; سنڌي شخصيتون: ڪلياڻ آڏواڻي

24 July, 2017

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه لطيف جو شارح

ارشاد ڪاغذي



اڄوڪي ڏينهن ۱۷ مارچ ۱۹۹۴ع تي مشهور اديب، عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي پرلوڪ پڌاري ويو. ڪلياڻ آڏواڻي علم و ادب تحقيق ۽ تپسيا جي سمنڊ جي عميق ۾ ٽٻي هڻي، اهڙا شاهڪار شهپارا تخليق ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو خزانو ۽ ورثو بڻجي ويا. ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ تنقيدي شرح جو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو ادب جي اُفقَ جي آفتاب مثل آهي. سنڌي اديبن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڏينهن رات نور نچوئي تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائي عام فهم ٻوليءَ ۾ هر عام ۽ خاص آڏو پيش ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل، فهم، ادراڪ ۽ دانش جي ٻل تي شاهه لطيف جي لڪيل پهلوئن کي جهڙي نموني ظاهر ۽ نروار ڪيو ۽ شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي جديد تنقيدي انداز سان اُجارڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي. ان ڪارڻ شاهه لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي.


جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛

نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.

آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند (جنم: ۱۹۱۱ع) انگريزي ۽ فارسي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، ۱۹۴۲ع ۾ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراه مقرر ٿيو، ان سال ڄيٺمل پرسرام ريٽائرڊ ٿيو هو. هن تعليمدان ۽ اديب جي حيثيت ۾ گھڻي مشهوري ماڻي ورتي. ساڳئي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هن ڪاليج مئگزين ڦليلي ۾ ڪيئي مضمون لکيا ۽ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيڻ سان عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف جي نسبت ۽ نالي سان لطيف ٻاري مئگزين جاري ڪئي، جيڪا گھڻي مشهور ٿي هئي.

ورهاڱي بعد آڏواڻي هندوستان هليو ويو، اتي جئه هند ڪاليج بمبئي ۾ ملازمت شروع ڪئي. ۱۹۴۸ع ۾ هن کي ڪاليداس جي جڳ مشهور تصنيف شڪنتلا جي سنڌي ترجمي تي ادبي انعام سان نوازيو ويو. ان کان اول هن، مشهور رسالن سنڌو ۽ لطيف ٻاري ۾، شاهه عبداللطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي تنقيدي مضمون لکيا هئا. ۱۹۵۱ع ۾ هن جو تنقيدي ڪتاب شاهه شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي مختلف پھلوئن تي ڀرپور ادبي ڪم ڪيو هو. ان کانپوءِ ۱۹۵۳ع ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سچل ۽ سامي تي ڪتاب لکيا. ۱۹۵۸ع ۾ آڏواڻي شاهه جو رسالو مڪمل ڪيو. جيڪو هن جي علمي ۽ ادبي جُهدُ جي جهان جو ڪارنامو هو. هن کي ۱۹۶۸ع ۾ شاهه جو رسالو تي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ  ڏنو ويو. ۱۹۶۰ع ۾ مصنف جو شاعري جو ڪتاب راز و نياز ڇپي پڌرو ڪيو ويو. ساهتيه اڪيڊمي پاران ۱۹۶۳ع ۾ سچل جي چونڊ شاعري شايع ٿيو، ۽ هن جا انگريزيءَ ۾ ٻه مونوگراف، ميڪرس آف انڊين لٽريچر جي سيريز سلسلي ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ترتيبوار ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ڪيا ويا.“ (انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر - مرتب: امريش دتا)

ڪلياڻ آڏواڻي سنڌي ادب جي اوائلي اديبن، محققن ۽ تنقيدنگارن ۽ مضمون نويسن ۾ سرفهرست ليکيو وڃي ٿو، جن سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۽ زندگي جي مختلف پھلوئن ۽ رخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ جديد بنيادن تي کوجنا ڪئي. سنڌ جي اساسي ٽمورتي شاعرن شاهه، سچل ۽ سامي جي فن ۽ فڪر تي تفصيل سان لکيو آهي، جنهن جي ڪري تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي ۾ نواڻ پيدا ٿي، پر ان وقت جي علمي اوکَ ڊوکَ ۽ پنهنجي ذهني ترجيح ۽ رغبت جي لاڙي جي ڪري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کي صوفيت، ويدانيت ۽ مذهبي دائري ۾ بند ڪري سندن گھڻ-پاسائن پهلوئن کي محدود رکيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي ٻين مورخن ۽ محققن ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪري نئون نياپو ۽ پيغام ڏنو، ۽ هڪ نئين لاٽ ۽ روشنيءَ سان جڳ روشن ٿي ويو.

نئون نياپو آئيو، راڻي ملان رات،

لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪهڙي پڇين ذات، جي آيا سي اگھيا.

(شاهه لطيف)

پروفيسر آڏواڻي صاحب انگريزي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو پر هن گھڻي ڀاڱي سنڌي زبان ۾ ادبي ڪم ڪيو آهي. شاهه جو رسالو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي جي محنت جو نچوڙ آهي، ان رسالي تي هن کي ساهتيه اڪيڊمي انعام سان نوازيو ويو.

موهن لال لکي ٿو: ”ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي مڪمل ڪلام جي تشريح کان علاوه ٽيهن صفحن جو تعارف يا مهاڳ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وقت جي عظيم صوفي سنت جي زندگي، شخصيت، ڪردار ۽ سندس شاعري کي چٽي طرح کولي پڌرو ڪيو ويو آهي. ٽيهن سرن تي مشتمل ۴۶۷ صفحن جي متن ۾ سڀني سرن جو مختصر تعارف ۽ ڏيٺ ويٺ ڪرائي وئي آهي، جيڪا هندوستاني موسيقي تي آڌاريل ۽ مبني آهي. هر هڪ داستان ۾ شامل ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏني وئي آهي. سرن ۾ جيڪي لوڪ ڪهاڻيون آهن تن جي مصنف چٽائي سان چڱي نموني تمثيل ۽ تشبيهه پڻ ڏني آهي. ڪيترا ئي ڪتاب صوفي شاعر شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۽ زندگي تي لکيا ويا آهن، پر شاهه جو رسالو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي مرتب ڪيو آهي اهو قابل ذڪر اضافو ليکيو ويندو. ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي ٿيل هي ادبي ڪم ۽ پورهيو آئنده جي مورخن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ ان مان هو گھڻو ڪجهه حاصل ڪري سگھن ٿا. ڪلياڻ آڏواڻي جا لکيل ڪتاب؛ شاهه  (۱۹۵۱ع)، شاهه جو رسالو (۱۹۵۸ع)، سچل جو چونڊ ڪلام (۱۹۶۳ع)، شاهه لطيف (مونوگراف، ۱۹۷۰ع) ۽ هن جي پنهنجي شاعري راز و نياز.“ (انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر)

ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ جامع ۽ سولو آهي، هن وڏي تياري ۽ ترتيب سان ڏکين لفظن جي معنيٰ، هر هڪ سر ۽ داستان جي تشريح، تت ۽ مفهوم عام فهم زبان ۾ ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه اهم ڪم هي ڪيو آهي جو رسالي ۾ هاڻوڪو تلفظ ڪم آندو اٿس. ڪيترن عالمن، اديبن ۽ محققن ڪشالا ڪڍي ۽ سخت محنت ڪري شاهه جو رسالو مرتب ڪيو آهي، انهن مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه جو رسالو سڀني کان وڌيڪ پسند ڪيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. هن سنڌي اساسي ادب جي تدوين، تحقيق ۽ ترويج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو وسارڻ جوڳو ناهي! ڪلياڻ آڏواڻي جو هي ادبي پورهيو سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ هي هڪ يادگار تحفو پڻ آهي، جيڪو سنڌي پنهنجي سيني سان سانڍي رکن ٿا ۽ ڪلياڻ آڏواڻي هميشه زندگي ڀر کين ياد رهندو. بقول هيرو ٺڪر؛ ”مطلب ته آڏواڻي صاحب پنهنجي هن شاهه جي رسالي کي منفرد ۽ ڪارائتو بڻائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان کي جيڪڏهن ورهاڱي بعد سنڌي ادبي ميدان جو هڪ حد نشان (Land Mark)  ڪري سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه سمجهڻ گھرجي.“


 

ڪلياڻ آڏواڻي

سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم ۽ شاھ جو شارح

رکيل مورائي

سچ پچ سنڌ ماضيءَ ۾ خوش نصيب رهي آهي، جنهن اهڙا سڀاڳا پٽ ڄڻيا آهن، جن جي لڇڻن تي اڄ سنڌي قوم فخر ڪري ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌ پنهنجي ئي پيٽ-ڄڻين جي عملن کان شرمساري محسوس ڪري رهي آهي، پر يقين آهي، مستقبل ۾ ائين نه هوندو. اهڙي نيڪ خواهش انسان ذات کي ڪرڻ گهرجي ۽ ائين اسان سنڌين کي به.

پر سنڌ گهڻي ڀاڳن ڀري ڌرتي به آهي، جنهن اهڙن پٽن کي جنم ڏنو جن سندس شان کي اوچو ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه کڻڻ تائين هو اهڙي ڪوشش ڪندا رهيا.

سنڌ جي اهڙن سڀاڳن پٽن مان سنڌي ٻوليءَ جو اهو صدورو پٽ به آهي، جنهن سنڌ کان ڏور وڃي به سنڌ کي گهڙي نه وساريو. هو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهيو. هن هند ۾ رهي اتي رهندڙ سنڌين کي پنهنجي پاڙُن جي سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ، ۽ ان کي وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي امين شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سولي سنڌيءَ ۾ مرتب ڪيو. ائين ڪري هن هند جي سنڌين کي هڪ ڀيرو وري نئين سري سان سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جوڙيو. هن نه رڳو شاهه سائين کي سنڌين جي روح جي ويجهو آندو پر ساڳئي وقت هن سچل سائين تي ۽ ويدانتي شاعر ساميءَ تي تفصيل سان ڪتاب لکي، سنڌي ماڻهن کي اهو سمجهايو ته جيستائين اسان پنهنجي هن سنڌي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ کي ڌيان سان نه پڙهنداسين تيستائين سنڌ جي روح کي، پنهنجي اندر کي، ۽ ائين ڪائنات جي سچ کي نه سمجهي سگهنداسين. سنڌي ٻوليءَ جي هن برک عالم، اديب ۽ تعليمدان جو جنم سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر حيدرآباد ۾ ڏهين فيبروري اوڻيهه سؤ يارنهن ۾، بولچند اجومل آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هي اهڙو گهر هو، جيڪو نج صوفي گهر هو. جنهن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي کي نه رڳو هندو مذهب جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا پر انهن سان گڏ بائيبل، قرآن شريف ۽ صوفي شاعرن جا رسالا به پڙهڻ لاءِ مليا، جن منجهس هڪ صوفيءَ وارو روح ڦوڪيو ۽ هو سڄي ڄمار صوفي ئي رهيو. سنڌي موسيقي ۽ ڪرڪيٽ راند جو عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي صاحب، اڳتي هلي ڪتابن جو اهڙو عاشق بڻيو جو باقي سڄي ڄمار هو ڪتابن جي وچ ۾ ئي رهيو.

ڪلياڻ آڏواڻي، سنڌ ۾ ئي هڪ قابل اديب طور سڃاپجڻ لڳو هو. سندس ڪي مضمون ”سنڌو“ رسالي، ”ڦليلي“ ۽ ڪاليج جي مئگزين ”لطيف ٻاريءَ“ ۾ ڇپجي چڪا هئا. سندس پهريون ڪتاب اوڻيهه سؤ ڇائيتاليهن ۾ شايع ٿيو جيڪو اڄ جي دنيا ۾ مشهور ناٽڪ طور سڃاتو ٿو وڃي. اهو آهي مهاڪوي ڪاليداس جو ناٽڪ ”شڪنتلا“، جنهن تي سنڌ حڪومت کيس انعام به ڏنو. ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه سائينءَ تي پهريون ڪتاب اوڻيهه سؤ ايڪونجاهه ۾ ڇپيو جنهن کان اڳ سنڌي تنقيد ۾ فقط گر بخشاڻي صاحب جو لکيل ڪتاب ”مقدمي لطيفي“ ڇپيل هو.

شاهه سائينءَ تي لکيل ڪتاب کان پوءِ اوڻيهه سؤ چوونجاهه، ۾ سندس سچل تي ڪتاب ڇپيو، جنهن کان اڳ سندس ”سامي“ صاحب تي لکيل ڪتاب به گهڻي مڃتا ماڻي چڪو هو.

ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جهڙو برک عالم به اوڻيهه سؤ اٺيتاليهن ۾ سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو، جتي پهرئين ڪلياڻ ڪئمپ ۾، پوءِ هڪ هوٽل ۾ رهيو، پوءِ سيان ڪالوني ممبئي ۽ آخر سنڌ واڙي ممبئيءَ ۾ اچي رهيو. هند ۾ هو شروع کان ئي جئه هند ڪاليج سان جڙيل رهيو ۽ اتان اوڻيهه سؤ ڇاهتر ۾ رٽائر ٿيو. هند ۾ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جو ترتيب ڏنل ”سچل جو چونڊ ڪلام“ نالي ڪتاب مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ شايع ڪيو. پر سچ اهو آهي ته هن عالم جي کاتي ۾ اهم ترين ڪم اهو آهي، جيڪو ”شاهه جو رسالو“ جي صورت ۾ معنيٰ ۽ تفسير سان هندستان ڪتاب گهر ڇپايو جنهن جو پهريون ڇاپو اوڻيهه سؤ اٺونجاهه ۾ ڇپيو، جنهن سندس نالي کي پر لڳائي ڇڏيا ۽ ان ئي ڪم تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي اوڻيهه سؤ اٺهٺ ۾ پنهنجي اعليٰ ادبي انعام سان نوازيو. سنڌي پڙهندڙن مان شايد گهٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته هن شاعري به ڪئي آهي، جنهن جو مجموعو اوڻيهه سؤ سٺ ۾ ”راز و نياز“ جي نالي سان ڇپيو آهي. پر آڏواڻي صاحب جا ٻيا سڀ پهلو شاهه سائين واري ڪم جي ڪري لڪيل ئي رهجي ويا آهن. ٻي طرح هن سنڌي عالم کي نه رڳو سنڌي شعر جي باريڪين جي ڄاڻ هئي پر هو فارسي ڄاڻندڙ هڪ اهڙو عالم هو جنهن کي علم عروض جي به ڄاڻ هئي ته اسلامي فلسفي تي به هو اٿارٽي ڄاتو ويندو هو.

شاهه، سچل ۽ ساميءَ تي لکيل سندس ڪتاب انهيءَ علم بابت مثال آهن، جن ۾ عربي، فارسي سان گڏ هتان جي ٻين ٻولين جي شعر جا حوالا پڻ گهڻا اچي وڃن ٿا، جن مان هن عالم جي علم ۽ ساڳئي وقت ٻين ٻولين، ادب ۽ شاعريءَ بابت پڻ ڄاڻ پوي ٿي.

ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جن سان گڏ هو ممبئيءَ ۾ آخر تائين رهيو ۽ آخري ساهه کڻڻ تائين هو لکڻ پڙهڻ سان جڙيل رهيو. سترهين مارچ اهو اڀاڳو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن هن سنڌي، اردو، فارسي ۽ سنسڪرت جي عالم اسان کان موڪلايو.

اڄ هو پاڻ موجود نه آهي پر سنڌي اساسي/ ڪلاسڪي شاعرن تي جڏهن به ڪجهه حوالي طور ڏسڻ جي گهرج پوي ٿي ته ٻن شخصن جا نالا ئي پهرين پهرين اکين اڳيان ايندا، جن کي لکڻ لاءِ به هڪ احترام گهرجي ۽ اهي احترام لائق نالا آهن؛ ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي. هيءُ سنڌي عالم سنڌ کان ڪڏهن به نه وسرندا، ٻنهي مان هڪ گربخشاڻي صاحب ته سنڌ ۾ هوندي ئي وفات ڪئي پر هڪ عالم ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي هڪ ڊگهي جلاوطني ڏسڻي پئي پر هو جلاوطن هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ کان روحاني طور ڌار نه ٿيو. اڄ کيس ياد ڪندي سندس پورهئي ۽ شخصيت کي ڏسندي ڀٽائي سائينءَ جو اهو ئي بيت ياد ٿو اچي، جيڪو آڏواڻي صاحب جي پسند جو بيت آهي، جيڪو هن بار بار استعمال ڪيو آهي ته:

دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.


 

ڪلياڻ آڏواڻي

[جنم ۲۱ نومبر ۱۹۳۲ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مشهور سنڌي نثر نويس ۽ شاهه جو شارح، ڪلياڻ داس پٽ جئرامداس آڏواڻي[1]، حيدرآباد (سنڌ) ۾ ۲۱ نومبر ۱۹۳۲ع جي سج ۾ اک کولي هئي. مئٽرڪ تائين حيدرآباد ۾ پڙهيو هو ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ کي وڃي وسايائين. ايم اي پاس ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ ملازمت ورتائين. جتان پروفيسر جي عهدي تي وڃي رسيو. ورهاڱي بعد هندستان جا وڃي وڻ وسايائين. ڪافي ڪتابن جو مطالعو رکي ٿو. ۱۹۵۸ع ڌاري ”هندستان ڪتاب گهر“ طرفان سالن جي پورهئي جو نچوڙ ”شاه جو رسالو“[2]، مهاڳ، معنيٰ ۽ شرح وغيره سان شايع ڪرائي، پنهنجو ناماچار وڌايائين.

آڏواڻي صاحب کي سنڌي زبان سان والهانه محبت آهي، حالانڪ سندس لکيل ڪتاب نالي ماتر آهن، پر ”ٿورا ڪڻا، ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ جي مصداق، معياري ۽ اعليٰ شاهڪار جي حيثيت جا حامل آهن. ڪاليداس جو لکيل ناول ”ڪاليداس“ جو سنڌي ترجمو ۽ بمبئيءَ مان ڇپيل ”شاه“ (۱۹۵۱ع)، ”سامي“ (۱۹۵۳ع) ۽ ”سچل“ (۱۹۵۴ع) تحقيق جي اک سان لکيا اٿس. ازانسواءِ پاڪستان ۾ سندس وقت بوقت ڇپيل مضمون ۽ مقالا ”سنڌو“ ۽ ”لطيف ٻاري“ مخزنن ۾، سندس علمي صلاحيت جي چٽي ساک ڀرين ٿا هن وقت بمبئيءَ ۾ رهي ٿو. ڌڻي سندس مان مٿاهون ڪندو؛ ۽ جڳ جي سنڌي زبان ۾ ادب جو بول بالا ڪندو رهندو.


 

ڪلياڻ آڏواڻي

علمي ادبي جون ادبي خدمتون

جيوڻ ڪمار

ڪلياڻ آڏواڻي جو جنم ۱۰ ڊسمبر ۱۹۱۱ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو هو. ورهاڱي کانپوءِ بمبئي هليو ويو ۽ آخر تائين اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي سندس تحقيق جو مکيه موضوع رهيا. ورهاڱي کان اڳ ڪلياڻ آڏواڻي جا مختلف مخزنن ۽ رسالن ۾ مقالا ۽ مضمون شايع ٿيا، جن جو تفصيلي احوال ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي سندس مرتب ڪيل شاھ جي رسالي (ڪاٺياواڙ اسٽور پاران شايع ڪيل مجمل ڇاپي) جي شروع ۾ ڪيو آهي.

هتي ذڪر ڪجي ٿو سندس ترتيب ڏنل شاھ سائين جي رسالي جي ٻن مشھور ۽ سڀ کان وڌيڪ شايع ٿيندڙ ڇاپن جو. . ورهاڱي کان اڳ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي ۽ سرڪاري ڇاپي وارا رسالا مختلف آفيسن ۽ لائبريرين ۾ رکيا ويندا هئا ۽ اسڪول ڪاليجن ۾ انھن ئي رسالن جا ڪجھ سر نصاب ۾ به شامل ڪيل هئا. هن وقت به ٿي سگهي ٿو يونيورسٽين ۾ ڪٿي ڪو انھن آڳاٽن رسالن کي پڙهايو ويندو هجي. خوشي جي ڳالھه آھي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ هن وقت به ٻانھي خان شيخ جو ترتيب ڏنل شاھ جو رسالو نصاب ۾ پڙهايو وڃي ٿو.

۱. شاھ جو رسالو (مُجمل)

ڪلياڻ آڏواڻي پھريون شخص هو جنھن شاھ جي رسالي ۾ بيتن جي سليس سمجهاڻي ۽ معني به ڏني. هي رسالو ۱۹۵۸ع ۾ بمبئي ۾ ڇپيو. ان کان اڳ ڪجھه رسالن ۾ معني ۽ شرح ڏنل هوندي هئي. ان کان پھريان جيڪڏهن ڪن صاحبن سمجهاڻي تي ڪم ڪيو به هوندو ته ڪجھ سُرن تي يا چونڊ بيتن تي پر اهو ۽ ٻيا سڀئي رسالا ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل رسالي جيتري مقبوليت نه ماڻي سگهيا آهن. ڪلياڻ صاحب پنهنجو لھجو ٺيٺ سنڌي وارو رکيو آهي سندس سمجهاڻي ايتري ته سليس آهي جو هر ماڻهو آساني سان بيتن جي معني سمجهي سگهي ٿو. پر هن رسالي ۾ به سمجهاڻي ڏنل بيتن جو تعداد ۱۵۸۹ آهي. مطلب ڪم ڪيائين ته سُٺو پر بيت گھٽ رکيائين. هن وقت سنڌ ۾ اڪثر لائبريرين ۽ مختلف خاص ڪري سرڪاري ادارن جي ڪتب خانن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي اهو ڇاپو ضرور موجود هوندو آهي.

۲. شاھ جو رسالو (مُڪمل)

۱۹۶۶ع ۾ شايع ٿيل هن رسالي ۾ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب بيتن جو تعداد مجمل ڇاپي کان گهڻو وڌيڪ رکيو آهي جملي بيت ۲۹۶۸ ۽ ۱۹۷ وايون آھن.

هن رسالي ۾ سمجهاڻي ڏنل ناهي، البته حاشيو ۾ ڏکين لفظن جي معني ڏنل آهي.

سندس انهيءَ ڪم تي مختلف ادارن پاران کيس مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. مختلف اڪيڊمين، پبلشرن ۽ ٻين ادارن پاران سندس مرتب ڪيل رسالي جا وڌ کان وڌ ڇاپا مختلف شيپز ۾ رنگين ۽ سادي پني تي ڪڏهن معني سان ته ڪڏهن سمجهاڻي معني سان گڏ به شايع ٿي چڪا آهن. شاھ سائين جي رسالي جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪندڙن، خاص ڪري جن انگريزي، اردو ۽ هندي ۾ ترجمو ڪيو آهي انهن گهڻي ڀاڱي ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل رسالي کي اڳيان رکيو آهي. ايستائين جو گوگل ۽ ٻين ايپليڪيشنن تي ڪم ڪندڙ ناليوارن صاحبن، عبدالماجد ڀرڳڙي، راجا ساند ۽ ٻين به ڪلياڻ آڏواڻي جي رسالي جي چونڊ ڪئي آهي. ڪلياڻ صاحب جي ترتيب ڏنل شاھ سائين جي رسالي ۾ سُر ڪلياڻ کان سُر بلاول تائين ڪُل سُرن جو تعداد ۳۰ آهي. ڪلياڻ آڏواڻي شاھ جي رسالي کان علاوه ڪاليداس جي جڳ مشهور ڊرامي شڪنتلا جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، سچل جو چونڊ ڪلام ۽ حضرت دستگير بادشاه جو فارسي ديوان به ترجمو ڪيو. ان کان علاوه لطيفيات ۽ تصوف تي سندس ڪجھ ٻيا ڪتاب به شايع ٿيل آهن. ۱۷ مارچ ۱۹۹۴ تي شاھ سائين جي هن پارکو ۽ صوفي انسان جهان فاني مان لاڏاڻو ڪيو.

(جيوڻ ڪمار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کڻي ڇاپيو ويو)

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر تي ڇپيل)


 

ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه لطيف جو شارح، عالم، اديب، شاعر، نقاد ۽ محقق - (۱۷ مارچ ورسيءَ جي حوالي سان)

صدام جوکيو

سنڌ ڌرتيءَ تي پيدائش وٺندڙ عالمن، اديبن، نقادن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ هر طرح جون ڪوششون هميشه پئي ڪيون آهن ۽ هنن پنهنجي جهد جفا سان تخليقي، تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائڻ ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ جن شاعرن کي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ وڏو مقام حاصل آهي، اُنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي شامل آهن. بنيادي طرح سان سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا تحقيق شروع ٿي اُها انهن ئي شاعرن جي شخصيت، فن ۽ فڪر جي حوالي سان شروع ٿي ۽ پوءِ ٻين اساسي شاعرن تي به لکيو ويو. شاهه، سچل ۽ ساميءَ تي جيڪا بنيادي تحقيق ٿي اُها اهڙي ته ڪارائتي هئي جو اڄ ڏينهن تائين اُن ئي تحقيق کي اڳيان رکي ساڳئن موضوعن تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي. اُها بنيادي تحقيق جن عالمن ڪئي اُنهن ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو نالو صف اول ۾ اچي ٿو. ڪلياڻ آڏواڻي ۱۰ ڊسمبر ۱۹۱۱ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو هو، ورھاڱي کان پوءِ ۱۹۴۸ع ڌاري هي سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو، جتي پهريائين ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهيو، پوءِ هڪ هوٽل ۾ ڪجهه وقت گذاريائين ۽ پوءِ ممبئي جي سيان ڪالوني ۽ ٻين جڳهن تي رهيو. هن ميٽرڪ حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ اڳتي وڌي انگريزي ۽ فارسي ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين. ۱۹۴۲ع ۾ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراه مقرر ٿيو. اُن وقت ۾ پاڻ مئگزين ڦليلي ۾ مضمون لکندو هو. اُن کان علاوه سنڌو ۽ لطيف ٻاري رسالن ۾ پڻ شاهه عبداللطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي ڪيترا ئي تنقيدي مضمون لکيا هئائين. لطيف ٻاري مئگزين هن ئي جاري ڪيو هو، جيڪو هن ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيڻ کان پوءِ جاري ڪيو هو ۽ اُن وقت ۾ اُهو رسالو تمام گهڻو مشهور ٿيو هو. پاڻ بمبئي ۾ شروع کان ئي جئه هند ڪاليج سان جڙيل رهيو، جتي لڳاتار ملازمت جون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ اُتان ۱۹۷۶ع ۾ رٽائر ٿيو. هن سنڌي ادب جي لاءِ تمام گهڻيون، بنيادي ۽ ڪارائتيون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ڪاليداس جي جڳ مشهور تصنيف شڪنتلا جو سنڌيءَ ۾ بهترين ترجمو ڪيو، جنهن تي کيس ۱۹۴۸ع ۾ ادبي انعام سان نوازيو ويو. ۱۹۵۱ع ۾ هن جو ڪتاب ”شاهه“ شايع ٿيو، جنهن ۾ شاهه لطيف جي مختلف پھلوئن تي معياري ڪم ڪيل آهي. اُن کانپوءِ ھن ۱۹۵۳ع ۾ ”سامي“ ۽ ۱۹۵۴ع ۾ ”سچل“ ڪتاب لکيا. جن ۾ سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو گهرائيءَ سان تنقيدي اڀياس ڪيل آهي. هن جا انگريزيءَ ۾ ٻه مونوگراف، ميڪرس آف انڊين لٽريچر جي سيريز سلسلي ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ترتيبوار ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيا هئا. پاڻ ”سچل جو چونڊ ڪلام“ به لکيائين، جيڪو ساھتيه اڪيڊمي نئين دھلي ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو. هن ڀارت ۾ ۱۹۷۳ع ۾ ديوان محي الدين جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو،

حقيقت ۾ شاعريءَ جي صحيح پرک اُهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو خود به هڪ سٺو شاعر هجي، عام ماڻهن کي گهٽ خبر هوندي ته ڪلياڻ آڏواڻي هڪ بهترين شاعر به هو، جنهن جا ڪتاب به ڇپيل آهن، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”راز و نيا“ ۱۹۶۰ع ۾ شايع ٿيو، سندس هڪ ڪتاب ”روحاني مشاھدا“۱۹۷۹ ع ۾ به شايع ٿيو هو. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا مقدمه ۽ مھاڳ لکيا جيڪي علمي، ادبي ۽ تنقيدي نوعيت جا هئا، اُنهن ۾ ”ميگھدوت“، نانڪ رام ميرچنداڻي ۱۹۴۷ع، ”ساميءَ جا سلوڪ“ سامي ۱۹۴۷ع) ۽ ”سڪ جي سوغات“ (رام پنجواڻي/۱۹۵۹ع) شامل آھن. تنقيد جي حوالي سان ڪلياڻ آڏواڻيءَ هڪ سچي نقاد جيان فرض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجي علم ۽ سمجهه مطابق ڪيترن ئي پاسن تي تنقيدي روشني وجهندي هن ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام جا تنقيدي جائزا پيش ڪيا، تشريحي تنقيد جي سلسلي ۾ هن ڪيترا ئي مضمون لکيا جن ۾ سنڌو، فبيروري ۱۹۴۴ع ”شاھ جي رسالي جون تشبيھون“، سنڌو، مئي ۱۹۴۴ع ۾ ”سامي جي سلوڪن جون تشبيھون“ سنڌو، سيپٽمبر ۱۹۴۶ع ۾ “شاھ جو عاشقانه ڪلام“ وغيره شامل آهن. سوانح حيات جي حوالي سان به سندس ڪجهه مضمون ملن ٿا جن ۾ ”سھڻو انسان عزيز“ نئين دنيا، سيپٽمبر ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيل آهي. ڪلياڻ آڏواڻي فارسيءَ جو وڏي پايي جو عالم هو کيس علم عروض تي به دسترس حاصل هئي ۽ گڏوگڏ اسلامي فلسفي جو به وڏو ڄاڻو هو. پاڻ سنڌي، اردو، فارسي، سنسڪرت، انگريزي وغيره ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو.

ڪلياڻ آڏواڻي جو سڀ کان وڏو ادبي ڪارنامو ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏيڻ آهي. ڪيترن سالن جي محنت ۽ تحقيق کان پوءِ ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل، سمجهه ۽ ادراڪ مطابق شاهه لطيف جي ڪلام جي فڪري گهرائيءَ ۾ وڃي شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي تنقيدي انداز سان اُجارڻ جون پوريون ڪوششون ڪيون آهن. ۱۹۵۸ع ۾ بمبئيءَ مان رسالو شايع ٿيو. هن رسالي ۾ نه رڳو شاهه ڀٽائي جو ڪلام آهي، بلڪه شاهه جي حياتيءَ جو احوال، داستانن جو خلاصو، مشڪل ۽ پراڻن لفظن جي سمجهاڻي پڻ شامل آهي، گڏوگڏ سندس ترتيب ڏنل رسالي ۾ هر بيت جي معنيٰ ۽ سمجھاڻي ان بيت جي سامھون ڏنل آهي. هن جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي هن قابلِ تعريف ڪم عيوض کيس تمام گهڻي موٽ ملي، ايتري قدر جو اڄ ڏينهن تائين سندس ترتيب ڏنل رسالو ٻين سڀني رسالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڪرو ٿئي ٿو ۽ عام عوام کان علمي ماڻهن تائين وڌيڪ پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. کيس هن رسالي جي ترتيب تي ساھت منڊلي بمبئي طرفان ۱۹۵۸ع ۾ گولڊ ميڊل مليو، ۱۹۶۷ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سنڌ ۾ ۱۹۷۶ع ۾ پهريون ڀيرو هن رسالي جي ڇپائي ٿي. ۱۹۶۸ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي طرفان پڻ ايوارڊ ڏنو ويو. ۱۹۷۰ع ۾ ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي کيس روس ۽ فرانس جو دورو ڪندڙ ڊيليگيٽس ۾ شامل ڪري دوري تي موڪليو. اھا ڊيليگيشن صرف ٽن اديبن تي مشتمل ھئي، ان کانسواءِ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جو اعزازي ميمبر ٿي رھيو، جن ۾ ساھتيه اڪيڊمي دھليءَ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ، ڀارتي گيان پيٺ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ بمبئي ۽ پونا يونيورسٽين جي سنڌي شعبي جو بورڊ آف اسٽڊيز شامل آھن. ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جن سان گڏ هو بمبئيءَ ۾ آخر تائين رهيو. سنڌ، سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شاهه لطيف سان بي انتها محبت رکندڙ هي شخص ڪلياڻ آڏواڻي صاحب ۱۷ مارچ ۱۹۹۴ع ۾ ديهانت ڪري ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)



[1] ”آڏواڻي“، هندن جي مشهور ذات آهي، جيڪا ”مگهو کتريءَ جي نک“ مان، ديوان آڏو مل جي اولاد چيا وڃن ٿا. هن گوتر (نسل) مان آهوجا ۽ ماکيجا نکون به نڪرن ٿيون. آڏواڻي نسل جا امرتسر ۽ ملتان ۾ به رهن ٿا. سنڌ ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ڪثرت سان آباد آهن. سندس وڏو ڏاڏو، ديوان آڏومل پٽ کلومل پٽ جسومل، اصل پنجاب صوبي ۾ ملتان شهر لڳ، ڳوٺ لوه پور جو رهاڪو هو، اُن زماني ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هٿ هيٺ ملتان ۽ اُچ شريف جا علائقا هئا. پاڻ جيئن ئي هڪ ڏينهن ملڪي واءُ سواءُ تي نڪتو، ته سندس ڏيٺ ويٺ ٻين ڀائي بندن سان گڏ، ديوان آڏو مل سان به ٿي. ديوان صاحب تير ۽ ترار هلائڻ جو ڪوڏيو هو؛ جنهن ڪري ميان نور محمد وٽ ”شمشيزن“ مقرر ٿيو. پوءِ پاڻ سان کيس سنڌ ۾ آندائين.

ديوان آڏومل پهريون گهر پنجاب مان ڪيو؛ جنهن مان چندومل، ڏتومل ۽ لکومل ٿيس. گهر واريءَ جي پرلوڪ پڌارڻ بعد ٻيو گهر نواب شاه ضلعي مان، تعلقي نوشهري فيروز جي ديهه ”ٺٽ“ مان ڪيائين. منجهانئس بهارو مل، سندر داس وسايو مل ۽ ٺارو مل ڄاوا هئا. ٺارومل ڄمندي ئي انڌو هو؛ جنهن ڪري سڄي ڄمار ڪنئارو رهيو. انهيءَ ڪري کيس سڏيندا ئي ”ٺارو جتي“ هئا. ديوان آڏومل ۽ پنهنجن ٻن پٽن: سندر داس ۽ وسايو مل سميت مغلن جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. سندس اهي ٻئي پٽ ري اولاد رهيا؛ باقي سندس بچيل چار پٽ ايتري قدر ته وڌيا ۽ ويجهيا جو ”آڏواڻين“ جا ست سؤ گهر ٿي ويا. سندن شاخون : سنڌ واڻي، سيتلاڻي، قنڌراڻي، منشياڻي ۽ شامداساڻي اُڀريون [سنڌي اِنسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي)، ۱۹۸۰ع؛ صفحو ۳۲۲].

[2] پاڪستان ۾ هن رسالي جو انتخاب، مڪتبه اسحاقيه، جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ وارن طرفان ۱۹۷۷ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا