; سنڌي شخصيتون: ڦوٽو خان زرداري، سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار، ابراهيم لاشاري،
Showing posts with label ڦوٽو خان زرداري، سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار، ابراهيم لاشاري،. Show all posts
Showing posts with label ڦوٽو خان زرداري، سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار، ابراهيم لاشاري،. Show all posts

24 July, 2017

ڦوٽو خان زرداري - ابراهيم لاشاري

ڦوٽو خان زرداري
سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ، سر ۽ سنگيت جي دنيا سان، ڀري پئي آهي. سر سنگيت جو فن به، اسان وٽ اوائلي زماني کان وٺي قائم آهي. ڳائڻ وڄائڻ جي لاڏلن فنڪارن ۽ ڪيترن ئي آواز جي جادوگرن کي، وقت به وقت سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ نپائيندي پئي اچي. هن سرزمين جي سر سنگيت جي ڄاڻن به، هميشه کان ئي پنهنجو ۽ پنهنجي سرسبز زمين ۽ خطي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي. اهڙن سر سنگيت جي فردن منجهان، ڦوٽي خان زرداريءَ جو نالو به سنڌ جي چوٽيءَ جي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڦوٽي خان زرداريءَ جي ننڍپڻ کان وٺي، ڳائڻ لاءِ دل پئي اڌما کائيندي هئي.