; سنڌي شخصيتون: خانبهادر شيخ صادق علي انصاري- حسيب ناياب منگي

30 July, 2017

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري- حسيب ناياب منگي

خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جي شاه حسين محلي ۾، شير علي انصاريءَ جي گهر، 1857ع ڌاري صادق علي انصاريءَ جو جنم ٿيو. سندن وڏا، اصل سهارنپور جا هئا. جتان لڏي اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيا. انصاري قبيلي سان تعلق هئڻ. جڏھن ته کين، عزت ۽ احترام وچان، شيخ ڪري سڏيو ويندو هو.


صادق علي انصاري، شڪارپور مان تعليم حاصل ڪري، اول منشي ٿيو. پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تائين وڃي پهتو. خيرپور رياست جو وزير به ٿي رهيو. خير ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي ڪمن عيوض، سال 1911ع ڌاري، انگريز سرڪار کيس خانبهادر جي شخصي خطاب سان نوازيو. جڏهن ته پاڻ 19 اپريل 1912ع تي وفات ڪري ويو.
شڪارپور جي ماڻهن جي خدمت ۽ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ، هن خدا ترس شخص، گهڻو پاڻ پتوڙيو.
حوالو: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سؤ ساله جشن مخزن 1973ع


No comments:

راءِ ڏيندا