ائين ڪري هُن صاحب سنڌي پڙهندڙن کي هڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏنو آهي، جيڪو مڪمل طرح پڙهڻ لاءِ شايد ڪنهن به پڙهندڙ لاءِ ڏکيو ٿئي ها!
مولوي صاحب ڀلي لاڙ پٽ جو شاعر هُئو ۽ اتي ئي هوسڄي ڄمار لکندو ۽ پڙهندو رهيو پر هڪ شاعر طور سنڌ جو شاعر آهي ۽ سموري سنڌ ۾ احترام ۽ پيار سان پڙهيو وڃي ٿو، ڀلي مذهبي شدت پسندي ڪري سنڌ جو نوجوان ان بيزاريءَ جو شڪار رهيو هُجي پر مولوي احمد ملاح جي شاعراڻي عظمت کان هو ڪڏهن به انڪاري نه رهيو آهي ۽ هاڻ جڏهن سندس سموري شاعري اڄ جو نوجوان ڌيان سان پڙهندو ته يقينن هو، ڏانهُس وڌيڪ ڌيان ڏيندو. اهڙي پڪ آهي، ٻن جلدن جو هي اعليٰ شاعريءَ جو ڪليات منهنجي دوست ۽ نامياري صحافي فيض کوسي مون ڏانهن تحفي طور موڪليو آهي. مان سندس احسان مڃيندي دل ۾ بيحد خوش آهيان ته هُن مون ڏانهن هڪ املهه ڪتاب موڪليو آهي جيڪو اڄ جي لکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ٻيءَ صورت ۾ هُو هڪ شاعراڻي ڪليات کان محروم رهجي ويندا. جيڪي سندس علم ۾ هڪ سدائين رهجي ويندڙ ڪمي هوندي ۽ بس!


احمد ملاح مولوي
سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهر العلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو.
سال ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين. اتي ئي هڪ مدرسو ”انوار العلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.
مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو.
مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس علمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي. بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو. ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي، ڪجهه سال اڳ، اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو. ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ، تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي.
سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن.
نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الا اللہ“ پڻ ڇپيل اٿس.
سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.
سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي.


حاجي احمد ملاح
سنڌ دوست انسان
عبدالمجيد ملاح
الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائي جي لاءِ هڪ لک ۲۴ هزار جي لڳ ڀڳ پيغمبر موڪليا جنن انسانن تائين الله جي وحدانيت جو پيغام پهچايو ۽ آخر ۾  پنهنجي پياري رسول حضرت محمد ﷺتي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪري ان کي قيامت تائين جي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو بنايو. نبوت ۽ رسالت جي سلسلي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ پکيڙڻ جو فريضو هن امت جي علماءِ ڪرامن ۽ نيڪ انسانن تي عائد ٿئي ٿو. اصحاب سڳورن، محدثين ۽ وقت به وقت علماءِ ڪرامن الله جي دين جي تعليم ۽ توحيد جي دعوت پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. اهڙن ئي نيڪ انسانن جي صف مان هڪ نالو مولانا حاجي احمد ملاح رحه جو به آهي جنهن الله تعاليٰ جي آخري ڪتاب قرآن مجيد جو  سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪيو جيڪو اعزاز سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي کي حاصل نه ٿيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن مجيد جو اهو ترجمو جيڪو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سعودي حڪومت پاران ڇپائي وڏي تعداد ۾ منظرعام تي آندو ويو. اهو اڄ به پوري دنيا جي مسلم لائبريرين ۾ موجود آهي جڏهن ته انهي کان اڳ اهو ترجمو شايع ڪرڻ جو اعزاز مولوي صاحب جي ساٿي ۽ رفيق ارباب الهجڙيو کي حاصل ٿيو  جنهن کان پوءِ دائود فائونڊيشن ڪراچي، مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد پاران پڻ شايع ڪيو ويو.
مولوي احمد ملاح جيڪو بدين تعلقي جي قديم ۽ تاريخي ماڳ  روپا ماڙي، شهيد دودو سومرو جي اوڀر طرف ٻه ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود ديهه لوهڻ جي ڳوٺ  ڪنڊو ۾ جنم ورتو. اهو ڳوٺ ڪنڊو جي نالي سان انهي ڪري مشهور ٿيو جو اتي جي زمين وارياسي هئي اتي ڪنڊيون ۽ ڪرڙ تمام گھڻا ٿيندا هئا ۽ اتي ڪنڊي جيڪا وڌي وڏو وڻ ٿي جنهن جي مناسبت سان اهو ڳوٺ ”ڪنڊو“ جي نالي سان سڏجڻ  لڳو. مولانا حاجي احمد ملاح کي  پڙهڻ جو شوق جاڳيو هڪ ڏينهن صبح جو مال چارڻ لاءِ جهنگ ۾ ويو اتي ڍور جهنگ ۾ ڇڏي  پاڻ ٻهڍمي جي هڪ مڪتب ۾ پڙهڻ هليو ويو. جنهن کان پوءِ ڀڳڙا ميمڻ ۽ سجاول جي مدرسن ۾ عربي، فارسي جو علم حاصل ڪري مڪمل عالم ٿي دستاربندي جي پڳ ٻڌي جيڪا ان وقت تعلقي بدين جي ڳوٺ رپ لڳ گھڙو ۾ مشهور عالم دين مولانا خير محمد مگسي ”خضري“ هٿان دستاربندي ٿي. ديني علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ اچي ڪجهه عرصو اتي ئي رهيو جنهن کان پوءِ ديني فريضي يعني دين جي تبليغ جي ڪم ۾ لڳي ويا. شاعري جو کيس ننڍي هوندي ئي شوق هو. هن سماج اندر پکڙيل مختلف سماجي براين شرڪ بدعت جهڙن رسمن خلاف پنهنجي شاعري ذريعي جهاد ڪيو ۽ انهن جو رد ڪري الله جي توحيد وحدانيت ۽ سنت جو پيغام  ماڻهن تائين پهچايو. سندس  شاعري ماڻهن ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي.  پاڻ هڪ مدرسو مظهرالعلوم نالي سان بدين شهر ۾ ميرواهه جي ڪپ تي قائم ڪيو. انهي مدرسي جي مقبوليت ۽ ڪاميابي سبب حاسد ۽ پيٽوڙي ملن کي ڏکي لڳي ۽ انهن مولوين جي مقبوليت گھٽجڻ لڳي ۽ انهن پاران اهو چيو ويو ته مولوي احمد ملاح وهابي ٿي ويو آهي. مولوين جي اهڙي روش جي ڪري  مولوي احمد ملاح دين جي تبليغ ۽ الله سائين جي خالص توحيد جي پرچارڪ ڪرڻ کان باز نه آيو  جنهن جي ڪري سڀني مولوين گڏجي کيس سندس ۱۳ ساٿين سميت وهابي هئڻ جو چئي مدرسي مظهر العلوم کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.  مولوي صاحب  کي رب تعاليٰ جي نصرت حاصل ٿي جنهن کي بدين شهر جي قاضيه واهه ڪپ تي ان وقت  سنڌ جي وزير اعليٰ مير غلام علي ٽالپر  دوستي جو هٿ وڌائيندي مدرسي مسجد ۽ رهائش لاءِ زمين منظور ڪري ڏني انهي تي دوستن جي تعاون ۽ الله تعاليٰ جي مدد ۽ تائيد سان هڪ مدرسو انوارالعلوم نالي سان ٺهرايو ۽ مسجد ٺهرائي ۽ مولوي جي رهائش سان گڏ اتي ٻيا به گهر آباد ٿيڻ لڳا ۽ انهي علائقي جو نالو غريب آباد رکيو ويو. انهي سان گڏ مولوي  صاحب معاشري ۾ موجود بدعت ۽ شرڪ جي خلاف پڻ باقاعده جهاد شروع ڪري ڏنو. جنهن جي ڪري هڪ طرف ڪيتريون ئي پيراڻيون گاديون ويران ٿيڻ لڳيون  ماڻهو شرڪ جي دلدل مان نڪري توحيد جي نور سان منور ٿيڻ لڳا ۽ مولوي صاحب جو ساٿ ڏيڻ لڳا جنهن ۾ ابڙا، بوهڙ، گھراڻا، پنائي سيد، مير خاندان، وهڻائي خاندان ۽ ٻيون برادريون  شامل آهن. مولوي صاحب جي شاعري ۽ توحيد پرست عالم هئڻ جي ڪري علائقي ۾ وڏي سياسي پذيرائي پڻ حاصل ٿي سندس علم ۽ شاعري سبب ڪافي ماڻهو فيض حاصل ڪيو جنن ۾ مير غلام علي ٽالپر، شهيد الله بخش سومرو، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، ارباب خانصاحب توڳاچي، ارباب الهجڙيو، مير بنده علي خان ٽالپر، مير غلام محمد خان ٽالپر، بلالاڻي فقير، مير الله بچايو خان ٽالپر، مير ملڪ محمد خان ٽالپر، ڪليڪٽر مسيح الزمان، بئريسٽر خالد اسحاق کان علاوه مقامي طور تي ارباب جمعون ابڙو، رئيس نورمحمد بوهڙ، سيد عبدالله شاهه، سيد شاهن شاهه، محمد اشرف ٿيٻو، جانڻ لوهار، پير حاجي حسن بخش، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، حاجي حسين ملاح، بچل ٽڪورو، وڏيرو ڪمال الدين مينڌرو، رئيس پوڙهو خان ڀرڳڙي، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، سيد مقبول شاهه آف وهڻائي، وڏيرو قابل جوکيو، مير نورحسن ٽالپر، رئيس عبدالرحمان جروار،  مير صاحب خان ٽالپر، مير ولي محمد خان ٽالپر، ارباب نورمحمد راهمون سندس دوستي ۾ آيا. جڏهن ته علماءِ ڪرامن ۾  مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد وفائي، مولوي محمد عمر جوڻيجو، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي عبدالرحيم جنائي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولوي گل محمد خاصخيلي، مولوي عبدالله جوڻيجو، مولوي عبدالوهاب لنڊ، حاجي حسين گوپانگ، مولوي محمد هارون چنه، مولوي عبدالڪريم سمون، مولوي احمد پنهور، مولوي عبدالحق رباني، مولوي علي محمد مهيري، حاجي شير محمد ٽالپر، مولوي علي محمد سنهڙي وارو، مولوي محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي، پير احسان الله شاهه راشدي جھنڊي وارو، مولانا حمادالله، مولانا سلطان احمد رتيديرو ۽ مولانا غلام الله راولپنڊي وارو ۽ ٻيا علماءِ ڪرام سندس دوستي ۾ رهيا. مولانا حاجي احمد ملاح  وڏو شاعر هئڻ ڪري سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي سندس دوست ساٿي مولوي عبدالله جوڻيجو جن ڇپائي  منظر عام تي آندا جنهن ۾ ديوان احمد، گلزار احمد،  هيڪڙائي حق،  بياض احمد، گلشن احمد، غزليات احمد، فتح لواري ۽ نثر ۾ معرفت الله شامل آهن ۽ ڪليات احمد جيڪو هن وقت تازو پروفيسر ضرار رستماڻي ٽن واليم ۾ ڇپرايو آهي. انهن سڀني شاعري جي ڪتابن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي منظر عام تي اچي چڪا آهن. مولوي صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون قرآن مجيد جو منظوم ترجمو نورالقرآن آهي ۽ ٻيو ڪارنامون لواري ۾ ٿيندڙ مصنوعي حج کي بند ڪرائڻ آهي. هن عظيم انسان پنهنجي سموري زندگي الله جي دين جي پرچار ۽  توحيد جي سر بلندي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مولوي احمد ملاح کي شاعري ۾ حرف تجنيس جو بادشاهه شاعر ڪري سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۽ شاعري کي سنڌ جي وڏن فنڪارن پڻ ڳايو آهي جن ۾ استاد عثمان ڪڇي، استاد مٺو ڪڇي. عابده پروين، مصري ڏيپلائي، حسن ڪڇي، حافظ لقمان عالماڻي، حيدر کوسو، اسحاق ڪارو، ٻڍو فقير، سميت ٻين فنڪارن ڳايو آهي ۽ هن وقت به استاد الهڏنو جوڻيجو، ڪريم ڪڇي ۽ ٻيا فنڪار مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري کي بهترين انداز ۾ ڳاين ٿا. جڏهن ته ديني مجلسن ۾ حاجي غازي ڪنڀار، حافظ الهڏنو ملاح ۽ جان محمد راڄو مولوي ملاح جي شاعري پڻ چوندا رهيا آهن.  مولوي احمد ملاح رح جي شاعري کان جيڪي متاثر ٿيا ۽ کيس پنهنجو استاد مڃيو انهن ۾ ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، عبدالمبين پنائي، حاجي محمد حاڪم ٽالپر ۽ ٻيا شامل آهن جنن جي شاعري ۾ مولانا احمد ملاح جي شاعري جو اثر پسي سگھجي ٿو.
موجوده وقت ۾ جيڪي شاعر آهن انهن ۾ حافظ محمد نظاماڻي، حافظ خليل کوسو مولوي حاجي احمد ملاح رح جي شاعري کي دلي طور تي پڙهن ٿا ۽ بهتر سمجهي ان جي شاعري سان محبت ڪن ٿا ۽ شاعري جي ڪنهن به محفل ۾ مولوي صاحب جي شاعري جو ذڪر ڪرڻ فرض سمجھن ٿا. انهي کان علاوه بدين جي علمي شخصيت سائين محمد صديق مرهم ملاح کي مولوي صاحب جي شاعري جو حافظ ڪوٺيو وڃي ٿو. مولوي صاحب جي شاعري  کي سهڻن اکرن ۾ لکندڙ  ڪاتبن ۾ حافظ نعت الله هاليپوٽو، عبدالمجيد ابڙو، ماستر الهجڙيو ملاح،  مولوي عبدالله جوڻيجو،  ماستر الله ورايو عمراڻي شامل آهن.
مولوي صاحب جي ڪيل علمي ادبي خدمتن ۽ شاعري کي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ ادارو ”مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي“ طور قائم ڪيل آهي جنهن تحت ڪتابي اشاعت جو سلسلو جاري آهي.
مولوي صاحب پنهنجي سڄي زندگي الله جي دين جي لاءِ وقف ڪندي هن علائقي ۾ توحيد رباني جو علم بلند ڪندي ۹۰ سالن جي ڄمار ۾ ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ بروز ڇنڇر جي ڏينهن منجھند ۳:۳۰ منٽن تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪينٽ روڊ بدين ۾ موجود معصومن جي قبرستان ۾ آهي.



احمد ملاح مولوي

آصف جمال سومرو

سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ “ڪنڊيءَ” ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو “نانگيو” هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاھ ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ “رپ” مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين.

تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي “مظهرالعلوم” ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو “انوارالعلوم” قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.

مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. “جميعت علماءِ سنڌ” ۾ پڻ سرگرم رهيو.

مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن.

 هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاھ ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو “نورالقرآن” جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي.

هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجھ سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان “ديوانِ احمد”، “گلشنِ احمد”، “گلزارِ احمد”، “بياضِ احمد”، “هيڪڙائي حق”، “پيغام احمد” ۽ “غزليات احمد” ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب “معرفة الاالله” پڻ ڇپيل اٿس.

سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي “موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح” (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.

سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي.

سندس زندگي جي مشن کي موجود وقت ۾ پروفيسر ضرار رستماڻي پورو ڪري رهيو آهي. پروفيسر صاحب سندس ڪلام کي ن رڳو سانڍي ڇپرائي پيو بلڪي جيڪي واڌايون انجي ڪلام ۾ ڪيو ويون آهن انهن کي ب درست ڪري پيو. ملوي احمد ملاح صاحب جي زندگي جي بهترين نموني موجود وقت ۾ انسائيڪلوپيڊيا پروفيسر ضرار رستماڻي صاحب آهي. قوم جي بي حسي چئبي يا پنهنجن کي نوازڻ پر جيڪو ڪم ملوي احمد ملاح ڪري ويو آهي سنڌي ٻولي جي واڌءُ لاءِ اهيو ن ڪنهن شاعر اڄ ڏينهن تائين ڪيو آهي ن ڪنهن ٻئي شخص پر سندس ڪلام کي سرڪاري سطح تي ڪا ب موٽ ڪون ملي آهي.

 

حاجي احمد ملاح

ھيڪڙائي حق جو وڏي۾ وڏو مبلغ

محمد موسيٰ جوکيو

حاجي احمد ملاح گھڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت تي لکڻ لاءِ اسان کي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻي پوندي، جيئن اسان کي پروڙ پوي ته انهن ماڻهن ڪهڙن مشڪل ترين دورن ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. قدرت جي سڀني نعمتن سان مالا مال آهي. انهي ڪري هن ڌرتي جا رهواسي سدائين خوشحال ماڻهو ۽ سدا سٻاجهڙا رهيا آهن. انهن تي هميشه دنيا جي حريص، مڪار، فريبي ماڻهن جون غاصبانا نظرون هونديون آهن. موهن جي دڙي جي وقت کان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو اهي پيڙاهون ڀوڳيندا رهيا آهن. دنيا جو مشهور سياح، البيروني، جنهن سڄي دنيا جو سير وسفر ڪيو آهي. انهي پنهنجي مشهور سفرنامي ۾ لکيو آهي ته؛ “سڄي دنيا ۾ واحد سنڌ ملڪ آهي. جتي مسافرن کي ماني اجهو مفت مهيا ٿئي ٿو. ” البيروني اڳتي لکي ٿو ته؛ “اهڙا ملڪ جنهن جا ماڻهو اهڙا فراخ دل هجن، اهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن. هميشه سازشن مڪارين، ٺڳين ۽ منافقين جو شڪار ٿيندا رهندا آهن”.

مولوي حاجي احمد ملاح جو هڪ اهڙي مڪتبه فڪر سان واسطو هو. جنهن جو برصغير جي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اهو مڪتبه فڪر آهي” مظهردالعلوم ديوبند” جنگ آزادي جي تحريڪ ۾ مظهردالعلوم جي عالمن جو تمام وڏو حصو رهيو آهي. دارالعلوم جو ناظم حضرت مولانا حسين احمد مدني هندستان جي مسلمانن جي وڏي ۾ وڏي جماعت جمعيت العلماءِ هند جو صدر به رهيو آهي. هندستان ۾ آزادي جي حساب سان جيڪي مشهور تحريڪون هليون جن ۾ خلافت تحريڪ، ريشمي رومال واري تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن ۾ جمعيت العلماءِ هند جي عالمن جو ڪليدي رول رهيو آهي. اسان جي سنڌ ۾ به مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارا، مولانا عبدالحق رباني، مولانا شاھ محمد امروٽي ۽ حضرت مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي. مولوي حاجي احمد ملاح صاحب انگريزن جي دور ۾ انهن تحريڪن جي عتاب ۾ جيل به ڪاٽيو.

مولوي حاجي احمد ملاح جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. اهو آهي شرڪ جي خلاف اعلان جنگ، وهم پرستي، قبر پرستي، نام نهاد پيري مريدي خلاف اعلان جهاد، مولوي صاحب سڄي زندگي انهي محاذ تي دليري سان وڙهيو. اهو اهڙو دور هو جڏهن پيري مريدي خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ به جرعت جو ڪم هو. پر مولوي صاحب پنهنجن مختصر ساٿين سان گڏجي پيري مريدي جي شيش محل کي پٿر هڻي ڀورڀور ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب جي سّٿ جو هڪ ٻيو ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي پيري مريدي کي هڪ مهلڪ مرض سمجهي انهي جي خلاف ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. ڏيپلائي صاحب مرشد جي ڪن، نڪ کان وٺي هر عضوي تي ڪتاب لکيو، انهي کان علاوه پيري مريدي سان واسطو رکندڙ هر موضوع تي سون جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن سنڌ ۾ تمام گهڻي سجاڳي آندي. مولوي صاحب جو ٻيو ساٿي جيڪا سنڌ ۾ نهايت قابلِ احترام شخصيت آهي. اهو هو مولانا عبدالحق رباني هو به پيري مريدي جي خلاف تمام گهڻو سرگرم رهيو. هن تي به مرشدن جي طرفان دڙڪا دهمان به ٿيا. پر هو ڪنهن جي به عتاب ۾ نه آيو ۽ سدائين سرخرو رهيو.

مولوي احمد ملاح جيڪو جسماني طور ضعيف ۽ ڪمزور هوندو هو ۽ هن جي دوستن جو به محدود حلقو هوندو هو. پر تنهن هوندي به سڄي زندگي پنهنجي عظيم مقصد خاطر سدائين حالت جنگ ۾ رهيا. هن جو مخالف طبقو پيسي پرور، ماڻهن جي گهڻائي ۽ سرڪار جي سرپرستي هيٺ هو. پر مولوي صاحب حق ۽ سچ تي هو. ۽ هن جي اڳيان ڪابه وڏي رڪاوٽ جٽا ڪري نه سگهي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جو نظريو عام آهي. ۽ باطل نظريه رد ٿي چُڪا آهن. ڪو دور اهو به هو جو وهابي لفظ دشمن لاءِ للڪار هئي. ڪن لاءِ گار به هئي. ته وري ڪن لاءِ هڪ اعزاز هو. انهي وقت مولوي صاحب جي ماڙي وهابين جي درسگاھ ۽ اڪيلي مسجد هئي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جا معتقد ڪنهن وڏي گادي نشين جي مريدن کان گهڻائي ۾ آهن. اڳتي هلي گادي نشينن جا نشان رهن يا نه رهن. پر مولوي حاجي احمد ملاح جو نالو قيامت تائين زنده جاويد رهندو.

 

مولوي احمد ملاح

داڪٽر محمد علي محمدي

اڄ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر، عالم تجنيس حرفي جي بادشاہ مولوي احمد ملاح جي ۵۳ ھين ورسي آهي. ھن سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو منظوم ترجمو لکي ھڪ طرف عربي ٻوليءَ جي اونھي ادراڪ ۽ ٻي طرف سنڌي ٻوليءَ جي خزاني کي ڀريو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم جڏهن سنڌي لغت جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ته سندس چوڻ هو ته جيستائين مولوي صاحب جو قرآن شريف جو منظوم ترجمو منظر عام تي نٿو اچي تيستائين لغت اڌوري ھوندي. سندس ڪليات احمد به سنڌي ٻوليءَ جي شاعري ۾ ھڪ خاص مقام رکي ٿو.

لاڙ پٽ جي ھن عظيم عالم جي شاعري تي ڪيترن ئي ڪم ڪيو آهي. انھن ۾ ضرار رستماڻي ۽ سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ جو نالو سر فهرست آهي.

سوانح :

سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي -بدين- جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب -آباد- محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.

مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ڪڇ جي عالم مولانا عبدالرحيم پچمي جو به شاگرد آهي. سندس وفات ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي بدين ۾ ٿي. سندس قرآن شريف جو منظوم ترجمو مختلف ادارن پاران ڇپجي چڪو آهي. انھن ۾ ھڪ نسخو سعودي عرب مان به ڇپيل آهي.

 سندس شاعري ۾ ايترو ته رس ۽ چس آهي جو لاڙپٽ ۾ ڪيترائي ڳائڻا ڳائين ٿا. افسوس جو سنڌ جو ثقافت کاتو ھن ڏس ۾ ھميشه ماٺ جا مڱ وات ۾ وجھيو پيو گھمي.

 

(داڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقلجي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا