; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ - حسن مجتبيٰ

22 July, 2017

ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ - حسن مجتبيٰ

ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ
ڪچا گلاب سڙڻ واري ڪيفيت
حسن مجتبيٰ
اهي اپريل جا اداسيءَ ڀريا ڏينهن هئا، سال اڻويهه سؤ اڻاسي هو، جڏهن گاڏي کاتي جي گل شاه بخاري روڊ جي امام بارگاه رضويه ۾ ڳجهي نموني ذوالفقار علي ڀٽي جي ياد ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي هئي. جنهن کي عبدالعلي شاهه خطاب ڪيو هو ۽ خوب ضياءُ الحق تي تبرا ڪيا ويا هئا. انهيءَ مجلسِ جو باني منهنجو پيارو پپو شاهه (سيد ذوالفقار علي شاهه هو. (لاڙ وارو وڏيرو پپو شاهه نه، جنهن کي پليجو صاحب پپي شاهه سڏيندو آهي) هي منهنجو محبوبن جهڙو دوست ذوالفقار شاهه پپو هو، جنهن کي مان ”بپي لهري“ سڏيندو هوس. پپو شاهه جو ڪٽنب گاڏي کاتي واري هنڌ گل شاهه حويلي ۾ ايترو ئي ٻه سؤ سال پراڻو هو، جيترو اهو صدي پراڻو نم جو وڻ به نه هوندو، جنهن هاڻ وري ٻور جهليو هوندو، پر هيل پپو شاهه ڪو نه آهي. نمن جي ٻور جي خوشبوءِ ۾ ماتمي نوحن جا پڙلاءَ هڪ عجيب درد جڳائي ويندا آهن. درد سان واسيل اپريل ۾- محرم ۾ اها شهزادي امام قاسم جي مينديءَ جي رات هوندي آهي، جيڪا به صدين سالن کان ان جاءِ گل شاهه جي حويلي تان نڪرندي اچي. نسل در نسل اهو ميندي وارو مرثيو پڙهندڙ ۽ ميندي ڪڍندڙ به هڪڙا اچن ۽ ٻيا وڃن بس؛ ”بچي تو اگلي برس هم هين اور يه غم هي، وگر نه همارا سلام آخر هي“ وارو اهو هڪ عجيب منظر مون ساري دنيا گهمي به نه ڏٺو ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ رات انهيءَ ميندي ۾ هوندا آهن، گهڻو ڪري وري اوهان ايندڙ سال انهيءَ هنڌ کانسواءِ وري ورلي ڪڏهن ڪٿي ڏسو! انهيءَ مظهرالعجائب، مون جهڙي ماڻهو کي به محرم جا ڏهه ڏينهن نه، ته به پويان پنج ڏينهن ضرور مومن بڻائي ڇڏيو. شايد اهڙن ئي منظرن کي ڀٽائي پرکيو ۽ پوءِ چيو هوندو؛ ”ڪي رند پروڙين، راز قضئي ڪربلا جو.“ مون سوچيو هو؛ جيڪڏهن زندگي رهي ته پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن اهڙي رات حيدرآباد شهر جي گاڏي کاتي ۾ انهيءَ هنڌ پپو شاهه سان ملبو، جتي گل شاهه بخاري روڊ جو اهو ڇيڙو محمود چيمبرس واري روڊ تي ملي ٿو ۽ انهيءَ ميندي واري هن جلوس ۾ مرثيو مٽجي نوحي ۾ بدلجي ٿو؛ ”ڪهڙي ملڪ جو آهين امير، اي پرديسي قيدي.“ پر ڪنهن ڄاتو هو ته منهجي دل جي ديس جو امير، زندگيءَ جي قيد مان مون کان اڳ آزاد ٿي ويندو. پپو شاهه رڳو محرمن ۽ مجلسن جو حوالو نه هو، پر هو مون کي قرت العين جي ناولن مان نڪري آيل ڪو ڪردار لڳندو هو، ۽ هاڻ انهن ئي ڪردارن وانگر وري وڇڙي ويو، ٻيهر ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ!


پپو شاهه ۽ ان جو خاندان حيدرآباد جا سڀ کان پراڻا سنڌي هئا. حيدرآباد جا پراڻا سنڌي، جن کي هڪ سنڌي اخبار ”قديم باشندا“ لکندي هئي. اهي قديم باشندا جن کي پنهنجن توڻي پراون جي ڪيل اڻ ڪيل ڪمن جا ڪيتا ڀرڻا پوندا آهن، ۽ اها سنڌ جي شهرن ۾ رهڻ ۽ پنهنجا ڪک نه ڇڏڻ جي قيمت آهي، جيڪا هنن بخوشي قبول ڪئي. هڪ حيدرآباد جو اوج تڏهن اجڙيو، جڏهن سنڌي هندن شهر مان لڏيو، ٻيو اوج تڏهن اجڙيو، جڏهن سنڌي مسلمان پنهنجا سر سهسائي قاسم جي بستين ۾ وڃي پنهنجن جي هٿان دربدر ٿيا. پرواني ڀٽي صاحب کان ڪاش ڪو حيدرآباد شهر جو اوج ۽ وري قاسم آباد ۾ وڃي سندس دل جو درد ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ها، سندس پُٽ جا قاتل پراوا نه پنهنجا سنڌي ئي هئا. جيئن انهي گاڏي کاتي جي هڪ ٻئي نوجوان ڊاڪٽر غلام علي شيخ جا قاتل جوڌا. ڇا جوڌن کي خبر هئي ته اهو ڊاڪٽر غلام علي شيخ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساٿي ڪامريڊ حيدر بخش شيخ جو پٽ ۽ گاڏي کاتي جي امداد علي شيخ ۽ اعجاز شيخ جو ڀاءُ هو، جيڪي ڪن به ڏکين وقتن ۾ گاڏي کاتي جي سنڌين جي سنڀار ڪرڻ وارا هئا. پيارن جوڌن کي ڪهڙي ڄاڻ ته دادا غلام قادر ڪير هو؟ ڀونچالي شاهه جو پڙ ڪٿي آهي ۽ اڪال ڀونگا لين ڪٿي آهي؟ الهندو ڪچو ڇا آهي ۽ پکا پير ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي ٻالن جو ۽ جماعتين جو پڙ؟ ۽ هي جيڪو قدم گاهه جو بابِ خيبر وارو دروازو آهي، اهو ڪنهن ٺهرايو؟ نال بند ڇا آهن ۽ پرور شاهه جو پڙ ۽ ميوو خان ڪيريو ڪير هئا؟ گاڏي کاتي ۾ گهوڙن وارو حوض ڪنهن ٺهرايو ۽ استاد گل ڪير هو؟ ڪير آهي ڊيڊي ويڊيو وارو؟ علي بابا ۽ ڪلو پڪوڙائيءَ کان اڳتي به حيدرآباد آهي. اهي سڀ مونکي پپو شاهه گهمايا ۽ اهي ڪردار ملرايا. اسان هر رات بي بي سي جي خبرن ۽ سيربين (نه هاڻ اها بي بي سي رهي، نه اهي انکي وڄائڻ وارا) جي وچ واري وقفي واري ميوزڪ مهل ڀائي خان يا هوم اسٽيڊ يا چاوڙي وارو روڊ ڏيئي مٿي چڙهندا هئاسين ۽ پوءِ فقير جو پڙ، ميمڻ اسپتال، ڊومڻ واهه روڊ، ميمڻ پاڙو، کاهي روڊ، سري گهاٽ، شيش محل هوٽل، ان جون سنهيون سپرين جي سينڌ جهڙيون گهٽيون ڏيئي سنڌي مهاجر سان سلام ڪندا مارڪيٽ، ٽنڊو ولي محمد، سلاوٽ پاڙو، جماعت خانو، کدڙا گلي عرف ڦول گلي ڏيندا تلڪ چاڙهي تان هيٺ لهندا ڪيفي جارج کان فاران هوٽل ڏيئي چاندني سئنيما ۽ پوءِ ڪينٽونمينٽ تان پھرين چوڪي مير جمشيد جي گهر يا علامه قاضي جي گهر وٽان واپس جيمخاني وارو روڊ ۽ پوءِ وايا ٿڌي سڙڪ ڏيئي حيدر چوڪ تي ساهي کڻندا هئاسين. پراڻي پرشين هوٽل تي يا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي گهر هيٺان. اهڙين ئي رولاڪين وارين راتين جو اسانجي گاڏي کاتي ۾ پهرين ڏيٺ ويٺ هڪڙي مها رولاڪ حسن درس سان ٿي، جيڪا پوءِ دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. حسن درس انهيءَ يونيورسٽي جو پڙهاڪ هو، جيڪا پپو شاهه جي مانڊڻي هئي. اها رڳو ٻِيڙي ماچس جي مانڊڻي نه هئي، اتان سنڌ ۽ حيدرآباد ملندا هئا. اتان هڪ زمانو لنگهيو هو، جنهن جاءِ اها مانڊڻي هئي. اتي جتي واپڊا وارن جي يونين آفيس آهي، ان جي ڀرسان نعپ يا نيشنل عوامي پارٽي جي آفيس هئي، جتي پپو شاهه جي سانڀر ۾ هن سيد باقر علي شاهه کي هول ٽائمر يا ڪل وقتي طور ويٺل ڏٺو. اوهان مان گهڻن کي خبر آهي ته هي عظيم انسان سيد باقر علي شاهه ڪير هو؟ پپو شاهه جي گهر تي جيجي زرينه بلوچ، اختر بلوچ، رياض ميمڻ ۽ نسيم ٿيٻو به اچي رهيون هيون. جڏهن هنن گاڏي کاتي ۾ اولڊ ڪيمپس وٽ بک هڙتال ڪئي هئي ته پپو شاهه جو گهر هنن جو آرامگاه هوندو هو، وري جڏهن ڀٽي جي ڦاسي خلاف جيجي وارن جلوس ڪڍيا تڏهن به هتي هڪڙو ڳجهو ٺڪاڻو هو. هتي زناني مجلسن ۾ عابده پروين به پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ سلام ۽ نوحا پڙهيا ته تصور خانم به- هتي هن مانڊڻي تي هڪڙو حسين پوڙهو اڇي ڏاڙهي وارو سدائين ٻارنهن ماهه ڪاري ويس ۾ ويٺل، هڏين جي مٺ بزرگ سائين پريل شاهه هو، جيڪو پپو شاهه جو والد هو. گل شاهه جو ننڍو فرزند، جنهن جي جي نانءُ اهو گل شاهه روڊ سڏرائيندو آهي. پپو شاهه جي والده جو تعلق لياري سان هو، جتان هنن جا وڏا ايراني بلوچستان مان آيا هئا. هو ڇا ته عظيم عورت هئي. هڪ ٻي عظيم خاتون سنڌ جي لوڪ فنڪاره ادي امينا شاهه پپو شاهه جي سڳي ڀيڻ هئي. ”ادا مهاڻا ٻيڙي وارا لال تي ٿي وڃان.“ لياري جي ٻارنهن امام يا باره امام وارا پپو شاهه جا ناناڻا هئا.

ايم آر ڊي تحريڪ دوران حيدر چوڪ تي گرفتاريون ڏيڻ وارن ۽ اتي جلوس ڪڍڻ وارن مان ڪيترن دوستن جي هڪڙي جنڪشن پپو شاهه جي مانڊڻي هوندي هئي. اسلم خواجه، اي جي چانڊيو، ارشاد گلاباڻي، ڪامريڊ اشوڪ ڪمار، آزاد سنڌي ماستر ۽ ٻين لاءِ هن جي مانڊڻي جمهوري ۽ ضياءَ مخالف ماڻهن جي هڪڙي رابطي جو مرڪز به هئي. پپو شاهه نه انتهاپسند شيعو هو، نه انتھاپسند سنڌي، هو درويش انسان هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ ننڍي عهدي تي ڪم ڪندڙ هيءُ هڪ وڏو انسان هو. هن جو وڏو ڪم ننڍڙي لاڪون سنڌي ٻارڙن کي منظم ڪرڻ هو، ٻارڙن جي ٻاري کان وٺي گلن جهڙا ٻارڙا تائين- هيءُ به پپو شاهه جي وڏن جو پڙ گل شاهه هو، جيڪو سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ عزادراي جو وڏو مرڪز هو. پر اتي هڪڙي محرم دوران مٺايون ورهايون ويون، جنهن شام ضياءُالحق جي موت جي خبر آئي. هو منهنجي شاعري ۽ لکڻين پڙهڻين ۽ روزمره جي ڳالهين جو اڪيلو صابرين ٻڌندڙ هو. هو به مدد علي سنڌي وانگر قرت العين حيدر کي پڙهندو هو، ان لاءِ ته ان ۾ غمِ حسين سان سلهاڙيل ڪردار هوندا هئا ۽ زندگيءَ جي بي ثباتي هوندي هئي، جيڪا هن کي به پسند هئي. مان پپو شاهه پڄاڻان ڪيفيت کي پروين شاڪر جي ان هڪڙي سٽ ۾ محسوس ٿو ڪيان ته ”ہوا مين ڪچي گلاب جلني ڪي ڪيفيت هي.“ پپو شاهه کانپوءِ ايئن ٿو ڀاسيم حيدرآباد هڪ ڀيرو ٻيهر مري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا