; سنڌي شخصيتون: سائين حافظ الهندو - شاهد حسين تيوڻو

22 July, 2017

سائين حافظ الهندو - شاهد حسين تيوڻو

سائين حافظ الهندو
سماج ۽ سچ لاءِ جاکوڙيندڙ
شاهد حسين تيوڻو
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪُکِ مان ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏيندي رهي ٿي. ڌرتيءَ کي عظيم شخصيتن ۽ اعلى انسانن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي پنهنجي علم ۽ شعور ذريعي هن سماج کي اڏڻ لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. اهڙن عظيم شخصيتن مان ”سائين حافظ الهندو تيوڻي“ جن شخصيت پڻ نرالي آهي. جنهن هن سماج کي اڏڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. سائين پاڻ ڪو وڏو جاگيردار ، سرمائيدار يا وري ڪو وڏو امير ماڻهو ناهي ۽ نه ئي وري ڪنهن وڏي سرڪاري عهدي تي مقرر آهي جنهن ڪري سندس مشهوري هجي. پر سندس هن سماج اندر جيڪا مڃتا آهي، اها ان جي سچائي، ايمانداري، خلوص، شفقت وارو رويو ۽ ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جي تبديليءَ لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ڪرڻ سبب آهي.


ضلعو دادو جيڪو علمي، ادبي ۽ تاريخي لحاظ کان هميشه اڳڀرو رهيو آهي، جنهن پنهنجي تاريخ ۾ ڪيترا اديب ، دانشور، قومي ڪارڪن سياستدان ۽ سماج سڌارڪ انسان پيدا ڪيا آهن، جن هميشه هن سماج لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، ائين ئي ضلعي دادو جي شهر ميهڙ کان ٻه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد ”ڳوٺ باگي تيوڻي“ ۾ جنم وٺندڙ هن شخصيت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به هڪ ڊگهو ۽ اڙانگو سفر طئي ڪيو. جتي 50 سال پوئتي ماضيءَ ۾ لئيو پائڻ سان باگي تيوڻي ۾ جهالت جي ڪاري گگهه اونداهه نظر ايندي.
ڪائنات جي اندر اهڙا انسان تمام ٿورڙا هوندا آهن جيڪي ڪائناتي سچ ۽ حقيقتن جا ڳولائو هوندا آهن ۽ هو پنهنجي سموري زندگيءَ جو مقصد انساني امن سرجڻ، سچائي کي هٿي ڏيارڻ ۽ انساني شعور جي جاڳرتا لاءِ ڪوشان هوندا آهن. اهڙن عظيم انسانن ۾ سائين جو شمار ٿئي ٿو. سائين پنهنجي پيشي جي لحاظ کان هن وقت هڪ قابل عربي پڙهائيندڙ استاد جي حيثيت سان سرڪاري عهدي تي مقرر آهي ۽ پنهنجي قابليت ۽ ايمانداري سان اڄ به شاگردن کي علم جي زيور سان نوازي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين ميهڙ شهر ۾ شاگردن کي پنهنجو اولاد سمجھي قرآن جي مفت تعليم ڏيندو رهيو ۽ جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڳوٺ جي رهواسين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ۽ سماج جي اڏاوت لاءِ “ سنڌي ادبي سنگت ۽ ڳوٺ سڌار سنگت” جهڙين سماجي، تنظيمن جو سرگرم ڪارڪن هجڻ جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ هن وقت سائين “ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن” سگا جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي لاچار ، بيوس ۽ مسڪينن لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن ارڏي مڙس جي اکين ۾ گوري ڏسڻ سان غريبن ۽ مسڪينن جي خوشحاليءَ جي جهلڪ نظر ايندي. سائين تمام گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. هڪ تمام وڏو انسان پرست، دوستن جو دوست ۽ وڏو سماج سڌارڪ سندس پروقار شخصيت مان علم، عقل، شعور، اتساهه، پيار، امن ۽ ڏاهپ جون هٻڪارون محسوس ٿينديون ۽ سندس معصوم دل ۾ سنڌي سماج جي ڏکن، دردن جي پيڙا محسوس ٿيندي  ۽ هن جي دل ۾ سنڌي قوم سان بي لوث محبت سمايل آهي ۽ سائين پر اميد آهي ته هڪ ڏينهن ضرور سنڌ جي آئيندو ۽ روشن مستقبل ٿيندو ڇوته سائين تبديليءَ جي سائنس کي سمجھندڙ ۽ هر نئين اڀرندڙ سج تي يقين رکڻ جو ڪائل آهي.
سائين هن سماج جو هڪ اهڙو جاکوڙي ۽ محنت ڪش فرد آهي جنهن انفرادي طور تي هن سماج جي ترقيءَ ۽ غريبن جي خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪندي اجتمائي ڪردار بڻجي ويو ۽ فطرت جي رنگين روشنين سان گڏوگڏ سماجي مسئلا ۽   سياسي لاها چاڙها به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڏٺا. سندس مخالفن ڪيتريون ئي سياسي رڪاوٽون پيدا ڪيون. پر هن ارڏي انسان اهڙن هزارين رڪاوٽن کي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي زندگيءَ جو سفر جاري رکيو. سندس اٽل فيصلن ۽ هماليا جهڙن مضبوط ارادن کي ڪڏهن به غير فطري پيدا ڪيل رڪاوٽون مات ڏئي نه سگھيون. هن آدرشي انسان پنهنجي زندگيءَ جي ۾ ڪڏهن به همٿ نه هاري ۽ هميشه جرتمنداڻا فيصلا ڪيا ۽ پنهنجي ذاتي مفادن ، مقصدن ۽ لالچن کان هٽي ڪري عام ماڻهن جي مفادن ۽ مقصدن کي اوليت ڏني ۽ انهن لاءِ جاکوڙيندو رهيو بذات خود اڪيلي سر به شينهن کي چوندو رهيو ته تنهنجي وات ۾ ڌپ آ... .

سائين جهڙا بهادر انسان دنيا اندر تمام ٿورڙا هوندا آهن، جنهن ۾ ايڏي وڏي دليري ۽ بهادري هجي . هن دودي مڙس جي بهادري جو مثال جنهن جگر جهڙي خطرناڪ بيماريءَ سان ڪيترا مهينا جنگ جوٽي ۽ موت جهڙي راڪاس سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو. سائين وقت جي فرعون سان ته اکيون ملائي سچ ڳالهائڻ جي طاقت رکندڙ آهي. پر سندس اها وڏي برادري ۽ جرئت هئي جنهن هن ڪاري راڪاس سان مقابلو ڪري ان کي مات ڏني. غير فطري قوتون ته هن مڙس کي ڪڏهن به جهڪائي ڪونه سگھيون  پر فطرت جي قانون به هن ارڏي انسان مڙس جي دليرائپ کي ڏسي سائين کي “جيئدان” بخشيو. شايد اها جرئت غريبن ۽ لاچارن جي دعائن جي آهي, جنهن هميشه اونداهه ۾ ڦاٿل غريبن کي روشني ڏيکاري جو اڄ به سائين غريبن لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙي رهيو آهي ۽ پنهنجي مڪمل زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا