; سنڌي شخصيتون: قاضي نظير اڪبر - خالد جسڪاڻي

22 July, 2017

قاضي نظير اڪبر - خالد جسڪاڻي

قاضي نظير اڪبر
وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين!
خالد جسڪاڻي
صدين کان هِن دنيا ۾ انسان اچن پيا ۽ پنهنجو وارو وڄائي سدا جي ننڊ وڃي سُمهن ٿا. شيڪسپيئر هن دنيا کي اسٽيج سڏيو آهي، سندس مطابق هر انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري منظر تان غائب ٿي وڃي ٿو. پر ڪي ڪردار اهڙا به هُجن ٿا، جيڪي ڀلي ته منظر تان غائب به ٿي وڃن، پر اُنهن جو ذڪر صدين تائين ٿيندو رهي ٿو. اِهو به چوڻ آهي ته ڪنهن جي نيڪي رب تعاليٰ ضايع ٿيڻ ناهي ڏيندو، سو جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي بامقصد طريقي سان گذارين ٿا، اُنهن جو ذڪر جيڪڏهن روز جي بنياد تي نه به ٿيندو هُجي، تڏهن به موقعي مهل تي اُنهن جا مثال ضرور ڏنا وڃن ٿا. اهڙين شخصيتن جي جيڪڏهن ڳولا ڪبي ته سنڌ اندر بي انتها ڪردار ملي ويندا، جن مان قاضي نظير اڪبر به هڪ آهي.


قاضي نظير اڪبر اهڙي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، جنهن سنڌ جي علم ادب توڙي سياست ۾ نه رُڳو پاڻ مڃايو، پر اڄ سوڌو خلق انهيءَ خاندان سان اُڪير پڻ رکي ٿي. انهيءَ خاندان جو جيڪڏهن ٿورو مثال ڏجي ته انسانيت لاءِ جيترو وقت انهيءَ خاندان ڏنو، ايترو شايد ڪنهن ٻئي ڏنو هجي. قاضي نظير اڪبر مرحوم وفاقي وزير قاضي محمد اڪبر جو فرزند هو. مرحوم قاضي نظير اڪبر هڪ هر دل عزيز انسان هو ۽ انسانيت جي خدمت بنا ڪنهن مت ڀيد جي ڪندو هو. پاڻ انتهائي مخلص، ملنسار ۽ خوش اخلاق انسان هو. جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ يوسي هٽڙي جو بنا مقابلي ڪائونسلر چونڊيو ويو. قاضي صاحب جي نمايان ڪارنامن ۾ قاسم آباد جو نالو قاسم آباد تجويز ڪرڻ ۽ حسين آباد، ڏيٿا ڳوٺ، پالاري ڳوٺ ۽ سومرا ڳوٺ مطلب ته پوري يونين ڪائونسل ۾ پاڻي ۽ بجلي جا مسئلا حل ڪرائڻ شامل آهن.
مرحوم قاضي نظير اڪبر صاحب پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ايتري قدر جو قاضي صاحب کي زرعي زمين ۾ ٽريڪٽر وسيلي هر کيڙيندي به ڏٺو ويو. مرحوم قاضي صاحب هڪ بهترين منصف پڻ هئا پاڻ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجو سان گڏ ڪيترائي فيصلا ڪيائون. سندن خانداني پس منظر ۾ وڃجي ٿو ته حيدرآباد شهر ۾ ڪجهه تعليمي ادارا ۽ روڊ سندن وڏڙن جي نالن سان منسوب آهن، جن ۾ قاضي محمد اڪبر اسڪول، قاضي عبدالمجيد عابد اسڪول ۽ قاضي عبدالقيوم روڊ مشهور آهن.

16 اپريل 2008ع اها اڻ وسرندڙ تاريخ آهي، جنهن تي اها عهد ساز شخصيت هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويئي. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عنايت فرمائي. اڄ به سندن چشم و چراغ قاضي اشهد سندن نقشِ قدم تي هلندي انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪرڻ ۾ مشغول عمل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا