; سنڌي شخصيتون: ڪلياڻ آڏواڻي، ارشاد ڪاغذي، رکيل مورائي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، جيوڻ ڪمار، صدام جوکيو،
Showing posts with label ڪلياڻ آڏواڻي، ارشاد ڪاغذي، رکيل مورائي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، جيوڻ ڪمار، صدام جوکيو،. Show all posts
Showing posts with label ڪلياڻ آڏواڻي، ارشاد ڪاغذي، رکيل مورائي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، جيوڻ ڪمار، صدام جوکيو،. Show all posts

24 July, 2017

ڪلياڻ آڏواڻي

ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه لطيف جو شارح

ارشاد ڪاغذي



اڄوڪي ڏينهن ۱۷ مارچ ۱۹۹۴ع تي مشهور اديب، عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي پرلوڪ پڌاري ويو. ڪلياڻ آڏواڻي علم و ادب تحقيق ۽ تپسيا جي سمنڊ جي عميق ۾ ٽٻي هڻي، اهڙا شاهڪار شهپارا تخليق ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو خزانو ۽ ورثو بڻجي ويا. ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ تنقيدي شرح جو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو ادب جي اُفقَ جي آفتاب مثل آهي. سنڌي اديبن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڏينهن رات نور نچوئي تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائي عام فهم ٻوليءَ ۾ هر عام ۽ خاص آڏو پيش ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل، فهم، ادراڪ ۽ دانش جي ٻل تي شاهه لطيف جي لڪيل پهلوئن کي جهڙي نموني ظاهر ۽ نروار ڪيو ۽ شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي جديد تنقيدي انداز سان اُجارڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي. ان ڪارڻ شاهه لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي.