; سنڌي شخصيتون: گلاب پيرزادو- زرار پيرزادو

16 July, 2017

گلاب پيرزادو- زرار پيرزادو

گلاب پيرزادو
پورهيت اڳواڻ جي عظمت کي سلام
زرار پيرزادو
ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي خدمتن، سچاين ۽ قربانين ڪري پوءِ پاڻ انهن ادارن ۽ نظرين جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن جن سان اُهي سلهاڙيل هوندا آهن. گُلاب پيرزادو به اهڙين شخصيتن مان هڪ آهي.


گُلاب پيرزادي کي هاڻي جڏهن به ڏسبو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي، هاري ڪاميٽي، ڪامريڊ سوڀو، ڄام ساقي، انور پيرزادو ۽ ڳوٺ ٻلهڙيجي ذهن تي تري ايندا آهن.
ثاقب قدمي، برداشت، حاضر دماغي ۽ بهادري پڻ گلاب پيرزادي جي شخصي سڃاڻپ جا وڏا حوالا آهن.
گُلاب پيرزادي سکڻو پاڻ کي ”ڪامريڊيءَ“ جو ڳڄيءَ ۾ پاتل ڪو هار ناهي بڻايو نه ئي ڇاتيءَ تي ڪو ڳاڙهو ليبل لڳائي رکيو پر هو عملي طور سرخو ۽ جاکوڙي رهيو آهي.
اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن انور پيرزادو شيخ اياز جو ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوڙيا ڪاپڙي“ پڙهي ڪامريڊ سوڀي سان نه ملي ها ته شايد هو انور پيرزادو نه پر ”محمد پريل“ ئي هجي ها ۽ ايئن جيڪڏهن انور پيرزادو پاڻ سان گلاب کي ڪامريڊ سوڀي ڏانهن نه وٺي وڃي ها ته گلاب به انقلابي نه ٿئي ها ۽ شايد پوءِ ٻلهڙيجي به لٽل ماسڪو نه بڻجي سگهي ها.
پر پوءِ به اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڀلا ڪامريڊ سوڀي جو پنهنجو ڳوٺ ٻنڍي يا ڪامريڊ ڄام ساقي جو پنهنجي ڳوٺ ”لٽل ماسڪو“ جو اعزاز ڇو نه ماڻي سگهيا.
سو اهو ڪريڊٽ انور پيرزادي، گُلاب ڏانهن ويندو جن ڪميونسٽ پارٽي کي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ متعارف به ڪرايو ته ڳوٺ کي ”لٽل ماسڪو“ به بڻائي ۽ مڃرائي ڏيکاريو.
گُلاب پيرزادو اڄ هڪ انقلابي، مزاحمتي سوچ، پورهيت دوستي واري عظيم ورثي جو توڙي لٽل ماسڪو ڳوٺ جو وارث آهي. هو اڄ به ان رستي تي ڪنهن نوجوان کان وڌيڪ اڳرو ۽ اڏول آهي.
ڳوٺ ٻلهڙيجي ۽ ڳوٺ جا رهواسي به گلاب پيرزادي کانسواءِ اڻ پورا آهن. ٻلهڙيجي جو ڪو به مسئلو گلاب پيرزادي جي اڳتي اچڻ بنا ناهي نبرجندو.
هوُ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اولاد وٽ به رهي سگهي ٿو پر هو سمجهندو آهي ته ٻلهڙيجي کي اڃا سندس گهرج آهي. سڀ شهر هليا ويا ته ڳوٺ جو ڪير ٿيندو.
گُلاب پيرزادي جي ان سياسي ۽ انقلابي رستي تي سندس اولاد به هلي رهي آهي جنهن جي معنيٰ اها آهي ته هو ”رول ماڊل“ به آهي.
سندس فرزند ڪامريڊ مجيب هڪ هنڌ لکيو آهي ته پارٽيءَ جڏهن گرفتاري لاءِ منهنجو نالو چونڊيو ته بابا ان لاءِ مون کي خوشي مان اجازت ڏني هئي.
پنهنجي قرباني ته ڪير به ڏئي سگهي ٿو پر اولاد جي قرباني ڏيڻ يا ان کي گرفتاري لاءِ پيش ڪرائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ايئن گُلاب پيرزادو ئي ڪري سگهي ٿو.
اُهو گلاب پيرزادو جنهن پنهنجي اڌ کان وڌيڪ ڄمار ڪميونسٽ پارٽي ۽ پورهيت نظريي کي ارپي ڇڏي آ هي. تنهن گلاب پيرزادي لاءِ اسان ڇا ڪيو آهي يا ڇا ڪري ٿا سگهون؟
گُلاب ته پنهنجي جيئري پنهنجي شخصي تاريخ ٺهدي ڏٺي آهي پر اسان سندس ڪيترو قدر ڪيو آهي، سندس قرض لاهڻ جو اسان ڪهڙو فرض ادا ڪيو آهي.
ڇا اسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ سندس نالي تي ڪو روڊ، ڪا گهٽي، يا ڪنهن عمارت تي نالو نٿا ڏئي سگهون يا اسان گلاب پيرزادي جي قد ڪاٺ جيڏو ڪو شايان شان مڃتا پروگرام سندس نالي نٿا ڪري سگهون.
چوندا آهن ته ڪنهن جا ٿورا نه لاهي سگهجن ته گهٽ ۾ گهٽ ان جا ڳُڻ ته ڳائڻ گهرجن.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ان ڪميونسٽ ۽ هاري اڳواڻ گُلاب پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. ”ها جلائو چراغِ حرم، ها ٿئي ٿو وري اسان جو جنم.“

No comments:

راءِ ڏيندا