; سنڌي شخصيتون: طارق عالم ابڙو

20 July, 2017

طارق عالم ابڙو


طارق عالم ابڙو
يار جي ياد ۾
نصير مرزا
سنڌي ٻولي جي روميو ڪهاڻيڪار طارق عالم سان مون کي پنهنجي پهرئين ملاقات به سربستي ياد آهي، ته آخري به- بس اڄ ڏهين اپريل ۲۰۱۷ع تي ”رهجي ويل منظر“ ناول جي ان ئي تخليقڪار جي (۵۹) سالگرهه جو ڏينهن آهي. اجهو اڄوڪي ئي ڏينهن ۲۰۱۱ع جي شام يعني طارق جي وصال کان صرف ٻه مهينا اڳ C-۳۳ بنگلي تي هن جي آخري سالگرهه سيليبريٽ ڪئي هئسين. تڏهن ڪنهن به نٿي ڄاتو ته اسان جو هيءُ آخري فوٽو سيشن آهي. ڪيڪ ڪٽڻ وقت هن جي هڪ پاسي ڀاڄائي رضيه، هالار ۽ لاهوت هئا ۽ ٻئي پاسي هي آئون ۽ طارق جو وڏو ڀاءُ زبردست فوٽوگرافر قيس ابڙو (اهو به طارق کان پوءِ ترت ئي ڪينسر سبب ڪئنيڊا ۾ گذاري ويو ۽ اُتي ئي دفن آهي) طارق کي ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ چوڻ وقت آئون سخت مونجهاري ۾ هئس، جو ان وقت طارق جو جگر ۽ گردا مڪمل ختم هئا، جنهن سبب هو سارو ڪاراٽجي ويو هو، بس ٿوري اميد جي لاٽ ضرور روشن هئي ته هو جلد انڊيا مان جگر ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ لاءِ ويندو ۽ نوبنو ٿي زندهه سلامت موٽي ايندو. اهڙي آپريشن جي خرچن لاءِ سنڌ سرڪار، ڪراچيءَ جي سروسز هاسپٽل ۾ ميڊيڪل بورڊ ويهاريو هو، جن وزير اعليٰ سنڌ کي ستر لک ڏيڻ جي تاڪيد ڪئي. اتفاق سان چيف سيڪريٽري اسان جو هو. مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي زور بار تي اها سمري سرڪي وزير اعليٰ تائين پهتي. تڏهن سبحان ميمڻ مون کي فون ڪري چيو ته: نصير ڪم ٿي ويو، سائين توهان لاءِ ست لک رپيا منظور ڪيا آهن. مون کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه آيو، پڇيم ستر يا صرف ست...؟ وراڻيائين: وزير اعليٰ ٻڙي کائي ويو اٿئي، سو صرف ست لک ڏنا اٿس. مون به جواب ڏنومانس ته، پوءِ اهي به هو پاڻ وٽ رکي ڇڏي، نٿا کپن...منهنجي جملي تي شايد چيف سيڪريٽري کي به تيش اچي ويو...نٿا کپن ته ٺهيو ۽ هن فون بند ڪري ڇڏي. تڏهن دل مان دانهن نڪتي ته هيءُ اسان جو عزيز دوست ئي ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ ٻين ٻٻرن مان ٻيرن جو ڪهڙو آسرو؟


سالگره واري ڏينهن ڄامشوري جي موسم ڪيڏي نه عجب ۽ اداس هئي، ڇڻيل پيلن پنن سان ڪائنات ڀرجندي پئي وئي، پر طارق جي رهائشگاهه واري انب جي وڻ ۾ ٻور لٿل هو ۽ ان ۾ ڪوئل دردناڪ آلاپ الاپي رهي هئي. مون طارق تي نگاهه وڌي، هن جي چهري جو رنگ ۽ پنو اڏاڻل هو، پر پوءِ به موت کان هو ڊنل نٿي لڳو ۽ گفتگو ۾ سدا وانگر بيباڪ پئي نظر آيو. احمد فراز چوندو هو ته، جيڪو ماڻهو سچو، اهو ئي بهادر هوندو آهي. طارق کي پنهنجي ڏات ۽ صلاحيت تي پورو اعتماد هو، ان ڪري هو نه ڪنهن همعصر کان مرغوب ٿيو، نه ڪنهن امير وزير کان- طارق پنهنجي اسلوب ۾ وري زبردست رومينٽڪ ليکڪ هو. سنڌ ويجهي ماضيءَ ۾ منهنجي دعويٰ آهي ته صرف چار اسٽائلسٽ ۽ رومينٽڪ سرجڻهار پيدا ڪيا آهن...آغا سليم، امر جليل، امداد حسيني ۽ طارق عالم...ڪنهن وقت طارق ۽ آئون جڏهن بلڪل الهڙ ڇوڪرا هوندا هئاسين ته نورالهديٰ شاهه چيو، توهان ٻنهي لاءِ پي ٽي وي تي هڪ اهڙو ڊرامو لکنديس، جنهن جا ٻه هيرو هوندا طارق عالم ۽ نصير! (افسوس، ادي نور لاءِ آئون هاڻي ”زيرو“ بڻجي چڪو آهيان). اپريل ۲۰۱۱ع تي ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ فوٽو سيشن بعد اسين ٻئي دوست ساڳي سال ڇهين اپريل تي گذاري ويل ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لحد جا سلامي ٿيڻ لاءِ پنڌ ئي پنڌ ان طرف نڪري پياسين ۽ ائين سنڌ الاجي سامهون C-۳۳ بنگلي کان علامه آءِ آءِ قاضي مزار جي احاطي تائين طارق ۽ مون گڏجي واڪ ڪئي، تڏهن دل ۾ لحظي لاءِ به اهو خيال نه آيم ته طارق سان هيءَ منهنجي آخري واڪ آهي ۽ هاڻي اسين وري هينئن قدم به قدم ڪڏهن به هلي نه سگهنداسين. پوءِ نما شام وقت ڊاڪٽر صاحب جي لحد وٽ بيهي گل نڇاور ڪياسين. طارق هونءَ ته ڪمال جو سينس آف هيومر رکندڙ هو، پر طارق پنهنجي تحرير ۾ مستي مذاق ڪڏهن به نه ڪندو هو، ان ۾ هو نهايت سنجيده ۽ رومينٽڪ رهيو. ائين طارق جا ڪالم هجن يا ڪهاڻيون هن جا جملا، اهڙا ته رنگين جهڙيون هوليءَ لاءِ ڀريل رنگ رنگ جون پچڪاريون- پر هي صرف طارق ئي ڇا، مون کي ته هن جو سارو گهر ڄڻ نيشنل ڪاليج آف آرٽس يا سدائين ڪو نگار خانو پيو معلوم ٿيندو هو....جڏهن جڏهن اتي وڃان ڊگهن اڇن وارن سان قداور، سئو ساله بابا محمد عالم کٽ تي دراز ۽ ايڏو ڊگهو جو پير سندس سدائين کٽ کان ٻاهر هوندا هئا. امان ڌياڻي ڪاٺ جي صندلي تي ويٺل چلم سامهون نڙ چپن تي ۽ گڙ گڙ بڙ بڙ جاري...ساقي ابڙو اڱڻ ۾ ٽهلي ڪنهن اسٽيج ناٽڪ جا ڊائلاگ رٽيندڙ، قيس ابڙو جنهن جا وار سنها ۽ ريشمي ريشمي، اهو وري هر وقت آرسي آڏو ۽ هيرا اسٽائيل ٺاهڻ ۾ مصروف....۱۹۷۹ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي جي صحافت شعبي ۾ طارق منهنجي ڪلاس فيلو جي چنبي ۾ اچي ويو، اوچتو طارق تان هن گرفت ڍري ڪئي ته هيءُ روميو نفيس شيشي وانگر چڪنا چور ٿي ويو. موٽ ۾ بطور ڪيٿارسس هن ”رهجي ويل منظر“ جهڙو ناول لکي ورتو. مس رضيه لاڙڪ ڪنهن اتفاقي ملاقات ۾ طارق سان ناول جي واکاڻ ڪئي تڏهن رومينٽڪ طارق اوچتو چئي ويٺس، توهان مون سان شادي ڪندا؟ ڇا توهان ان آفر ۾ سريئس آهيو؟ مس لاڙڪ کانئس پڇيو...طارق چيس، پر آئون ته بي روزگار آهيان؟...پرواهه ناهي منهنجا ٽي ماڻهو به ته بي روزگار آهن ۽ آئون ئي انهن کي سپورٽ ڪندي آهيان. تڏهن طارق وراڻيو، اٽز اوڪي ته پوءِ شادي بعد سمجهجو توهان کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽي نه...چار ڀائر آهن. بهر ڪيف ڀاڀي رضيه کانپوءِ به طارق پروفيسر عذرا مغل سان ٻي شادي ڪئي، پر رضيه ڀاڀي خاموش رهي، احتجاج وري به مون ئي ڪيو. تنهن تي ڀاڀي رضيه کلندي چيو طارق مون کي ڇڏي ويندو ئي ڪيڏانهن؟ موٽي آخر مون وٽ ئي ايندو...!
ڪنهن هنڌ طارق جون هي ٻئي گهر واريون هڪ ئي هنڌ نظر اينديون هيون ته کين چيڙائيندي آئون ڳائڻ لڳندو هوس..”دو ستارون ڪا زمين پر هئه ملن آج ڪي رات...“ طارق جي تربت جو ڪتبو کليل ڪتاب ڊزائن جو آهي. پر طارق ڪتاب هميشه قسطن ۾ ئي پڙهندو هو، پڙهندي پڙهندي، ان کي اڌ کليل صورت ۾ اونڌو ڪري الائي ڪيڏانهن نڪري ويندو هو. يارهين جون ۲۰۱۱ع تي طارق ويو ته مون کي به ٻه اڌ ڪري اونڌي منهن ڇڏي هليو ويو، تڏهن تعزيت بوڪ ۾ ادل سومري هي ڪيڏو نه درست لکيو: غمِ حسين عه ۽ ماءُ جي ڏک کان پوءِ نصير جو وڏي ۾ وڏو ڏک، طارق جو وڇوڙو آهي...
طارق، جيڪو مون لاءِ سدائين کان ڳالهين جو ڳهير...ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ اچي هاڻي جتي هو آهي، اتي جي باغن، حُورن ۽ کير جي ندين جو اهڙو ته دلپذير بيان شروع ڪري ڏيندو آهي، جو دهشت ۽ ڌماڪن سان ڀرپور هن دنيا کان دل برداشته ٿي واقعي به سوچيندو آهيان، ڇو نه طارق جي ٻڌايل ان دنيا ڏانهن هاڻي هليو ئي وڃان.



طارق عالم ابڙو
(لفظن جو مصور ۽ رنگن جو شاعر)
رضوان گل
ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور خوبصورت ۽ من موهيندڙ احساسن کي جنم ڏئي هيڻن وجودن کي کن پل لاءِ اهڙين حسين وادين ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي سندن روح کي سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو هر روز جنم وٺن ٿا پر انهن مان چند ئي فرد اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏين ٿا. اهي فرد جيڪي ذهني پيڙائن جا پهاڙ لتاڙي، ڀوڳنائن جا بَحر جهاڳي تخليقي سفر جي پنڌ تي روان آهن سي يقينن تاريخ جو اهم ترين حصو آهن. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪڏهن اسان ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جا نالا ڳڻائينداسين ته انهن ۾ هڪ نالو پنهنجي طرز جي منفرد ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙي جو به نظر ايندو، جنهن پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي تخليقي پورهئي جي موٽ ۾ ايتريون شهرتون ماڻيون، جيڪا خواهش هر تخليقڪار جي اندر ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ضرور پلجندي آهي.
طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول “رهجي ويل منظر” لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ آهي. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو گهڻن ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي.
طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم ۱۰ اپريل ۱۹۵۸ تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ۱۹۶۰ ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانهن مستقل لڏي ويو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد ۱۹۸۹ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ هاڻي ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر هو.
طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار هو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، “رات سانت ۽ سوچون” ڪهاڻيون ۱۹۷۹، “سڃاڻپ جي ڳولا ۾” ڪهاڻيون ۱۹۹۸، “رهجي ويل منظر” ناول ۱۹۸۴،  “مورن اوچا ڳاٽ” سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو ۱۹۹۲، ۽ “لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ”، سفرنامو ۱۹۹۸، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ “پيوند”، “طوفان کان پوءِ”، “چنڊ رهين ٿو ڏور” ۽ “ڇانورو” وغيره شامل آهن. “ايس او ايس”، “سڃاڻپ جي ڳولا”، “ڪوئل”، “فريم”، “رات سانت ۽ سوچون” سندس مشهور ڪهاڻيون آهن.
طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي “سنڌي ادب جو روميو” پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس آهن، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ هوندو آهي.
طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني. ٽه ماهي “مهراڻ” جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجھندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محّور به تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي.
طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فنِ مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا، جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (inner feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين ورڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿين ٿا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري.
مون اڄ کان ڏهه سال اڳ سندس گھر واري پي ٽي سي ايل نمبر تي رنگ ڪري کانئس لاڙڪاڻي جي آرٽسٽن بابت مضمون لکڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ته هن ٻڌايو هو ته مان آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر رهيو آهيان، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظرِعام تي آيل نه آهي پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش ۲۰۰۳ ۾ سنڌالاجي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق داد وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه هو، پر معياري ڪم کي ساراهه جا هار ضرور پوندا آهن.
لاڙڪاڻي ۾ ٻه سال اڳ سندس جنم ڏينهن جي تقريب کانپوءِ جڏهن اسان گڏجي ويهي ڪچهري ڪئي هئي سين ته طارق ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين سان اسان کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو هو. سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ يادون اڄ به تازيون آهن پر هاڻي اهي ٽهڪ سڏڪن ۾ تبديل ڪري طارق اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي.
ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا 



طارق عالم ابڙو
رهجي ويل منظر‘ جو خالق
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
۱۰ اپريل ۱۹۵۸ع تي، قمبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ طارق عالم ابڙي، نثر نگاريءَ سان گڏ شاعري پڻ ڪئي ته سنڌي صحافت ۾ پڻ سندس خدمتون موجود آهن.
طارق عالم جو ننڍپڻ حيدرآباد ۾ گذريو ۽ هتي ئي هن تعليم حاصل ڪئي. ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ بعد هو سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل رهيو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۸ع ۾، ويهن سالن جي عمر ۾ لکي ۽ پوءِ مستقل لکندو رهيو. سندس ادبي حيثيت ٽيلي ويزن جي ڊرامن ڪري مڃيل آهي. هن جا ۲۵ کان مٿي ڊراما ٽي وي ذريعي پيش ٿي چڪا آهن. ان کان سواءِ ريڊيو لاءِ پڻ ناٽڪ لکيائين. ۱۹۹۲ع ۾ ”ڪالم ڪهاڻي“، جي عنوان سان اخبارن ۾ ڪالم لکيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو، ”رات سانت ۽ سوچون“ ۱۹۸۱ع ۾، ”رهجي ويل منظر“ (ناول) ۱۹۸۴ع ۾، هائيڪن جو مجموعو ”مون اچا ڳاٽ“ ۱۹۹۰ع، سفرنامو ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ ۱۹۹۰ع ۾، ”سڃاڻپ جي ڳولها“ (ڪهاڻيون) ۱۹۹۸ع ۾ شايع ٿيا.
”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو در حقيقت هن فيروز ميمڻ جي اصرار تي لکيو. طارق عالم لنڊن ڪو گهمڻ ڦرڻ نه ويو هو بلڪ هو سخت بيماريءَ ۾، پاڪستان جي علاج کان جواب مليل حالت ۾، پاڪستان حڪومت جي خرچ تي گردن جي تبديليءَ جي لاءِ ويو ۽ اهو علاج لاءِ سفر هن ٽي دفعا ڪيو ۱۹۸۷ع، ۱۹۸۹ع ۽ ۱۹۹۰ع ۾. پهريون ڀيرو گردي جي ٽرانسپلانٽ لاءِ ٻيو ۽ ٽيون ڀيرو فالواپ ۽ اک ۾ موتيو جي علاج لاءِ. انهن سفرن لاءِ کيس ڪجهه امداد ته حڪومت پاران بيشڪ ملي پر کيس ڏاڍيءَ مالي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن بهادر نوجوان همٿ نه هاري. سندس سفرنامو لنڊن جي انهيءَ احوال تي پر روايتي سفرنامن کان بلڪل مختلف ۽ منفرد آهي، جيڪو يادگيرين، ساروڻين، واقعن، ڊائري جي ورقن ۽ رپورتاج نموني جو سفرنامو آهي ۽ مقبول پڻ ٿيو. علاج ۾ کيس شفا نصيب نه ٿي. هو حياتيءَ ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو ۽ لکندو رهيو. جنهن وقت هن هائيڪا لکيا، سندس اکين جو نور گهٽجي ويو هو ته به هو لکندو رهيو. کيس لکڻ پڙهڻ ۽ ادب سان عشق هيو. هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ پڻ هن ڏس ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. بيماريءَ کيس نهوڙي وڌو ۽ سنڌي ادب هڪ اُتساهي نوجوان اديب ۽ شاعر کان هميشه لاءِ محروم رهجي ويو.
سندس ناول ”رهجي ويل منظر“، سنڌي ادب جي ناول نگاريءَ ۾ هڪ اهميت جوڳو مقام رکي ٿو. هن ناول کي ۱۹۸۴ع ۾ سنڌالاجي طرفان بهترين ادب جو ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران نسيم کرل گولڊ ميڊل ڏنو ويو. هن ناول جي معرفت، سندس نالو گهڻو مشهور ٿيو. ناول جي ڪهاڻي، رومانس تي ٻڌل آهي. ناول جي اهم ڪردار خود پنهنجي واتان ناول جي ڪهاڻي ”مان“ يعني ضمير متڪلم معرفت پيش ڪئي آهي.
ڪتاب جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي. هو لکي ٿو ته؛ ”گذريل ستن اٺن سالن ۾ (سنڌي زبان جي شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي.“
اڳيان ھلي چوي ٿو ته؛ ”هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو. ڪيترا ئي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصل قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي، جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتون سُرن وانگر اُڀرن ٿيون. سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن مچندي، باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽُٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.“
هيءُ ناول سنجها ۽ پنهونءَ جي پيار جي ڪهاڻي آهي. سندن رومانس يونيورسٽيءَ جي  ڪئمپس ۾ پروان چڙهي ٿو. عام طور يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي رومانس جون ڪيتريون ڪهاڻيون اسان کي ادب ۾ ملنديون ۽ ڪئين جوڙا مختلف وڻن جي اوٽ ۾، ڪارويڊورز جي رستن ۾، ڪينٽينن جي ڪنڊن ۾، سرٻاٽ ڪندي ۽ عشق اوريندي نظر ايندا. اهڙين حقيقتن کي سهڻن لفظن جو روپ ادب ۾ ليکڪن پارايو آهي. انهيءَ ڪري نوجوان طبقي ۾ طارق عالم جي هن ناول وڏي مقبوليت حاصل ڪئي.
پر هتي فقط عشق جي واردات ڪانهي. ليکڪ ناول جو تاڃي پيٽو، اهڙو ته سهڻائيءَ سان اُڻيو آهي جو ناول نه يڪسانيت جو شڪار ٿيو آهي ۽ نه ئي ان ۾ ورجاءُ آهي. هن مختلف رشتن ناتن ۽ محبتن کي سهڻائيءَ سان فوڪس ڪيو آهي. سنجها جو وري ظهير سان پيار، عليءَ جي گهرو ڪهاڻي، علي ۽ سندس زال جي وچ ۾ جهيڙا، راحت حسين، صبا، نصير مطلب ته جيڪي به ڪردار آهن سي پنهنجي ڪرت جي حوالي سان بلڪل appropriate يعني ٺهڪندڙ آهن. ڪنهن هڪ سان به ليکڪ ناانصافي نه ڪئي آهي. هن ناول ۾ پنهونءَ جو ڪردار، ليکڪ پاڻ کي ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو جڏهن صبا ڏي مڙي ٿو ته سنجها ساڙ ٿي محسوس ڪري پر جڏهن هوءَ پاڻ ظهير سان شاديءَ جي خواهشمند آهي، تڏهن پنهون ڀُري ڀڄي ٿو وڃي. سنجها، صبا کان ساڙ کائيندي پنهونءَ کي چوي ٿي ته؛ ”ورگو اسٽار وارا ڏاڍا مصلحت پسند هوندا آهن، اندر جا کوٽا ۽ ڪميڻا. هو پنهنجون ڳالهيون ڪنهن کي نه ٻڌائيندا آهن. ٻين جون سڀ ڳالهيون ڄاڻڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن. مون کي ان اسٽار کان نفرت آهي.“
صبا جو اسٽار ورگو هوندو آهي ۽ سنجها پنهونءَ جي دل مان صبا کي ڪڍڻ جي بهاني اهو سڀ چوندي آهي. پر جڏهن پنهونءَ کي ڇڏي ظهير ڏي وڃي ٿي تڏهن نٿي سوچي ته هوءَ پڻ ورگو آهي. اتي سندس قول ۽ فعل جو تضاد، پنهونءَ کي کائي ٿو هو سوچي ٿو ته؛ “پر سنجها اهو به ڪيڏو وڏو الميو آهي. ..؟ ظهير، جنهن سان تون شادي ڪرڻ ٿي چاهين، اڄ جيڪو تنهنجي مڙني خوابن جو مالڪ آهي. تنهن جو اسٽار به ته ورگو آهي.....؟“
وليرام ولڀ صاحب طارق عالم جي ڪتاب ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ جي مهاڳ ۾ رهجي ويل منظر جي باري ۾ لکيو آهي ته پبلشرن نه شايع ٿيڻ جوڳو ڪتاب ڪوٺيو ۽ طارق عالم کي شدت سان ڪنڊيم ڪيو. ايتريقدر جو ڪتاب جي پبلشر ظفر حسن کي به نه بخشيائون جنهن هن ناول کي ڇپائڻ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو هو.
هيءُ ناول پهرين ۱۹۸۴ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ روشني پبليڪيشن ۱۹۹۵ع ۾ شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ پڻ ڇپيو آهي. سنڌي ناول نويسيءَ ۾ هڪ مختلف موضوع تي اهم اضافو آهي. جيڪڏهن طارق عالم کي حياتي مهلت ڏئي ها ته هو ڪتابن جو وڏو انگ سنڌي ادب کي عطا ڪري وڃي ها.



طارق عالم ابڙو
هو دوستن جي دلين ۾ زندهه آهي
شهباز حيدر مرزا/حيدرآباد
طارق عالم ابڙو، دنيا ۾ حيات هجي ها ته اڄ شام جو پنهنجي حياتيءَ جي ۵۷ هين شمع روشن ڪري ها. دنيا ۾ هو صرف ۵۳ ورهيه، حيات رهيو ۽ پاڻ کي، پنهنجين منفرد تحريرن سان سدائين لاءِ جهڙوڪر سدا حيات ڪري ويو.
طارق ڄمندي ڄام هو، پاڪستان ٽيليويزن لاءِ پهريون ڊرامو جڏهن لکيائين، ته سندس ڄمارصرف ۱۹ ورهيه هئي ۽ ان ڊرامي جو نالو هو ”چنڊ رهين ٿو دُور“ جنهن ۾ مکيه ڪردار جيجي زرينه بلوچ ادا ڪيو هو. ”رات سانت ۽ سوچون .... سُڃاڻپ جي ڳولا“.. پوءِ شعري مجموعو: ”مورن اوچا ڳاٽ“ ۽ طارق اڃا ۲۳ هن ورهين جو مس هوندو، جو پنهنجي حياتيءَ جو شاهڪار ناول لکيائين ’رهجي ويل منظر‘. جيڪو اڄ به نوجوان ٽهيءَ ۾ ايڏو ته مقبول آهي جو نصاب جي ڪتابن وانگر پڙهجندو آهي.
سال ۸۶ع ۾، گڙدا فيل ٿي وڃڻ ۽ لنڊن جي هڪ اسپتال مان ڪامياب آپريشن ڪرائي موٽيو ته، خوبصورت نثر ۾ دلفريب سفرنامو لکيائين: ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“.
طارق عالم، اسي واري ڏهي ۾ ڪهاڻيڪار طور اُڀري سامهون آيو هو ۽ هڪ جيڏن ۾ نهايت منفرد ڪهاڻيڪار طور پاڻ کي مڃرائي ورتو هئائين. نوي واري ڏهاڪي ۾، سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته ٿيو ۽ يارهين جون ۲۰۱۱ع تي وصال وقت، پاڻ ٽه ماهي رسالي مهراڻ جو ايڊيٽر هو.
طارق، پنهنجي حياتيءَ ۾، نهايت ملن سار، کلمک ۽ محبوب شخصيت جو مالڪ هو.
هن روزانه ڪاوش لاءِ ڪيترا ئي زبردست ڪالم پڻ لکيا هئا ۽ اهي ڪالم ”ڪالم ڪهاڻيءَ“ جي عنوان سان طارق عالم اڪيڊميءَ جي طرفان شايع به ٿيل آهن.
طارق بابت سندس دوست نصير مرزا جو ڪتاب، ”طارق-ڪتاب“ ۽ سندس انٽرويوز جو مجموعو: ”رهاڻ طارق ساڻ“ تازو مرتب ٿيو آهي.
طارق بظاهر ته، اڄ سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي، پر دوستن جي دلين ۾ هو زندهه آهي ۽ سدائين زندهه رهندو.



طارق عالم ابڙو
پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين
نثار منصور
هو مون کي ڄامشوري مان ڪراچي جي ڪوچ تي ڇڏڻ پنهنجي ڪار ۾ ويهندي ڪشور ڪمار جو ڪو گيت گنگنائڻ لڳي ٿو. اسين سندس گهر C-۳۳ کان ڪراچي اسٽاپ ڏانهن وڃون پيا.گاڏي جڏهن روڊ تي ڊوڙڻ لڳي ٿي، تڏهن هو مون کان هڪڙو سوال ڪري ٿو ويهي. رسالو ڇو ٿو ڪڍين؟ بس شوق آهي کيس چئي ٿو وٺان. رسالي مان ڪجهه بچت به ٿئي ٿي يا ... ظاهر آ جڏهن ٿوري ڪي گهڻي بچت ٿئي ٿي، تڏهن ته اهڙو ڏکيو ڪم ڪري رهيو آهيان. منهنجي سوال تي مطعئن ٿئي ٿو وڃي. هن ڀيري هن پنهنجي تازي ڪهاڻي “موچيءَ جو پٽ خواب لهي ٿو” ڏني ۽ محبتن سان به نوازيو.اها منهنجي هن سان نئين سڃاڻ هئي نه ته طارق ڏاڍو ڏنگو هو هر ڪنهن سان ٺهڻ هن لاءِ ڏکيو هو.هو ليکڪن جي رائيلٽي جو قائل هو، ان کان اڳ هن هڪ سنڌي رسالي جي ايڊيٽر جي بيعزتي ڪئي هئي سندس موقف هوندو هو ته ليکڪ کي به پنهنجي لکڻين جو معاوضو ملڻ گهرجي هو سنڌي ادب جو ورسٽائيل ليکڪ هو.کيس چڱي ڀلي جي پرواهه نه هوندي هئي.
ٿوري دير اڳ ۾ جڏهن اسين سندس گهر تي هياسي، تڏهن نصير ميرزا جي نگراني ۾ هي قافلو محمود مغل، احمد سولنگي ۽ هي بندو طارق عالم سان ملڻ لاءِ حيدرآباد کان نڪتاسي. احمد جي گهر تي ٿوري دير ترسياسي اسان جي اڳين منزل ڄامشورو هو.آئون مهيني ڏيڍ ۾ حيدرآباد جو چڪر ضرور ڏيندو هيس. هڪ ته اديبن سان ملاقات ٿيندي هئي ٻيو سٺي مواد جي ضرورت پوندي هئي.اهو ڪم نصير مرزا صاحب آسان ڪري ڏنو هو. هو منهنجي رسالي لاءِ ساڻس رابطي ايندڙ اديبن کان مواد وٺي رکندو هيو. جڏهن مان ويندو هيس يا پاڻ ڪراچي ايندو هو ته اهو مواد کڻي ايندو هو. ان دور ۾ نصير صاحب جي سهڪار نه هجي ها ته مون لاءِ رسالو ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ها، ان ڪري آئون نصير صاحب جو ٿورائتو رهيو آهيان. هو هڪ دلبر انسان آهي. هو نثر جو بي انتها خوبصورت ليکڪ هئڻ سان گڏگڏ انسان جي شرافت ۽ عزت وارين روايتن جو امين آهي.
اها پوءِ گهڻن سالن جي ڳالهه آهي جو ٿوري دير اڳ ۾ هڪ سنڌيءَ جي خوبصورت شاعره سان ڳالهائي رهيو هيس. اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿوري ڊگهي ٿي وئي هئي. ان ڏينهن هن جو فون اچي ويو هو. سائين سڄي سنڌ سان ڳالهايو ٿا نٿا ڳالهايو ته اسان غريبن سان نٿا ڳالهايو. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته سندس ان جملي جو ڇا مقصد آهي.بحرحال ٿوري دير اڳ ۾ ان شاعره واري ڳالهه ذهن تي تري آئي.مون کيس چيو پيارا اوهان جا ملائڪ تيز آهن جو اوهان کي اهڙيون خبرون پيا ڏين جو اسان جهڙا اٻوجهه انسان دنگ ٿا رهجي وڃن. پاڻ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو سندس ٽهڪن ۾ پنهنجائپ بکي رهي هئي. طارق جنهن سان پيار ڪندو هو تنهن سان ڪافي حجائتو به ٿي پوندو هو.
ان شام جو ساڻس فون تي رابطو ٿيو ته مون ماهوار پرک جي “طارق عالم نمبر”جا آخري پروف ۽ لي آئوت ڏسڻ لاءِ ڪراچي اچڻ جو چيو. پيارا پرچو ليٽ ٿي رهيو آهي. بس بس سڀاڻي شام جو هي بندو تنهنجي گهر تي حاضر هوندو. ٻي ڏينهن شام جو ستين بجي طارق اچي ويو هو. هن جو اهو دورو نهايت ئي خفيه هو. خفيه ان ڪري جو هن ڪراچي جي سنگت مان ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو ته هو ڪٿي رهيل آهي. مون کيس صفحن جي سڄي سيٽنگ ڏيکاري. پاڻ ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.پاڻ سان گڏ ڪافي فوٽو به کنيو آيو هو جنهن مان اسان کي ٽائيٽل لاءِ هڪڙي فوٽو کي سليڪٽ ڪرڻو هو. اسان ان مان هڪڙي تصوير جي چونڊ ڪئي ۽ ٻيون تصويرون به ڏنيون جن کي ٻين صفحن تي ڪم آڻڻو هو. ماني کائي اسان ٻاهر جوهر موڙ جي چڪر لاءِ نڪتاسي. هن باري منگي بابت به پڇيو.تون ان سان ملين ته اوڏانهن هلون، نه يار باري سان وري ڪنهن ٻي ڀيري ملنداسي.اسان جوهر موڙ تان آئيس ڪريم کاڌي ۽ طارق جا ڀوڳ چرچا جاري رهيا ايئن اسين کلندا گهر موٽي آياسي.ڪراچيءَ جي اها رات وڻندڙ ان ڪري به هئي جو طارق نمبر تي ڪم ڪري رهياسي. نثار هن شهر ۾ تون ڪيئن ٿو رهين يار هن شهر ۾ منهنجو دم گهٽجندو آهي. هن شهر ۾ گهڻو رهي نه سگهندو آهيان.ڄامشورو منهنجي خوابن جو شهر آهي. مون کي اتي ئي رهڻ ۾ روحاني سڪون ملندو آهي. اتان جا روڊ رستا وڻ وٿاڻ هٽ دکاڻ انهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي. اسان ان رات ڪافي دير تائين ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندا رهياسي. مون ڏٺو ته طارق مواد کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو. آخر اسين ڪم بند ڪيو. طارق کي پنهنجي بستري تي ڇڏي کانئس صبح تائين موڪلائي مان ٻي ڪمري ۾ هليو آيس جتي منهنجا ٻار ننڊ پيل ها ۽ گهر واري منهنجو انتظار ڪري هئي.
صبح جو ڪمري ۾ منهنجي اچڻ کان به اڳ تيار ٿيو ويٺو هو ۽ هو ڪجهه لکي رهيو هو.اسان مسڪرائي هڪ ٻي ڏانهن ڏٺو جيستائين چانهن تيار ٿي تيستائين اخبار آڻي سامهون ٽيبل تي رکي.هو اخبار پڙهندو رهيو تيستائين چانهن به تيار ٿي اسان گڏ پيتي. مون گهر ناشتي جو چئي ڇڏيو هو اهو به تيار ٿي ويو هو اسان ٻنهي گڏجي ناشتو ڪيو. رسالي جو گهڻو ڪم اسان رات ئي ڪري ڇڏيو هو. هو يارهين تائين واپس ڄامشوري لاءِ تيار ٿيو ۽ مون کيس جوهر موڙ تي سهراب ڳوٺ لاءِ ويندڙ بس تي ويهاريو ۽ موڪلائي گهر واپس ٿيس. مهيني ڏيڍ کانپوءِ هن ڄامشوري اچڻ جي دعوت ڏني جو اتي سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ پاران پرک جي “طارق عالم نمبر” جو مهورت رکيو هو. مان ته ان پروگرام ۾ شامل ٿي نه سگهيس پاڻ ان تي ڏوراپا به ڏيندو رهيو اچين ها ته مزو اچي وڃي ها.
هڪ اهڙي ئي شام جو هن جو فون آيو هو. پيارا “ايس آئي يو ٽي” ۾ داخل آهيان. بيمار ٿيڻ جي ته مون کي خبر هئي پر مون کيس اسپتال ۾ نه پئي ڏسڻ چاهيو. هن پرک جو به پڇيو ۽ ڪراچي جي دوستن جو پڇيندو رهيو. من سڀاڻي ڪجهه پنا به ڏئي وڃ ۽ ڏسي به وڃ کيس ڪجهه لکڻو هيو پر ڇا؟. مان ٻي ڏينهن تي سلمان ديوان پهتس اتي سندس ٻي گهرواري ويٺل هئي جنهن ٻڌايو ته طارق کي هاڻي ئي اندر وٺي ويا آهن. مون ڪجهه دير ته انتظار ڪيو پوءِ پاڻ سان آندل پنا ۽ گل ڇڏي اکيون آليون ڪندو ٻاهر نڪري آيس. ڌنڌلي شام ڌنڌلا ڌنڌلا بلب ۽ اسپتال جو ماحول ڌنڌلو. ايمبولينس جا هيانو ڏاريندر سائرن ماحول کي اڃا به سوڳوار بڻائي ڇڏيو هو. اسپتال جي هيٺ فوٽ پاٿن تي مريضن سان آيل ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجن لاءِ اکيون آسائتيون ڪيون ويٺل هئا. ڪراچي جو اهو “ڀورا پير” وارو پاسو ڳتيل رهندو آهي.طارق جي بيماري جي خبر ته پوندي هئي مون هميشه ته هن جا ٽهڪ ٻڌا هيا کل مشڪري، ڀوڳ ٺڪاءَ ڊاڙ ڊش پوءِ بيماري جي بستري تي پيل ڪمزور ڪمزور طارق ڪيئن لڳندو اهو منهنجي لاءِ ڏسڻ ڏکيو ڪم هو. ان کانپوءِ ٿورو ٺيڪ ٿيو مان ساڻس ملڻ لاءِ ڄامشوري ويل هيس ان ڏينهن اسحاق سميجو به مون سان گڏ هو اسان طارق سان گڏجي لنچ ڪئي. بيماريءَ سبب هو ٿورو ڪمزور به هو پر تڏهن به هشاش بشاش لڳي رهيو هو. ڊائننگ ٽيبل تي اسحاق سان ڪافي بحث به پي ڪيائين اسحاق جو موقف هو ته ڪنهن به شاعر يا شاعره کي بغير ڪنهن جنسي تفريق جي عزت ۽ احترام ملڻ گهرجي ان ڳالهه تي پاڻ اتفاق به ڪيائين.بحث کي طول ڏيڻ لاءِ عورتن جو حامي لڳي رهيو هو. مان ان وچ ۾ پيس ته طارق مون کي روڪيو ايئن اسين ڪجهه وقت طارق سان گذاري موڪلايو پر طارق جي بيماريءَ جي ڳڻتي بھرحال رهي. مون کي خبر ناهي بيماري جنهن گهر ۾ گهڙي ايندي آهي ان گهر ۾ ڳڻتيون پريشانيون هونديون آهن. سندن آڳند تي لڙڪن جون لارون اٿلي پونديون آهن. موت برحق آهي اسين جيڪي هن دنيا ۾ آيا آهيون تن کي هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. هن دنيا جو موهه ايترو وڏو آهي جو گل ۽ مکڙيون چنڊ ۽ تارا نديون، درياءَ سمونڊ ۽ ساحل وڻ ۽ وٿاڻ اهو سب سراب آهي. پر ان سراب مان نڪرڻ ڏکيو آهي.طارق هڪ ڪهاڻيڪار، شاعر، پينٽر ۽ فوٽوگرافر هو. تنهنڪري هن هر منظر کي رهجي ويل منظر بڻايو پوءِ جڏهن ٿانيڪو ٿيو ته ان جي سڀني رنگن کي پنهنجي قلم سان دل جي ڪيئنواس تي رکي ڪڏهن شاعري ته ڪڏهن ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو. سندس ناول “رهجي ويل منظر” ۽ سندس ڪهاڻين ۽ شاعري جي مجموعن ۾ اهي ڪردار ۽ جذبا ساھ کڻي رهيا آهن. هن پنهنجي محبتن کي لکيو،هن سماج جي اوڻاين ۽ ڪوتاهين تي لکيو. هن ڌرتيءَ جي سڀني ڳوڙهن لاءِ پنهنجي قلم کي رومال بڻايو. هن ڌرتيءَ جي ٻارن کي ڪجهه رانديڪا ۽ گل ڏنا. هو عاشقن ۽ آرٽسٽن جو قصا ٻڌائيندڙ هو پنهنجي ڳالهين ۾ انهن جي ڳالهه به ڪئي جيڪي مڃتا جي رڃ ۾ رلي ويندا آهن.آخر ۾ هن سڀ ڪجهه اڌ ۾ ڇڏي دنيا جي اونداهي غار بابت سوچڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي جيئڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.سڀ فنا جي فلسفي تي عمل ڪيو.هو ليکڪ هو هن پنهنجي سڀني ڪردارن کي ڪنڀر وانگر ڳوهي انهن کي احساس جي آويءَ تي پچائي پنن تي چپڪائي ڇڏيو، جيڪي هميشه لاءِ سندس کلڻين ۾ ساه کڻندا. پوءِ هن سائيڊ ٽيبل تي چشمو ۽ موبائيل رکي ۽ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري هڪ ابدي ننڊ ۾سمهي رهيو.
پسن ٿا نيڻ نماڻا پري پري تائين،
اوهان جا رنگ او راڻا پري پري تائين.
ڪناري بيٺا هئاسين ڪڏيون پئي لهرون،
پکي هوا ۾ اڏاڻا پري پري تائين.


طارق عالم ابڙو
سنڌي ادب جو روميو - ورسيءَ جي مناسبت سان
صدام جوکيو
مشهور ناول “رهجي ويل منظر” جو ليکڪ، منفرد اسٽائيل جو ڪهاڻيڪار، تخيل جو بهترين شاعر، مشهور ڊرامه نويس، سندر سفرنامه نويس ۽ من موهيندڙ مصور طارق عالم ابڙو سنڌ جي تخليقڪار اديبن ۾ تمام اهم ۽ منفرد حيثيت رکندڙ هو. ڪهاڻي، ناول، شاعري يا ٻِين ادب جي مختلف صنفن تي لکڻ وارا ڪيترائي اديب ٿي گذريا آهن، پر انهن تخليقي ڪارنامن سان گڏ مصوريءَ ۾ به مهارت رکندڙ اديب تمام گهٽ هوندا ۽ انهن تمام ٿورڙن مصور اديبن ۾ طارق عالم مٿانهين مقام تي رسيل هو. طارق عالم لاءِ نصير مرزا لکي ٿو ته؛ “سنڌ ويجهي ماضيءَ ۾ منهنجي دعويٰ آهي ته صرف چار اسٽائلسٽ ۽ رومينٽڪ سرجڻهار پيدا ڪيا آهن، آغا سليم، امر جليل، امداد حسيني ۽ طارق عالم.”
طارق عالم جي ڪهاڻين جي انفرادي حيثيت کي بيان ڪندي رضوان گل لکي ٿو؛ “طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار هو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي.” رياضت ٻرڙو لکي ٿو؛ “هُو هڪڙو منفرد ۽ اهڙو اديب هو جنهن جي لکڻين ۾ اصليت جھلڪندي هئي. ان ڪري ئي سندس مشهوري ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر پڻ هئي.” طارق عالم ۱۰ اپريل ۱۹۵۸ع تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد عالم ابڙو هو، جيڪو خود به هڪ مشهور مصور ۽ قمبر شهر جو پهريون فوٽوگرافر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ۱۹۶۰ع ڌاري سندس خاندان ڄامشوري (ڪجهه حوالن مطابق حيدرآباد) ڏانهن مستقل طور لڏي اچي آستان پذير ٿيو. طارق صاحب پرائمري تعليم ۱۹۶۵ع ۾ پرئڪٽسنگ پرائمري اسڪول ڄامشوري مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ (پرائيويٽ) جامعه عربيه حيدرآباد، انٽر آرٽس سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، بي اي (پرائيويٽ) ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ايم اي (پرائيويٽ) ۱۹۹۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ملازمت جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليفون اٽينڊنٽ ۽ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سيمينار انچارج طور هڪ سال نوڪري ڪيائين، هي اُهو دور هو جڏهن پاڻ اڃا ڄامشوري ۾ پڙهندو هو. سال ۱۹۸۹ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ “مهراڻ” رسالي جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو، پاڻ ٻارن جي مشهور ماهوار رسالي “گل ڦل” جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ پوءِ “مهراڻ” جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ تمام اهم ۽ مانائتيون خدمتون سرانجام ڏنائين. ادب ۽ آرٽ سان کيس دلي لڳاءُ هو، هن باقائده لکڻ جي شروعات ۱۹۷۵ع کان ڪئي. سندس پهريون نظم ماهوار “ماروئڙا” رسالي ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ڇپيو هو ۽ پهرين ڪهاڻي پائلي ماهوار تحريڪ ۾ ۱۹۷۸ع ۾ ڇپي هئي، طارق عالم جي مشهوريءَ جو وڏو سبب سندس ناول “رهجي ويل منظر” هو، جيڪو ان وقت ۾ تمام گهڻو مشهور ويو ۽ اڃان تائين خاص طور شاگرد طبقو هن ناول کي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو ۽ خريداري جي حوالي سان به هي ناول تمام گهڻو وڪرو ٿيو آهي، شايد ئي ڪو سنڌي ادب جو ٻيو ناول ايترو خريد ڪيو ويو هجي. هن ناول تي طارق عالم کي ۱۹۸۵ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران سال جي بهترين ادب جو ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران نسيم کرل گولڊ ميڊل ڏنو ويو هو. طارق عالم جا لکيل ڊراما پڻ مشهوري ماڻي چڪا آهن، سندس ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تي نشر به ٿي چڪا آهن، ۱۹۷۹ع ۾ سندس پهريون ناٽڪ “چنڊ رهين ٿو ڏور” جيڪو سندس هڪ ڪهاڻيءَ تان ورتل هو، اُهو ڪراچي ٽيليويزن تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. طارق عالم جا ۲۵ کان وڌيڪ ڊراما نشر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي، جنهن جو نالو “سج لهڻ کان اڳ” هو. سنڌ ٽِي وِي چئنل تان نشر ٿيندڙ پهريون ڊرامو “خالي فريم” به طارق عالم جو ئي لکيل هو. جڏهن ته، طارق عالم ۱۹۹۲ع ۾ روزاني عبرت حيدرآباد ۾، ڪالم/ ڪهاڻي جي سري سان هفتيوار ڪالم پڻ لکيا. آرٽسٽڪ خاندان جي اثر هيٺ پاڻ هڪ بهترين مصور به ٿي گذريو آهي، سندس فن پارن جي نمائش ۲۰۰۳ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ٿي هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل پيل آهن، ڇپيل ڪتابن ۾ (۱) “رات سانت ۽ سوچون” ڪهاڻيون ۱۹۷۹ع، (۲) “سڃاڻپ جي ڳولا ۾” ڪهاڻيون ۱۹۹۸ع، (۳) “رهجي ويل منظر” ناول ۱۹۸۵ع، (۴) “مورن اوچا ڳاٽ” سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو ۱۹۹۲ع، (۵) “لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ”، سفرنامو ۱۹۹۸ع وغيره شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ “پيوند”، “طوفان کان پوءِ”، “چنڊ رهين ٿو ڏور” ۽ “ڇانورو” وغيره شامل آهن. “ايس او ايس”، “سڃاڻپ جي ڳولا”، “ڪوئل”، “فريم”، “رات سانت ۽ سوچون” سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “سار آهي ستل ڊائريءَ ۾” (شاعري)، “بي روپ چهري جي ڪهاڻي” (ڪهاڻيون) ۽ “مٽي” (ناول) شامل آهن. آرٽ جي حوالي سان پاڻ دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر هو. شاعريءَ ۾ سندس هائڪا پنهنجي حقيقي فن چٽساليءَ ۾ تمام پختا ۽ وڻندڙ آهن. ان کان علاوه به سندس نظم ۽ ٻي شاعري تخيلاتي جوهر ۾ جاودان ۽ عميق نقاشيءَ طور جوڙيل خيالي منظرن جو اعليٰ مثال آهن. نثر يا نظم ٻنيه پاسن ۾ طارق وٽ ٻه ڳالهيون نمايان آهن، هڪ رومانويت ٻيو نقاشي ۽ تخيل جي پختگي. شاعريءَ ۾ پنهنجي مقصد کي تشبيهه جي نرالي ڍنگ سان هن طرح پيش ڪيو اٿس.
چنڊ جيان ٿا چمڪن منهنجي ڳوٺ مٿان،
روشن جن سان ٻنيون ٻارا تنهنجا خـط،
وڻ جي سيني ۾ دل ڌڙڪي مالهيءَ جـي،
منهنجيءَ دل ۾ ڌڙڪن سارا تنهنجا خط.
طارق عالم جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو سندر استعمال آهي، سندس شعر جماليات جو بهترين مثال آهن ۽ وٽس  فڪر ۽ فهم جي ادائگيءَ جو انداز پڻ خوبصورت نظر اچي ٿو.
دل تي هٿ ڌريندي آيُـس يـاد پرين،
دردَ وڇوڙي تي ڪيڏو پڇتايو پئي،
شاعر، ڪوري ڪاڳر تي اتهاس لکي،
لفظن جو ناراض نسـل پرچايو پـئي.
آرٽ ۽ ادب ۾ هڪ انفرادي حثيت رکندڙ، سنڌ جو سڄاڻ طارق عالم ابڙو آچر جي رات تي، ۱۱ جون ۲۰۱۱ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب ڪراچي جي سول اسپتال جي ايس آءِ يو سي وارڊ ۾ وفات ڪئي، طارق عالم ۵ مهينن کان اسپتال ۾ داخل هو، سندس آخري آرام گاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ آهي.



طارق عالم
جنهن کي ڄامشوري جون هوائون ڳولن ٿيون
عزيز گوپانگ
طارق مون کي پنهنجو دوست ۽ مان پاڻ کي سندس پرستار سمجهندو هوس. هُو عمر ۾ مون کان پنج ڇهه سال وڏو ۽ شعور ۾ مون سميت پنهنجي سموري ٽهيءَ کان پُورا نوانوي سال وڏو هو. هُن نه شاعري سکي ۽ نه ئي ڪهاڻي لکڻ جو ڪو شارٽ ڪورس ڪيو ۽ نه ئي ڊرامه رائيٽنگ جي تربيت ورتي، هو عُمر ۽ ادب ۾ ساڳي رفتار سان وڏو ٿيندو ۽ وڌندو رهيو ۽ جيستائين پُهتو، اُهو سندس عمر ۽ تخليق جو آخري ماڳ ثابت ٿيو.
سچي پيار ۽ وڏي فنڪار جو ”ڪلائيميڪس“ تڪليف وارو ٿيندو آهي، سسئي جي پير واري لڦ عاشق جي دل مٿان ظاهر ٿيندي آهي. اهڙي ئي هڪڙي لڦ طارق جي دل مٿان به ظاهر ٿي هُئي!
وڏن ماڻهن ۽ وڏن شهرن ۾ کوڙ هڪ جهڙايون ٿين ٿيون، شديد شور ۽ خوفناڪ حادثن کان وٺي ڀرپور زندگيءَ تائين گهڻو ڪجهه هڪ ئي وقت منجهن موجود هوندو آهي، طارق عالم به ڪنهن وڏي شهر جيان هو، پئه پنهنجي پکيڙ ۾ وڌيو ۽ ويجهيو پر دردن جي انڪروچمينٽ کيس والاري ويئي ۽ هو پنهنجي اندر ۾ ئي گهيرجي ويو، پاڻ مان اٿيو، ڪجهه وقت لاءِ ڪنڌ کڻي دنيا کي ڏٺو ۽ واپس پاڻ ۾ ويهي رهيو بس ڪنهن خيال وانگر. جڏهن ڪو خيال، ڪنهن خيال مان اُٿي، وري ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويندو آهي.
سنڌ جي چار ڪروڙ جاندارن سان گڏ رهي انسان واري زندگي گذارڻ، الاءِ جي ڪيترو ڏکيو هو، پر طارق اِهو ڪم ڪري ڏيکاريو، هُن اکيون ٻوٽڻ تائين اکيون کولي رکيون ته جيئن کانئس ڪو منظر رهجي نه وڃي! زندگي گذارڻ ۽ زندگيءَ مان گذرڻ ٿوري لقاءُ سان ٻه الڳ لقاءُ آهن، ڄامشوري جهڙي خوبصورت ۽ ڄامشورائين جهڙن سخت ماڻهن جهڙي زندگي مان گذريو!
هڪ ڀيري فون ڪري چيومانس؛ ”يار طارق! خبر اٿئي پنهنجو فلاڻو سنگتي، منهنجا شعر ٿوري فرق سان تبديل ڪري پنهنجي نالي سان ڇپرائي ۽ فيس بوڪ تي پيو رکي، اِن کي ڇا ڪجي؟“ کلي چيائين؛ ”ظالم! اِهو ڪو مسئلو آهي، تون شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏي، هو چوري ڪرڻ ڇڏيندو“. هو مون کي اڪثر ظالم ڪري پڪاريندو هو! وڌيڪ چيائين ته؛ ”تو وٽ شڪر ڪر جو شاعري آهي، مينهون هجن ها ته اُهي به چوري ٿي وڃن ها!“
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ نوڪري واري عرصي دوران منهنجون ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، هڪ ڀيري مهراڻ لاءِ شاعري ڏيڻ واسطي چيائين. ٻه ٽي غزل لکي کڻي ويومانس. تڏهن هو مهراڻ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. ايڊيٽر، منهنجا غزل، اهو چئي کيس واپس ڪيا ته هي وزن تي پورا نٿا لهن. طارق سخت ڪاوڙيو ۽ کيس چيائين ”۽ تون ماڻهپي تي پورو نٿو لهين.“ طارق جو کيس اڃان وڌيڪ ڪجهه چئي ها، ايڊيٽر غزل واپس وٺي ڪمپوزنگ لاءِ موڪلي ڏنا!
تاريخ سنڌ کي لطيف ۽ ڄامشوري کي طارق سان گڏ لکندي ۽ ڪو اهڙو ڏينهن به ايندو جو انهن چئني جي معنيٰ وڃي ساڳي بيهندي.
سنڌ يونيورسٽي طارق جي ”انسپريشن“ هُئي. هُن لشڪر اديبن جيان رڳو اکر گڏ ڪو نه ڪيا ۽ نه ئي خچرن کي کيرا کارايا. هُن لکيو ۽ ائين لکيو، جيئن کيس لکڻ جڳائي ها! پر زندگي ساڻس ائين ڪيو، جيڪو موت به ماڻهو سان ناهي ڪندو. هُن رستن جي ٽڪنڊن تي بيهي ٽه سٽا لکيا، نظم ۽ ڪهاڻيون تخليق ڪيون، روزاني زندگيءَ ۾ پاڻ سان ٿيندڙ ڊرامن مان سٽون سوري ناٽڪ لکيا ۽ ناول لکيو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو!
اسان اسي واري ڏهاڪي ۾ گهڻو گڏ هوندا هُئاسين. ريڊيو پاڪستان اسان جو پهريون، الائي جي ٻيو، پر هڪ گهر ضرور هوندو هو، صبح کي ڇڪي شام ڪرڻ ۽ شام کي صبح تائين گهلي کڻي اچڻ واري پوري عرصي ۾ پئه اسان جون دليون مُستطيل ٿينديون هيون، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪوريڊورز کان اندر اسٽوڊيوز تائين پيا ڪڏهن تئه کائيندا ته ڪڏهن برف ٿيندا هُئاسين!
اسان سڀ ريڊيو جا صداڪار هُئاسين يا ڪي هالي ووڊ جا اداڪار! ڇا ته ڪيفيت هُئي، ضرور بيان ڪريان ها، جيڪڏهن ڪري سگهان ها، طارق جي دل آويز شخصيت پئه جوان دلين کي ونگيو ۽ وٽيو ۽ ٻئي پاسي ويچارا ايم اي پاس پروڊيوسر اندر ئي اندر ۾ پئه پلاسٽڪ وانگي رجيا ۽ پنهنجي اندر ۾ ئي پئه ڳڙيا!
طارق پنهنجي ”اپيرنس“، لهجي ۽ بيان ۾ انتهائي حيرتناڪ حد تائين آرٽسٽ هو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ يونيورسٽي جي حدن اندر لکيل هزارين ٽن پنن مان بس اهي ئي پنا ڪم جا آهن، جيڪي سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ شامل آهن.
اڳي طارق عالم ڄامشوري جي هوائن پويان هلندو هو ۽ هاڻي ڄامشوري جون هوائون کيس ڳولن ٿيون! عشق ۾ پلاند ائين ئي ٿيندا آهن!

No comments:

راءِ ڏيندا