; سنڌي شخصيتون: آغا قادر داد خان - نسيم بخاري

27 July, 2017

آغا قادر داد خان - نسيم بخاري

آغا قادر داد خان
خيرپور رياست جو وزيراعظم ۽ سندس آخري آرام گاهه
نسيم بخاري
انسان پنهنجي ابتدا ۽ انتها تي ويچاري ته ان جو سڄو گهمنڊ هَٺ ۽ هوڏِ ئي هلي وڃي. هو پيدا ڇا مان ٿيو آهي ۽ ان جي پڄاڻي ڪهڙ يءَ ريت ٿيڻي  آهي، ان جو نانءُ نِشان ڪنهن جي ڌيان ۽ ڪنهن جي دل تي رهندو به يا نه اهي اهڙا معاملا آهن،  جن تي هر وقت هر ڪنهن کي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. انهن احساسن تي ويچارڻ سان ۽ ان جي نتيجي ۾ پنهنجي اصلاح سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر پنهنجو آئيندو ضرور اجرو ٿئي ٿو.


انساني تاريخ ۾ عبرت جا قبرستان وڏا اهڃاڻ آهن جن ۾ هر عمر، هر نسل ۽ هر طبقي جا ماڻهو مدفون آهن. ماضيءَ جا بادشاهه ۽ شهنشاهه ۽ انهن جا تاج ۽ تخت وقت جي داءُ ۾ اهڙا وکريا جو وري انهن جو ڪو ڏس پتو نه مليو. اهڙي ئي المناڪ ڪهاڻي رياست خيرپور جي پهرين وزيراعظم آغا قادر داد خان جي آخري آرام گاهه جي آهي، سندس مقبرو زبون حال آهي. قبر جي حالت به اکين ۾ ڳورها آڻي ٿي ڇڏي ته جنهن جي اندران سرون نڪري رهيون آهن. سندس ڪتبو به چوري ٿي چڪو آهي. اهو ئي حال،سندس ابي امڙ ۽ مَامي توڙي سندس پٽ غلام دستگير خان جي قبرن جو آهي. سندس مامي رحمت الله خان جي قبر جو ڪتبو به قبر کان ڌار ڪري پيو آهي. جنهن بابت خبرون آهن ته پيءُ گل خان جي وفات کانپوءِ هن ئي سندس پالنا ڪئي هئي.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته هن جا وڏا قنڌار مان واپار سانگي آيا هيا سندس پيءُ ۽ ڏاڏو سوداگر هئا. آغا قادر داد خان جي والد بابت تاريخ جي صفحن ۾ اهي خبرون ملن ٿيون ته هو واپار سانگي دهليءَ ويندي ڌاڙيلن پاران لٽ ڦر ڪرڻ کانپوءِ مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هيو.
آغا قادر داد خان جي ڀَر ۾ مدفون سندس پٽ آغا دستگير خان کي ڪا اولاد نه هئي، کيس ٻه پت هئا ٻئي پٽ آغا غلام حسين مان هڪڙو پٽ آغا رفيق ڪمشنر ڪراچي ۽ سکر رهي چڪو آهي. جيڪو  پڻ ٿورو وقت اڳ وفات ڪري ويو آهي ۽ ڪراچي جي ميوا قبرستان ۾ مدفون آهي. آغا رفيق، آغا قادر داد خان جو اهو پوٽو آهي جنهن پنهنجي وڏڙن جي عملي طور تي سار سنڀال جو حق ادا ڪيو. هن نه رڳو شڪارپور ۾ اچي آغا قادر داد خان جو تڏهوڪي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين لالا لطيف خان جي مدد سان، سندس مقبرو جوڙايو پر سکر ۾ ڪمشنريءَ واري دور ۾ سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ تي قائم شوهارا منڊيءَ جو نانءُ به پنهنجي ڏاڏي جي نالي سان منسوب ڪيو.
آغا رفيق جي ڀيڻ جو رشتو پشاور سان تعلق رکندڙ ڪرنل سلطان خٽڪ سان ٿيو. جنهن جو پٽ (بابر خٽڪ) ماضيءَ ۾ آءِ جي سنڌ پوليس جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو آهي. جڏهن ته آغا رفيق جو خود پنهنجو پٽ مومن آغا، هن وقت پنجاب ۾ فيصل آباد جو ڪمشنر آهي، جنهن جو هڪڙو ڀاءُ غلام دستگير خان ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻيو قادر داد خان پرڏيهه ۾ رهي ٿو.
شڪارپور جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ آغا قادر داد خان جي خاندان سان تعلق رکندڙ لالا عبدالقادر خان پٺاڻ جو چوڻ آهي ته خيرپور رياست جو پهريون وزيراعظم جڳ جهان ۾ سخي قادر داد خان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هن خاندان هي اڄ به خانپور تعلقي ۾ ساڍا ٽي سئو جريب زمين آهي. ڪراچيءَ جي ڊفينس، ڪلفٽن ايريا ۾ ملڪيتون آهن. خاندان جي اڪثر ڀاتين جي ٻاهر رهائش ۽ بي ڌيانيءَ سبب ڪروڙين رپين جون اهي ملڪيتون قبضا مافيا هڙپ ڪري ورتيون آهن. ڪن تي نوڪرن ۽ واسطيدارن جو قبضو آهي، اهيو ته اهو آهي جو جتي قادر داد خان مدفون آهي. اهو سڄو ڪڙي عطا محمد وارو مقام قادر داد خان جي ذاتي ملڪيت هو. جن تي ٻين ماڻهن قبضا ڪيا آهن، خود ڪڙيءَ جي پٺاڻن ان ۾ گهر ٺهرايا آهن. جن جي خلاف پٽيشن داخل ڪبي، ڇو ته انهن وڏي ڏاڍائي ۽ بي انصافي ڪئي آهي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن جي وڏڙن جو خيال رکڻ وارو آغا رفيق هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. سندس ٻيا ڀائر آغا اڪبر ۽ يوسف خان ۽ سندن ڀينرون ڪئناڊا ۾ رهن ٿا. جڏهن ته سندس ٻه ڀائر آغا مومن خان ۽ غلام حسين خان پڻ ميوا قبرستان ڪراچيءَ ۾ مدفون آهن. لالا عبدالقادر خان پٺاڻ اهو پڻ ٻڌايو ته قادر داد خان جي ڀرسان مدفون سندس پٽ غلام دستگير خان، شهيد الله بخش جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ ڪليڪٽر هو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته خيرپور جي تاريخي عمار ”فيض محل“ به آغا قادر داد خان ئي پنهنجي وزارت اعظميٰ واري دور ۾ تعمير ڪرايو هو. جنهن جو هڪرو پوٽو آغا گل خان ڪال ٽيڪس تيل ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر به رهي چڪو آهي.
ڪاڪڙ قبيلي جي انتهائي باڪردار انسان آغا قادر داد خان جي قبر ۽ مقبري جي زبون حاليءَ بابت راقم الحُروف پي پي جي گذريل پنج سالا اقتداري ۽ صوبائي دور دوران اسلام آباد ۾ تڏهوڪي وڏي وزير جي نياڻي نفيسه شاهه جو ڌيان ڇڪايو هو، هن پڪ به ڏياري هئي ته خيرپور جي سونهن، تعليم، شهري نظام، صحت ۽ انتظامن کي بهتر ڪارڪردگيون آڇيندڙ انسان جي آخري آرام گاهه کي تاريخي يادگار بڻايو ويندو. هلندڙ سال شڪارپور ۾ مختلف پروگرامن جي انتظامن بابت ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ ائڊومينٽ فنڊ جي سربراهه حميد آخوند، تڏهوڪي ڪمشنر لاڙڪاڻه اڪبر لغاري ۽ ڊي سي شڪارپور سڪندر خشڪ جو راقم الحُروف نه رڳو قادر داد خان جي قبر جي زبون حالي جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو پر انهن المناڪ منظرن جون دردناڪ تصويرون پڻ پيش ڪيون ويون پر ٿيو ڪجهه به نه، ۽ اڄ به انهيءَ افسوس ناڪ صورتحال تي لفظن ذريعي ماتم ڪيو پيو وڃي.
لفظن جو اهو ماتم عظيم شخصيتن جي آخري آرام گاهن جي سار سنڀال بابت ڪو ٻوٽو ٻاري يا نه پر سنجيده سوچ ويچار جي سئين ضرور هڻي ٿو.
ڊاڪٽر انور ”فگار“ هڪڙو، خليل مورياڻيءَ پاران ترتيب ڏنل ڪتاب ”شڪارپور؛ تاريخ ۽ تحقيق“ ۾ آغا قادر داد خان بابت زبردست مقالو لکيو آهي. جنهن جا تفصيل پڙهندي اڄوڪن حاڪمن ۽ حڪمرانن تي وڏو افسوس ٿئي ٿو. اهو پروفائيل فقط هڪ فرد جي ترقيءَ واريون تجليون نٿو بيان ڪري پر اهو به ٻڌائي ٿو ته انتهائي اعليٰ مان مرتبي تي پهچڻ کانپوءِ عوام دوستي ۽ وطن دوستيءَ جي حوالي سان ڪيڏيون نه شاندار ڪارڪردگيون ڏيکاري سگهبيون آهن.
آغا قادر خان پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا پهرين نومبر 1859 ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر آفيس  رڪارڊ ڪيپر جي حيثيت سان ڪئي. انهي آفيس ۾ ٻن سالن کانپوءِ اڪائونٽنٽ ٿيو. پنج ورهيه شڪاپور ڪليڪٽر آفيس ۾ گذارڻ کانپوءِ، شاهه بندر ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿيو. ڏيڍ سال جي عرصي بعد سيوهڻ ۾ مختيارڪار بڻيو. پاڻ شاهه بندر، هالا ۽ سيوهڻ توڙي شڪارپور ۾ مختيارڪار ۽ مئجسٽريٽ جي عهدن تي رهيو. کيس ڪيترائي مرتبا اضافي چارجيون پڻ مليون.
7 اپريل 1894ع تي مير فيض محمد پنهنجي والد مير مراد علي خان جي وفات کانپوءِ اقتدار جون واڳون سنڀاليون کيس پڳ ٻڌرائي وئي، ان مو قعي تي انگريز راڄ جي اهم ڪامورن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان ئي ڏينهن تي مير صاحب جي منظوريءَ سان قادر داد خان کي خيرپور رياست جو وزيراعظم بڻايو ويو.
جنهن پنهنجي منصب سنڀالڻ کانپوءِ خيرپور ۾ سمو رن دورن کي پنهنجا ڪم طئي ڪري ڏنا ۽ شاهي خاندان جي ذاتي ڪاروبار ۽ ڪم ڪارن لاءِ پڻ هڪ الڳ ڪئمپ قائم ڪئي. هن جي ڌيان جي ڪري پيداواري سرشستي ۾ هڪ دم شاندار واڌ ٿي اهي ٽيڻا ۽ چوڻا ٿي ويا. هن خيرپور جون خوبصورت عمارتون ٺهرايون. شاندار فيض محل ٺهرايو. وڏي لائبريري جوڙائي، اسپتالون ۽ ڊسپينسريون قائم ڪيون. هن غاليچا اڏڻ جو ڪارخانو  قائم ڪرايو. اناج رکڻ لاءِ گدام ٺهرايا. خيرپور ۾ زمين جي آبياريءَ لاءِ ٺري واهه مان فيض واهه، فيض بخش، فيض گنج، فيض نهر ۽ فيض موج ڪڍرايا. هن سنڌ مدرسته الاسلام کي سالياني ملندڙ ڇهه هزار گرانٽ کان علاوه هر سال شاگردن جي هاسٽل لاءِ ڏهه هزار رپيا ڏيڻ پڻ شروع ڪيا.
25 مئي 1892ع تي انگريز سرڪار پاران کيس خان بهادر جي اعزاز ۽ لقب سان نوازيو ويو. 1894ع ۾ انگريز سرڪار سي آءِ ڊي جو لقب پڻ عطا ڪيو. کيس ٻن پٽن غلام دستگير خان ۽ غلام حسين سميت هڪ نياڻيءَ جي اولاد هئي.
16 مارچ 1884ع ۾ حسن علي آفندي محمدن ايسوسيئيشن قائم ڪئي جنهن جو آغا قادر داد خان ٻيو صدر بنيو. 1896ع کان 1903ع تائين ان عهدي تي رهيو.  پاڻ شڪارپور ۾ محمدن ايسوسيئيشن جي پهرين شاخ 18 جون 1884ع ۾ کوليائين.
خيرپور تاريخ جو اردو ليکڪ نسيم امروهيءَ لکيو آهي ته انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته خيرپور رياست جي خوش نصيبي هئي جو ان کي نئين تشڪيل جي پهرين منزل تي خان بهادر قادر داد خان جهڙو محنتي، ايماندار، دورانديش، پختو عزم ۽ اعتماد رکندڙ، حليم طبح ۽ غريب نواز وزيراعظم مليو.
آغا قادر داد خان 31 مئي 1903ع تي خيرپور ۾ 59 سال 2 مهينن ۽ 15 ڏينهن جي ڄمار ۾ هي فاني دنيا ڇڏي. شڪارپور جي ميونسپل جي فوتي رجسٽر جون 1903ع جي رڪارڊ موجب 815 نمبر تي درج آهي ته خان بهادر سي آءِ ڊي قادر داد خان ولد گل محمد پٺاڻ وزير صاحب جي رياست خيرپور 5 جون 1903ع تي وفات ڪئي. سندس سڳو ڀاڻيجو عبدالڪريم پٽ عبدالحميد خان شڪارپور لاش کڻائي آيو. سندس بيماري دمڪشيءَ جي هئي جيڪا سندس وفات جو ظاهر جواز بڻي.
16 جنوري 1844ع تي شڪارپور ۾ اکيون کوليندڙ آغا قادر داد خان جي زندگي جو داستان همٿن، حوصلن ۽ محنتن جو عاليشان مثال آهي. اهو هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ محنتي ماڻهوءَ جي وقت جي رفتار سان ڪيل ترقيءَ جو عڪاس به آهي ته گڏوگڏ عوام دوستيءَ جا به شاندار سبق سانڍي ٿو پر حيرت ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي زبردست تاريخ رکندڙ انسان جي قبر تي اڄ ڪو قل پڙهڻ ڪو نه ٿو اچي. نه رڳو ان هڪ انسان پر سندس والدين ۽ اولاد توڙي مٽن مائٽن جون قبرون به ڪيترائي عبرت جا اهڃاڻ آڇي رهيون آهن، سندن پونيئرن وٽ ايترو پيسو آهي ۽ ايتريون ملڪيتون اهن جو هنن کان اهي سنڀاليون نٿيون سگهجن. ڪي دنيا ڇڏي ويا ڪي ملڪ ۾ هوندي به پنهنجي شاندار وڏڙن واري تاريخي پسمنظر کان لاتعلق آهن ته ڪن وري وڻ ئي پرڏيهه جا وسايا آهن.
آغا قادر داد خان جي پونيئرن جي ٿورڙي دلچسپيءَ مان نه رڳو ڪڙي عطا محمد خان وارو قبرستان سنورجي ۽ سينگارجي سگهي ٿو پر شڪارپور شهر جي سمورن قبرستانن جي تاريخي رونق متعارف ڪرائي سگهجي ٿي.

ڪيڏو نه چڱو ٿئي جو پنهنجي هٿ کنيل ملڪيتن جي وارثي ڪري قادر داد خان جي نالي سان ڪا عاليشان ٽرسٽ قائم ڪئي وڃي جنهن جي ذريعي سماجي خدمتن جا نِت نوان ۽ نرالا ڪارناما سرانجام ڏنا وڃن جيڪي ڪاڪڙ خاندان جي اڳين توڙي پوين همراهه لاءِ عزتن ۽ شهرتن جا حوالا ثابت ٿين. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ ڪاڪڙ خاندان کانسواءِ شڪارپور جي ٻين ڪٽنبن ۾ به پنهنجن پنهنجن وڏڙن ۽ بزرگن جي آخري آرام گاهن ڏانهن ذميواراڻي روش جي شروعات ٿي ويندي ۽ اها ئي وقت جي ضرورت آهي

No comments:

راءِ ڏيندا