; سنڌي شخصيتون: واسديو نرمل- رکيل مورائي

22 July, 2017

واسديو نرمل- رکيل مورائي

واسديو نرمل
(جيڪو به وينديو رهيو)
رکيل مورائي
ورهاڱي جي طوفان ۾ عام سنڌين سان گڏ سنڌ جا ڪيترا ئي عالم اديب ۽ شاعر به سنڌ ڌرتيءَ تان روئندي روانا ٿي هڪ اهڙي ڌرتيءَ تي وڃي ڪريا، جنهن سان سندن ڪو به تعلق نه هئو، سواءِ ان جي ته اهو ملڪ هنن لاءِ مذهبي ڪعبي واري اهميت رکندڙ هئو.


1947ع کان اڳ جيتوڻيڪ سنڌ هند جي ماتحت هڪ صوبو رهي چڪي هئي، پر عام سنڌي هندو توڻي مسلمان جو ان سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه هئو پوءِ به سنڌين جو هڪ وڏو حصو هتان کان الڳ ٿي هند جي ڌرتيءَ تي پهتو، اتي ان ڪهڙيون تڪليفون ڏٺيون اهو هڪ الڳ داستان آهي جيڪو هند جي سنڌي تخليقي ادب ۾ محفوظ آهي. پر اهو چوڻ به فخر لائق آهي ته هند ويندڙ عالمن ۽ اديبن اتي رهي پنهنجي تهذيب تمدن، ثقافت ۽ ٻولي کي نه وساريو.
ائين به هئو ته لڏي ويندڙن جي نهايت ئي هڪ ننڍڙي حصي کين اهو پڙهائڻ شروع ڪيو ته ماضي سنڌ ۾ رهجي ويو آهي، هند ۾ سڀ ڪجهه نئون اڏڻو آهي، ان ڪري هتان جي تهذيب، تمندن، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي پنهنجو ڪيو وڃي، پر مجموعي سنڌي عالمن ۽ اديبن سنڌ ۽ ان جي هر چيز کي پنهنجو  سمجهيو ۽ ان لاءِ اتي به هنن اهڙي جدوجهد ڪئي جو، نئين سر اتي اخبارون نڪرڻ لڳيون، رسالا ڇپجڻ لڳا ۽ ٻارڙا سنڌي ۾ پڙهڻ لڳا، ايستائين جو هنن ڀارتي آئين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اتان جي قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪرايو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهي گهرون ڪيون/مڃرايون جيڪي اتان جي ٻين مقامي قومي ٻولين کي حاصل آهن.
ظاهر آهي ته اها اهڙي جدوجهد هئي، جنهن ۾ فقط اديب، شاعر ۽ عالم ئي نه هئا پر الڳ الڳ طبقن جا اهي سڀ سنڌي شامل هئا، جن جو سنڌ جي تمدن، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ سان پيار هئو، پڪ سان ان سموري قافلي ۾ شروع کان وٺي هڪ سنهڙو سيپڪڙو سانوري رنگ جو نوجوان پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر ۽ اڳتي هلي سنڌي ٻولي جو خوبصورت شاعر، ناٽڪ نويس ۽ گيت ڪار بڻجڻ وارو واسديو نرمل به شامل رهيو.
واسديونرمل ورهاڱي کان اڳ واري مشرق جي راڻي ڪراچيءَ  ۾ 2 جون 1936ع تي وينسيمل ماڌو جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ آچر 9 اپريل 2017ع جي سج لهڻ کان ٿورو اڳ مهاراسٽر صوبي جي راڄڌانيءَ واري شهر مهانگري ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو.
هو انجنيئر ته هئو ئي پر هڪ ئي وقت ڪيترن ادبي ناٽڪي ۽  سماجي ادارن سان جڙيل به رهيو، ممبئي ۾ رهندڙ واسديونرمل پنهنجي سڀاءَ ۾ هڪ بيحد ماٺيڻو، شرميلو ۽ ڪنهن به ڏيکاءُ کان پري رهندڙ شخص/شاعر  هئو، هن جي شاعري جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، ڪجهه سال اڳ ئي سندس غزلن جو ديوان به شايع ٿيو هئو.
منهنجي ساڻس شاعراڻي سڃاڻپ سندس غزلن جي ڪتاب ”نرمل جي دل جون ڳالهيون“ جي معرفت ئي هئي، هيءُ ڪتاب نوي واري  ڏهاڪي ۾سنڌ آيل نامياري ليکڪ ۽ مشهور رسالي سپون جي ايڊيٽر، دادا ٺاڪر چاولا جي ننڍي ڀاءُ دادا جيوت چاولا مونکي سوکڙي ڪري ڏنو هئو، جنهن تي سندس (دادا جيوت چاولا) جو ئي مهاڳ لکيل هئو. واسديونرمل سان اها پهرين ادبي ملاقات هئي ۽ اها سپرين سين ساڃاهه روح ۾ رهجي وئي، ايستائين، جيستائين نائين اپريل تي هن ممبئي جهڙي وڏي شهر ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
منهنجو گمان آهي ته سندس آخري شاعراڻو ڪتاب “رستي جو فانوس” ئي هئو، جيڪو ڇپيو هئو، شايد کيس انهيءَ رستي جي تلاش هئي جيڪو رستو سندس گمان ۾ اونداهو هئو، تڏهن ته هن رستي تي فانوس هجڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي پنهنجي رستي ۾ روشني ڏسڻ ٿي چاهي، هاڻ ته هن جي آڏو ڪا به اونداهي نه آهي، سندس پويان سندس شعرن جي اهڙي روشني آهي، جيڪا سدائين سنڌي ادب کي روشن رکندي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ رستي جي فانوس جو ڪم ڏيندي.
2001ع ۾ منهنجو جڏهن دهليءَ ڀيڻ وينا شرنگيءَ جي دعوت تي وڃڻ ٿيو هئو ته هن ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي شام جو مرڪزي ساهيته اڪيڊمي دهليءَ جي بينر هيٺ مشاعرو هئو، جنهن جي صدارت به واسديو نرمل ڪئي هئي ۽ مهمانن ۾ اسين سڀ شاعر هئاسون، اسٽيج تي واسديونرمل سان گڏ تاجل بيوس ۽ خاڪي جويو صاحب ويٺل هئا، ائين هند ۽ سنڌ جي ادب ۾ ڪا به وٿي نظر نه اچي رهي هئي، جنهن مشاعري کانپوءِ به هڪ ڏينهن نرمل صاحب اسان سان گڏ هئو، پر مون کي ياد آهي ته اها ڪابه گهڙي نه هئي، جڏهن سندس نماڻي سانوري چهري تان مرڪ غائب ٿي هجي، هڪ اهڙي معصوم مرڪ جيڪا ڄڻ ته سندس چهري جو حصو بڻيل هئي، هو نهايت معصوم، نفيس ۽ نازڪ شخص ته هئو ئي پر ان سندس طبيعت جو اثر سندس شاعريءَ تي به نمايان آهي.
شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ هو هڪ استاد شاعر واري حيثيت رکندڙ هئو، هو عروض کان به واقف هئو ته ڇند وديا کان به واقف هئو. هن  لڳ ڀڳ سنڌي شاعري جي مڙني صنفن تي  طبع آزمائي ڪئي آهي، ايستائين جو هن لاڏا، اولاڻا ڀڄن ۽ ٻاراڻا گيت وغير به لکيا آهن، پوءِ به هو مون کي پنهنجي  مزاج ۾ غزل جو شاعر لڳندو آهي، سندس غزل سان ئي انسيت رهي آهي ۽ هن گهڻي ۾ گهڻا غزل ئي لکيا آهن.
ممبئي ۾ پروفيسر رام پنجواڻي لٽريري سوسائٽي پاران سيتاسنڌوڀون ۾ ٿيندڙ  مشاعري جي محفل  ۽ دوستن جي گهرن تي رٿيل گڏجاڻين ۾ پڻ هو چڱو عرصو اسان سان ساڻ رهيو، ڪيترا ئي ادبي، ناٽڪي ۽  سماجي ادارن جا ايوارڊ ماڻيندڙ واسديونرمل کي 2007ع  تي مرڪزي ساهيته اڪيڊميءَ جو مانائتو ايوارڊ  سندس 2005ع ۾ ڇپيل ناٽڪن جي ڪتاب “وڄوڻ وسڻ آئيون” تي مليو، هيءَ ايواڊ ادب ۾ اهم مڃتا ليکي ويندي آهي، ٻيءَ طرح واسديو نرمل کي ادبي مڃتا ۽ آبرو سنڌين پاران ڀرپور نموني ملي، سچ ته هو اها آبرو لهڻندو به هئو.
هن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي سنڌي ادب جي ميراث آهن، سنڌ جي اديبن سان ملي، ڏک سک سور اوري خوش ٿيڻ وارا، هند ۾ باقي جيڪي، اديب بچيا آهن، انهن مان هڪ واسديونرمل به هئو جيڪو رمندو رهيو. امڪان اهو آهي ته هڪ ڏهاڪي کانپوءِ سنڌ جي اديبن کي هند ۾ سڃاڻڻ  وارو شايد ڪوبه سنڌي اديب نه رهي، اهڙي حالت ۾ واسديونرمل  جو هليو وڃڻ  گهڻو ڏک ڏيندڙ آهي، واسديونرمل ڪيتروئي عرصو الڳ الڳ بيمارين سبب بستري تي رهيو، اڄ هو نه رهيو آهي پر سندس يادگيريون سندس ڪتاب ۽ سندس معصوم مرڪ سدائين رهڻي آهي.

واسديونرمل انهن سنڌي شاعرن مان هئو جن کي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڏسڻ نصيب نه ٿي، ائين  هو پنهنجو سنڌ ڏسڻ جو خواب اکين ۾ رکي سدائين لاءِ خاموش ٿي ويو، پڪ سان سندس بند ٿي ويل اکين ۾ اها سنڌ پنهنجي سموري سونهن سوڀيا ۽  روشن مستقبل سان موجود هوندي، جيڪا هُن ننڍپڻ ۾ ڏٺي هئي. سنڌ جا اديب هن ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا