; سنڌي شخصيتون: نصير مرزا، صدام جوکيو، نثار منصور، رضوان گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، جھانگير عباسي،
Showing posts with label نصير مرزا، صدام جوکيو، نثار منصور، رضوان گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، جھانگير عباسي،. Show all posts
Showing posts with label نصير مرزا، صدام جوکيو، نثار منصور، رضوان گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، جھانگير عباسي،. Show all posts

20 July, 2017

طارق عالم ابڙو


طارق عالم ابڙو
يار جي ياد ۾
نصير مرزا
سنڌي ٻولي جي روميو ڪهاڻيڪار طارق عالم سان مون کي پنهنجي پهرئين ملاقات به سربستي ياد آهي، ته آخري به- بس اڄ ڏهين اپريل ۲۰۱۷ع تي ”رهجي ويل منظر“ ناول جي ان ئي تخليقڪار جي (۵۹) سالگرهه جو ڏينهن آهي. اجهو اڄوڪي ئي ڏينهن ۲۰۱۱ع جي شام يعني طارق جي وصال کان صرف ٻه مهينا اڳ C-۳۳ بنگلي تي هن جي آخري سالگرهه سيليبريٽ ڪئي هئسين. تڏهن ڪنهن به نٿي ڄاتو ته اسان جو هيءُ آخري فوٽو سيشن آهي. ڪيڪ ڪٽڻ وقت هن جي هڪ پاسي ڀاڄائي رضيه، هالار ۽ لاهوت هئا ۽ ٻئي پاسي هي آئون ۽ طارق جو وڏو ڀاءُ زبردست فوٽوگرافر قيس ابڙو (اهو به طارق کان پوءِ ترت ئي ڪينسر سبب ڪئنيڊا ۾ گذاري ويو ۽ اُتي ئي دفن آهي) طارق کي ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ چوڻ وقت آئون سخت مونجهاري ۾ هئس، جو ان وقت طارق جو جگر ۽ گردا مڪمل ختم هئا، جنهن سبب هو سارو ڪاراٽجي ويو هو، بس ٿوري اميد جي لاٽ ضرور روشن هئي ته هو جلد انڊيا مان جگر ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ لاءِ ويندو ۽ نوبنو ٿي زندهه سلامت موٽي ايندو. اهڙي آپريشن جي خرچن لاءِ سنڌ سرڪار، ڪراچيءَ جي سروسز هاسپٽل ۾ ميڊيڪل بورڊ ويهاريو هو، جن وزير اعليٰ سنڌ کي ستر لک ڏيڻ جي تاڪيد ڪئي. اتفاق سان چيف سيڪريٽري اسان جو هو. مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي زور بار تي اها سمري سرڪي وزير اعليٰ تائين پهتي. تڏهن سبحان ميمڻ مون کي فون ڪري چيو ته: نصير ڪم ٿي ويو، سائين توهان لاءِ ست لک رپيا منظور ڪيا آهن. مون کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه آيو، پڇيم ستر يا صرف ست...؟ وراڻيائين: وزير اعليٰ ٻڙي کائي ويو اٿئي، سو صرف ست لک ڏنا اٿس. مون به جواب ڏنومانس ته، پوءِ اهي به هو پاڻ وٽ رکي ڇڏي، نٿا کپن...منهنجي جملي تي شايد چيف سيڪريٽري کي به تيش اچي ويو...نٿا کپن ته ٺهيو ۽ هن فون بند ڪري ڇڏي. تڏهن دل مان دانهن نڪتي ته هيءُ اسان جو عزيز دوست ئي ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ ٻين ٻٻرن مان ٻيرن جو ڪهڙو آسرو؟