; سنڌي شخصيتون: علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو - حسيب ناياب منگي

29 July, 2017

علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو - حسيب ناياب منگي

علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو
حسيب ناياب منگي
ڪرن شريف جي مان واري ڌرتيءَ تي شڪارپور ضلعي جي ناليواري علم ادب دوست علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو جو جنم 13 نومبر 1923ع تي ٿيو، سندس وڏا زميندار هئا.
علامه صاحب پڙهي لکي 1941ع کان علم ۽ ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو، پاڻ کي مير صفي الله ”فدا“ علوي جو شاگرد تسليم ڪندو هو.
علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو پنهنجي دور جو وڏو ماڻهو، لغت جو ڄاڻو، تاريخ جو ماهر ۽ بهترين انسان هو.


مون کي ياد آهي ته علامه صاحب جڏهن شڪارپور ايندو هو ته منهنجي والد ”نقش“ ناياب منگي سان ضرور ملاقات ڪندو هو، گهڻن ئي ڪچهرين ۾ آئون به شامل هوندو هئس.
شڪارپور جو ڀلوڙ صحافي ۽ پبلشر مرحوم غلام رسول ميمڻ اڪثر اهو چوندو هو ته ”مان پنهنجي عمر ۾ صرف ٻن اهڙن شخصن کي ڏٺو جيڪي تاريخي معاملي ۾ هڪ نقطي کي بيان ڪرڻ لاءِ به ڪتابن جا ڍير لڳائي ڇڏيندا هئا اهي ٻه ڄڻا: علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو ۽ نقش ناياب منگي هئا“
علامه ڀيو صاحب وٽ الله جو سڀ ڪجهه هو پر هن وٽ ڪتابن جو لاتعداد خزانو هو، ايتري تائين جو اينيمري شمل ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا ڏاها به وٽس اچي لائبريري جو ديدار ڪري ويا هئا.

شڪارپور ضلعي جو گهڻو پڙهيل لکيل، نيڪ دل، هٿ جو سخي علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو 16 جون 1999ع تي وفات ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا