; سنڌي شخصيتون: قاضي، نظير اڪبر، خالد، جسڪاڻي،
Showing posts with label قاضي، نظير اڪبر، خالد، جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label قاضي، نظير اڪبر، خالد، جسڪاڻي،. Show all posts

22 July, 2017

قاضي نظير اڪبر - خالد جسڪاڻي

قاضي نظير اڪبر
وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين!
خالد جسڪاڻي
صدين کان هِن دنيا ۾ انسان اچن پيا ۽ پنهنجو وارو وڄائي سدا جي ننڊ وڃي سُمهن ٿا. شيڪسپيئر هن دنيا کي اسٽيج سڏيو آهي، سندس مطابق هر انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري منظر تان غائب ٿي وڃي ٿو. پر ڪي ڪردار اهڙا به هُجن ٿا، جيڪي ڀلي ته منظر تان غائب به ٿي وڃن، پر اُنهن جو ذڪر صدين تائين ٿيندو رهي ٿو. اِهو به چوڻ آهي ته ڪنهن جي نيڪي رب تعاليٰ ضايع ٿيڻ ناهي ڏيندو، سو جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي بامقصد طريقي سان گذارين ٿا، اُنهن جو ذڪر جيڪڏهن روز جي بنياد تي نه به ٿيندو هُجي، تڏهن به موقعي مهل تي اُنهن جا مثال ضرور ڏنا وڃن ٿا. اهڙين شخصيتن جي جيڪڏهن ڳولا ڪبي ته سنڌ اندر بي انتها ڪردار ملي ويندا، جن مان قاضي نظير اڪبر به هڪ آهي.