; سنڌي شخصيتون: موج درياهه شاهه رضوي - منظور ڪالرو

22 July, 2017

موج درياهه شاهه رضوي - منظور ڪالرو

موج درياهه شاهه رضوي
منظور ڪالرو
سنڌ سموري، خاص طور ٽنڊوالهيار ضلعي جي اها خوشقسمتي ۽ خوشبختي چئبي جو هِن جوءِ ۾ به اللهﷻ جا صاحبِ ڪرامت بزرگ ولي ڳچ تعداد ۾ آيا ۽ هن ڌرتيءَ تي امن، محبت، ڀائيچاري، همدردي ۽ ڀلائيءَ جا پيغام وڌيڪ عام ڪيا. جيئن انسان ذات بغير ڪنهن متڀيد جي پيار، هڪٻئي جي خبرگيري ۽ خوشحاليءَ سان رهي سگهن. انهن ولين جي آستانن ۾ بڪيرا شريف، ڌڱاڻو بوزدار، قبه بس اسٽاپ، شاهپور رضويه، ڪامارو شريف، نصرپور توڙي ٻين وسندين سميت خود ٽنڊوالهيار شهر ۾ خداوند تعاليٰ جا محبوب ۽ پسنديده شخصيتون ۽ بزرگ هستيون آرامي ڏسجن ٿيون، جتي انهن اوليائن جي مزارن مبارڪن مان اڄ به فيضِ عام سبب عقيدتمندن جي حاضري ڏسڻ وٽان آهي.


بزرگن جي انهن درگاهن مان سخي موج درياهه شاهه رضوي جي آخري آرامگاهه جي به خاص حيثيت سمجهي وڃي ٿي. وڏي عمر جا عقيدتمند جهونا ٻڌائين ٿا ته، سيد موج علي شاهه ولد سيد مراد علي شاهه رضوي پنهنجي ڪرامت ۽ ڪشف سان ڳاهوري واهه کي پوئتي وهايو ۽ پوءِ سندن نالو مشهور ٿيو ”موج درياهه شاهه بادشاهه“. هن اولياءَ جي وصال جي تاريخ 20 شوال (يا شعبان) سن 1330 هجري ٻڌائي وڃي ٿي. پاڻ سخاوت جا صاحب هئا، پهريان مسڪينن کي کارائي پوءِ پاڻ کائڻ پسند ڪندا هئا. پاڻ بيماري جي صحتيابي لاءِ دُعا ڪندا هئا ته موذي بيمارين جا مريض صحتياب ٿيندي ڏٺا ويا. موج درياهه شاهه جي ”ماني“ (لنگر) ۽ سيد جان محمد شاهه المشهور جانو شاهه جي ”ڪاني“ (بد دُعا) هتي مشهور هوندا هئا. مطلب ته پاڻ جيڪو زبان سان چوندا هئا، اهو ئي ٿي ويندو هو. اڪثر شهر جا مزدور ماني اچي سائين مراد علي شاهه جي حويليءَ تي کائيندا هئا. سيد جانو شاهه جي مزار حويلي ۾ موجود آهي، جڏهن ته سائين موج درياهه شاهه جي مزار مبارڪ حويلي کان ڪجهه فاصلي تي اڄ به عقيدتمند ۽ مريدن لاءِ باعثِ روحاني فيض ڏيندي ڏسجي ٿي.
هن وقت درگاهه حضرت سخي موج درياهه شاهه رضوي جو گادي نشين سائين زاهد حسين شاهه رضوي آهي، جن کي درگاهه جي جهونن مريدن سان گڏوگڏ ضلعي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيت سيد علي نواز شاهه رضوي جي اڳواڻي ۾ ڪيل فيصلي موجب ”گادي نشين“ جون ذميواريون حوالي ڪيل آهن، جن کي هي نوجوان بهتر انداز ۾ ادا ڪندي ڏسجي ٿو. منجهانس وڏيون اميدون آهن ته پاڻ درگاهه ۽ حويلي جي عقيدتمندن ۽ مريدن جي ڀلائي، مسافرن جي بهتري سميت شهر جي ڀائيچاري ۽ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ طرف به ڌيان ڏيندا، جڏهن ته درگاهه جي بهتر انداز ۾ ترقي، خوبصورتي ۽ صفائي سٿرائي سان گڏوگڏ حاضري لاءِ ايندڙ عقيدتمندن لاءِ لنگر جو خصوصي بندوبست ڪندا.

هن ڏس ۾ درگاهه سخي موج درياهه شاهه جي جهوني بزرگ ۽ عقيدتمند خانصاحب نظير احمد بچاڻي جون خدمتون ۽ حاضريون به ساراهه جوڳيون سمجهيون وڃن ٿيون. حضرت موج درياهه شاهه رضوي جو 108هون ساليانو عرس مبارڪ تاريخ 20 شوال کان شروع ٿي (15 جولاءِ 2017ع کان 18 جولاءِ 2017ع) 23 شوال 1438 هجري تي ختم ٿيندو. ان موقعي تي هر مڪتب فڪر توڻي هندو ڌرم جا عقيدتمند به شريڪ ٿيڻ لازمي سمجهن ٿا. ميلي جي ٽنهي ڏينهن تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محلف پڻ مچائي وڃي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا