; سنڌي شخصيتون: موج درياهه شاهه رضوي، منظو،ر ڪالرو،
Showing posts with label موج درياهه شاهه رضوي، منظو،ر ڪالرو،. Show all posts
Showing posts with label موج درياهه شاهه رضوي، منظو،ر ڪالرو،. Show all posts

22 July, 2017

موج درياهه شاهه رضوي - منظور ڪالرو

موج درياهه شاهه رضوي
منظور ڪالرو
سنڌ سموري، خاص طور ٽنڊوالهيار ضلعي جي اها خوشقسمتي ۽ خوشبختي چئبي جو هِن جوءِ ۾ به اللهﷻ جا صاحبِ ڪرامت بزرگ ولي ڳچ تعداد ۾ آيا ۽ هن ڌرتيءَ تي امن، محبت، ڀائيچاري، همدردي ۽ ڀلائيءَ جا پيغام وڌيڪ عام ڪيا. جيئن انسان ذات بغير ڪنهن متڀيد جي پيار، هڪٻئي جي خبرگيري ۽ خوشحاليءَ سان رهي سگهن. انهن ولين جي آستانن ۾ بڪيرا شريف، ڌڱاڻو بوزدار، قبه بس اسٽاپ، شاهپور رضويه، ڪامارو شريف، نصرپور توڙي ٻين وسندين سميت خود ٽنڊوالهيار شهر ۾ خداوند تعاليٰ جا محبوب ۽ پسنديده شخصيتون ۽ بزرگ هستيون آرامي ڏسجن ٿيون، جتي انهن اوليائن جي مزارن مبارڪن مان اڄ به فيضِ عام سبب عقيدتمندن جي حاضري ڏسڻ وٽان آهي.