جانباز جوکيو
شاعر جي زندگي جو احوال
محي الدين جوکيو
سنڌ امڙ
جي پاڪ جھولي ۾ جنم وٺندڙ ھزارين الله لوڪ انسان، شاعر، اديب، دانا، بزگ، صوفي، ۽
خدا ترس بندا آھن، جنھن ھميشه انسانذات سان محبت ڪندي انهن جي سماجي اصلاح ۽ انهن
جي مذھبي فڪري ۽ ذھني نشونما جي ڪوشش ڪئي آھي.
ڪساوت
قلب جا ڪوٽ ڪيرائيندڙ، دنياوي جاھ و جلال کان ڪوھين ڏور، توڪل جي ترھي ترندڙ شخصيتن
۾ سنڌ ماتا جي جھولي ۾ پلجندڙ ضلعي ٺٽي جي ٺٽي تعلقي جي تاريخي ڳوٺ ڪوهستان مالماڙي
سان تعلق رکندڙ جان محمد جانباز جو جنم هڪ الله لوڪ ۽ نيڪ دل انسان مير محمد عرف
مير ڏنون جوکيو جي گهر ۾ 1940ع ڌاري ٿيو.
ابتدائي
تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ مالماڙي مان جان خان ۽ عزيزالله کان حاصل ڪري ٺٽي جي سنڌي
اسڪول مان فائنل جو امتحان پاس ڪري 1956ع ۾ گورنمينٽ پرائيمري اسڪول ميرپر بٺورو ۾
پرائيمري استاد ڀرتي ٿيا، جنهن کان پوءِ 1960ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ايس، وي
ايليمينٽري جو ڪورس ڪيائون. هميشه کان سندن لاڙو ادب، شاعري ۽ علم سان هوندو هو
جنهن ريت اديب فاضل ۽ اديب عالم جو امتحان به پاس ڪيائون ۽ وقت جي ضرورتن کي ڏسندي
ايليوپيٿڪ جو ڪورس به ڪيائون جيڪو هڪ ڊاڪٽري جو ڪورس هوندو هو جنهن سبب کين هڪ ڊاڪٽر
جي اعزاز سان به اماڻيو ويو.
پاڻ ننڍي
هوندي کان مختلف موضوعن تي شاعري ڪندا رهيا ۽ 1962ع ڌاري مومن مليرائي طرفان ڪوٺائجندڙ
ادبي سنگت جي مشاعري ۾ پڻ حصو ورتائون، جنهن ۾ حصو وٺندڙ شاعرن ۾ مومن مليرائي،
احسان علي احسن جوکيو، شمس جوکيو، شورخانڀوري، مشتاق ڇٽو ۽ غمدل جاکرو هئا، ان کان
علاوه ان وقت جي مختلف مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري ۽ ادب جي ڏات جا جوھر ڏيکاريندا
رهيا. سندن ادبي استاد مخدوم محمد زمان طالب المولىٰ هو، جنهن سان عقيدت سبب پاڻ
عاشق سروري به سڏائيندا هئا
جان
محمد جانباز هڪ صاحبِ ديوان شاعر آھن جنهن جي موجوده شاعري جو تعداد لڳ ڀڳ پنج سئو
500 آھي جڏھن ته سندن هڪ لکت مطابق سندن شاعري جو وڏو حصو غم ٿيل آھي ۽ ڪجھ شاعري
جي تعداد سندن قريبي دوستن وٽي موجود آھي. سندن ديوان نالي ديوانِ جانباز سندن پُٽ
حاڪم الدين سائل جوکيو وٽ اڻ ڇپل صورت ۾ موجود آھي. سندن ٻه ٻيا ڪتاب آڇيندي لڄ
مران ۽ ويا سي وينجهار پڻ اڻڇپيل حالت ۾ موجود آھن.
احسان
علي احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب ديوان احسن جي صفحي نمبر ستاويھ تي لکي ٿو ته “ شاعر
حساس طبيعاً سوچ لوچ جو مالڪ ھوندو آھي هو روزمره زندگي ۾ ايندڙ لاهن چاڙھن کي غور
فڪر سان مقابلو ڪري ان جو حقيقي عڪس ذھن تي آڻي، عملي جامون پهرائي، قلمي نوڪ
ذريعي عوام آڏو اظھار ڪري ٿو، حقيقت ۾ شاعر سماج جو حقيقي ترجمان هوندو آھي. هو جيڪي
ڪجھ چوي ٿو اهو سماجي حالات جو سچو پچو عڪس هوندو آھي.“
شاعر
جان محمد جانباز به حساس طبيعت جو مالڪ، سماج ۾ ايندڙ نا انصافين تي غور و فڪر ڪري،
عوام جي ضمير کي جهنجهوڻڻ جي لاءِ قلمي نوڪ ذريعي پنهنجي احساسن جو اظھار لفظن جي
غنوخي انداز سان پنهنجي شاعري ۾ ڪندو هو.
پنهنجي
پوري زندگي سماجي ڪمن ۾ وقف ڪري ڇڏيائون، جنهن ڪمن ۾ ڪجھ ھي آھن، غريبي حال هوندي
به علائقي جي غريب مسقين ٻارڙن کي پنهنجي جيب خرچ سان پڙھائڻ، غريب نوجوانن کي مفت
۾ نوڪري وٺي ڏيڻ، اسڪول کولائڻ، وغيره هئا. پاڻ ڪڏھن به رشوت نه ورتائون بلڪ رشوت
جي خلاف لکندا رهندا هئا.
سندن
لفظ دلڪش، جلا جلائيندڙ، جلالي ۽ ضمير کي جهنجهوڙيندڙ ھوندا هئا. ڪرپٽ ۽ راشي
آفيسرن کي خط لکي انهن جي ضمير کي چنبن ۾ جهلي جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پنهنجي
قوم سان سچا ۽ وطن سان بيپناھ حب رکندڙ هئا.
شاعر
جان محمد جانباز 3 جولائي 2003 ۾ پنهنجا تخليقي ڪم دنيا کي ھدايت لاءِ ڏيئي هن
دنيا کي خير باد چئي وڃي خالق حقيقي سان مليا.
سندن
وفات کي اڄ چوڏاھن سال گزري چڪا پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته سندن تخليقي ڪم اڄ ڏينهن
تائين ڪنهن به قسم جي پذيرائي ناهي ماڻي سگهيو! شايد غظيم انسانن جي سوچ وقت کان ڪافي
اڳيان هلندي آهي هو جيڪي ڪجھ لکندا آھن يا جيڪي ڪجھ ڳالهائيندا آھن آن کي سماج
سمجهي ناهي سگهندو ڇاڪاڻ ته هو موجوده وقت کان اڳيان هلندا آھن وقت اچڻ تي هو ۽
ھنن جون سوچيون ظھور پزير ٿي معاشري تي هڪ قانون جيان لاڳو ٿينديون آھن، ڇاڪاڻ ته
تاريخ غواھ آھي ته روس جو ڪميونسٽ انقلاب ڪميون ازم جي باني ڪارل مارڪس جي وفات
کان پوءِ آيو، وليم شيڪسپير کي ماڻھن زندگي ۾ طعنا ڏنا پر وقت ثابت ڪيو ته هو هڪ
عظيم فيلسوف هو.
محمد ﷺ،
ارسطو، افلاطون، سقراط، روسو، مهاتما گوتم ٻڌ، گرو نانڪ جنهن به عظيم شخصيتن علمي ڳالهيون
ڪيون انهن جون ڳالهيون رائيگان نه ويون پر وقت انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو عظيم
انسان هئا.
جان
محمد جانباز جي شخصيت کي نوجوانن آڏو پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇو ته پاڻ نوجوانن جي
لاءِ ھڪ رول ماڊل هئا..
No comments:
راءِ ڏيندا