ڦوٽو خان زرداري
سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار
ابراهيم لاشاري
سونهاري
سنڌ، سر ۽ سنگيت جي دنيا سان، ڀري پئي آهي. سر سنگيت جو فن به، اسان وٽ اوائلي
زماني کان وٺي قائم آهي. ڳائڻ وڄائڻ جي لاڏلن فنڪارن ۽ ڪيترن ئي آواز جي جادوگرن کي،
وقت به وقت سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ نپائيندي پئي اچي. هن سرزمين جي سر سنگيت جي
ڄاڻن به، هميشه کان ئي پنهنجو ۽ پنهنجي سرسبز زمين ۽ خطي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور
ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي. اهڙن سر سنگيت جي فردن منجهان، ڦوٽي خان زرداريءَ جو
نالو به سنڌ جي چوٽيءَ جي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڦوٽي خان زرداريءَ جي ننڍپڻ کان وٺي،
ڳائڻ لاءِ دل پئي اڌما کائيندي هئي.
ڦوٽي
خان زرداريءَ جو جنم، زرداري برادريءَ جي معزز شخصيت، محترم شير محمد زرداريءَ جي
گهر ۾ سال ۱۹۵۲ع ڌاري، ڳوٺ عالم خان زرداري، ڀرسان سرهاڙي، تعلقي شهداپور
ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو.
سندس
والدين، تمام مسڪين هوندا هئا. جنهن سبب جي ڪري، هن سريلي فنڪار جي تعليمي تربيت سٺي
نه ٿي سگهي. سندس والد، غربت سبب کيس سنڌي پنج درجا مس پڙهائي سگهيو. نتيجي طور، هو پڙهائي ڇڏي، ڳائڻ
جي ڪرت سان لڳي ويو. ننڍپڻ کان وٺي، راڳ ڳائڻ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئس.
سندس والدين راڳ ڳائڻ کان کيس منع ڪندا هئا، مگر ڦوٽو خان سر سنگيت جي دنيا سان
سلهاڙجي چڪو هو. والدين جي منع باوجود، هن ڳائڻ کي اوليت ڏني. رياض ڪندو ڪندو، نيٺ
وڃي ڳائڻن ۾ نالو ڪڍرايائين. جنهن زماني ۾ ڦوٽي خان زرداريءَ کي ڳائڻ جو رنگ لڳو، ان
زماني ۾ مصري فقير، سنڌ جي فنڪارن ۾ وڏو نالو هوندو هو. جنهن کان متاثر ٿي، ڦوٽو
خان زرداري، هارمونيم تي ڳائيندو وتندو هو.
مصري
فقير جي ڳائڻ، کيس ايترو ته موهي ڇڏيو جو جتي به مصري فقير ڳائيندو هو ته، ڦوٽو
اچي سندس ڀر ۾ ويهي کيس ٻڌندو هو. هو مصري فقير جو مداح هوندو هو. هر دم مصري فقير
جا ڪلام پيو جهونگاريندو وتندو هو. بعد ۾ مشهور فنڪار عبد علي هنڱوري کان باقائدي ڳائڻ
جي تربيت ورتائين. هن جي تمنا هئي ته؛ آئون مصري فقير جو شاگرد ٿيان. سندس اها خواھش
پوري ٿي ۽ اهو ئي سبب هيو جو ڦوٽي زرداري جي ڳائڻ تي، مصري فقير جو اثر ايترو رهيو
جو ڦوٽي خان جو آواز به مصري فقير جي آواز سان ملندو هو. راڳ جي حوالي سان ملڪان
ملڪ پذيرائي مليس. پاڻ پنهنجي سريلي ۽ سوز ڀرئي آواز ۾ ڳائي، محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي
مدهوش بڻائي ڇڏيندو هو. سندس پرستار سندس آواز تي عاشق هوندا هئا. ان سبب ڪري،
سندس گائڪي ۽ آواز ۾ ايترو ته اثر هو جو ڪنهن سادي سودي شاعريءَ کي به آواز جي روپ
۾ لاجواب بڻائي ڇڏيندو هو.
پاڻ هلڪي
ڦلڪي موسيقيءَ ۾، نيم ڪلاسيڪل رنگ ڀرڻ جو پڻ ماهر سڏيو ويندو هو. ڪڏهن به ڌارين ڌنن
۾ نه ڳائيندو هو. ديسي ڌنن ۾ ڳائڻ جو لاجواب طرح جو فن هيس. ڪوهياري، ڀيروي، تلنگ،
ڪاموڏ، آسا، پهاڙي ۽ راڻو راڳڻين تي کيس وڏي مهارت/ عبور حاصل هيو. ڦوٽو خان زرداري، محنت ڪري ٿورڙِي
عرصي ۾ ئي وڏن فنڪارن ۾ ڳڻجڻ لڳو. اسٽيج جي مقبوليت کان پوءِ جلد، سال ۱۹۷۰ع يا ۱۹۷۱ع
ڌاري، ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن پاڪستان ڏانهن لاڙو ڪيائين. ريڊيو جي مائڪرو فون
تي هن کي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي معرفت، انصاري صاحب آڊيشن وٺي پاس ڪيو ۽
سندس محنت رنگ لاتو. هن سڀ کان پهريان، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مشهور شاعر
محترم مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ جو ڪلام (اي پرين پرديس وارا، پيار جي پارت هجئي) رڪارڊ
ڪرايو. هڪ انٽرويو ڏيندي هن ٻڌايو ته؛ مون سڀ کان اول ڪلام، محترم طالب الموليٰ
صاحب جو (پنهنجي دردن جي، پنهنجي سورن جي، ڪنهن سان ڳالهه ڪيان، ڪنهن کي دانهن ڏيان)
ڳايو هو.
سنڌ جو
هي ڀلوڙ فنڪار، تنهن بعد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخلتف وقتن تي پيو ڳائيندو هو.
ڦوٽو
خان زرداري مخلتف شاعرن جا ڪلام ڳائي، سڄي پاڪستان ۾ مشهور ٿيو. هن شاعرن ۾ حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح، مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، سيد صالح شاهه
راڻي پوري، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، رحيم بخش قمر ۽ غلام حيدر گجو جي شاعري
کي دل سان ڳاتو. ڦوٽو خان زرداري، سنڌ جو واحد ۽ منفرد فنڪار هو، جنهن جي ڳايل
سمورن ڪلامن کي، عوامي مقبوليت ملي. هو ڌنون پڻ پاڻ ٺاهيندو هو. ڪيسٽن وسيلي به وڏي
پذيرائي ماڻيائين. کيس مخدوم طالب الموليٰ جو گهڻو تڻو ڪلام ياد هوندو هيو. پاڻ
مخدوم صاحب کي خوب ڳايائين. ڦوٽي زرداري جو مخدوم طالب الموليٰ سان نيهن جو ناتو
هيو. پيري مريدي جو سڳو وري راڻيپور جي پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جو ورتائين.
هن سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ سرڪاري توڙي خانگي محفلن ۾ ڳائي، وڏو داد حاصل ڪيو.، مختلف
ميلن ملاکڙن ۾، خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح ۽ قلندر
لعل شهباز عثمان مروندي رح جي ميلن تي به زبردست نموني پذيرائي حاصل ڪئي. سندس
آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سوين آڊيو ڪيسيٽون، مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين پاران رليز ٿيل آهن.
جنهنڪري اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هوٽلن ۽ اوطاقن، محفلن ۽ گهرن ۾ ڦوٽي خان زرداري
جو سداحيات آواز گونجندو رهي ٿو. هن فنڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون. جنهن
منجهان ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻين جو اولاد اٿس. سندس پٽن ۾ امجد حسين زرداري ۽ شاهد حسين
زرداري، پنهنجي پيءُ جي ڪرت (ڳائڻ) سان سلهاڙيل آهن. باقي سندس هڪ پٽ زاهد حسين
زرداري، ڳوٺ ۾ زمين جي ڪرت سان لاڳاپيل آهي. سنڌڙي سونهاري جو هي عوامي، ڀلوڙ ۽
مشهور فنڪار، زندگيءَ جون ۴۴ بهارون ۲ مهينا ۽ ۱۷ ڏينهن گذاري، تاريخ ۱۸ مارچ ۱۹۹۶ع
تي، سومر جي ڏينهن، جسم ۾ بند ٿيل پڃري مان روح جو پکيئڙو اڏامي دارالبقا ڏانهن
پرواز ڪري ويو. ڦوٽو خان زرداري، سر سنگيت جا ساز بند ڪري هميشه لاءِ راهه رباني وٺي
ويو. سندس تربت ڳوٺ عالم خان زرداري جي قبرستان (زمان شاهه) ۾ موجود آهي. ڦوٽي خان
زرداريءَ جا ڪجهه مشهور ڳايل ڪلام جن کي وڏي عوامي مقبوليت ملي، انهن منجهه ھڪ آھي؛
ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان.
No comments:
راءِ ڏيندا