خانبهادر شيخ صادق علي
انصاري
حسيب ناياب منگي
شڪارپور
جي شاه حسين محلي ۾، شير علي انصاريءَ جي گهر، 1857ع ڌاري صادق علي انصاريءَ جو
جنم ٿيو. سندن وڏا، اصل سهارنپور جا هئا. جتان لڏي اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيا. انصاري
قبيلي سان تعلق هئڻ. جڏھن ته کين، عزت ۽ احترام وچان، شيخ ڪري سڏيو ويندو هو.