ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ
ڪچا گلاب سڙڻ واري ڪيفيت
حسن مجتبيٰ
اهي
اپريل جا اداسيءَ ڀريا ڏينهن هئا، سال اڻويهه سؤ اڻاسي هو، جڏهن گاڏي کاتي جي گل
شاه بخاري روڊ جي امام بارگاه رضويه ۾ ڳجهي نموني ذوالفقار علي ڀٽي جي ياد ۾ مجلس
عزا برپا ڪئي وئي هئي. جنهن کي عبدالعلي شاهه خطاب ڪيو هو ۽ خوب ضياءُ الحق تي
تبرا ڪيا ويا هئا. انهيءَ مجلسِ جو باني منهنجو پيارو پپو شاهه (سيد ذوالفقار علي
شاهه هو. (لاڙ وارو وڏيرو پپو شاهه نه، جنهن کي پليجو صاحب پپي شاهه سڏيندو آهي)
هي منهنجو محبوبن جهڙو دوست ذوالفقار شاهه پپو هو، جنهن کي مان ”بپي لهري“ سڏيندو
هوس. پپو شاهه جو ڪٽنب گاڏي کاتي واري هنڌ گل شاهه حويلي ۾ ايترو ئي ٻه سؤ سال پراڻو
هو، جيترو اهو صدي پراڻو نم جو وڻ به نه هوندو، جنهن هاڻ وري ٻور جهليو هوندو، پر
هيل پپو شاهه ڪو نه آهي. نمن جي ٻور جي خوشبوءِ ۾ ماتمي نوحن جا پڙلاءَ هڪ عجيب
درد جڳائي ويندا آهن. درد سان واسيل اپريل ۾- محرم ۾ اها شهزادي امام قاسم جي
مينديءَ جي رات هوندي آهي، جيڪا به صدين سالن کان ان جاءِ گل شاهه جي حويلي تان نڪرندي
اچي. نسل در نسل اهو ميندي وارو مرثيو پڙهندڙ ۽ ميندي ڪڍندڙ به هڪڙا اچن ۽ ٻيا وڃن
بس؛ ”بچي تو اگلي برس هم هين اور يه غم هي، وگر نه همارا سلام آخر هي“ وارو اهو هڪ
عجيب منظر مون ساري دنيا گهمي به نه ڏٺو ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ رات انهيءَ ميندي
۾ هوندا آهن، گهڻو ڪري وري اوهان ايندڙ سال انهيءَ هنڌ کانسواءِ وري ورلي ڪڏهن ڪٿي
ڏسو! انهيءَ مظهرالعجائب، مون جهڙي ماڻهو کي به محرم جا ڏهه ڏينهن نه، ته به پويان
پنج ڏينهن ضرور مومن بڻائي ڇڏيو. شايد اهڙن ئي منظرن کي ڀٽائي پرکيو ۽ پوءِ چيو
هوندو؛ ”ڪي رند پروڙين، راز قضئي ڪربلا جو.“ مون سوچيو هو؛ جيڪڏهن زندگي رهي ته
پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن اهڙي رات حيدرآباد شهر جي گاڏي کاتي ۾ انهيءَ هنڌ پپو شاهه
سان ملبو، جتي گل شاهه بخاري روڊ جو اهو ڇيڙو محمود چيمبرس واري روڊ تي ملي ٿو ۽
انهيءَ ميندي واري هن جلوس ۾ مرثيو مٽجي نوحي ۾ بدلجي ٿو؛ ”ڪهڙي ملڪ جو آهين امير،
اي پرديسي قيدي.“ پر ڪنهن ڄاتو هو ته منهجي دل جي ديس جو امير، زندگيءَ جي قيد مان
مون کان اڳ آزاد ٿي ويندو. پپو شاهه رڳو محرمن ۽ مجلسن جو حوالو نه هو، پر هو مون
کي قرت العين جي ناولن مان نڪري آيل ڪو ڪردار لڳندو هو، ۽ هاڻ انهن ئي ڪردارن
وانگر وري وڇڙي ويو، ٻيهر ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ!