عبدالرشيد گبول
ٺٽي جو تاريخدان
لطافت علي جوهر
اَسان
جي سنڌ اديبن، مفڪرن، محققن، تاريخدانن، رهبرن ۽ رهنمائن کان ڪنهن به طرح خالي نه
رهي آهي، جيئن ڌرتي جي گولي تي ڪيئن سماج قائم ٿيا، سماجي ۽ سياسي انقلاب آيا انهن
جا سرواڻ، اڳواڻ ۽ سماجي سائنسدان پيدا ٿيا جن پنهنجي ڏاهپ ۽ علم جي آڌار تي صدين
جي جمود ۽ ماٺار کي ٽوڙي زندگي ۽ زندگي جي
فني وهڪرن ۾ نئون تحريڪ پيدا ڪيو تيئن قدرت ڪنهن خاص ڪم لاءِ ڪي ”اَملڪ ماڻڪ
انسان پيدا ڪندي آهي جنهن سبب انهيءَ ڌرتي جي رونق ئي مڻيادار ٿي پوندي آهي.اهڙن
اَملهه ماڻڪن ۽ پارس مثل انسانن جي روشني سان اُتان جو علائقو ۽ هر حصو منور ٿي
ويندو آهي ۽ انهن جي علمي مهڪ ۽ سڳنڌ پوري علائقي کي مهڪائي ڇڏيندي آهي. ضلعي ٺٽي
جي تعلقي ميرپورساڪرو جي ڳوٺ صابو خان گبول ۾ 8 جولاءِ 1962ع ۾ جنم وٺندڙ برک
اَديب ۽ تاريخدان عبدالرشيد گبول، جنهن سچائيءَ ايمانداريءَ، محنت ۽ عرق ريزي سان
علم ۽ اَدب جي آبياري ڪندي پنهنجي جواني وقف ڪئي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ميرپور
ساڪرو جي هن سدا بهار محقق ۽ تاريخدان وڏي محنت ۽ جفا ڪشي سان ”ميرپور ساڪرو جي
تاريخ“، ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾ ”ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو“، ”جيڪو مون ڏٺو ۽ ٻڌو“
جهڙا تاريخي ۽ دستاويزي ڪتاب لکي هن سنڌ توڙي پوري دنيا ۾ ميرپورساڪرو کي متعارف ڪرائيندي
پنهنجو فرض ۽ ڌرتي جو قرض اَدا ڪيو آهي.
علي بن
حامد ڪوفيءَ سن 613ع بمطابق 1216ع ۾ چچ نامون لکي سنڌ بابت پهريون تحريري دستاويز ڏنو
جيڪو برصغير ۾ تاريخ بابت پهريون تحريري ماخذ ٿابت ٿيو آهي، ساڳئي انداز ۾ ضلعي ٺٽي
جي برک تاريخدان محترم عبدالرشيد گبول ” ميرپورساڪرو جي تاريخ“ لکي تعلقي ميرپورساڪرو
جي تاريخ بابت پهريون تحريري دستاويز فراهم ڪيو آهي جنهن تي هو جَس لهڻي،
تاريخ
بابت هن جي لکيل ڪتابن کي سيهڙي ”سچ نامون“ نالو ڏيون ته وڌاءُ نه ٿيندو بلڪه
سندس علمي پورهيئي جو اعتراف ۽ ساڻس انصاف ٿيندو، تاريخ جي ميدان ۾ سندس ٻيو ڪتاب
”ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾“ آهي جيڪو مورخ ڀنڀور متعلق تحقيق ڪندي مستند دليل،
شاهديون ۽ حوالا ڏيندي ۽ تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکندي سندس افاديت کي معتبر ۽ دلچسپ بڻائيندي
10 بابن ۾ ورهايو آهي.
(1) سنڌ جي
تهذيب (2) ڀنڀور (3) ديبل عرب محققن جي نظر ۾ (4) ڀنڀور ۾ عام زندگي (5) ڀنڀور جو
واپار ۽ قديم ڪوٽ (6) سسئي شهر ڀنڀور ۾ (7) ڀنڀور شهر جو ڏکڻ ايشياِ تي اَثر (8) ڀنڀور جي ڀر ۾ قديم
قبرستان (9) ڀنڀور جي ڀَر ۾ رهندڙ قبيلا (10)
ڀنڀور جي آس پاس شاعر اديب ۽ سگهڙ،
فاضل
تاريخ دان پنهنجي محنت، محبت ۽ تحقيق ذريعي ٿابت ڪيو آهي ته کيس واقعي پنهنجي جنم ڀوميءَ
سان بي انتها عشق آحي. خليل جبران چواڻي ته ”هن اُها خدائي ديد حاصل ڪري ورتي آهي ۽
ان ديد سان هن پنهنجي ڌرتيءَ جي معطر (خوشبودار) ماڳن مڪانن کي ڏٺو ۽ پروڙيو آهي.
هن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي ورثي کي ئي پنهنجو موضوع بڻايو.
محترم
عبدالرشيد گبول جو ٽيون ڪتاب ”ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو“ ۾ هڪ خوبصورت شهر جي ڪهاڻي،
ريتن، رسمن، سياسي، سماجي، علمي اَدبي ۽ ثقافتي حالتن جي چٽي عڪاسي ڪيل آهي.
فاضل
تاريخدان هن ڪتاب کي وڏي تحقيق ۽ جفاڪشي سان ترتيب ڏنو آهي ميرپورساڪرو شهر جي
بنياد تهذيب، سماجيات وڻج واپار، مختلف تهذيبن جا اَثر، علم اَدب جي ترقي، فن ۽ فڪر
جي مرڪزن، صوفين درويشن، ولين ڪامل بزرگن جي آستانن، مزارن، قبرن، تاريخي
قبرستانن، بندرگاهن مختلف قومن، ذاتين، قبيلن، خاص طور عرب قبيلن جا احوال وڏي عرق
ريزي سان تحقيق ڪندي ڄاڻايا آهن.
فاضل
تاريخدان پهريون ڀيرو ميرپورساڪرو جي آثارن ۽ قديم ماڳن تان پردو کڻندي هن شيخ
ابوتراب، جي مقبري، قبي واري مسجد، حضرت لعل موسيٰ جي درگاهه، ڀير محمودائي جي
درگاهه، حضرت عاقيل فقير رحه جي درگاهه، سيد پير پکو جي درگاهه، پيرنورالدين
دريائي جي درگاهه، قدمن واري مقام شيخ ٽالو سئي جو باغ، جهونا شاهه بندر، رتو ڪوٽ
۽ جاکي بندر جهڙا تاريخي ماڳ مڪان منظر تي آڻي دنيا آڏو نروار ڪندي کين الڳ سڃاڻپ ڏيئي
تاريخ جو رڪارڊ درست ڪيو آهي سندس اِها محنت ايندڙ نسلن لاءِ تحقيق جا نوان رستا
کوليندي.
اَدب ۽
تحقيق جي ميدان ۾ عبدالرشيد گبول جو چوٿون ڪتاب (جيڪو مو ڏٺو ۽ ٻڌو) ۾ هن پنهنجي
ماحول ۽ حالتن جي وڏي سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان عڪاسي ڪندي اُن جا چٽا نقش چٽيا
آهن.
هي ڪتاب
زياده تر سندس تجربن عملي مشاهدن ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي، هن پنهنجي يادن جي البم
کي سهڻي انداز ۾ سيهڙي انهن يادن سان لاڳاپيل خاص طور پنهنجي ڪيريئر روزگار، رهڻي ڪهڻي
ڳوٺاڻي ۽ شهري رسم، و رواجن، ٻهراڙي جي (Traditional) زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن، سياسي، سماجي، اَدبي ۽ ثقافتي سرگرميون پڙهائي
دوران پيش آيل يادگار واقعن، دوستن جون محبتون، وڇوڙا ۽ تاريخي ماڳن تي گذاريل گهڙيون
رقم ڪندي، جنهن بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو آهي ان مان اندازو ٿيندو ته واقعي کيس پنهنجي
ماروئڙن جو درد ۽ پنهنجي مٽي سان بي انتها عشق آهي، جنهن جو انت واقعي ڪو به لهي نٿو
سهگي هن پنهنجو پيار ڌرتي کي اَرپي ڇڏيو آهي.
فاضل
تاريخدان جو هيءُ ڪتاب ڪرپٽ نظام ۽ سماج خلاف هڪ وڏي للڪار آهي جنهن ۾ بدعنوان
راشي آفيسرن کان ويندي اقتدار جي ايوانن
تائين چونڊيل نمائندا ڪهڙي بيدردي ۽ بي رحمي سان قومن جي تقدير جو سودو ڪن ٿا ۽
صدين کان اٻوجهه ۽ معصوم ۽ مظلوم عوام کي ڪيئن لفظن جي سحر ۾ بي وقوف بنائي کين
غلامي ۽ بدحاليءَ جي اُوڙاهه ۾ ڌڪين ٿا خليل جبران کي سڄي دنيا وڏي قدر ۽ احترام
سان ڏسي ٿي جبران نيئن سماج ۽ اَدب جو تخليقڪار هو، اِن جي تخليق اڃا تائين للڪار ڪري
ٿي. هن جبر ۽ ظلم خلاف لکيو. داخلي ۽ خارجي حوالي سان مظلوميت تي لکيو، جنهن وڏي
شهرت ماڻي سندس تحريرن مرتئي کانپوءِ به کيس اَمر بڻائي ڇڏيو.عبدالرشيد گبول لاءِ
به نيڪ تمنا آهي ته هو هميشه پنهنجي
”مقصد“ لاءِ لکندو رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا